تترن جي باري ۾ دلچسپ ڄاڻ

محمد اسماعيل عرساڻي/ غلام نبي آگرو

گهڻن ماڻهن کي پڇ پڇ جي عادت کان بڇان لڳندي آهي. منهنجي خيال ۾ پڇ پڇ جي عادت فائديمند ثابت ٿي آهي. مان سڄي عمر تعليم کاتي ۾ ماستر ۽ انسپيڪٽر ٿي رهيو آهيان. اسان کي ته اها سکيا ڏني ويندي هئي ته ٻارن جي پڇ پڇ جي عادت کي هرگز نه دٻايو وڃي. علم بي بحث پائدار ٿي نه سگهندو. سکڻ آهي ئي پڇڻ سان.

شيخ سعدي سڳوري فرمايو آهي ته ”تا پير شوي بياموز“ هر ڳالھ جو ڪجهہ نه ڪجهہ علم هئڻ ضروري آهي. مان ماستر ٿيس ان جو اهو مطلب نه آهي ته سواءِ پڙهائيءَ جي ڪم جي مون کي باقي ڪا به ڄاڻ هئڻ نه کپي. يا هڪ دين جي عالم کي سواءِ فقهي مسئلن جي ٻي ڪا به جهان جي ڄاڻ رکڻ نه گهرجي. مثنوي شريف جي هڪ حڪايت آهي ته ڪو عالم سڳورو پتڻ تي آيو ۽ اچي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. ميربحر (ناخدا) سان ڳالهين ڪندي پڇيائين ته ”ڪِي پڙهيو بہ آهين؟“ ميربحر جواب ۾ پنهنجي اڻپڙهيل هجڻ جو اظهار ڪيو. عالم چيس ”افسوس، جو تو اڌ حياتي وڃائي ڇڏي!“ ميربحر ويچاري صبر ڪيو. ٻيڙي هلندي رهي ۽ جڏهن وچ سير تي آئي، تڏهن سخت طوفان شروع ٿيو. ميربحر ٻيڙيءَ ۾ ويٺل مسافرن کي خطري جو اطلاع ڏنو، ۽ عالم سڳوري کان پڇيائين ته ”حضور! ڪِي ترڻ سکيا آهيو؟“ عالم سڳوري جواب ڏنو ته ”اسانجو ڪم علم سان، ترڻ سان ته ڪڏهن واسطو ئي ڪونه پيو.“ ان تي ميربحر ٿڌو ساھ ڀري چيو ته  افسوس.. توهان اڄ پنهنجي سڄي حياتي وڃائي ڇڏي!“

مطلب ته جڏهن ڪنهن ڪچهريءَ ۾ وڃجي، ۽ ڪابه گفتگو نڪري ته ڪم از ڪم اسان کي هر موضوع بابت ٿوري ڪي گهڻي ڄاڻ ضرور هئڻ گهرجي ۽ جنهن ڪري هو محفل جي گفتگو ۾ ڪونه ڪو حصو وٺي سگهي ۽ بلڪل ۽ ڪورو هئڻ سبب لڄي نه ٿئي.

استاد ارسطا طاليس هڪ دفعي ويٺَي سِتار وڄايو ته ڪو عالم لنگهي آيو ۽ ارسطوءَ کي چيائين ته ”اوهان جهڙي بزرگ کي ههڙو ڪِريل قسم جو ڪم ڪندي شرم  محسوس نٿو ٿئي.“ ان تي ارسطوءَ وراڻيو ته ”شرم جو مقام ته ان وقت آهي، جڏهن ٻيا سڀ سِتار وڄائڻ ڄاڻندا هجن ۽ مان هڪڙو ئي ڪورو هجان.“

