جناب رسول بخش پليجي ان صورتحال جو گڏيل هندوستان جي سياست جي تخليقي مطالعي ذريعي گهرو شعور حاصل ڪيو. هُن پاڪستان ۾ قومي سوال جو اهو جناح وارو ئي حل ٻڌايو، ته پاڪستان جي ترقي لاءِ، وفاق جي ڀلائيءَ لاءِ ۽ قومن جي باعزت جياپي لاءِ اهو بي حد ضروري آهي، ته پاڪستان ۾ ’مضبوط مرڪز‘ کي رد ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ 1940ع واري ٺھراءَ مطابق، جمھوري آئين جوڙي، ’محدود مرڪز‘ جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ پاڪستان کي قومن جي برابري وارو حقيقي جمھوري پاڪستان بڻايو وڃي. اهو مطالبو، جیئن ته، پاڪستان تي قابض پنجابي-مھاجر حڪمران طبقي جي ناجائز بالادستي ۽ اسٽيٽسڪو جي خلاف آهي، اُن ڪري، جناب رسول بخش پليجي جي انهي معروضي مطالبي کي قبول نه ٿي ڪيو ويو. ان طرح سان، ڏٺو وڃي، ته جناح جي سياست ۽ جدوجهد، سنڌ ۾، جناب رسول بخش پليجي جي قومي سياست ۽ جدوجھد کي منطقي مدد (لاجسٽڪ سپورٽ) ڏني ٿي ۽ اهو ئي سبب هو، جو رسول بخش پليجو، سنڌ ۽ پاڪستان سطح تي، وڏي واڪي جناح ۽ جناح واري پاڪستان جي ڳالھ ڪندو رهيو. آخري تجزيي ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو، ته جناب رسول بخش پليجي جھڙي مارڪسوادي سياستدان طرفان سنڌ جي قومي سياست ۾ جناح جي ڳالهه ڪئي وئي، ته اها ڳالهه هُن جي قومي جدوجهد جي هڪ اسٽريٽجڪ ضرورت هئي.
جناب رسول بخش پليجي جو، سنڌ ۾، جناح بابت جيڪو مثبت موقف رهيو آهي، اخباري دانشور ۽ ڪالم نويس ان کي نه ٿا سمجهن. ان سببان، اهي سخت مونجهارن ۾ مبتلا رهن ٿا. اهي ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي مونجهہ کي ٽوڪ ۾ به تبديل ڪن ٿا ۽ چون ٿا، ته جيڪڏهن رسول بخش پليجو کاٻيءَ ڌر جو ماڻهو هو، مارڪسوادي هو ۽ ترقي پسند هو، ته پوءِ هُن جناح جي ڳالھ ڇو ڪئي، جيڪو هڪ روايتي سياستدان هو. اُهي ٽوڪ وچان اهو به چوندا آهن، ته جناح جو مارڪسزم ۽ سوشلزم سان ڇا وڃي؟ برابر مارڪسزم جو يا سوشلزم جو جناح سان ڪو به مرڻو پرڻو ناهي، ۽ اهو به درست آهي، ته جناح انقلابي يا کاٻي ڌر جو ماڻهو نه هو. هُو، دراصل، يورپ جي سرمائيدار تعليمي ادارن مان فارغ ٿيل سرمائيدار جمھوريت ۾ ويساھ رکندڙ سياسي اڳواڻ هو. پر اهو ڪٿي لکيل آهي، ته انقلابي مقصد لاءِ يا قومي مقصد لاءِ يا طبقاتي مقصد لاءِ مارڪس، اينگلس ۽ لينن کان سواءِ ٻي ڪنھن به اڳواڻ جي ڳالھ نه ڪجي؟
