ڪتاب: جناح: ڪاميابيون، ناڪاميون ۽ تاريخ ۾ ڪردار

تبصرو: امام بخش جکراڻي

برصغير جي جديد تاريخ ۾ گانڌي ۽ نهرو جي ڀيٽ ۾ جناح سڀني کان وڌيڪ تڪراري بڻجي ويو آهي. جناح جي زندگي ۽ سياست تي ڪيترن ئي ليکڪن پنهنجي سمجهہ مطابق ڪتاب لکيا آهن. ويجهڙائي ۾ سويڊش سياسي سائنسدان ۽ پاڪستان سان تعلق رکندڙ ليکڪ ڊاڪٽر اشتياق احمد هڪ ضخيم ڪتاب جناح جي سياست جي مختلف لاڙن تي Jinnah: His successes, Failures and Role in History جي نالي سان لکيو آهي. هي ڪتاب پئنگوئن، انڊيا طرفان سال 2020ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب کي پاڪستان ۾ وينگارڊ بوڪس لاهور وارن سال 2021ع تي شايع ڪيو آهي.

هن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر اشتياق احمد 24 فيبروري 1947ع تي برٽش لاهور ۾ پيدا ٿيو. علم سياست ۾ اسٽاڪ هوم يونيورسٽي مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري 1986ع تي حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر اشتياق احمد اسٽاڪ هوم يونيورسٽي ۾ علم سياست جو پروفيسر ايمريٽس آهي. هن پاڪستان ۽ انڊيا جي ورهاڱي ۽ سياست جي موضوع تي ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. پاڪستان کي عسڪري رياست بڻائڻ ۾ فوج ۽ سياستدانن جي ادا ڪيل ڪردار جي موضوع تي هڪ ڪتاب Pakistan: The Garrison State, Origins, Evolution, Consequences (1947–2011) جي موضوع تي لکيائين ۽ سندس ٻيو مشهور ڪتاب پنجاب جي ورهاڱي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ خوني فسادن جي موضوع تي The Punjab Bloodied, Partitioned and Cleansed لکيل آهي.

نظرياتي حوالي سان هو کاٻي ڌر سان لاڳاپيل آهي. هو هندستان جي ورهاڱي جو مخالف آهي. ان سان گڏوگڏ ڪانگريس نواز ۽ مسلم ليگ مخالف آهي. پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ امن ۽ دوستي جو طرفدار آهي.

ڪتاب جي پهرين باب جو نالو Jinnah’s Role in History: A Scheme of Analysis آهي. جنهن ابتدا ۾ ليکڪ جناح جي ساراھ ۾ چيل بيوريلي نڪولس، هيڪٽر بوليٿو ۽ اسٽينلي والپرٽ جي جملن کي نقل ڪيو آهي. اڳتي ليکڪ عائشہ جلال جي هن موقف تہ ”جناح ورهاڱي جي خلاف هو. ورهاڱي جو ذميوار ڪانگريس پارٽي هئي“ جناح گڏيل هندستان اندر رهندي مسلمانن جي برابر حقن جي حاصلات لاءِ پاڪستان جي مطالبي کي هڪ Pressure tactic طور استعمال ڪري رهيو هو.
It was Congress which insisted on partition, it was Jinnah who was against partition.
تي بحث ڪري ٿو ۽ عائشہ جلال جي ان موقف کي جناح جي مختلف تقريرن، بيانن ۽ پيغامن ۾ ”پاڪستان جي گُهر ۽ ورهاڱي جي حق ۾ ڪيل ڳالهين“ سان رد ڪري ٿو. عائشہ جلال هي موقف پنهنجي جناح تي لکيل پي. ايڇ. ڊي مقالي The Sole Spokesman: Jinnah the Muslim League and the Demand for Pakistan ۾ رکيو آهي. اشتياق احمد مطابق تہ اصل ۾ هي خيال پاڪستان ۾ 1960ع جي آخر ۾ شروع ٿيو ۽ 1970ع ۾ مشهور ٿيو. جنهن کي ڪميونسٽن ڪانگريس تي ورهاڱي جو الزام هڻندي پيش ڪيو هو. جڏهن پاڪستان جي ٺھڻ جي حمايت ڪرڻ باوجود بہ ڪميونسٽن کي پاڪستان ۾ ڪجهہ نہ مليو. جناح مسلم ليگ ۽ ان جي نظريي کي خطري ۾ سمجهندي انهن کي ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان روڪيو. جناح ۽ ٻين مسلم ليگ جي ليڊرن سويت يونين جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ اولھ جي اتحاد (خاص ڪري آمريڪا) ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. 1951ع ۾ فوج جي ڪجهہ قومپرست جنرلن ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن کي حڪومت ڪيرائڻ جي سازش ۾ گرفتار ڪيو ويو. ايتري قدر جو 1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي کي پاڪستان ۾ بين ڪيو ويو.