مذڪوره چند سٽن لکڻ مان مقصد اهو اٿم ته مون پنهنجي طبيعت ۾ پڇ پڇ جي عادت پڪي ڪري ڇڏي هئي ۽ جتي ڪو موضوع ڇڙندو هو ته ان ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هوس، جا ڳالھ نه سمجهندو هوس ان جي پڇڻ جي ضرور ڪوشش ڪندو هوس. محض انهيءَ خيال (اجائي) سان نه ته هيءَ جاهلن، اڻ پڙهيلن يا ڄٽن جي ڪچهري آهي ۽ ان ۾ وقت وڃائڻ فضول آهي. مون ڪڏهن به پنهنجي مٿي قبول نه ڪئي. پڙهيل ته فقط ڪتابن جي وسيلي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا، پر جن کي اڻ پڙهيل سڏيون ٿا، تن جي ڄاڻ خود پنهنجي تجربن ۽ چشم ديد واقعات تي مبني هوندي آهي، اهو بلڪل صحيح آهي ته:

شنيده کي بود مانند ديده،
ترا ديده و يوسف را شنيده

هن کان اڳ مون پلن جي شڪار، بلبلين جي شڪار ۽ ڍنڍ جي پکين جي شڪار تي مضمون لکيا آهن ۽ هينئر تترن جي شڪار تي قلم  کنيو اٿم.

تترن جي شڪار بابت عام معلومات مون کي پنهنجي عزيز فرد خان چانڊئي بلوچ ساڪن ڪڍڻ کان ملي هئي. هو صاحب تِتِرن جي شڪار جو بذات خود وڏو شوقين ماڻهو هوندو هو ۽ تتر ڌاريندو ۽ ويڙهائيندو به هو. ۽ مون کي تترن جي شڪار بابت عجيب غريب ڳالهيون ٻڌائيندو هو، جي منهنجيءَ دل تي نقش برسنگ ٿي وينديون هيون. مون کي بارها ڀڳوءَ جي شڪار تي وٺي به هلندو هو ته ان شڪار جي چشم ديد مطالعو ڪريان ۽ لطف اندوز ٿيان. بيشڪ اکين سان ڏسڻ، ڪنن کان ٻڌڻ کان هزارين دفعا بهتر آهي.

سنڌ ۾ تترن جا فقط ٽي قسم ٿيندا آهن
(1) ڪارا (2) ڀورا (3) ايراني

مٿيان ٽيئي قسم لڳ ڀڳ شڪل ۾ هڪجهڙا ئي هوندا آهن، فقط رنگ جو تفاوت هوندو آهي.

ڪارو تتر: ڪاري نر تتر جي پاسي وارا کنڀ  چٽڪمرا ۽ ڪارا اڇين ٻڙين سان هوندا آهن، باقي سينو صاف ڪارو ۽ پٺيءَ وارا ۽ ڪنڌ جا کنڀ به ڪارا ٿيندا اٿس. ڪنن وارا کنڀ ٻنهي پاسي صاف اڇا ٿين ٿا. ڄنگهن تي ڪڪڙ وانگي کڙهون (سيخون) ٿينديون اٿس، مگر اهي مڏيون هونديون آهن ۽ نوڪدار نه هونديون آهن. هي پکي تمام حسين ٿيندو آهي، مگر سندس ماديءَ جي بندن جا کنڀ ڀورا ۽ چٽڪمرا ڀورن تترن جي نموني  هوندا آهن ۽ هيءَ شڪل ۾ حسين ۽ وڻندڙ نه هوندي آهي. ڪارو تتر قدبُت ۾ ڀوري تتر کان وڏو ۽ قداور ٿيندو آهي. هن قسم مان فقط نر ٻچو ماڻهو شڪار لاءِ يا ٻوليءَ ٻڌڻ لاءِ پاليندا آهن. هن جي مادي ڪانه پالبي آهي. ڇو ته هوءَ نر سان گڏ ڪانه ٻوليندي آهي. هي پکي ولر ڪري نه رهندا آهن، پر هر هڪ اڪيلو پنهنجي منهن رهندو آهي. فقط لڳ جي وقت هڪ نر تتر سان ٽي چار ماديون گڏ ڏسبيون آهن، پر جڏهن اهي ماديون آنن تي آرو ڪري ويهنديون آهن، تڏهن نر تتر انهن کي ڇڏي اڪيلو پنهنجي منهن وڃي گهمندو آهي ۽ وري مادين جي خبر نه رکندو آهي. ماديون ٻچن ڦوڙڻ بعد ٻچن کي تيستائين پاڻ سان رکنديون آهن، جيستائين وري لڳ جي موسم اچي. پوءِ ٻچن کي الوداع ڪري نر کي ڳولي وڃي لهنديون آهن ۽ ٻچن مان هر هڪ جدا پنهنجو رستو وٺندي آهي. هن جس ۾ نر ٿورا ۽ ماديون گهڻيون هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته ڪارو نر تتر شوق ۾ اچي وڏي ٺاٺ ۽ غرور سان ڪنهن دڙي يا ڪاٺ جي بنڊ يا ٻنيءَ جي بند تي چڙهي سکڻي ميدان ۾ هڪ جاءِ تي بيهي ڳچ وقت لڳاتار ٻوليندو آهي. جنهن ڪري شڪاري ماڻهو، توبچي، بازن وارا ۽ لاوَن وارا کيس آساني  سان ماري وٺندا آهن. مگر مادي اصل نه ٻوليندي آهي ۽ ڪکن ۽ ڪانڊيرن ۾ لڪل ۽ محفوظ رهڻ ڪري بچاءَ ۾ رهندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو لڳ جي وقت ۾ هڪ نر سان گڏ چار_ پنج ماديون هونديون آهن.

