گلقند : قاضيءَ جو ڪٺل ڪڪڙ کي اڏائڻ

شبير احمد قريشي

هڪ شخص ذبح ٿيل ڪڪڙِ  (مرغي) کڻي، مرغيءَ  واري دڪان تي آيو ۽ مرغيءَ واري کي چيائين تہ کل لاهي مرغيءَ جو گوشت ٺاهي ڏي، تو کي اجورو ڏيندس.
مرغيءَ واري چيس تہ اوهان بازار مان چڪر چاڙي هڻي اچو، تيستائين آئون مرغي ٺاهي ٿو رکان.
انهيءَ وچ ۾  شھر جي قاضيءَ جو اتان گذر ٿيو، جنھن کي ڪا تڪڙ هئي، سو سامهون ذبح ٿيل مرغيءَ طرف اشارو ڪري چوڻ لڳو تہ اها مرغي مونکي ٺاهي ڏي!
مرغيءَ واري جواب ڏنو: سائين هيءَ مرغي وڪري جي ناهي، بلڪ هڪ گراهڪ جي آهي، جيڪو ٺاهڻ لاءِ رکي ويو آهي.
قاضيءَ وراڻيو تہ مون وٽ  ٽائيم ناهي، اها مرغي مون کي ٺاهي ڏي، گراهڪ کي چئجانءِ تہ مرغي اڏامي وئي!!
"سائين ڪٺل مرغي بہ ڪڏهن اڏاڻي!؟”
"تون کيس ائين چئجانءِ.. وڌ ۾ وڌ توتي دانھيندو، ڪيس ڪندو… ڊڄين ڇو ٿو.. مان ويٺو آهيان نہ……”
الغرض تہ قاضي مرغي کڻي روانو ٿي ويو..

مرغيءَ جو مالڪ پھتو، اها ڳالھ ٻڌائين تہ تپي باھ ٿي پيو..
ٺيڪ ٺاڪ جهيڙو ٿيو…
ذري گهٽ تلھار جي سمبوسن ۽ چٽڻيءَ واري مھاڀاري جنگ جھڙو جهيڙو…
دانهن ڪورٽ ڪچهريءَ تائين وڃي پهتي..
قاضيءَ سوموٽو تحت سخت نوٽس وٺندي، ٻنھي کي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو.

ٻَئي فيصلي لاءِ قاضيءَ وٽ وڃن پيا، تہ واٽ تي هڪ يھودي ۽ هڪ مسلمان جو تڪرار پئي هليو، مسلمان پادر پئي کاڌا. مرغيءَ واري دڪاندار کي مسلماني جوش آيو، سو جهيڙو ٽارڻ لاءِ وڃي وچ تي پيو، سندس هٿ زورائتو وڃي يھوديءَ جي اک تي لڳو،  يھوديءَ جو دوڏو نڪري پيو..
بنا سبب جي هي هڪ ٻيو ڪيس بہ اچي ڳچيءَ ۾ پيس.. ماڻهو گڏ ٿي ويا، پوليس پهچي وئي، سڀ گڏجي کيس گهليندا عدالت طرف وڃڻ لڳا.
مرغيءَ وارَي خيال ڪيو تہ مرغيءَ جي ڪيس ۾ تہ قاضي صاحب منھجو ڪجهہ نہ ڪجهہ بلو ڪري ها، پر هن ڪيس ۾ مون کي ڪونہ ڇڏيندو.. ضرور بدلي ۾ منھنجي بہ اک ڪڍندا، اهو سوچي  ڊپ مان پاڻ ڇڏائي وٺي ڀڳو.
پوليس بہ پويان تہ ماڻهو بہ پويان..  سامهون هڪ مسجد نظر آيس تہ ان ۾ گهڙي ويو، جڏهن ماڻهو هن کي پڪڙڻ لاءِ مسجد ۾ گهڙيا تہ سامهون ڏاڪڻ نظر آيس، همراھ ڏاڪڻ تان ٽپا ڏيندو مينار تي مٿي چڙهي ويو. ماڻهو اتي بہ پهچي ويس. هن جان بچائڻ لاءِ مينار تان وٺي جو ٽپو ڏنو، تہ عين ان وقت هڪ ڇوڪر پنهنجي ضعيف پيءُ کي وٺي هيٺان لنگھيو پئي، مرغيءَ وارو ڌُو وڃي ان جي مٿان ڪريو. هن کي ڪجهہ ڪو نہ ٿيو، پر پوڙهو ﷲ کي پيارو ٿي ويو. هاڻي هي ٿيس ڪيس نمبر ٽيون..

