ڪراچيءَ ۾ مريضن جو علاج ڪري، کين سنڌي ٻولي سيکاريندڙ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر منظور حسين ميمڻ

جوکيو جسارت الياس سنڌي

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي تاريخ ۾، انيڪ سماج سڌارڪن، اديبن، عالمن، استادن ۽ ڊاڪٽرن جو ذڪر ملي ٿو، پر انھن ۾ شايد ئي ڪو ڊاڪٽر منظور حسين ميمڻ جھڙو ميڊيڪل ڊاڪٽر ھجي، جنھن جي سڄي زندگي نہ صرف پنھنجي پيشي جي ذريعي، سنڌ واسين جي خدمت لاءِ وقف ھجي، پر گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ واڌاري لاءِ عملي ڪم بہ ٿيل ھجنس.

سنڌي ٻوليءَ سان بي پناھ عشق ڪندڙ، چمڙيءَ جي بيمارين جي ڄاتل سڃاتل ماھر ڊاڪٽر منظور حسين ميمڻ سان ملڻ لاءِ آئون جڏھن بہ ويو آھيان، تہ کيس سنڌ ۽ بلوچستان جي اڻ ڳڻين مريضن جي وچ ۾ گهيريل ڏٺو اٿم. جن سان ڪچھريءَ ۾، ڊاڪٽر منظور نہ رڳو صحت ۽ صفائيءَ متعلق، پر سنڌ جي گادي جي شھر ڪراچيءَ جي تاريخ جون تلخ حقيقتون بہ بيان ڪندو رھندو آھي. سندس ڪجھ منفرد خاصيتن کي ڄاڻي، سچ پڇو تہ کيس داد ڏيڻ کان سواءِ نہ ٿو رھي سگهجي.

نھايت ئي سادي ۽ نماڻي طبيعت جي مالڪ ڊاڪٽر منظور حسين ميمڻ جي پئدائش 18 ڊسمبر 1956ع تي ڪراچيءَ جي تڏھوڪي ننڍڙي ڳوٺ ۽ ھاڻوڪي ڳتيل آبادي واري سنڌي وسندي ”لياريءَ“ ۾، ھڪ سماجي خدمتون ڪندڙ گھراڻي ۾ ٿي. پاڻ 1972ع ۾ حاجي عبداللہ ھارون اسڪول کڏي مان پوزيشن سان مئٽرڪ ۽ 1974ع ۾ سنڌ جي مشھور درسگاھ گورنمنٽ ڊي جَي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ ميڊيڪل ڪاليج (ھاڻوڪي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي) مان 1982ع ۾ ايم بي بي ايس ڪري، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي، سنڌ گورنمنٽ ۾ ميڊيڪل آفيسر ڀرتي ٿيو ۽ 1983ع کان انسٽيٽيوٽ آف اسڪن ڊزيز سنڌ ۽ 1986ع کان ميري ائڊليڊ ليپروسي سينٽر ۾ اعزازي طور ان ڪري ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين، ڇو تہ ھو جيئن ئي سانڀر جي وھيءَ ۾ پھتو، تہ سندس والدين، پنھنجي روايتن مطابق پنھنجي ھن فرزند جو لاڙو بہ سماجي خدمتن طرف ڪري ڇڏيو ھو. سون تي سھاڳو وري اھو ٿيو، جو سندس شادي جڏھن کھڙا شريف ضلعي خيرپور جي ھڪ معزز گھراڻي مان ٿي، تہ 1988ع کان اتي اچڻ وڃڻ ڪري ھر ڀيري غريبن جا وڏا ميڙ کانئس علاج ڪرائڻ لاءِ جمع ٿيندا ھئا، تہ پاڻ انھن جو مفت ۾ علاج ڪرڻ لڳو. ان دوران ئي کيس اھو خيال آيو، تہ ڇونہ انھن غريبن لاءِ ڪا مفت ميڊيڪل ڪئمپ رکجي، نيٺ ان سوچ کي پنھنجن دوستن ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) ڪراچيءَ جي تعاون سان عملي طور 1988ع ۾ چمڙيءَ جي بيمارين جي مفت ميڊيڪل ڪئمپ رکي، حقيقت ۾ تبديل ڪيائين. جنھن کان پوءِ اڄ ڏينھن تائين اھو سلسلو جاري رکندو پيو اچي ۽ چمڙيءَ جي بيمارين جي مفت علاج جون سھولتون، سنڌ ۽ ملڪ جي ھر ماڻھوءَ جي گهر گهر تائين پھچائڻ جي عزم سان، ھڪ غير سرڪاري اداري ”ويلفيئر ايسوسيئيشن فار ڊرماٽالاجيڪل پئشنٽس (واڊيپ WADeP)“ جو بنياد وڌائين، جنھن جي پليٽفارم تان ھن وقت تائين، پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ 672 چمڙيءَ جون مفت ميڊيڪل ڪئمپون رکي، لکين مريضن جو علاج ڪري چڪو آھي، جيڪو شايد دنيا ۾ هڪ انوکو رڪارڊ ھجي، تہ ڪنھن ھڪ غيرسرڪاري اداري جي طرفان ايتريون مفت ميڊيڪل ڪئمپون رکيون ويون ھجن. واڊيپ پاران مختلف سماج سڌارڪن جي سھڪار سان، ھر مھيني ھڪ، ٻہ يا ان کان وڌيڪ اھڙيون مفت طبي علاج جون ڪئمپون رکيون وينديون آھن.