ڀورو تتر: هن تتر جي نر توڙي ماديءَ جو رنگ هڪجهڙو هوندو آهي. سيني وارا کنڀ ڀورا ڪجهه اڇائيءَ ڏانهن مائل هوندا آهن، جنهن تي ڳاڙهاڻ تي مائل ننڍا چِٽا داٻ داٻ وارا هوندا آهن ۽ پٺيءَ وارا کنڀ ڀورا ۽ ڳاڙهسر داٻن وارا هوندا آهن ۽ نر کي ڄنگهن تي ڪڪڙ وانگي چهنبدار کَڙهون (سيخون) هونديون آهن، جي پاڻ ۾ وڙهڻ وقت استعمال ۾ آڻيندا آهنِ؛ باقي مادين کي کَڙهون  (ڪنهن به قسم جي تترين کي) نه ٿينديون آهن. هي پکي گهڻو ڪري ولرن جي صورت ۾ هوندا آهن. بعضي ته ڏهه_ پندرهن پکي ولر ۾ ڏسبا آهن؛ِ مطلب ته هي ٻن_ ٽن پيڙهين تائين گڏ رهندا آهن، بعضي منجهن اوچتو خانه جنگي ٿيندي آهي، جنهن ڪري ڌار ڌار ٽوليون ٿي ويندا آهن، ان جي باوجود جوڙو تتر هڪ نر ۽ هڪ مادي پاڻ ۾ ضرور گڏ هوندا آهن، ۽ گڏجي ٻوليندا آهن. ويڙهه جي وقت ۾ مادي نر جي مددگار هوندي آهي. سندس ٻولي سيٽيءَ وانگي هوندي آهي ۽ تيز ۽ زور سان ٻولي نر کي وڙهڻ لاءِ همٿائيندي آهي. بعضي ٻنهي طرفن جون ماديون پاڻ ۾ وڙهڻ شروع ڪري ڏينديون آهن ۽ نر تتر پاڻ ۾ وڙهي کَڙهن هڪٻئي کي رتوڇاڻ ڪري وجهندا آهن. اهڙي ويڙهه وري وري ميلن ڪرڻ سان اڌ ڪلاڪ تائين به هلندي آهي. جنهن ۾ هارايل ڌر اها جُوءِ ڇڏي ٻئي طرف ڀڄي ويندي آهي. کٽندڙ ڌُر فاتحانه انداز ۾ انهيءَ ميدان جنگ واري جاءِ تي ڪجهه وقت ٻوليندي رهندي آهي. ان بعد وري وڃي چڳڻ کي لڳندي آهي. مطلب ته هن قسم جي تترن ۾ نر ماديءَ جو گڏ هجڻ لازمي آهي. جيڪڏهن ڪنهن به جوڙيءَ مان هڪ مارجي ويو ته ٻيو پريشان ٿي دانهون ڪندو رهندو. جيستائين کيس ڪو ٻيو جوڙيوال ملي.