دراصل، سنڌ ۾، جناح جي ڳالھ ڪرڻ وارو مامرو رسول بخش پليجي جي بنيادي مقصد(Policy)، جيڪو سوشلزم تي ٻڌل هو، جو مامرو نه هو، پر اهو مامرو هُن جي سياسي حڪمت عمليءَ (Strategy) جو مامرو هو. هُن جو بنيادي مقصد سوشلزم تي سائنسي ويساھ سان سلھاڙيل هو. هُن جو اهو سوشلزم تي سائنسي ويساھ جيئن جو تيئن برقرار ئي رهيو ۽ اهو ئي ڪارڻ هو، جو هُو 88 سالن جي عمر ۾ به ادب، سياست، فڪر ۽ عمل جي دنيا ۾ ايترو ته سرگرم رهيو، جو هُن کي ڏسي ۽ هُن جي عمر کي ڏسي ماڻهو حيران ٿي وڃي ٿو. مان هُن جي انهي حيران ڪندڙ پاسي کي ڏسي، هميشہ ايئن چوندو آهيان، ته هُو ذهن ۽ فڪر جي دنيا جو هڪ وڏو اسپارٽيڪس هو. هُن جو انقلابي ايمان ساھ جي آخري سڳي تائين برقرار رهيو. جڏهن ته، هُن جا همعصر ڪيترائي کاٻي ڌر جا دوست روس جي ٽٽڻ کانپوءِ مارڪسي علم ۽ فڪر تان ويساهه وڃائي، لغڙن وانگر اڏامي ويا. هُنن مان ڪيترن پاڻ کي پاڻ رد ڪيو ۽ پنھنجي نفي پاڻ ڪري، پاڻ کي اهڙو ته اُبتڙ تبديل ڪيائون، جو ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون! رسول بخش پليجو، فڪري طور، بي حد مضبوط، ميچوئر ۽ ايماندار ماڻهو هو. هُن پنھنجي آخري گهڙي تائين انقلابي ويساهه کي برقرار رکيو. هُو مارڪسوادي هو، مارڪسوادي رهيو ۽ مارڪسواديءَ طور دم به ڏنو، ان ڪري، ايئن سمجهڻ ته رسول بخش پليجي سنڌ جي قومي سياست ۾ جناح جي ڳالھ ڪري يا جناح واري پاڪستان جو مطالبو ڪري، مارڪسزم بابت پنھنجي ويساهه کي ڪمزور ڪيو، بلڪل غلط ڳالهه آهي. اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جنھن مان پڌرو ٿئي ٿو، ته رسول بخش پليجي جي سياسي مقصد (Policy) ۽ حڪمت عمليءَ (Strategy) جي وچ ۾ جو جدلياتي ڳانڍاپو هو، تنھن جي سنڌ جي اخباري دانشورن جي اڪثريت کي ڪا به ڄاڻ ناهي: ٻيو ته، اهو صرف ڄاڻ جي کوٽ جو مامرو ناهي، پر اهو بدنيتيءَ جو به مامرو آهي. ان بدنيتي رسول بخش پليجي خلاف مفروضاتي ڳالهين ڦهلائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
بھرحال، جئين، مون اڳ ۾ ڳالھ ڪئي، ته جناح جي ڳالھ ڪرڻ پويان رسول بخش پليجي جو مقصد نه، پر حڪمت عملي ڪارفرما هئي. دراصل، مقصد وارو مامرو بنيادي مامرو هوندو آهي. ان ۾ ماڻهو ڪميٽيڊ هوندو آهي ۽ ان تي ڪمپرومائيز نه ڪندو آهي؛ ڇو ته، جيڪڏهن مقصد تي ڪمپرومائيز ٿيندو يا مقصد تان هٽڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ته ان سان بنيادي مقصد جي نفي ٿيندي. ان ۾ ڪاميابيءَ جو امڪان گهٽجي ويندو ۽ اهو ئي سبب آهي،جو انقلابي سياست ڪندڙ پڪاپُختا ماڻهو پنھنجي بنيادي مقصد کي تبديل ناهن ڪندا، پر