عائشہ جلال وڌيڪ پنهنجي انهي موقف کي بنياد فراهم ڪندي 1940ع جي قرارداد کي رجوع ڪندي لکي ٿي تہ ان ۾ ”ورهاڱي“ يا ”پاڪستان“ جو ذڪر نہ هو، پر اتر-اولھ ۽ اتر-اوڀر جي مسلمان اڪثريتي علائقن تي ٻڌل ”آزاد رياستن“ جي ٺاهڻ جو ذڪر هو. انهي آزاد رياستن ۾ شامل ايڪا ”آزاد ۽ خودمختيار“ هوندا. اشتياق احمد ان بيانئي کي رد ڪندي چوي ٿو تہ ورهاڱي ۽ پاڪستان جي ذڪر بغير آزاد رياستن جي ٺاھڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ چيو ويو تہ ان ۾ شامل ايڪا خودمختيار ۽ آزاد هوندا. ڇا ان جو مقصد پاڪستان ۽ ورهاڱو نہ هو؟

ليکڪ مطابق تہ قرارداد پاڪستان جي 23 مارچ 1940ع تي پاس ٿيڻ کان پوءِ جناح اڪثر موقعن تي پاڪستان ۽ هندستان جي ورهاڱي جو مطالبو ڪندي نظر اچي ٿو. ڪانگريس پارٽي جناح کي پاڪستان جي ڊمانڊ تان هٿ کڻڻ لاءِ گڏيل هندستان جي وزير اعظم ٿيڻ ۽ پنهنجي پسند جي ڪيبينٽ ٺاهڻ جي آڇ ڪئي پر جناح انهن سڀني کي ٺڪرائي ڇڏيو. هي ڳالهيون فاروق احمد ڊار جي ڪتاب Jinnah’s Pakistan: Formation and Challenges of a State تان ليکڪ نقل ڪيون آهن. ڊار مطابق تہ اُهي سڀ لالچ جناح جھڙي سخت اڳواڻ کي نرم ڪري نہ سگهيا. هو پنهنجي مقصد (پاڪستان) سان ڄمي بيٺو. جنهن کي هو ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن جو هڪ بهترين مفاد سمجهندو هو. اشتياق احمد مطابق تہ ڊار ۽ ٻيا ليکڪ هي ٻڌائڻ کان شرمائن ٿا تہ جناح انگريز وزيرن جي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ 16 مئي 1946ع ۾ پيش ڪيل ڪيبينٽ مشن پلان کي ڇو قبول ڪيو هو؟ جنهن ۾ پاڪستان جي مطالبي کي رد ڪيو ويو هو. جنهن ۾ گڏيل هندستان اندر ڪمزور يونين ۽ ڪمزور مرڪزي حڪومت هجڻ جي سفارش ٿيل هئي. جنهن ۾ وفاقي ايڪن کي ڏهن سالن کان پوءِ يونين سان پنهنجي تعلقن تي ٻيهر غور ڪرڻ لاءِ حق ڏنو ويو هو. جڏهن تہ ڪانگريس اڳواڻن ان کي قابل قبول نہ سمجهندي رد ڪري ڇڏيو هو.