هي پکي ڍنڍن وارين زمينن ۾ گهٽ ڏسبو آهي؛ سو به واهن تي بيٺل يا ڪڙين تي بيٺل ڄارين ۽ کِپن واري جهنگل ۾. مگر ڪارو تتر ڍنڍ واريءَ زمين ۾ گهڻو ۽ ٻوٽن واري هنڌ تي تمام ٿورو ڏسبو آهي. ان جي برعڪس ڀورو تتر خشڪ پوک واريءَ زمين، ٻوٽن ۽ ٿر جي ڀٽن واريءَ وڻڪار ۾ گهڻو ڏسبو آهي. هي پکي ڪاري تتر کان بدن ۾ هلڪو ۽ سونهن ۾ گهٽ هوندو آهي.

ايراني تتر: هيءُ تتر عين بعين ڀوري تتر جهڙو ۽ ساڳين وصفن وارو هوندو آهي. تفاوت فقط اهو هوندو اٿس ته هي قداور ۽ بدن جو ڳورو هوندو آهي. وزن ۾ ڪاري تتر کان به زياده وزني ٿيندو آهي. سندس ٻولي ڳَري گرڙاٽ واري ۽ گهٽ وڻندڙ هوندي آهي. هيءُ تتر خاص ڪري ويڙهائڻ لاءِ ڪڪڙ وانگي ڌاربو آهي. ڪي ماڻهو جوڙي نر ۽ مادي گڏ پاليندا آهن ۽ ڪي فقط اڪيلو نر پاليندا آهن، هنن جي ويڙهه تي سون ۽ هزارين رپين جون بازيون لڳنديون آهن.

پيدائش ۽ رهائش: هيءُ جهنگ جا پکي آهن ۽ جهنگ ۾ رهندا آهن ۽ اتي ئي ٻچا ڪندا آهن ڪاري تتر جي مادي لڳ جي وقت ۾ ڪاري تتر کي ڳولي وڃي هن سان گڏبي آهي، پر جيڪڏهن اتفاقاً ڪارو تتر، باز وغيره جي خوف کان يا موسم جي خرابيءَ سبب ٻوليندڙ نه هوندو ته پوءِ جنهن جوءِ ۾ نر تتر گهمندڙ هوندو، انهيءَ هنڌ پهچي، مخصوص انداز ۾ هڪ ٻولي ڪندي، جيئن ڪڪڙ آني جي وقت ٽُرٽُر جي ٻولي ڪندي آهي، بلڪل انهيءَ طرح ڪاري تتر جي مادي اها سندس مخصوص ٻوليءَ ۾ ٻوليندي آهي. جنهن جي ٻڌڻ سان ڪارو تتر ڪيترن خطرن جي باوجود لِڪي ڇِپي ماديءَ وٽ پهچي ويندو آهي ۽ ان کي پاڻ کان هرگز جدا ٿيڻ به نه ڇڏيندو آهي، جيستائين هوءَ آري تي نه ويهندي. اهڙي طرح هو ٽي_ ٽي، چار_ چار ماديون وٺي پاڻ سان گهمندا آهي. هي پکي گهڻو ڪري ڍنڍ وارين  زمينن ۾ رهندا آهن ۽ رات جو وسندي به زمين تي ڪندا آهن مادي آنا ڪنهن لَيُن يا ڪانهن جي گهاٽن ٻوٽن ۾ ٿورو ڪکن کي چپي مروٽي ان جي مٿان لاهيندي آهي ۽ جڏهن آري تي ويهندي آهي، تڏهن نر تتر کيس ڇڏي ڏيندو آهي ۽ ري انهيءَ ماديءَ يا سندس ٻچن جي ڪا به پوئواري يا پرگهور نه لهندو آهي. مادي ٻن_ اڍائن هفتن بعد ٻچا ڦوڙي اٿندي آهي ۽ اڪيلي سر ٻچن کي چڳائيندي آهي، جيستائين هو لائق ٿين، اهو عرصو گهڻو ڪري پنج_ ڇهه مهينا هوندو آهي.

