ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-17

گل حسن ڪلمتي

شاهه لطيف جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ سسئيءَ جي واٽَ سان ڪيل سفر
سسئيءَ جي سترهين ۽ آخري رات

اسان جي اندازي موجب ڳوٺ محمد اسحاق ٻرو ۽ ڀمبڙ ٻرو ڳوٺ لڳ مسافرخاني ۾ سترهين رات گذاري، سنگهر لاءِ رواني ٿي هوندي. اها سسئيءَ جي زندگيءَ جي آخري رات هئي. ڄوڙا کان ڀمبڙ ٻرو ڳوٺ 33 ڪلوميٽر آهي. ڀمبڙ ٻرو ڳوٺ کان سنگهر تائين سسئي انهيءَ رستي سان سفر ڪيو، جنهن تان هوءَ وڻڪار تائين وئي هئي. 19 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري جڏهن هوءَ مُنهٻار نئن جي اُنهيءَ جاءِ تي پهتي، جتي وڄندڙ پٿر آهي، ته اتي ئي هن کي ٻڪرار مليو هوندو.

شاهه جي رسالي ۾ سسئي پنهون واري داستان ۾ هڪ بيت آهي، جنهن جي هڪ سِٽ آهي: ”لَمُون ڏوري لس، سُتي سنگهر پَٽين.“ ان ۾ استعمال ٿيل ”لُمون“ لفظ کي سڀني رسالن ۾ ”لمون“ معنيٰ هڪ جبل جو نالو ڏنو ويو آهي. اسان سڄي تر ۾ ان جبل بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ”لمون“ نالي نه ڪا چوٽي آهي ۽ نه ئي ڪو جبل. پر لوڻو جبل، لوڻو ڍورو ۽ لوڻو پَٽ موجود آهن. شاهه جي هن بيت ۾ ”لوڻو“ واري پوٺي جو ذڪر آهي، جيڪو اڄ به لوڻو پَٽ سڏجي ٿو. بيت هينئن آهي:
”لوڻو ڏوري لس، ستي سنگهر پَٽين.“
شاهه جي بيت مان به اها گواهي ملي ٿي ته، لوڻو ڏوري، سسئي اچي سنگهر پَٽ ۾ آرامي ٿي.

رکيل شاھ جي دونهين لوڻو وڻڪار

سسئي هتي چوڏهين رات گذاري پوءِ لوڻو پَٽ وڻڪار کان واپس ٿي, ته هن واپسيءَ لاءِ وڻڪار کان جيزڻ ۽ لاکڙي وارو رستو ورتو هوندو، ڇاڪاڻ ته اهو وندر ۽ سنگهر وڃڻ لاءِ وڻڪار کان ويجهو رستو آهي.
اسان جي تحقيق موجب واپسيءَ ۾ سسئيءَ کي لاکڙي ۾ سج لهي ويو هوندو ۽ هن لاکڙي ۾ ڪنهن مسافرخاني يا ڳوٺ ۾ رات گذاري هوندي. اها سسئيءَ کي سفر ۾ پندرهين رات هئي. لوڻو؛ رکيل شاهه جي دونهينءَ کان لاکڙو 25 ڪلوميٽر آهي.

وڻڪار

واپسيءَ ۾ اسان سرزمين جو جيڪو مشاهدو ڪيو ۽ رستن کي ڏٺو ته اندازو ٿيو ته سسئي لاکڙي کان لياري ڏانهن وڃڻ بدران اُٿل وارو رستو ورتو هوندو، جيڪو ويجهو به آهي. هتان ”ڄوڙا“ پهتي هوندي. هتي سسئيءَ کي سورهين رات پئي هوندي. هتي ڪنهن ڳوٺ ۾ رات گذاري هوءَ هتان انهيءَ رستي سان واپس ٿي هوندي، جتان آئي هئي. واپسيءَ ۾ بر، ڀٽاڻو، نيروئي، بالاڪوٽ ۽ وندر کان انهيءَ رستي سان سفر ڪيائين، جنهن تان هوءَ آئي هئي. لاکڙي کان اُٿل ۽ اُٿل کان ڄوڙا 37 ڪلوميٽر آهي.

