رات جي اونداهي پنهنجي چادر وڇائي چڪي هئي ۽ هر طرف خاموشيءَ جو راڄ هو. ريڊ انڊين قبيلي جو هڪ پوڙهو شخص، ايلان، قديم جهنگل جي ڪناري اُداس ويٺو هو، جتي ڪڏهن سندس قبيلو آزاد گهمندو هو. هيءُ جهنگل هاڻي جديد دنيا جي تيز قدمن هيٺ دٻجي ويو هو.
هتي جون هوائون، نديون، ۽ جبل سدائين سندس ساٿي ۽ ھمراز رهيا هئا. جهنگلن جي گهاٽي خاموشيءَ ۾ قديم مناجاتن جا آواز اڃا بہ ٻُريا ٿَي. سندس قبيلي جي زندگي زمين سان جُڙيل هئي، ۽ زمين سندن ماءُ هئي، جيڪا ڪڏهن بہ ناراض نہ ٿيندي هئي.
جهنگل جي آخري ڪناري تي اوهايو درياھ پنهنجو ٿڪ ڀڃندو هو. اوهايو درياھ جڏهن چانڊوڪين راتين ۾ چمڪندو ھو، تہ ايئن لڳندو ھو ڄڻ فطرت زمين جي ٺپن تي شفاف ملم مکي رھي ھجي. ريڊ انڊين ٻار ان جي ڪناري کيڏندا ھئا، ڄڻ پاڻيءَ جي لھرن سان دوستيءَ جو پڪو واعدو ڪري رهيا هجن.
ان ئي اوهايو درياھ جي ڀرسان، ايلان خاموشيءَ سان باھ جي ويجهو ويٺو هو. باھ جي هلڪي روشني سندس گُهنجن ڀريل منھن تي تجلا ڏيئي رھي ھئي. ايلان جي اکين ۾ گذريل وقت جي واري وري وئي هئي، پر منجهن يادگيرين جي روشني اڃا بہ جَرڪِي ٿَي. ڀرسان ٻرندڙ باھ جا شعلا ڪنھن داستان گو وانگر رقص ڪري رهيا هئا، ڄڻ صديون پراڻيون ڪهاڻيون ٻڌائڻ لاءِ آتا هجن. رات جي سانت ۾، ٻَرندڙ ڪاٺين جو هلڪو ٽڙڪو ٻُڌڻ ۾ آيو پئي. باھ ڀرسان سڪا پن سرسر ڪري رهيا هئا، ڄڻ ڪھاڻي ٻُڌڻ لاءِ اتاولا هجن.
هيءَ ٿڌي رات بہ ڪنهن پراڻي ياد وانگر ايلان جي دل ۾ لهندي پئي وئي. هو ان شام کي ياد ڪري رهيو هو، جڏهن ٽي وي اسڪرين تي هڪ ھٺ ڀريو چھرو ظاهر ٿيو هو. آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر اعلان ڪيو هو تہ، ”ٻاھران آيل اسان جي ملڪ ۾ ڏوهن ۽ بدنظمي پکيڙڻ جا ذميوار آهن. اسان کي انهن کان محفوظ رهڻ جي ضرورت آهي.“
اهي جملا ايلان جي دل جي پراڻي زخم تي ڪنھن ڌڪ وانگر لڳا ھئا، هڪ اهڙو زخم جيڪو وقت سان گڏ بہ ڀرجهي نہ سگهيو ھو. سندس اکين اڳيان ماضيءَ جون اهي تصويرون نچڻ لڳيون، جيڪي هن پنهنجي ابن ڏاڏن کان ٻڌل ڪهاڻين مان حاصل ڪيون هيون. اهي ڏينهن زمين جي زخمن ۾ گم ٿي ويا هئا، پر هوا ۾ اڃا بہ پراڻيون ڪھاڻيون سرٻاٽون ڪري رھيون ھيون.
اهي انهن ڪارن ڏينهن جون ڪھاڻيون هيون، جڏهن ڏور سمنڊ جي ڪناري، افق تي عجيب بادبان ظاهر ٿيا هئا… اڇا، بي جان، ٿڌا، ۽ اوپرا. ريڊ انڊين قبيلن انھن بادبانن کي حيرت سان ڏٺو. اڇن بادبانن وارن جھازن مان گوري چمڙي وارا اوپرا ماڻهو لٿا هئا، جن جي ٻولي ۽ رنگ انهن لاءِ نوان هئا.