تترن جا سڀئي قسم سال ۾ ٻه دفعا ٻچا ڪندا آهن. موسم بهار ۽ موسم سرءُ، اهي ٻئي مندون تتر جي بچن ڪرڻ جون هونديون آهن. ٻن ڄڻڻ کان پوءِ اول ننڍا ڪيئان، پوءِ وڏا ڪيئان،  ماڪوڙا، اناج جا داڻا، ان بعد وڏا مڪڙ ۽ مڪڙون ۽ اهڙي قسم جون ٻيون شيون، ماءُ انهن کي کارائيندي رهندي آهي ۽ هو آهستي آهستي هِري پوءِ پنهنجو چوڳو خود هٿ ڪري کائيندا آهن. هيءُ پکي جيتوڻيڪ رات ڏينهن زمين تي رهندا آهن، ان هوندي به هو  پنهنجي حفاظت ۾ وڏا ڄاڻو هوندا آهن ۽ اوچتو ئي اوچتو اهڙا ڇپي ويندا آهن، جو ڳولڻ سان به نه لڀندا آهن. سنڌيءَ ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي لڪڇپ لاءِ مثال ڏبو آهي ته هوءَ ڪارڙي تتر وانگر ڇپي ويو. اهڙي حالت هوندي به ڪيترائي  ٻچا جهنگلي جانورن ۽ شڪاري پکين جي ور چڙهي، انهن جو قوت ٿي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڪارڙو تر، ڀوري تتر جي ڀيٽ ۾ گهٽ انداز ۾ ٿئي ٿو.

ڀورا تتر، جهنگ ۾ رهندا آهن. جي جهنگن ۽ بندن، ڪڙين جي ڪپن ۽ پوٺن وارن ٽُڪرن يا وارياسي هنڌن تي هوندا آهن. هي پاڻ ۾ ولر ڪري رهندا آهن ۽ ويڙهه وقت گڏجي مقابلو ڪندا آهن. ڏينهن جو زمين تي گهمي ڦري چوڳو حاصل ڪندا آهن ۽ سندن قوت اناج، ڏٿ، ڄارين جي مَڪ ۽ پيرون، ڪيڙا ، ماڪوڙا، تِڏون، مڪوڙيون ۽ مڪڙ هوندا آهنِ؛ خاص ڪري ننڍن ٻچن جو گذران ڇيڻن، گهوڙن ۽ گڏهن جي لڏ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪِيئن ۽ اڏوهيءَ تي هوندو آهي. هنن ٻچن پالڻ لاءِ نر مادي گڏيل ڪوشش ۾ مصروف هوندا آهن. ڪنهن اوچتي خطري وقت ماءُ يا پيءُ جي ڪنهن خاص ٻوليءَ تي يا آواز تي ٻچا يڪدم هيڏانهن هوڏانهن پکڙجي ۽ ڇپي ويندا آهن ۽ خطري لهڻ بعد مائٽن جي سڏڻ تي وري اچي گڏ ٿيندا آهن. انهيءَ دوران نر ۽ مادي، ٻچن سميت رات ۽ ڏينهن گڏ رهندا آهن. مگر جيئن ئي ٻچا اڏامڻ جيڏا ٿيندا آهن، ته پوءِ گڏجي اچي ڪنهن گهاٽي وڻ تي رات جو رهڻ لاءِ انتظام ڪندا آهن، ڇو ته هي تتر رات جو وڻ تي گذاريندا آهن. اتي رهڻ لاءِ ڪو آکيرو وغيره ڪونه ٺاهين، مگر هر ڪو علحده علحده پنهنجي خيال موجب ڪنهن شاخ تي ويهي رات گذاريندو آهي. صبح ٿيڻ شرط وري هيٺ لهي وڃي پٽ تي چوڳو چڳيندا آهن، خاص طرح سياري جي موسم ۾ جڏهن پوٺن، ٿرن ۽ برن ۾ ساوڪ گهٽ ٿي ويندي آهي ۽ آباديون وغيره به گهٽ ٿي وينديون آهن يا ختم ٿي وينديون آهن. تڏهن هنن پکين جو خاص کاڌو پوٺن تي ٿيندڙ سنهڙو گاهه هوندو آهي. جنهن کي ڪلورو چوندا آهن. اهو گاهه سياري ۾ بلڪل سڪي ويندو آهي. ان جي پاڙن ۾ لاهوري گجرن وانگر ننڍيون ڳنڊيون گول بصر جي نموني تي هونديون آهن، جن کي ڌاڃوڙا يا موٿ چوندا آهن ۽ اهي زمين اندر هونديون آهن، تن کي زمين مان کوٽي ڪڍي کائيندا آهن، اهوسندن خاص کاڌو هوندو آهي.