پاڻ ٻڌايائين تہ اھي ڪئمپون لڳائي غريبن جي مفت ۽ معياري خدمت ڪرڻ جو سلسلو جاري رھندو، ڇاڪاڻ تہ چمڙيءَ جي بيمارين جون دوائون وٺڻ غريبن جي وس جي ڳالھ ناھي، ان ڪري پاڻ نہ صرف پنھنجي سٿ جا خرچ ڀري، ملڪ جي ڏورانھن ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون رکي، مريضن جو مفت ۾ علاج ڪندو آھي پر کين دوا جو مڪمل وزن ڏيڻ کان علاوہ ھر ممڪن مدد بہ ڪندو آھي.

26 نومبر 2007ع جي انگريزي اخبار دي نيوز انٽرنيشنل مطابق؛ ڊاڪٽر منظور حسين ميمڻ اھو پھريون پاڪستاني ڊاڪٽر آھي، جيڪو ٻن مختلف شعبن ۾ MCPS اسپيشلسٽ آھي؛ يعني ھڪ ڀيرو 1993ع ۾ فيملي ميڊيسن ۾ ۽ ٻيون ڀيرو 1995ع ۾ ڊرماٽالاجي ۾ MCPS ڪيائين. ان ڪري کيس پاڪستان جي سينيئر اسڪن اسپيشلسٽ طور سڃاتو وڃي ٿو. اھو ئي سبب آھي جو ڊاڪٽر صاحب پاڪستان ايسوسيئيشن آف ڊرماٽالاجي جو ڳچ سالن تائين جنرل سيڪريٽري ۽ وائس چئرمين رھيو. سندس سوين شاگردن ۾ انيڪ ڪنسلٽنٽ ۽ PhD پروفيسر شامل آھن. ڊرماٽالاجي جي شعبي سان وابستہ دنيا جا نامور ڊاڪٽر بہ کانئس خط ۽ ڪتابت ذريعي تحقيقي ۽ تخليقي ڄاڻ حاصل ڪندا رھن ٿا.

ڊاڪٽر منظور حسين ميمڻ جي گهڻ رخي شخصيت جو ھڪڙو پاسو سندس مختلف ٻولين تي عبور ۽ خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ جي ماھر، اديب ۽ تاريخي نواردات جھڙوڪ قديم سڪا وغيرہ جمع ڪري سنڀاليندڙ (نوميسميٽسٽ Numismatist) ھجڻ جو بہ آھي. وڏو علمي ۽ ادبي ذخيرو ۽ سنڌ متعلق پنج ھزارن کان وڌيڪ تاريخي نواردات جمع ڪري رکندڙ ڊاڪٽر منظور ميمڻ کي، پاڪستان جون سڀ علائقائي ٻوليون نہ صرف فصاحت سان ڳالھائڻ اچن ٿيون، پر انھن جو ادبي مطالعو بہ ٿيل اٿس. ان ڪري جھڙي بہ ٻوليءَ جو مريض وٽس ايندو آھي، تہ پاڻ ان مريض جي ئي ٻوليءَ ۾ ان کان حال احوال پڇي، علاج ڪرڻ کان پوءِ کيس اھو چوندو آھي، ته مون توھان سان توھان جي ٻوليءَ ۾ ڳالھايو، ھاڻي توھان کي بہ سنڌ ۾ رھڻ کان پوءِ سنڌي سکڻ کپي. اھو ٻڌي انيڪ مريض به خوشيءَ مان ٻيھر چيڪ اپ ڪرائڻ وقت ساڻس اچي سنڌيءَ ۾ ڳالھائيندا آھن. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جا سمورا لھجا ڳالھائڻ وقت ذرو بہ محسوس ناھي ڪرائيندو تہ سندس اصل لھجو ڪھڙو آھي؟ جيڪو سنڌي جتان بہ وٽس ويندو، تہ ان کان ڳوٺ يا تَر جو نالو پڇي، سندس لھجي ۾ ئي ڳالھائيندو آھي.

ٻوليءَ جي ڄاڻو ڊاڪٽر منظور ميمڻ، سنڌيءَ ۾ ھڪ سائنس جي ٽيڪنيڪل ڊڪشنري پڻ ترتيب ڏني آھي. ھن شاعري کان علاوہ ڪجھ تاريخي مقالا، شارٽ اسٽوري ۽ افسانا بہ لکيا آھن. انسٽيٽيوٽ آف اسڪن ڊزيز سنڌ ڪراچي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي پوسٽ تان 17 ڊسمبر 2016ع تي رٽائرمينٽ وٺڻ بعد، اڄ به ھو واڊيپ طرفان ملڪ ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپون رکي، سڀني جو علاج ڪندو پيو اچي.

سائوٿ ايشيا ريجنل ايسوسيئيشن آف ڊرماٽالاجسٽس پاران 15 نومبر 2007ع تي ”گولڊ ميڊل“ کان علاوہ کوڙ ٻيا اعزاز پنھنجي نالي ڪندڙ، ڊاڪٽر منظور ميمڻ شام جو انڪلسريا اسپتال ڪراچي صدر ۾ شام جو نجي پرئڪٽس بہ ڪندو آھي، جتي ھو ايندڙ مريضن سان سنڌي ٻوليءَ جي پرچار ڪرڻ سان گڏوگڏ، ڪراچيءَ جي چوٽيءَ جي ماھر ڊاڪٽرن کي سنڌي ٻوليءَ جا ڪتاب بہ تحفي ۾ ڏيندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو سنڌي ٻولي سندس سڃاڻپ بڻجي چڪي آھي.

مضمون جو ليکڪ ڊاڪٽر منظور حسين ميمڻ سان گڏ

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close