ڪوھستان ۾ ڪاروبار جا پراڻا ۽ جديد طريقا!

سنڌو سنڌي

ڪوھستاني ماڻھو غريب پر ڏاڍا محنتي ۽ جفاڪش رھيا آھن. جنھن جي ڪري، صدين جي داستانن جو مرڪز ڪوھستان اڳوڻي زماني ۾ ڪاروباري حوالي سان اڃا وڌيڪ شاھڪار خطي طور مشھور ھوندو ھو. ھت جا ماڙو ڪو نہ ڪو ھنر ضرور ڄاڻندا آھن. اچو ته ھتي ڪاروبار ڪرڻ جي پھرين قديم ۽ پوءِ جديد طريقن تي ھڪ نظر وجهي ڏسون ته انھن جي محنتي ھجڻ جو اندازو ٿي ويندو.

فطرت سان ھم آھنگي رکندڙ اھي قديم زماني جا ڪاروبار قدرتي سرشتن سان ھٿ چراند ۽ قدرت جي نظام ۾ رنڊڪ وجهڻ بدران ماحول دوست ڪرت طور ڄاڻي سگهجن ٿا. اھو ئي سبب آھي ته پراڻن ڪاروبارن جو آڌار به فطرت مٿان ئي ھوندو ھو، جتي مشينن بدران انساني وسيلن جي ذريعي ڪاروبار، سودا ۽ سلف ٿيندا ھئا.

ڪوھستان ۾ ٻٻر، ٻير، لوھيڙو، ڪرڙ، ڄار، وغيرہ جھڙن ديسي وڻن جي ڪاٺ کي ڪَٽي، ان مان گهرن جا در، دريون، ٿُڻيون، ڪئيرا، پينگهوڙا، گهوڙيون، اُٺن جا پاکڙا، کٽون، منجا، منجيرڻون ۽ مَنَھ ٺاھڻ جا رواج ھتي پراڻا آھن. ان ڪري پھرين ڪاروباري ڏيتي ليتيءَ ۾ ھتي جا ماڻھو اھي شيون ھڪٻئي سان وڪرو ڪري گذر سفر ڪندا ھئا. شين بدلي شين جا رواج، ڪرنسي نه ھجڻ ڪري ھلندا ھئا.

ان کان پوءِ انساني ترقي جي ڪري، ننڍڙيون ڪارائتيون شيون جيئن؛ ڪُھاڙي، ڪُھاڙي جو ڳن، ڏانٽو، ڪوڏر، ٽيڪم، بيلچو، منڌيو، جُهرڻو، امبيو، ديڳ جو ڍڪ وغيرہ ٺاھڻ جا رواج پيا، ته ماڻھن اھي به ڪوشش ڪري ڪاٺ سان ٺاھي، وڪرو ڪري پيٽ لئہ اناج وٺڻ شروع ڪيو.

ڪوھستان ۾ زراعت بہ ھڪ قديم پيشي طور ڳڻي سگهجي ٿي، ھتان جا ماڙو مال ڌارڻ سان گڏ زراعت سان بہ واڳيل رھيا آھن. ھي سڄو تر باراني آھي ان ڪري ھتي پوکي بہ کوھرن تي ٿئي. ھتان جو ڏڪار سدائين سڪل ساھ وانگر، پاڻيءَ جي کوٽ ۾ ڏٺو ويو آھي، جيڪو سلسلو پراڻي زماني کان ھلندو اچي. جڏھن کان ڪوھستان ۾ ٻويا، ڊم، ٻاچڪا، بوتلون، ٽين ۽ اھڙن ٿانون ۾ پاڻي گڏ ڪري، گهر ۾ رکڻ جو شعور آيو تڏھن کان وٺي، پاڻيءَ کي ڪنھن ٻئي ماڻھو لاءِ معمولي يا جائز رقم عيوض ڀري وڪڻڻ جو رواج به آھستي آھستي پئجي ويو. ان سلسلي ۾ اھو ڪاروبار توڙي جو ڪاروبار براءِ ڪاروبار نه ٿيو، پر وري به ھتي جي ماڻھن ان ذريعي به گذر سفر ڪيا.

ڪوھستان جا اڪثر قديم ماڻھو واڍي جو ڪم ڪندا ھئا. ھتي ديويءَ جو وڻ بي پتو ٿي مورندو آھي، جنھن کي ڪٽي ڪري، وڪرو به ڪندا آھن ته ان کي ٻارڻ طور به ڪتب آڻيندا آھن.

ڪوھستان جو ھر مرد ڪو نه ڪو ڪاروبار ضرور ڪري ۽ اُٺ، گهوڙو، گڏھ يا ڍڳي گاڏي ۽ سائيڪل تي سواري ڪري به پنھنجي گهر ۾ ننڍڙو ھٽ کولي ھلائيندو آھي. ماضيءَ ۾ گاڏيون نه ھجڻ باوجود به اھي ھٽ جو سامان پُٺن تي رکي، ھٽ کي آباد ڪرڻ لئہ پنڌ کي ڇِڪَي رکندا ھئا، ڇوته اھي سگهارا، قدآور ۽ ڪنڌار مڙس ھوندا ھئا. باوجود ان جي، ھُو ڪڏھن کاڌو ڪو وقت کائيندا ھئا ته ڪو وقت ڪو نه به کائيندا ھئا يا ھلندي ڦرندي پنھنجي مال اُٺي، ڳئون يا ٻڪرين جو کير پي رات ويلو ڪڍندا ھئا. ڪاٺي پاڻيءَ سوڌو مينھوڳي کان پوءِ کيٽن جا ڪم ڪار يا پنھنجي مال جي پاڻ ڪندا ھئا. ان مان سندن ڪاروبار به ھلندو ھو. خاص ڪري ھڪ بچت وارو ڪاروبار ڪرڻ ھتي جي شخص جو خواب ھوندو آھي ته ھو ٻڪرين جو ڪاروبار ڪري. ان ڪري ٻڪرين کي ڌارڻ ۽ پالڻ جا رواج به ھتي تمام گهڻو قديم آھن. ٻڪرين ۾ وڌيڪ برڪت ٿيندي آھي. ان جي ڪري ئي، ضرورت پوندي ھئي ته ھڪ ڇيلو وڪڻي گهر جي ڪار وهنوار شادي مرادي يا عيد لاء ٿورو گهڻو سامان ڪپڙو وٺندا يا ڪنھن دڪان جو قرض وڌي ويندو ھو ته ڪو ھڪڙو ٻه ٻڪر وڪڻي پورت ڪندا ھئا.