ايراني تتر خاص ڪري ويڙھ لاءِ پاليندا آهن. هنن جا ٻچا هٿراڌو نموني پيدا ڪرائبا آهن. ڌاريل نر مادي تتر جو پڃرو بانس، نيٽ يا آلچين جي سنهين ڪامن مان ٺهيل هوندو آهي، جنهنجا ٻه ڀاڱا هوندا آهن. هرهڪ ڀاڱي جو هيٺيون حصو چوڪنڊو ۽ مٿيون چؤنري (ڪکائين گهر) وانگر محفوظ نموني هوندو آهي. ٻنهي پڃرن جو هيٺيون حصو مليل ۽ چوٽيون جدا هونديون آهن. سندن چوٽين کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ هڪ جنڊيءَ چڙهيل ڳني جڙيل هوندي آهي. جنهن سان پڃري کي کڻي هلي سگهبو آهي. ٻنهي پڃرن ۾ ڌار ڌار دريون هونديون آهن. جتان تتر اندر وڃي ٻاهر نڪري سگهندا آهن. ٻنهي پڃرن جي وچ ۾ هڪ دري هوندي آهي. جنهن جي کولڻ تي نر ۽ مادي پاڻ ۾ هڪ پڃري ۾ گڏجي سگهندا آهن. ٻچن ڪرڻ وقت خاص طرح ائين ڪيو ويندو آهي، مگر لڳ واري وقت وڏا ۽ ويڪرا پڃرا استعمال ڪيا ويندا آهن. جنهن ۾ تتر سهوليت سان لڳ ڪري سگهن ۽ مادي آزادي سان آنا لاهي ۽ انهن تي آرو ڪري سگهي. ڪي ڪي شوقين تيتري اهڙن تترن کي پڃرن کان ٻاهر ڪڍي لڳ ڪرائيندا آهن ۽ انهن جا آنا پاڻ وٽ سنڀالي رکندا آهن، پوءِ ڪنهن ڄاريدار پڃري ۾ مادي تِتر کي آري تي ويهاريندا آهن. ننڍڙن ٻچن کي اول گڏرون ۽ ننڍڙا ڪينان ۽ پوءِ اناج، ڀڳڙن جو ڏارو وغيره کارائيندا آهن. اهڙي قسم جا ٻچا وڏيءَ قيمت تي تترن ويڙهائڻ وار شوقين خريد ڪري وٺي ويندا آهن.
هي مضمون سنڌي ادبي بورڊ جي ٿورن سان شايع ڪيو ويو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close