جناح جي سياسي ڪردار تي مختلف ليکڪن تنقيد ڪئي آهي. جناح تي ٿيل انهي تنقيد جو خلاصو پڻ ليکڪ هن باب ۾ پيش ڪيو آهي. اشتياق احمد ولي خان جي ڪتاب Facts are Facts جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ جناح تي الزام هڻندي ولي خان لکي ٿو تہ انگريز جناح کي استعمال ڪري، ڪانگريس جي اڳواڻي ۾ ھلندڙ آزادي جي تحريڪ کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
The British used Jinnah to defeat the freedom movement led by the Congress.
ليکڪ مطابق تہ ولي خان جي هن ڪتاب ۾ صحيح حوالن جي کوٽ آهي. تاريخ کي ڪنهن قدر ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. ظاهر آهي هو ڪانگريس نواز اڳواڻ هو. هو پنهنجي مخالف جناح تي اھو الزام لڳائي هن جي سياسي ساک کي گهٽ ڪرڻ چاهي پيو. ليکڪ پڻ ٻين ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، جن جي ليکڪن جناح جي سياسي ڪردار تي تنقيد ڪئي آهي.

جناح ڪهڙي قسم جو پاڪستان چاهي پيو؟ انهي مباحثي کي ليکڪ جناح جي ٽن موقفن ۾ ورهائي جائزو پيش ڪيو آهي. پهريون موقف تہ جناح چاهي پيو تہ پاڪستان مسلمانن جو هڪ جديد قومي رياست هجي جنهن ۾ اقليتن سان صحيح ورتاءُ ڪيو وڃي. ٻيو موقف پاڪستان هڪ آئيڊيل مسلم رياست هجي. ٽيون موقف تہ پاڪستان هڪ سيڪيولر جمهوري رياست هجي جنهن ۾ سڀني پاڪستانين کي برابر حق مليل هجن. ليکڪ مطابق تہ جناح پهرين موقف جو وڏو حامي هو. سندس تقريرن، بيانن، پيغامن ۽ لکڻين ۾ هن موقف جو ذڪر گهڻو ملي ٿو. ٻين موقف کي صرف 46- 1945ع ۾ اليڪشن مهم دوران استعمال ڪيو. (جناح پاڻ ڏانهن مسلمان عوام جي ڌيان ڇڪرائڻ ۽ پاڪستان لاءِ حمايت حاصل ڪرڻ خاطر آئڊيل مسلم رياست ٺاھڻ جو مذهبي اڳواڻن ۽ عوام سان واعدو ڪيو ھو. انهي رياست ۾ اسلامي شريعت کي لاڳو ڪيو ويندو.) ليکڪ مطابق تہ جناح ان موقف سان سنجيدگي سان سلهاڙيل نہ هو. جناح پنهنجي آخري موقف جو صرف هڪ موقعي يعني 11 آگسٽ 1947ع تي اظهار ڪيو هو. ليکڪ مطابق تہ ”منهنجو ڪتاب هن بنيادي دليل تي ٻڌل آهي تہ پاڪستان جو مطالبو مسلمانن جي الڳ قوم جي نالي طور ڪيو ويو هو. اسلام ۽ رياست جي وچ ۾ مضبوط تعلق جڙيل هو ۽ مذهب پاڪستان جي نظرياتي بنياد جو حصو هو. ان ڪري پاڪستان جديد مسلم رياست يا قدامت پسند اسلامي رياست ٿي سگهي پيو جيڪي ٻئي لاڙا شروعات کان وٺي مسلم قوم ۾ موجود رهيا هئا، پر سيڪيولر ۽ جمهوري رياست ٿي نہ پيو سگهي. ڇو تہ ٻہ قومي نظريي جو بنياد ۽ ان جي مشهور مسلمان قومپرستي وارو صورت سيڪيولر مخالف آهي. جنهن تي وڏي پيماني تي ڪتاب ۾ بحث مباحثو ڪيو ويو آهي.“