اهي پنھنجي بنيادي مقصد کي تبديل ڪرڻ کان سواءِ پنھنجي حڪمت عمليءَ کي تبديل ضرور ڪندا آهن. اهم ڳالھ اها آهي، ته، حڪمت عمليءَ کي تبديل ڪرڻ تي ڪا به پابندي ناهي هوندي. ان ۾ ماڻهو ڪافي آزاد هوندو آهي. ڇو ته، حڪمت عملي، بذات خود، مقصد (Policy) ناهي هوندي، پر مقصد حاصل ڪرڻ جو هڪ وسيلو (Key) هوندي آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي، جو سياسي ماڻهو پنھنجي بنيادي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمت عمليءَ طور اهڙين ڪافي ڳالهين کي هٿيار (Tool) طور استعمال ڪندو آهي، جيڪي عام ماڻهوءَ جي سمجهہ شڪتيءَ کان مٿي جون هونديون آهن. اهو حڪمت عمليءَ واري مامري جو نقصانڪار پاسو هجي ٿو. انهي نقصانڪار پاسي مان رياست ۽ مخالف قوتون ڀرپور فائدو حاصل ڪنديون آهن. حڪمت عمليءَ سان لاڳاپيل نقصانڪار پاسن کي خود انهي سياسي اڳواڻ (جو حڪمت عمليءَ جو استعمال ڪري ٿو) جي موقف کي مفلوج ڪرڻ ۽ ان خلاف مفروضا ڦهلائڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان ۾ نقصان ته ٿيندو آهي، پر ان جو فائدو جٽادار ۽ گڏيل هجي ٿو؛ ان ڪري، حڪمت عمليءَ جي مامرن ۾ ’ڪُل‘ جي حاصلات لاءِ ’جُز ‘کي قربان ڪرڻ واري ترجيح رکي ويندي آهي، مثال طور: گڏيل هندوستان جي سياست ۾، جناح، ’ٻه قومي نظريي‘ جي جا ڳالھ ڪئي، سا غلط ڳالھ هئي؛ ڇو ته، ان سان هڪ ته فرقيواريت کي هٿي ملي ٿي: ۽ ٻيو ته، انهي ڳالھ کي هُن جي خلاف استعمال ڪيو ويو. ان مان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته هُو مذهبي ماڻهو هو. اهو، دراصل، جناح جي ’ٻه قومي نظريي‘ کي استعمال ڪرڻ واري سياسي حڪمت عملي جو هِڪُ نقصانڪار پاسو هو، پر جيئن ته، جناح ’ٻه قومي نظريي‘ کي بنيادي مقصد (Policy) طور نه، پر مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمت عمليءَ جي هٿيار طور استعمال ڪيو ٿي. انهي هٿيار تحت، هُن ڪانگريس کي ڪمزور ڪري، گڏيل هندوستان جي مرڪز ۾ مسلمانن لاءَ برابريءَ واري نمائندگي حاصل ڪرڻ ٿي چاهي. ان ڪري، جناح لاءِ حڪمت عمليءَ طور ’ٻه قومي نظريي‘ جي ڳالھ ڪرڻ درست ۽ فائديمند هئي، اها ٻي ڳالھ آهي، ته ڪانگريس ۽ ان جي قيادت جناح جي انهي ’ٻه قومي نظريي‘ واري هٿيار جي دٻاءَ ۾ نه اچي سگهي ۽ اها پنھنجي نام نھاد ’هڪ قومي نظريي‘ تي بدستور بضد رهي، مرڪز ۾ مسلمانن کي برابريءَ واري نمائندگي ڏيڻ کان انڪار ڪندي رهي. ان سببان، سياسي تڪرار پيدا ٿيو. ان جي نتيجي ۾ ورهاڱو به ٿيو ۽ پاڪستان به ٺھي ويو.