مٿي ذڪر ڪيل قديم ڪاروبار جي طريقن کان علاوه ڦيري ڪري شيون وڪڻڻ، ڪڪڙ جا آنا گڏ ڪري وڪڻڻ، ڍور وڪڻڻ، جهنگ مان گُھگُھر پٽي يا ماکي لاھي وڪڻڻ سان گڏ ھر قسم جي شي شھر مان وٺي پانجي ھٽ منجهہ وڪڻڻ ۽ کيٽ آباد ڪري ان مان نڪتل فصل مان کاڌا ۽ جريدا طعام تيار ڪري وڪڻڻ به ھتي جو ڪاروباري رواج آھي. انھن ڪاروبارن ۾ ڪوھستاني لالچ ناھن ڪندا، پر خرچ نڪتو ته ان تي به خوش ٿيندا. اھو ئي سبب آھي جو ھتي وچين ڪلاس جو طبقو تمام گهڻو محنت ۽ جفاڪشيءَ سان رھي ٿو.

ڪوھستاني ماروئڙا جن محنت ڪري ھڪ ننڍڙي ھَٽَ مان ترقي ڪئي ۽ لکين رپين جي ڪاروباري شخصيت طور ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا، اھڙا ڪيترائي شخص آھن. انھن ۾ مالماڙي جو حاجي ربڏنو جوکيو مشھور آھي، جنھن جي تازو وفات ٿي آھي. سندس ڪاروبار مالماڙيءَ ۾ پيتيءَ واري ھٽ کان شروع ٿيو، پوءِ ھن دڪان ٺھرايو، ترقي ڪندي اڳتي مڪلي آيو ۽ دڪان کوليائين، پوءِ گلمنڊا ۾ دڪان ۽ زرعي زمينون ورتيون اٿس. ھن وقت مڪلي ناريجا ڳوٺ ۾، جنگشاھي روڊ تي جوکيا ھٽ نالي دڪان، ڄام واھ ۽ گلمنڊا ۾ به سندس اولاد جا دڪان ھلن پيا.

ھاڻي ڪوھستان ۾ ڪاروبار جي جديد طريقن تي ھڪ مختصر نظر وجهون ٿا. جديد ڪاروباري طريقن مٿان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو وڏو اثر رھيو آھي، پر ڌارين جو چنبو به رھيو آھي، جيڪو سخت مذمت جوڳو عمل آھي. اڄڪلھ ماڻھو ھر شي رڳو شھر مان وٺن، پر واپس اچي ڪري ان تي جائز خرچ رکي ناھن وڪڻندا. ان جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا.

تمام گهڻو افسوس ٿئي ٿو ته اڄ جي ڪوھستان ۾ جديد طريقي سان نشي جا ڪاروبار به لڪ ڇُپ ۾ ھلن ٿا، جيڪي نئين نسل جي تباھي ڪري رھيا آھن. انھن کي آئون ڪاروبار نه پر تباھي سمجهان ٿي ۽ سخت ترين قدم کڻڻ جي گهر ڪريان ٿي.

جيڪڏھن اڄ ڪوھستان ۾ گهمنداسين ته جديد ڪاروبار م افغاني، پٺاڻ ۽ ٻين ڌارين جو وڏو ھٿ ڏسنداسين، جيئن گهرن جي اڏاوت لئہ بلاڪ گهرجن، بلاڪن جا دڪا اڪثر پٺاڻن جا آھن، جتان ريتي بجري به اھي وڪڻن. ان جي به سخت مذمت ڪندس ۽ سنڌ واسين کي انھن جي معاشي بائيڪاٽ جي اپيل ڪريان ٿي.

ڪوھستان ۾ دڪانن ۾ ھر شي ملندي، پر مھانگائي جي ڪري قيمتن تان ڪيترن ئي دڪانن تان ماڻھو وڙھو وڃن. دڪاندار به قيمتون ھروڀرو چاڙھيو ڇڏين. جڏھن ته ماضيءَ جو مٿي لکي آئي آھيان ته ائين نه ھو.

ھتي ڍور ڍڳن جا ھاڻ فارم ٺھيا آھن، جتان کير، ڍور وغيره سڀ آنلائن به وڪجي ٿو. گهرن ۾ ڪڪڙيون پالڻ جو قديم ڪاروبار بہ ھاڻ ڪڪڙين جي جديد فارمن تائين اچي پڳو آھي، ان کان علاوه نياڻيون مرد آنلائن بزنس ڪن پيا، جيڪا تمام سٺي ڳالھ آھي. جيڪڏهن اڄ جو نوجوان ٺلھو سرڪاري نوڪريءَ جي آسري رھڻ بدران پنھنجي ڪاروبار طرف لاڙو رکي تہ ھوند سندس حق ۾ وڌيڪ ڀلو ٿئي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close