جناح جي بنيادي مخالفن گانڌي ۽ نهرو انگريزي ۾ ڪتاب لکيا جڏهن تہ مولانا آزاد اردو ۾ ڪتاب لکيا. جناح ڪتاب نہ لکي سگهيو. جناح جون اسان کي کوڙ ساريون تقريرون، بيان ۽ پيغام ملن ٿا. جن جي مطالعي سان اسان جناح جي سياسي سوچ کي سمجهي سگهون ٿا. ليکڪ جناح جي ٻن اهم تقريرن جو هن باب ۾ تنقيدي جائزو پيش ڪيو آهي. هڪ تقرير جناح 22 مارچ 1940ع تي قرارداد پاڪستان جي پاس ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ لاهور ۾ مسلم ليگ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. جنهن ۾ جناح مسلمانن جي الڳ ملڪ جي مطالبي جو بنياد رکيو هو. ٻہ قومي نظريي، مسلمانن جي الگ قوم هجڻ تي زور ڏيندي جناح چوي ٿو تہ:
Hindus and Muslims as not simply two religious communities but two political nations who, under no circumstances, could merge and constitute a cohesive and united nation.
جناح ٻي تقرير 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان ٺهڻ جي ٽن ڏينهن کان اڳ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي کي ڪئي. پنهنجي هن تقرير ۾ جناح 22 مارچ 1940جي تقرير جي خلاف چوي ٿو تہ:
Hindus and Muslims being equal citizens of Pakistan.
جناح جي هن ٻنهي تقريرن ۾ ٻہ مختلف ۽ هڪٻئي جي خلاف ڳالهيون ٿيل آهن. (آزادي کان اڳ هندو ۽ مسلمان گڏ رهي نہ پيا سگهن ۽ آزادي کان پوءِ اُهي گڏ رهي سگهن پيا!) هنن ٻنهي تقريرن بابت ليکڪ مختلف ماڻهن جا ۽ پنهنجا خيال پيش ڪيا آهن. پهرين تقرير لاءِ دليل ڏنو ويو تہ هي جناح لاءِ ضروري هو پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ ٻہ قومي نظريي کي استعمال ڪري. ٻين تقرير ۾ جڏهن جناح پاڪستان حاصل ڪري ورتو پوءِ ان جي هڪ قوم تي ٻڌل سيڪيولر رياست هجڻ جو اعلان ڪيائين. جناح جي 11 آگسٽ 1947ع واري تقرير بابت هڪ اهم ڳالھ ڏانهن ليکڪ ڌيان ڇڪرائيندي چوي ٿو تہ اوڀر پنجاب ۾ مارچ 1947ع تي مسلمان اقليت تي وڏي پيماني تي حملا شروع ٿي چڪا هئا جيڪي مسلم اڪثريتي اولھ پنجاب ۾ هندن ۽ سکن تي ٿيندڙ حملن جي رد عمل طور ٿي رهيا هئا. انهن حملن کي سموري ملڪ ۾ پکڙجي وڃڻ کان روڪڻ ۽ ان فسادن جي ڪري وڌيڪ مهاجرن جو پاڪستان اچڻ ان وقت پاڪستان جي برداشت کان چڙهيل هو. جناح پنهنجي تقرير ۾ پاڪستان اندر هندن ۽ سکن کي برابر شهري حق ڏئي اصل ۾ هندستاني سياستدانن کي پيغام ڏئي رهيو هو تہ اُهي بہ پنهنجي ملڪ اندر مسلمانن جي تحفظ کي يقيني بڻائن تہ جيئن وڌيڪ مهاجر پاڪستان نہ اچن. وڌيڪ مهاجرن جي اچڻ سان پاڪستان معاشي حوالي سان ڪمزور ٿي وڃي ها ۽ ملڪ هلي نہ سگهي ها. ليکڪ جو 11 آگسٽ 1947ع واري جناح جي تقرير بابت هي هڪ اهم بيانيو آهي. جنهن کي پاڪستان اندر ڪميونسٽ پاڪستان جي سيڪيولر ملڪ هجڻ جي دليل طور پيش ڪندا آهن، پر اصل ۾ ائين نہ آهي.

