فطرت سان پيار ڪندڙ عبدالمنان جوکيو، جنھن اُٺ سواريءَ کي پنھنجي سڃاڻپ بڻايو!

جسارت الياس

مالماڙي جي سرزمين جتي عالمن، اديبن ۽ شاعرن سان گڏ سگھڙ ۽ ھرفن مولا ڪردارن کي جنم ڏنو، اتي سنڌ جي ثقافت سان پيار ڪندڙ املھ ماڻھو پڻ هن مردم خيز سرزمين جي ڪُک مان جنميا. اھڙن املھ ڪردارن ۾ شاعرِ ڪوھستان حضرت باغ محمد ‘بيشڪ‘ جوکيو جن جو ننڍو فرزند عبدالمنان پڻ شامل آھي، جنھن سنڌ جي ڪوھستان جي ناياب ثقافت جي ھڪ رنگ "اٺ سواري” کي پنھنجي سڃاڻپ بڻايو آھي.

پنھنجي زندگيءَ جي محبوب چيز اٺ کي قرار ڏيندڙ عبدالمنان جوکيو ھڪ نرالي ڪردار جي حيثيت رکي ٿو، جنھن سنڌ جي ڪاڇي کان ڪوھستان ۽ ٿر ننگر کان وٺي ھند جي سرحدن تائین اٺن کي پنھنجو ٻيلي ڪندي پنڌ ڪيا.

ڪَرَها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ،

منھنجو هلڻ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ،

توکي چندن چاريان، ٻيو وڳ لاڻِي کاءِ،

اِئين اُٺَ! اُٺاءِ، جِيئن هوندِيءَ رات هُتِ مِڙُون.
(شاھ)

هو رڳو اُٺ سواريءَ جو شوقين مڙس ڪونھي، پر ان سان گڏ اٺن پالڻ جو تجربو ۽ اٺن بابت سندس وسيع ڄاڻ ڏسي کيس ان کيتر جي انسائیڪلوپيڊيا چئجي تہ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو. اٺن سان سندس بي انت چاھ سچ پچ تہ کيس هڪ نيارو ڪردار بنايو آهي.

مالماڙيءَ جي جبلن ۾ مھينن جا مھينا اٺ سان گڏ پنڌ ڪندڙ، اٺ جي بيماريءَ ۾ اٺ سان گڏ ڳوڙھا ڳاڙيندڙ سنڌ جي مشھور سگھڙ شاعر ڪوھستان باغ محمد بيشڪ جي ننڍي فرزند راقم الحروف جي مامَي عبدالمنان جوکيي کي ان وقت ڏسو، جڏھن ھو اٺ کي پلاڻي ان مٿان لانگ ورائي چڙھندو آھي، تہ ان وقت ڪوھستان جي نرالي ۽ حسين و جميل ثقافت جا رنگ نکرجي نظر ايندا آھن. خاص ڪري اٺ تي چڙھي سنڌي پڳ ٻڌل ھي سنڌي جوان جڏھن مولود، مداح يا غزل پڙھندو آھي، تہ دل کي وڻندڙ منظر ڏيک ڏيندا آھن.

راقم الحروف جڏھن ماما عبدالمنان کان اُٺ سان ان عشق بابت پڇيو تہ آخر ڪھڙو سبب آھي جو اٺ کي ھو پنھنجو محبوب سمجھي ٿو؟ تہ ھن کلي ڪري جواب ڏنو "اٺ سان پيار ۽ ان جي سببن کي لفظن مِ بيان نہ ٿو ڪري سگھان.”

لَکِ لاکِيڻو ڪَرَهو، ڪوڙين ڏيئي ڪاهِ،

ايلاچِيُون آهُرَ ۾، پُوڄَ مَيي کي پاءِ،

ڪَٿ نہ ڪَندو ڪاءِ، جُہ پَلاڻيو تہ پِرِينءَ مِڙي!
(شاھ)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close