وڃڻ وقت سسئي؛ رات بالا ڪوٽ ۾ گذاري هئي. ورڻ وقت اُها اسان جي اندازي موجب ڳوٺ محمد اسحاق ٻرو ۽ ڀمبڙ ٻرو ڳوٺ لڳ مسافرخاني ۾ سترهين رات گذاري، سنگهر لاءِ رواني ٿي هوندي. مان ڀمبڙ ٻرو ڳوٺ قافلا سراءِ ۽ مسافرخاني جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان. اها سسئيءَ جي زندگيءَ جي آخري رات هئي. ڄوڙا کان ڀمبڙ ٻرو ڳوٺ 33 ڪلوميٽر آهي.

ڀمبڙ ٻرو ڳوٺ کان سنگهر تائين سسئي انهيءَ رستي سان سفر ڪيو، جنهن تان هوءَ وڻڪار تائين وئي هئي. 19 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري جڏهن هوءَ مُنهٻار نئن جي اُنهيءَ جاءِ تي پهتي، جتي وڄندڙ پٿر آهي، ته اتي ئي هن کي ٻڪرار مليو هوندو، جنهن کان سسئيءَ ٻڪرين جو کير يا پاڻي گهريو هوندو. ٻڪرار جي نيت پروڙي هوءَ مُنهٻار نئن کان سنگهر پَٽ ڏانهن ڀڳي هوندي.

قصي ۾ اها ڳالهه گهڻي مشهور آهي ته، ”دل جي درد مان هن درگاهه ۾ ٻاڏايو ۽ پناهه گهري ۽ زمين ڦاٽي پئي، جنهن ۾ هيءَ هلي وئي. سندس چادر جو ٿورڙو حصو ٻاهر رهجي ويو، جڏهن پنهون پنهنجي ڀاءُ سان واپس ورويو ته هتي تازي قبر ۽ ٻڪرار کي ڏسي بيهي رهيا. ٻڪرار پورو قصو کين ٻڌايو ۽ چادر جو ٽڪرو ڏيکاريائين. پنهون نشاني سڃاڻي ويو ۽ خدا در دعا گهريائين ته، زمين ڏري پئي. پنهون به اندر ويو ۽ زمين هڪ ٿي ۽ ٻئي عاشق هڪ ئي قبر ۾ آرامي ٿيا.“

سسئي درگاھ سنگھر پٽ

اسان ڪتاب ۾ ان ڳالهه تي بحث ڪيو آهي. زمين ڦاٽڻ کي گهڻا ماڻهو ڏند ڪٿا سمجهن ٿا. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ به اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٿي ملي. هتي اڪثر مٽيءَ جا طوفان اٿندا رهن ٿا. سسئي، جڏهن ٻڪرار کان ڀڳي هوندي ته، طوفانن ۾ گهيرجي وئي هوندي. جنهن بعد هتي ڪنهن کڏ ۾ ڪري ۽ مٽيءَ ۾ لٽجي وئي هوندي ۽ چادر ٻاهر رهجي ويئي هوندس. جڏهن پنهون آيو ۽ سندس چادر سڃاتائين، ٻڪرار کان حال احوال ورتائين ته ڏک ۾ سندس روح پرواز ڪري ويو ۽ انهيءَ جاءِ تي پنهون کي دفن ڪيو ويو.
ائين به ٿي سگهي ٿو ته، انهيءَ طوفان ۾ پنهون به اچي پهتو هجي ۽ طوفان ۾ عورت کي ڀڄندو ڏسي مدد لاءِ لٿو هجي ته سسئي کي سڃاڻي ورتو هجائين. پوءِ طوفان ۾ سسئيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريائين. بچڻ جي ڪوشش نه ڪيائين – يا ٻئي هتي ڀڄندي اونهيءَ کڏ ۾ ڪِري پيا هوندا. پوءِ پنهونءَ سان آيل ڀاءُ ۽ ٻڪرارَ؛ ٻنهي مٿان مٽي سنوت ڪري هڪڙي قبر ٺاهي هوندي. ائين هي هميشه لاءِ هڪ ٿي قبر ۾ پورجي هڪ ٿي ويا.

جتي سسئي پنهونءَ جي قبر آهي، اُتي درگاهه لڳ اولهه پاسي وڏي ايراضيءَ ۾ چيريل کڏا آهن، جيڪي ڪٿي ننڍا ته ڪٿي بنهه اونها آهن. زمين ڄڻ ڦارون ٿيل هجي.



Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close