نيٺ ملزم کي گرفتار ڪري قاضيءَ صاحب جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو..
قاضي صاحب مرغيءَ واري کي ڏسي مرڪيو. جڏهن فردِ جرم عائد ٿي، تہ ٽي ٽي ڏوھ ڏسي قاضيءَ جي بہ مٿي تي هٿ اچي ويا، مرغيءَ واري سان  مرغيءَ واري ڪيس مان تہ جان بخشيءَ جو واعدو ڪري چڪو هو، پر هاڻ ڇا ڪري…
قاضي بہ هجي ڪو تمام هوشيار ۽ چالاڪ، ڪجهہ گهڙيون ماٺ رهي, ڏيکارڻ لاءِ قانون جي ٿلھن ڪتابن کي اٿلائيندو پٿلائيندو رهيو..
نيٺ حڪم ڪيائين تہ هر ڪيس واري واري ٻڌو ويندو.

پھرين گراهڪ پيش ٿيو، الزام تہ ڪٺل مرغي اڏامي وئي!
جج کيس چيو: اڙي! تون مسلمان آهين!؟
"جي سائين..”
"تون مرڻ کان پوءِ زنده ٿيڻ ۾ يقين رکين ٿو؟”
"جي سائين..”
"تنھنجو ايمان آهي تہ مٽي ٿيل گوشت وري ڀُريل هڏين تي چڙهندو، هر جناور پکي پکڻ وري جيئرو ٿيندو!؟”
"جي سائين..”
"پوءِ ڪٺل ڪڪڙ جي جيئرو ٿي اڏامي وڃڻ ۾ ڪهڙو شڪ اٿئي!؟ …هونئن بہ سڄي فساد جي جڙ تون ئي آهين نڀاڳا!”
فريادي لاجواب ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو  تہ هاڻي مورڳو جج مون کي نہ سزا ٻڌائي، سو ڪيس تان ئي هٿ کڻي ويو.

هاڻي پيش ٿيو يھودي.
"سائين هن منھنجي اک ڪڍي آهي، مون کي قصاص ڏياريو ۽ انصاف موجب هن جي هڪ اک ڪڍو.”
جج وراڻيو:
"تو سان انصاف ٿيندو، برابر ٿيندو.. پر غير مسلم جو ديت (ڏنڊ) اڌ ٿيندو آهي، اسان مرغيءَ واري جي اڌ اک ڪڍي نہ ٿا سگهون. تنھنڪري ان مسئلي جو سھڻو ۽ سولو حل اهو آهي تہ هي مرغيءَ وارو تنهنجي ٻي اک بہ ڪڍي، پوءِ تنھنجي بدلي ۾ اسان سندس هڪ اک ڪڍنداسين”
يھودي ڊڄي ويو تہ ماڳھين ٿا انڌو ڪن، سو اک بچائڻ لاءِ ڪيس تان هٿ کڻي وٺي ڀڳو.

هاڻي نوجوان ڇوڪر آيو، دانھن ڏنائين تہ حضور بابو بي گناھ ماريو ويو آهي، مون کي انصاف ملي..
جج وراڻيو:
"انصاف ملندو، برابر ملندو.. تون هيئن ڪر، جو انهيءَ مسجد جي مينار تي چڙهي وڃ.. ٺيڪ ساڳي جاءِ تي هيٺ مرغيءَ وارو بيھندو، تون ان جي مٿان مينار تان ٽپو ڏي، مرغيءَ وارو مري ويندو، توکي انصاف ملندو.”
ڇوڪرَي ڊڄندي عرض ڪيو "حضور هيٺ بيٺل مرغيءَ وارو جي هيڏي هوڏي ٿي وڃي، تہ منهنجو تہ ڪو بہ هڏ سلامت نہ رهندو، مان مري بہ سگهان ٿو..”
"اهو تنهنجو مسئلو آهي، منهنجو ڪم آهي انصاف ڪرڻ”
ائين نوجوان فريادي بہ جان بچائڻ لاءِ ڪيس تان هٿ کڻي ويو ۽ مرغي وارو باعزت بري ٿي ويو… وڃي ٿيا ست خير!

حاصل مراد:
جيڪڏهن اوهان وٽ قاضيءَ (جج ، منصف) کي ڏيڻ لاءِ مرغي آهي، تہ قاضي ڪُٺل ڪڪڙ کي اُڏائي بہ اوهان کي بچائڻ جو هنر ڄاڻي ٿو.
وڃي ٿيا چوڏھن خير!!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close