پھريون هٿ دوستيءَ طور وڌيو. قبيلي جي بزرگن پنھنجين دلين جي پاڪائيءَ سان انهن اجنبي ماڻهن کي ڀليڪار ڪيو. شڪار جي دعوت ڏني، مڪئي جي فصلن مان خوشبو ڀريل ماني ٺاھي ڏني. پر انھن بادبانن سان گڏ ايندڙ چھرا نرم لفظن ھيٺان لڪل بي رحميءَ ۽ سفاڪيءَ سان گڏ آيا هئا.
”اسان جي ابن ڏاڏن کين ڀليڪار ڪئي هئي،“ ايلان پاڻ سان مخاطب ٿيو. ”اسان پنهنجيون زمينون، شڪار جا ميدان، ۽ ڍنڍن جا ڪنارا سندن حوالي ڪيا. اسان سانن دشمني نہ ڪئي، وير نہ وڌو.. پر ھنن اسان سان ڇا ڪيو؟“
”ٻاھران آيل مھاجر؟“ ايلان منھن مٿي ڪري چنڊ ڏانهن نهاريو، ”کين بہ ان ئي نالي سان تہ سڏيو ويندو هو، جڏهن اهي گوري چمڙي وارا جھازن مان لٿا هئا. اهي هتي آيا، ھنن اسان جي پيرن هيٺان زمين ۽ سرن مٿان وڻن جي ڇانو کسڻ شروع ڪئي، ھننن اسان جي وات مان گرھ ۽ اسان جي ٻارن کان جيئڻ جو حق کسي ورتو. اهي اسان جي ڳوٺن کي ساڙڻ وارا بڻجي ويا.“
ايلان جي يادگيرين ۾ اهي دل ڏکوئيندڙ ڪھاڻيون اڀري آيون، جن ۾ سندس اباڻو قبيلو وسندو ۽ ساھ کڻندو هو، دونهين ۾ ٻڏل خيما، بي وسيءَ جون دانھون ۽ رت سان رڱيل مٽي… ”اسان ڌاريا نہ هئاسين، اسان تہ پنهنجي ئي گهر ۾ هئاسين… پوءِ بہ اسان کي بي گهر ڪيو ويو.“
پوءِ زمين پنهنجي قسمت بدلجندي ڏٺي. جهنگلن جي وڻن جا ڳاٽ ڪپيا ويا، درياھن جون دليون زخمي ٿيون، ۽ جبلن جي پٿرن تي زخمن جا ليڪا چِٽجي ويا. اهي گوري چمڙيءَ وارا اجنبي فقط مهمان نہ رهيا، پر زمين جا بي رحم مالڪ بڻجي ويا. جيڪي مقدس وڻ هئا، تن جي جاءِ تي پٿر جون ڀتيون اڏجي ويون.
ايلان جا ابا ڏاڏا سانجهيءَ جو باھ ڀرسان ويھي قصا ٻڌائيندا ھئا، ”ھو اسان جي گهرن جا دروازا ٽوڙي اندر ڌوڪي آيا ۽ اسان جي خوابن جا در بند ڪري ڇڏيائون… اسان انهن کي زندگي ڏني، ۽ انهن اسان کي موت جو تحفو ڏنو.“
اجنبين معاهدي جي ڪاغذن تي صحيون ڪيون، جيڪي هوا جي هڪ سرگوشيءَ کان بہ وڌيڪ بي معنيٰ هئا. معصوميت، مڪاري ۽ دوکي آڏو شڪست کاڌي، ۽ زندگي تاريخ جي صفحن ۾ وکري وئي.
انهن ڳوري چمڙيءَ وارن جي اچڻ کان اڳ، آمريڪا ۾ ايلان جا ابا ڏاڏا صدين کان آباد هئا. يورپين پنهنجي نوآبادياتي پکيڙ دوران دوکي ۽ طاقت ذريعي صدين کان هتي وسندڙ ڌرتيءَ ڄاون جي زمينن تي قبضا ڪيا. کين جنگين، بيمارين ۽ زوريءَ لڏپلاڻ کي منھن ڏيڻو پيو. يورپي بيمارين لکين مقامي ماڻهن کي ماري ڇڏيو.
حد کا وڌيل لالچ جڏهن ظلم ۽ جبر ۾ بدلجي وئي، تڏهن ايلان جي ابن ڏاڏن آيل غاصبن خلاف ’پونييڪ‘ جي جنگ ۽ ’لٽل بگ هارن‘ جي جنگ سميت ڪيتريون ئي مزاحمتي جنگيون وڙهيون… پر تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي.
۽ پوءِ اهو ڏينهن بہ آيو، جڏهن ۱۹۳۰ ۾ آمريڪي صدر انڊين رموول ايڪٽ نافذ ڪيو، جنھن تحت مقامي قبيلن کي پنهنجين زمينن تان زبردستي بي دخل ڪري، انهن کي مغربي علائقن ۾ ريڊ انڊين ٽيريٽري ڏانهن لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو… ان دردناڪ سفر کي ’لڙڪن جي رستي‘ جي لفظن سان ياد ڪيو ويندو آهي.. تاريخ جو ھڪ اھڙو ورق، جنھن مان اڄ بہ ڳاڙھا لڙڪ ٽمن ٿا..
ايلان جي دل ڏک سان ڀرجي وئي، ”اڄ اهي ئي ماڻهو، جيڪي ڌرتيءَ تي پنهنجي قبضي کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ قصا گهڙين ٿا، ٻين کي نڪ نرڄائيءَ سان ڏوهاري سڏين ٿا… ھو اھو ڪيئن ٿا ڪري سگهن؟ جڏهن خود سندن تاريخ ئي خون، ظلم ۽ والار جي داستان آهي.“
وقت جي نسن ۾ دکدائڪ ساروڻين جو زهر تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳو. اهي جنگيون، اهو جبر، اها ڦرلٽ، مائرن جون دانھون، ٻارن جا روئيندڙ چھرا، ۽ جوانن جا لاشا، سڀ ڪجهہ ڄڻ وري جيئرو ٿي ويو. ”اسان تہ هتي جا اصل رهواسي هئاسين، ڌاريا تہ نہ ھئاسين… پر اسان کي ڏوهاري قرار ڏئي اسان جي زمينن تان لڏايو ويو.“
ايلان زمين تي هٿ رکيو. ”هيءَ ڌرتي تہ سدا کان اسان جي هئي… شايد هاڻي بہ آهي، پر فقط اسان جي خوابن ۾.“
باھ جا شعلا جهڪا ٿي چڪا هئا، ڄڻ ڪھاڻي بہ ختم ٿي چڪي هجي. پر ايلان ڄاتو ٿَي تہ هيءَ ڪهاڻي اڃان ختم نہ ٿي آهي. اڄ بہ ڌرتي ڦُري پئي وڃي.. اڄ بہ اصل رهواسين کي ڏوهاري سڏيو پيو وڃي، اڄ بہ ظلم زنده آهي..
هن آسمان ڏانهن ڏٺو، جتي ڪڪر چنڊ کي ڍڪي رهيا هئا. سندس چپن تي هڪ تلخ مرڪ پکڙجي وئي. "تون بہ لڪي وڃ، چنڊ،“ ايلان ڳنڀيرتا سان چيو، ”هيءَ دنيا سچائيءَ جي روشنيءَ کان ڊڄي ٿي.“
درياءَ جي ڇولين ڄڻ ايلان جي لفظن کي پاڻ سان کڻي وڃڻ جي ذميواري کنئي هجي. رات وڌيڪ گهاٽي ٿي چڪي هئي، پر پوڙهي ايلان جي اکين ۾ اڃا بہ هڪ اميد جي چمڪ هئي… اهڙي اميد، جيڪا ڪنهن ڏورانهين مستقبل ۾ پنهنجي وطن جا نشان ٻيھر اڀرندي ڏسڻ جي انتظار ۾ جيئري هئي.
باھ جون چڻنگون آسمان ۾ پکڙجي رهيون هيون، ڄڻ تاريخ جا وکريل ورق… ايلان جا هٿ دعا جي انداز ۾ مٿي کڄيا، ڄڻ پنهنجي نسل جي بي وسيءَ کي آسمان تائين پڄائڻ جي هڪ آخري ڪوشش ڪندا ھجن.