بهرحال جناح ڪيترن ئي رڪاوٽن باوجود پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ملڪ اندر رياست بابت جناح جي خيال تي تڪرار شروع ٿي ويو. جناح پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ ٻہ قومي نظريي کي استعمال ڪيو هو. پاڪستان جي ڪيس ۾ جناح جو وڏي ۾ وڏي مخالف ڪانگريس جماعت هئي. هندستان جي مستقبل جو فيصلو انگريزن جي هٿ ۾ هيو. نيٺ پاڪستان وچ آگسٽ 1947ع تي ٺھي ويو. جناح وٽ رياست لاءِ منظم خيال يا نظريو نہ هو. هي ڳجهارت آهي جنهن جي جواب ڳولڻ لاءِ ليکڪ هي ڪتاب لکيو آهي. (اصل ۾ جناح پاڪستان ٺاهڻ سان هندستان جي ورهاڱي سان گڏ مسلمانن کي بہ ورهائي ويو. پاڻ 7 آگسٽ 1947 تي دهلي کان جھاز تي چڙهي فتح جي نعرن سان ڪراچي پهتو. پوئتي هندستان ۾ لکين مسلمانن کي بي يار و مددگار ڇڏي آيو. انڊيا ۾ رهيل مسلمانن جي مدد ڪرڻ لاءِ گانڌي اڳتي نڪري آيو. جنهن مرڻ گهڙي تائين ورت رکي ڪلڪتي، نواکلي ۽ دهلي جي مسلمانن کي فسادن جي ور کان بچائي ورتو.)

باب جي آخر ۾ ليکڪ جناح جي سياسي ڪيريئر کي چئن جدا مرحلن ۾ ورهائي مختصر جائزو ورتو آهي. پر ڪتاب جي ٻين بابن اندر جناح جي ان مختلف سياسي لاڙن کي تفصيل سان جاچيو ويو آهي. جناح پنهنجي پهرين سياسي مرحلي ۾ انڊين قومپرست هو. هن مرحلي ۾ جناح ڪانگريس جماعت جي نظريي جو وڏو چيمپيئن هو. پنهنجي سياست جي ٻين مرحلي ۾ جناح هڪ مسلمان اشتراڪي هو. هاڻي جناح گڏيل پر ڪمزور انڊين وفاق اندر پنهنجي مسلمان برادري جي حقن لاءِ ويڙھ وڙهي رهيو هو. جناح پنهنجي ٽين سياسي مرحلي ۾ مسلمان قومپرست هو. هاڻي جناح مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ ٺاھڻ جو مطالبو ڪري رهيو هو. سياست جي ڇوٿين مرحلي ۾ جناح مسلمانن جي آزاد ملڪ جو طاقتور سربراھ ٿي وڃي ٿو. جناح کي سمجهڻ لاءِ جناح جي سياست جي هنن چئن مرحلن جو مطالعو تمام اهم آهي. بقول ليکڪ جي تہ جناح جي سياست جا آخري ٻئي مرحلا اھميت وارا آهن. پاڪستان جي اندرين ۽ ٻاهرين سياست، آئين سازي ۽ خارجہ پاليسي جناح جي ٽين سياسي مرحلي تي ٻڌل آهي. (جناح جي ٽين مرحلي جي سياست ۾ اسلامي رنگ ڇانيَل آهي. جناح پاڪستان کي هڪ اسلامي رياست ۽ ملڪ جي آئين کي قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ ٺاهڻ جي ڳالھ ڪري رهيو هو.)

اشتياق احمد جو هي ڪتاب گهڻي پيماني تي جناح جي تقريرن، بيانن لکڻين ۽ پيغامن تي ٻڌل آهي. جن مان ليکڪ جناح جي خيالن ۽ دليلن جي روشني ۾ جناح جي سياسي زندگي ۽ سياسي ڪردار جي ڪاميابين، ناڪامين ۽ تاريخ ۾ ادا ڪيل سندس ڪردار جو جائزو تحقيق جي روشني ۾ پيش ڪيو آهي.

هلندڙ


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close