مان ڀانيان ٿو، ته اها جناح جي هڪ وڏي سياسي ڪاميابي هئي، جو هُن، ڪانگريس جي غيرلچڪ پذير رويي جي باوجود، 1947ع ۾، پاڪستان ٺاهي، مسلمانن جي اتر اوڀر ۽ اولھہ واري اڪثريت کي هندو بالادستيءَ کان بچائي ٿي ورتو. ان سڄي دور ۾ هندن ۽ مسلمانن جي مذهبي فرق جون به ڳالهيون ٿينديون رهيون. ان سببان، فرقيواريت به پروان چڙهندي رهي، وڳوڙ ٿيا، جهيڙا ٿيا، ماڻهن جو جاني ۽ مالي وڏو نقصان به ٿيو، پر ’ڪُل‘ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ظاهر آهي، ته ’جُز‘ وارو نقصان ته برداشت ڪرڻو پوي ٿو. اهو ئي سياست جو بنيادي اصول هجي ٿو.
اهڙي ريت، ڏٺو وڃي، ته سنڌ جي قومي سياست ۾ جناب رسول بخش پليجي جي جا حڪمت عملي هئي، سا ’ڪُل‘ کي ’جُز‘ تي ترحيح ڏيڻ واري طريقي ڪار تي ٻڌل هئي. ان حڪمت عمليءَ تحت، هُن کي جناح جي به ڳالھ ڪرڻي پئي؛ ڇو ته، جناح جي ڳالھ ڪرڻ يا جناح واري پاڪستان جي مطالبي ڪرڻ واري مامري هُن جي قومي جدوجهد کي منطقي مدد ڏني ٿي. ان ڳالھ کي ان طرح سمجهي سگهجي ٿو، جو مثال طور: رسول بخش پليجي جو ڪُلي مقصد ’سوشلزم‘ ته هو، پر سنڌ ۽ پاڪستان جي معروضي حالات جي تناظر ۾، ۽ سرمائيداريءَ جو اڳتي وڌيل روپ ۾ نه هجڻ سببان، هُن سڌو ’سوشلزم‘ آڻڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ بدران ’سوشلزم‘ تائين پھچڻ لاءِ ’قومي عوامي جمھوري جدوجھد‘ جي ڏاڪي کي پار ڪرڻ ۽ ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارو قومي سياسي مقصد رکيو ٿي. اهو، قومي مقصد، ’سوشلزم‘ واري بنيادي مقصد کي حاصل ڪرڻ جو هڪ عبوري ڏاڪو هو. انهن ٻنهي مقصدن ۾ جدلياتي ڳانڍاپو هو. اهي ٻئي هڪٻئي سان گنڍيل هئا. اهي ٻئي هڪٻئي تي آڌارت هئا.
اهو ’سوشلزم‘ کي حاصل ڪرڻ وارو ’قومي عوامي جمھوري جدوجهد‘ وارو عبوري ڏاڪو ٽن بنيادي محرڪن: (1) مُردار جاگيرداريت جي خاتمي، (2) جمھوريت جي استحڪام ۽ (3) قومن جي خودمختياري تي ٻڌل هو. انهي ٽنهي محرڪن مان قومن جي خودمختياريءَ وارو جو محرڪ آهي، سو پاڪستان جي سياست سان ته سلھاڙيل آهي، پر اهو مقصد هڪ اهڙي پاڪستان ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو، جيڪو ناٽڪي نه، پر حقيقي وفاقي جمھوري پاڪستان هجي ۽ اهو ’مضبوط مرڪز‘ بدران ’محدود مرڪز‘ (Weak Federal Centre) تي ٻڌل هجي. رسول بخش پليجي به اهڙو ئي پاڪستان چاهيو ٿي، جيڪو وفاقي هجي، جمھوري هجي، ’محدود مرڪز‘ تي ٻڌل هجي، اختيارن جي عدم مرڪزيت وارو هجي، قومن جي برابريءَ وارو هجي ۽ جنھن ۾ هڪ قوم هٿان ٻي قوم جي ڦرلٽ نه ٿيندي هجي، جنھن ۾ قومون مظلوم ۽ محتاج نه، پر آزاد ۽ خودمختيار هجن. اهو، دراصل، قومن جي خودمختياريءَ وارو ذيلي مقصد هُن جي ’سوشلزم‘ واري بنيادي (ڪُلي) مقصد سان جدلياتي طور تي جُڙيل رهيو ٿي. رسول بخش پليجي انهي ذيلي مقصد کي منطقي مدد ڏيڻ لاءِ جناح جي ڳالھ ڪئي ٿي؛ ڇو ته، گڏيل هندوستان جي سياست ۾ اهو واحد جناح هو، جنھن هندن سان گڏ رهڻ لاءِ ’محدود مرڪز‘ جو مطالبو ڪري، هندو اڪثريت ۽ مسلم اقليت ۾ برابريءَ جي ڳالھ ڪئي هئي ۽ ان کي قبول نه ڪرڻ سببان، پاڪستان ٺھڻ جو بنياد پيو هو.
ان طرح، ڏٺو وڃي، ته گڏيل هندوستان جي سياست ۾ بنيادي مسئلو هندو اڪثريت ۽ مسلم اقليت وارو هو، جيڪو هڪ ٺوس سياسي مسئلو هو. توڙي جو ان کي مذهبي رنگ به ڏنو ويو، پر ان جو بنياد سياسي هو.
اهڙي ريت، جڏهن 1947ع ۾ پاڪستان ٺھيو، ته ان ۾ اهو ساڳيو ئي مسئلو پنجابي اڪثريت ۽ ننڍين قومن جي اقليت جي صورت ۾ پڌرو ٿيو. رياست تي پنجاب جي بالادستي قائم ٿيڻ سببان، جڏهن جمھوريت، صوبائي خودمختياري، قومن جي برابري ۽ محدود مرڪز هڪ سوال بڻجي ويو، ته تڏهن سنڌ ۾ جناب رسول بخش پليجي، پنھنجي قومي جدوجھد ۾، جناح جي ڳالھ ڪئي ۽ انهي جناح واري پاڪستان جو مطالبو ڪيو، جنھن ۾ 1940ع واري لاهور ٺھراءَ مطابق، محدود مرڪز ۽ قومن جي خودمختياريءَ جي ضمانت ڏني وئي هئي. ان طرح، رسول بخش پليجي طرفان، سنڌين جي قومي جدوجھد ۾، حڪمت عملي طور، لاهور ٺھراءَ واري پاڪستان جو جيڪو مطالبو ڪيو ويو ۽ ان لاءِ جناح جي جيڪا وڪالت (Advocacy) ڪئي وئي، اهو سڄو مامرو بلڪل جائز ۽ منطقي ڀاسجي ٿو. ان تحت، رسول بخش پليجي، سنڌ جي قومي سياست ۾، جناح کي سياسي ڪارڊ طور استعمال ڪيو ٿي ۽ اهو سياسي ڪارڊ وارو مامرو سياسي حڪمت عمليءَ وارو مامرو هو. اهو پاڪستان اندر قومن جي خودمختياريءَ واري ذيلي مقصد سان ڳنڍيل مامرو هو. ان تحت، رسول بخش پليجي پنھنجي’سوشلزم‘ واري ڪُلي مقصد کي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو. هُو، هُن جي پارٽي، هُن جا ڪارڪنن، هُن جا پيروڪار ۽ هُن جا فڪري ساٿي انهي حڪمت عملي ۽ طريقي ڪار تحت سرگرم رهيا آهن. سنڌ جا اخباري دانشور ۽ ڪالم نويس، جيئن ته، جناب رسول بخش پليجي جي انهي حڪمت عملي ۽ ان تحت هُن جي فڪر جي جدليات کي سمجهڻ کان محروم آهن؛ اُن ڪري، اهي، سنڌ ۾، جناح کي رسول بخش پليجي سان ڳنڍي، جناح بابت ۽ پڻ رسول بخش پليجي بابت اهڙيون ته لغڙائي ڳالهيون ڪن ٿا، جن جو معروضيت سان ڪو به واسطو ناهي.
ھلندڙ