ﺭُﺩﻳﺎﺭڊ ڪِﭙﻠﻨﮓ، ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻮ ﺍﺩﻳﺐ ۽ ﺷﺎﻋﺮ، ﺟﻨﮭﻦ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎﻥ ۾ ﺑﺮﻃﺎﻧﻮﻱ ﺭﺍﭲ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺳﻦ 1865 ۾ ﻣﻤﺒﺌﻲ ۾ ﺟﻨﻢ ﻭﺭﺗﻮ . ﻫﻦ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ﺟﻮ ڪﺠﻬﮧ ﻋﺮﺻﻮ ﻻﻫﻮﺭ ۾ ﺑﮧ ﮔﺬﺍﺭﻳﻮ. ﺳﻨﺪﺱ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﻻﻫﻴﻦ ﭼﺎڙﮬﻴﻦ ﺟﻮ ﻫڪ لڳاﺗﺎﺭ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﻫﺌﻲ . ” ﺟﻨﮕﻞ ﺑﻮڪ ” ﺳﻨﺪﺱ ﻫڪ ﺷﺎﮬڪﺎﺭ ﺗﺨﻠﻴﻖ ﻟﻴﮑﻲ ﻭﭸﻲ ﭤﻲ. اسان سنگت مَيگ ۾ ﺳﻨﺪﺱ ﻫڪ جڳ ﻣﺸﮭﻮﺭ ﻧﻈﻢ "If” ﺟﻮ ﺗﺮجمو پيش ڪري رهيا آهيون، ﺟﻴڪﻮ ﻫﻦ 31 ﻭﺭﻫﻴﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎﺭ ۾ ﻟﮑﻴﻮ.
"ﺟﻴڪڏﻫﻦ”
ﺟﻴڪڏﮬﻦ ﺗﻮﻥ ﺍُﻥ ﻭﻗﺖ ﭘﻨﮭﻨﺠﺎ ﻫﻮﺵ ﺣﻮﺍﺱ ﺳﻼﻣﺖ ﺭﮐﻲ ﺳﮕﻬﻴﻦ،
ﺟڏﮬﻦ ﺗﻨﮭﻨﺠﻲ ﭼﻮﮄﺍﺭﻱ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺳﭛ ﻣﺎﮢﮭﻮ
ﺗﻮ ﺑﺎﺑﺖ ڇِتا ﭤﻲ ﭘﻮﻥ
۽ ﺳﭵﻮ ڏﻭﮪ ﺗﻮﺗﻲ ﻣڙﮬﻲ ﮀڏﻳﻦ.
ﺟﻴڪڏﮬﻦ ﺗﻮﻥ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﭘﺎﮠ ۾ ﻭﻳﺴﺎﮪ ﺭﮐِﻲ ﺳﮕﻬﻴﻦ
ﺟڏﮬﻦ ﻫﺮ ﻫڪ ﺷﺨﺺ ﺗﻮﮐﻲ ﺷڪ ﺟﻲ ﻧﮕﺎﮪ ﺳﺎﻥ ڏﺳﻨﺪﻭ ﻫﺠﻲ
۽ ﺳﻨﺪﻥ ﺍﻫڙﻱ ﻋﻤﻞ ﻻﺀِ
ﺗﻮﻥ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﻫﻤﻴﺸﮧ ﺗﻴﺎﺭ ﺑﮧ ﺭﮐﻴﻦ.
ﺟﻴڪڏﮬﻦ ﺗﻮﻥ ﺍﻧﺘﻈﺎﺭ ﺟﻲ ﺳﮕﻬﮧ ﺳﺎﺭَﻱ ﺳﮕﮭﻴﻦ
۽ ﺍﻫﻮ ﺍﻧﺘﻈﺎﺭ ﺗﻮﮐﻲ ڪڏﻫﻦ ﺑﮧ ﭤڪﺎﺋﻲ ﻧﮧ ﺳﮕﻬﻲ،
ﻳﺎ ﭘﺎﮠ ﺑﺎﺑﺖ ﺗﻮﻥ، ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ﭠﺎﮬﻴﻞ ڪﻮڙ ﭔُﮅِﻱ ﺑﮧ
ﺟﻮﺍﺏ ۾ ڪڏﻫﻦ ڪﻮڙ ﺟﻮ ﺳﮭﺎﺭﻭ ﻧﮧ ﻭﭠﻴﻦ…
ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺗﻮﻥ ﮄڪﺎﺭ ﺟﻲ ﻭﺭﻧﺪِﻱ
ﮄڪﺎﺭ ﺳﺎﻥ ڏﻳﮡ ﮐﺎﻥ ﭘﺎﮠ ﺑﭽﺎﺋﻴﻦ
۽ ﺍﻳﺌﻦ ڪﺮﮠ ﺗﻲ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﺍﺟﺎﻳﻮ ﭘﺎﺭﺳﺎ ﻧﮧ ﺳﻤﺠﻬﻴﻦ
۽ ڏﺍﮬﭗ ﺟﻮ ڏﻳﮏ ڏﻳﮡ ﻻﺀ ﺍﺟﺎﺋﻲ ﺟﮏ ﻧﮧ ﻫﮣﻴﻦ.
ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺗﻮﻥ ﺧﻮﺍﺏ ڏﺳﻲ ﺳﮕﮭﻴﻦ
۽ ﺧﻮﺍﺑﻦ ﺟﻲ ﻫﭣ ۾ ﮐﻴڏﻭﮢﻮ ﻧﮧ ﺑﻨﺠﻴﻦ،
ﺟﻴڪڏﮬﻦ ﺗﻮﻥ ﺳﻮﭼﻲ ﺳﮕﮭﻴﻦ
۽ ﺭﮘﻮ ﭠﻠﮭﻲ ﺳﻮﭺ ﮐﻲ ﭘﻨﮭﻨﺠﻮ ﻣﻘﺼﺪ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﻭﻳﮭﻲ ﻧﮧ ﺭﻫﻴﻦ..
ﺟﻴڪڏﮬﻦ ﺗﻮﻥ ڪﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ۽ ﻧﺎڪﺎﻣﻲﺀَ ﺳﺎﻥ ﻣﻠﻴﻦ
۽ ﭔﻨﮭﻲ ﺩﻏﺎﺑﺎﺯ ﭔﮭﺮﻭﭘﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﻫڪ ﺟﮭڙﻭ ﺳﻠﻮڪ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻴﻦ،
ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺗﻮﻥ ﺍﻫﻮ ﭔُﮅﻱ ﺳَﮭِﻲ ﺳﮕﻬﻴﻦ
ﺗﮧ ﻣڪﺎﺭ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﺗﻨﮭﻨﺠﻲ ڳاﻟﮭﺎﻳﻞ ﺳﭻ ﮐﻲ
ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﻣﺮﺿﻲﺀَ ﺟﻮ ﺭﻧﮓ ڏﻳﺌﻲ
ڪﻴﺌﻦ ﻧﻪ ﺍﻥ ﻣﻨﺠﻬﺎﻥ ﭠﺎﮬﻴﻞ ڪﻮڙڪﻲﺀَ ۾
ﭔﻮﮔﻬﻠﻦ ﮐﻲ ﭰﺎﺳﺎﺋﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ.
ﻳﺎ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺳﭵﻲ ﺣﻴﺎﺗﻲ ﻭﭸﺎﺋَﻲ ﺣﺎﺻﻞ ڪﻴﻞ ﺷﻴﻮﻥ ﭜﮙﻞ ﭜُﺮﻳﻞ ڏﺳﻲ
ﻧﻤﻲ ﮐﻤﻲ ﺑﻨﺎ ﻭﻳﺮﻡ ﺟﻲ ﭘﻨﮭﻨﺠﻦ ﭘﺮﺍﮢﻦ ﮔﭡﻞ ﺍﻭﺯﺍﺭﻥ ﺳﺎﻥ
ﺍﻧﮭﻦ ﮐﻲ ﭔﻴﮭﺮ ﺟﻮڙﻳﻦ ۽ ﭠﺎﮬﻴﻦ..
ﺟﻴڪڏﮬﻦ ﺗﻮﻥ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ﺟﻮﻥ ﺳﭛ کَٽيل ﺑﺎﺯﻳﻮﻥ
ﻫڪ ﻫﻨﮅ ﮔڏ ڪﺮﻱ ﻫڪ ﺩﺍﻭَ ﺗﻲ ﻟﮙﺎﺋﻴﻦ
۽ ﺍﻫﻲ ﻫﺎﺭﺍﺋﻲ ﻭﺟﻬﻴﻦ،
۽ ﻭﺭﻱ ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺌﻴﻦ ﺍﺗﺎﻥ ﺋﻲ ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻴﻦ
ﺟﺘﺎﻥ ﮐﺎﻥ ﺗﻮ ﭘﮭﺮﻳﺎﻥ ﺍﺑﺘﺪﺍ ڪﺌﻲ ﻫﺌﻲ،
۽ ﻫﺎﺭﺍﺋﮡ ﺟﻲ ﺍﻥ ﺳﭵﻲ ﻫﺎﭸﻲ ﺑﺎﺑﺖ
ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﻭﺍﺗﺎﻥ ﻫڪڙﻭ ﺣﺮﻑ ﺑﮧ ﻧﮧ ڪُﮁﻴﻦ.
ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺗﻮﻥ ﭔﺎﭮ ﭔُڪَﻲ
ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺩﻝ، ﺍﻋﺼﺎﺑﻦ ۽ ﺑﺪﻥ ﺟﻲ ﻧﺲ ﻧﺲ ﮐﻲ
ﭘﻨﮭﻨﺠﻮ ﺳﺎﭢ ڏﻳﮡ ﺗﻲ ﺗڏﻫﻦ ﺑﮧ ﻣﺠﺒﻮﺭ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻴﻦ
ﺟڏﮬﻦ ﺍﻫﻲ ﺑﻨﮫ ﺳﺎﮢﺎ ﭤﻲ ﭼڪﺎ ﻫﺠﻦ،
ﺟڏﮬﻦ ﺗﻮ ۾ ﺍﻥ ﭘڪﻲ ﺍﺭﺍﺩﻱ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀ ڪﺠﻬﮧ ﺑﮧ ﺑﺎﻗﻲ ﻧﮧ ﺑﭽَﻲ
ﺟﻴڪﻮ ﺗﻮﮐﻲ ﺍﻫﻮ ﭼﺌﻲ ﺍﺗﺴﺎﮬﻴﻨﺪﻭ ﻫﺠﻲ
ﺗﮧ ” ﻣﺘﺎﻥ ﭜﺎڙﻳﻮ ﭤﻲ ﻫﻤﭣ ﻫﺎﺭﻱ ﺍﭤﺌﻲ "!
ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺗﻮﻥ ﻣﺎﮢﮭﻦ ﺟﻲ ﻫﺠﻮﻡ ﺳﺎﻥ ﮘﺎﻟﮭﺎﺋﻴﻨﺪَﻱ
ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﻣﺎﻥ ۽ ﻣﮣﻴﺎ ﺟﻮ ﭘﺎﺱ ﺭﮐﻲ ﺳﮕﻬﻴﻦ،
ﻳﺎ ﻭﻗﺖ ﺟﻲ ﺑﺎﺩﺷﺎﮬﻦ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﮔﻬﻤﮡ ﺑﺎﻭﺟﻮﺩ ﺑﮧ
ﻧِﮅﺭ ۽ ﻣﻔﻠﺲ ﻣﺎﺭﻭﺋﻦ ﮐﻲ ﻋﺰﺕ ۽ ﻣﺎﻥ ڏﻳﮡ ﺟﻲ ﺭﻳﺖ ﻧﮧ ﻭﺳﺎﺭﻳﻦ..
ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺗﻮﻥ ﭘﺎﮠ ۾ ﺍﻳﺘﺮﻱ ﺳﮭﭗ ﭘﻴﺪﺍ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻴﻦ
ﺟﻮ ﺗﻨﮭﻨﺠﻲ ﺩﻝ ﮐﻲ ﻧﮧ ڪﻮﺋﻲ ڏﭴﮡ ڏﻧﭝَﻲ ﺳﮕﻬﻲ
۽ ﻧﮧ ﺋﻲ ڪﻮ ﺳﭵﮡ ﺳﺎڙَﻱ ﺳﮕﻬﻲ.
ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺗﻮﻥ ﻣﺎﮢﮭﻦ ﮐﻲ ﻋﺰﺕ، ﻣﺎﻥ ۽ ﺍﻫﻤﻴﺖ ڏﻳﻦ
ﺗﮧ ﺍﻳﺘﺮﻱ ﺋﻲ ڏﻳﻦ، ﺟﻴڪﺎ ﻫﻮ ﻟﮭﮣﻦ
ﺍﻥ ۾ ﻧﮧ ﺧﻮﺷﺎﻣﺪڙﻳﻮ ﭤﻴﻦ ۽ ﻧﮧ ﺋﻲ ﺷُﻮﻡ!
ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺗﻮﻥ ڊﻭڙ ﭘﺎﺋَﻲ، ﺳﭟ ﺳﻴڪﻨڊﻥ ﺟﻲ ﻫڪ ڪﭡﻮﺭ ۽ ﺍﮠ ﻣَﻮٽ ﻣﻨٽ ۾
ﺍﻥ ﺟﻲ ﻣﻠﮫ ﺟﻴﺘﺮﻭ ﻓﺎﺻﻠﻮ ﻃﺌﻲ ڪﺮَﻱ
ﺍﻥ ﮐﻲ ﺳﺠﺎﻳﻮ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻴﻦ،
ﺗﮧ ﻫﻲﺀَ ﮄﺭﺗﻲ
۽ ﻫﻦ ﮄﺭﺗﻲﺀَ ﺗﻲ ﺟﻴڪﻮ ڪﺠﻬﮧ ﺑﮧ ﺁﻫﻲ،
ﺳﻮ ﺳﭛ ﺗﻨﮭﻨﺠﻮ ﺁﻫﻲ
۽ ﻣﻨﮭﻨﺠﺎ ﭘٽ!
ﻭڏﻱ ﮘﺎﻟﮫ ﺍﻫﺎ
ﺗﮧ ﺍﻫﻮ ﺳﭛ ڪﺠﻬﮧ ڪﺮﮠ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ
ﺗﻮﻥ ﺳﭻ ۾ ﻫڪ ﻣڙﺱ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﻟﻴﮑﺒﻴﻦ!