نوَٽِڻ- سنڌي سڀيتا جي گهريلو راند

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

راندين جي ڍنگن کي ٻن گروهن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ: گهريلُو (indoor)، ٻيو: ٻاهريلُو (outdoor). گهريلو رانديون، گهر ۾، ڪمري ۾، ڇتِ هيٺان يا هڪ هنڌ بنا ڪنھن ڊڪ ڊوڙ جي کيڏي وينديون آهن، جھڙوڪ: چوپڙ، لوڊو، تاس وغيره؛ جڏهن ته ٻاهريلُو رانديون، گهر کان ٻاهر ڪنھن ميدان يا کلي آسمان هيٺ، ڀڄ ڊڪ سان کيڏي وينديون آهن، جيئن: اِٽي ڏڪرُ، ڦِر ڦِر سونٽو، ڪٻٽي وغيره.

نَوَٽِڻِ راند جي کيڏاريءَ جي ماهر کي ’ٽڻڪُ‘ به ڪوٺيو ويندو آهي. نَوَٽِڻِ، بنيادي طور سنڌي گهريلو راند ڪوٺي ويندي آهي. آهي ته گهريلو راند، ليڪن ان جي کيڏندڙن ۾ ڇوڪريُون يا زائفون نه، بلڪ ڇوڪرا يا مرد کيڏندا آهن. زائفن جي کيڏڻ ۾ عار ڪونھي، ليڪن جيئن ته سنڌي سماج ۾ ڪمن جي ورهاست هوندي آهي، ان لاءِ ڇوڪريُون يا زائفون هن راند کي وقت وڃائڻ سمجهنديون رهيون آهن، ان لاءِ هن راند جي کيڏڻ جو انھن کي وقت ئي نه ملندو آهي.

هيءَ راند سنڌي سڀيتا ۾ اهم جاءِ والاري ٿي، ان لاءِ ته هن جو کرو پتو، مھين جي دڙي کان به اڳ جو ٻڌايو پيو وڃي. هيءَ راند جيئن ته شطرنج سان مشابھت رکي ٿي، ان لاءِ شطرنج کي به نَوَٽڻِ مان ڦٽل سمجهجي ٿو. مھين جي دڙي مان شطرنج جا مُھرا به لڌا آهن، گڏو گڏ نَوَٽڻِ جو خاڪو به مليو آهي؛ جنھن مان اندازو ڪيو ٿو وڃي ته نَوَٽڻ، مھين جي دڙي جي سڀيتا کان به اڳ جي گهريلو راند آهي.

گهڻي ڀاڱي، وڏڙن گهريلو راندين کان وڌيڪ ٻاهريلُو راندين کيڏڻ جي تاڪيد ڪئي آهي، ان لاءِ گهريلو راندين کي نڀاڳ ۽ ندورائيءَ ۾ شامل ڪيو آهي. جيئن ته ٻاهريلُو راندين ۾ جسماني ڪسرت رهي ٿي، ان لاءِ هر جيءَ لاءِ ڪارائتي آهي، ليڪن جيئن ته گهريلو راندين ۾ وقت جو پتو نه ٿو پوي ۽ ڪمي ڪاسبي راندين ۾ سيڙيو ويٺو هوندو، ان لاءِ ان کي ندورائي ڪوٺيو ويو آهي. جيڪڏهن وقت جو قدر ڪجي، ۽ وقت سِر ڪم ڪجي، ته پوءِ اهڙين راندين کيڏڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي.

مون جڏهن 1984 ۾ بِي. اَي جو امتحان ڏنو ته سنڌي لازميءَ جي نصاب ۾ ’چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا‘ جو اڀياس به شامل هئو. ان ۾ هڪ مضمون: ’نَوَٽڻِ‘، ’مَنُو تولارام گدواڻي‘ جو لکيل هئو. ڇا ته مضمون ۽ ان جي ٻولي آهي! تڏهن پڙهندا به بي دليا هئاسين، پر جڏهن اهو مضمون پڙهيو ته ’نوَٽڻِ‘ راند جي اهميت ۽ ٻوليءَ ۾ ان جي ڪارج جو پتو پيو. وري ان جي خاڪي جو تير پتير سان بيان ته مرڳو ڳھر ڏياري ڇڏيو.

ننڍپڻ ۾ ٽپن ڪڏن ۽ ڊڪ ڊوڙ واريون رانديون ته ڏاڍيون کيڏيوسين، پر گهريلُو رانديون گهٽ کيڏيونسين، ڇاڪاڻ ته بابا سائين جهليندو هئو ته لوڊو يا تاس وغيره واري راند نه کيڏو. ان لاءِ وس ڪري، گهريلو رانديون ڪونه کيڏندا هئاسين.

مون ننڍپڻ ۾ نَوٽڻ راند پنھنجي ناني زوار ڪريم بخش کي کيڏندي ڏٺي، ان لاءِ مون ۾ به اتساھ پيدا ٿيو ته اها راند مان به سکان. راند کيڏندي ڏسي، مزو ايندو هئو. ڪيڏي ڪيڏي مھل ڳَوٽ جي چال هلائڻ لاءِ ٻه- ٽي منٽ ويھي سوچيندا هئا، ته مان انھن کي ڏسندو هيم، ته اهو ڇا ٿا سوچين. جڏهن وري ٽِڻُ ٺاهي، ٻئي جي ڳوٽ ماريندا هئا، ته مان اچرج ۾ پوندو هيس ته اهو ڳوٽ کي مارين ڪيئن ٿا!

هڪ ڀيري، چاچي محمد جمن (موٽو بابو) کي اچي راند جو احوال ڏنم، موٽي بابي مون کي خاڪو ڪڍي، ڳوٽن جي ورهاست ڪري، اهڙو ته ڪاريگريءَ سان سيکاريو جو پوءِ نوَٽڻِ جو ڄاڻو ٿي ويم.

هن راند کيڏڻ ۾ ٽَڪي جو به خرچ ناهي، جتي اچي، اتي ليڪا ڪڍي، جيڪا به ذري پرزي هٿ لڳي، بس اهي ڳوٽون يا ساريون سڏبيون. هيءَ راند ته ٻن ڄڻن ۾ ٿيندي، پر ٻيا رونشي ڪوڏيا به ويٺا ڏسندا. نه رڳو ڏسندا، پر رهيو ڪونه ٿيندن، پنھنجي گهڻگهري کي وتندا صلاحون ڏيندا، جنھن تي ٻئي ڀيچيءَ ۾ ڪروڌ به پيدا ٿيندو آهي. ان هوندي به هروڀرو، هڪٻئي جي ڄنڊن ۾ هٿ ڪونه پوندن.

هيءَ راند ڍاري واري داءَ تي نه رهندي آهي، بلڪ سڄي ساري ذهني ڊوڙ تي آهي. چوپڙ يا لُڊو داءَ تي رهندي آهي، جنھن ۾ پنھنجو وس هلندو ئي ناهي، پر نوَٽڻ راند پنھنجي هٿ ۾ هوندي آهي. جيڪڏهن ڪنھن کَٽي تي پنھنجي ذهن پٽاندر کٽيندو، جيڪڏهن ڪنھن هارِي ته سمجهو پنھنجي ڪيل چُڪ پٽاندر هارائيندو. يعني کيڏندڙ ايئن ڪونه چوندو ته منھنجي قسمت کوٽي هئي يا ٺيڪ داءُ نه لڳو! بلڪ چوندو ته فلاڻي هنڌ مون کان چُڪ ٿي.

نوَٽڻ راند جي خاڪي ٺاهڻ لاءِ ماڻهوءَ کي ڪنھن به قسم جي جهنجهٽ ۾ ناهي پوڻو. بس پَٽ يا هموار زمين تي ليڪن ڪڍڻ لاءِ ڪا وَٿُ هٿ اچيس، جيئن: ڪوئلو، چوني جو چاڪ يا ٻورو، ڪا ٺِڪرِي جنھن سان زمين ۾ اڪريل ليڪا ڪڍي سگهجن، ٻيو نه ته ڀلا پاڻيءَ جي توتڙِيءَ سان ليڪا ڪڍي به خاڪو ٺاهي سگهجي ٿو. ڳوٽُن يا ساريُن لاءِ به جيڪو ڪجهہ سامهون آيو، رڳو نوَ نوَ سھڃاريون وٿون هجن. ڪي ٺڪرين جون ذريون هٿ آيون، ته ٻئي لاءِ تيليُن جون ڇيتيون؛ ڪن کي ڪتل جون کوکڙيون آيون ته ڪن کي ٻيرن جون کوکڙيون؛ ڪن کي ڪوئلن جون ذرڙيون هٿ آيون ته ڪن کي ڪاٺين جون کَلون؛ ڪن کي پٿريون هٿ آيون ته ڪن کي ڀينڊ جون ذريون؛ ڪن کي پَن هٿ آيا ته ڪن کي پني جون ٽڪريون؛ مطلب ته ڳوٽن لاءِ ڪا به لاچاري کڻڻي ناهي.

خاڪي جي بيھڪ ۾ ٽي چَونڪ، جيڪي هڪٻئي جي اندر پوروڇوٽيءَ سان بيھاريا ويندا آهن. انھن جي چئني پاسن جي وچ کان اهڙيون چار ڪمانيون بيھاربيون، جن مان هرهڪ ٽنھي چَونڪن کي وٺي بيھنديون. اهڙي بيھڪ کان پوءِ انھن ڪمانن سان اٺ ٽواٽا بيھندا (چار ٻاهرئين چَونڪ جي وچ وارا ۽ چار ننڍي ۾ ننڍي چَونڪ جي وچ وارا)، جڏهن ته اندرئين وچ واري چَونڪ جي پاسن کان چار چَوواٽا/ چَوسول ۽ ٻارهن گوني ڪنڊون ٺھي بيھنديون. يعني ٽنھي چَونڪن جون ٻه واٽي ڪنڊون بيھنديون ئي ٻارهن! ايئن ڳوٽن رکڻ جا ڪل چوويھه هنڌ نروار رهندا. جيڪڏهن نوٽڻ جي خاڪي کي جي ٽڻن کي ڏسبو ته سورهن ٽِڻ بيھي سگهن ٿا. ڳوٽ رکڻ جا ڪل هنڌ ته چوويھ آهن، پر راند کيڏندڙن جون ڳوٽون ته ڪُل ارڙهن آهن، ان صورت ۾ جيڪڏهن خاڪي پٽاندر ارڙهن ڳوٽون رکجن ته ڇھه هنڌ سکڻا رهندا. ل

اهي سکڻا ڇھ هنڌ نھايت ضروري آهن. جيڪڏهن اهي سکڻا هنڌ نه هجن ته داءَ هلڻ لاءِ ڳوٽون اڳتي پوئتي ڪيئن ڪجن! ڇو ته کيڏاري ڳوٽن جي چال اهڙي هلندا آهن، جو اڳلي جي ڳوٽون هلڻ کان ڦاسي وڃن ته جيئن اڳلي کي مات ڏيئي سگهجي. جي سکڻا هنڌ نه هجن ها، ته راند اڳتي ئي نه ٿئي ها. ان لاءِ اندازو ٿئي ٿو ته هيءَ راند، هڪ وڏي سڌاري جي مرحلي مان گذري هڪ اهڙي حالت ۾ بيٺي آهي، جتي ڪنھن کي گهٽ وڌ ڪرڻ جي گهرج پيش نه آئي آهي. هن وقت راند جنھن بيھڪ سان راند کيڏجي ٿي، ته ان ۾ ڪنھن به سڌاري جي گنجائش نه رهي آهي. اهو ڳوٽن جي انگ ۽ نوَٽڻ جي گهرن جي بيھڪ کي طئي ڪري هڪ بيھڪ ڏيڻ به ڪمال جو ڪم آهي.
ٻه رانديگر نوَ نوَ ڳوٽون هٿ ڪندا، ليڪا ڪڍي خاڪو ٺاهيندا، بس ڪندا شروع! پھريون ڪير رکي، ان تي به ڪا گيھاند ڪونه ٿيندي، بس جيڪو اڳي رکي. پوءِ ڍنگ اهو رکبو ته جيڪو هارائيندو ته اهو اڳ ۾ رکندو؛ ڇاڪاڻ ته پڇاڙيءَ واري ڳوٽ رکڻ نھايت اهم هوندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن اها پڇاڙيءَ واري ڳوٽ ئي سڄي راند جو منھن ڦيري ويندي آهي. ان لاءِ آخري ڳوٽ رکڻ لاءِ کٽيندڙ کي وارو ڏنو ويندو آهي.
ڳوٽن رکڻ جي شروعات ڪي هڪ هڪ ڳوٽ رکڻ سان ڪندا آهن، ته ڪي وري ٻه ٻه ڪري رکندا آهن. گهڻا ته ٻه ڳوٽون اهڙي انداز سان رکندا آهن، جو جڏهن ٽين ڳوٽ رکجي ته ان جي ٻنهي پاسن کان ٽِڻ ٺاهڻ جي چال ٺھي بيھي. اڳلو هڪ پاسي ٺھندڙ ٽِڻ کي ٻنجو ڏيندو ته ٻئي پاسي ٽِڻ ٺھي ويندو. اهي منڍ وارين ڳوٽن جا ٽي ڍنگ ٿيندا آهن، هڪ: ڪنھن به چَونڪ جي ٻن آمھون سامھون وارين ڪنڊن تي رکبيون، بعد ۾ ان جي ڪنھن به پاسي يا ڪنڊ کان هڪ ڳوٽ رکبي ته ٻنهي پاسن کان ٽڻ جو امڪان رهندو؛ ٻيو: ڪنھن به چونڪ جي هڪ ڪنڊ کان ۽ ان جي پاسي کان وچ واري ڪمان جي ڪنھن به هنڌ رکبي، بعد ۾ ٻنھي جي ملندڙ ڪنڊ کان هڪ ڳوٽ رکبي ته ٻنهي پاسن کان ٽڻ جو امڪان رهندو؛ ٽيو: وري ڪي سگهڙ اهڙي چال سان رکندا آهن جو اڳتي هلي، ٽڻ جي سولائي به ٿئي ته اڳلي جون ڳوٽون به چرڻ پرڻ کان هلاک ٿي وڃن.

هڪ هڪ ڳوٽ رکڻ لاءِ ويچار ڪيو ويندو آهي ته جيئن ڳوٽن جي ورهاست ڪارائتي رهي. پڇاڙيءَ واري ڳوٽ ڏاڍي ڌيان سان رکي ويندي آهي. جنھن کي پڇاڙي ڳوٽ رکڻ جو وارو مليو ته ان جي کٽَ سولي ٿي ويندي آهي. ڪٿي ته وري ان جي ابتڙ به ٿي ويندو. اهي چالون آهن ته پنھنجي هٿ ۾، ليڪن پوءِ به چُڪ ٿي ويندي آهي. ايئن به ٿيندو آهي ته ڳوٽ ۾ هٿ وجهي، چورِڻ کان پوءِ هلائيندڙ جا هٿ ڪٽجي ويا؛ پر ڪڏهن ڪڏهن اڳلي کي منٿ ڪري واپس به ڪري ويندو آهي. اهڙي منٿ کي جيڪڏهن اڳلي مڃيو ته ٺيڪ، نه ته هروڀرو هٿ نه کڄندا. راند هلندي ئي ميٺ محبت سان!

جڏهن هڪ ڀيچي ٽڻ ٺاهي وٺندو، ته اڳلي جي ڳوٽن مان ڪا به اهڙي ڳوٽ ماري کڻندو، جنھن سان ان کي رَنڌڻَ اچي وڃي. ايئن ڳوٽن جي کوٽ سان ڄڻ سپاهين جي کوٽ ٿي ويندي، ۽ اڳلو وائڙو ٿي ويندو. ڳوٽن جي چور پور کان پوءِ ڪنھن سگهڙ رانديگر جي اهڙي به بيھڪ بيھندي آهي، جو رڳو هڪ ڳوٽ کي اڳتي ڪندو ته به ٽڻ، جيڪڏهن ساڳي ڳوٽ کي واپس ڪندو ته به ٽڻ، ان اهڙي چال کي ٻيگهي چوندا آهن. اهو ڪمال رڳو پنجن ڳوٽن جو هوندو آهي. هڪ پاسي ٽڻ ٺھيل هوندو ته ٻئي پاسي ٻه ڳوٽون بيٺيون هونديون، وچ ۾ يا پاسي ۾ بس هڪ ڳوٽ جي چرڻ جو رستو هوندو، جنھن سان هر هر پيو ٽڻ مچندو. اها جنھن جي به ٻيگهي مَتي، تنھن جھڙوڪر کٽيو. ڪي سگهڙ رانديگر اهڙا به هوندا آهن جو ٺھيل ٺڪيل ٻيگهيءَ جي ڳوٽن جي چرپر کي ٻنجو ڏيئي ڇڏيندا آهن ۽ ان موقعي تي ان جو هڪ ٽڻ به اڳلي جا ڪم لاهي ڇڏيندو.
ڪي سگهڙ ڀيچي اهڙا به هوندا آهن، جيڪي ٽڻ جي چڪر ۾ ئي نه پوندا آهن، رڳو اها ڳالهه ڌيان ۾ هوندي اٿن ته اڳلي جي ڳوٽُن جي چرپر کي ٻنجو ڏيئي، ڪيئن ڦاسائجي. بس پوءِ ته اڳلي جا رٿيل ٽڻ ۽ ٻيگهيون ئي بيڪار، وتي اوٻاسيون ڏيندو. جڏهن ڳوٽ ئي چوري نه سگهندو ته ٽڻ ۽ ٻيگهيون ڪھڙي ڪم جون! ڪي ته وري ڳوٽن جي بيھڪ ۾ ٻٽي ٻيگهي به ٺاهي وٺندا آهن، ان لاءِ ظاهر آهي ته اڳلو ڀيچي ايڏو، ذهني طور، ايترو هيڻو هوندو تڏهن ئي ممڪن آهي.
هن راند سان سلھاڙيل ڪافي لفظ ۽ محاورا سنڌي ٻوليءَ جي سونھن آهن:
• ٽِڻ ٺھڻ
• ٽِڻ ٽٽڻ
• ٻيگهي مچڻ

(الطاف جوکيو جي فيسبڪ وال تان ورتل، ليکڪ جي ٿورن سان)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close