صحت جي سهولتن لاءِ پتوڙيندڙ ڪردار ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي

غضنفر سولنگي

زندگي جي رڳ تي هٿ رکندڙ ڪردار جيڪي هميشه سياري جي موسم ۾ ماڪ جي ڦڙن جيان پاڪ ۽ صاف شفاف هوندا آهن۔ جن جي حياتي جو چرخو هلندو ئي انهي سوچ تي آهي ته سڄي سنسار کي سکيو ستابو ڪيئن ڪجي ۽ ماحول مان مايوسين کي ڪيئن ختم ڪري خوشين جا گلاب پوکي دنيا ۾ ئي ماڻهن جي دعائن ۾ رهجي۔

سونهاري سنڌ ۾ ڪيترائي ڪردار اهڙا آهن، جن پنهنجي عمل ۽ ڪردار ۾ محنت کي شامل ڪري ماروئڙن جي خدمت ڪئي آهي. اهڙن انسانن کي زندگي ۾ ئي مان مرتبو ملڻ گهرجي ته هوند اهي به سُرها ٿي پون۔

ڳوٺ مليهراڻي سولنگي جي چيڪي مٽي ۾ 6 جون 1963ع تي نصير محمد جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٽن ڀينرين کان پوء هڪ ٻار جو نالو رحمت الله رکيو ويو. هن جي شروعاتي تربيت ۾ سندس ڪڙمي والد ڪڏهن به وسان نه گهٽايو هيو. هن پرائمري جي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، جنهن کان ستت ئي پوء علائقي جي مشهور گڏيجي اسڪول مان ڇهين کان اٺين درجي تائين پڙهيو۔

1979ع ۾ مرد مجاهد ۽ ڳوٺ جي معزز شخصيتن ڊاڪٽر حاجي محبت سولنگي ۽ استاد حافظ محمد حسن جي صلاح سان کيس هنگورجه جي هاء اسڪول مان ميٽرڪ ۽ انٽر سائنس ۾ 1982ع ڌاري نوابشاھ مان ڪرائي وئي هئي۔

تعليم ۽ تربيت سان گڏ گڏ رحمت الله سولنگي پنهنجي بابا سائين جي ٻني باري جي ڪمن ۾ به خوب هٿ ونڊائيندا هيا. پنهنجي زمين ۾ ڳاھ ڳاهيندي علائقي جي خوشحالي ۽ مستقبل جي فڪر ۾ پڻ رهندا هيا. دل جي صاف ۽ اُجري هئڻ جو صلو رب پاڪ اهو ڏنس، جو 1990ع ۾ ايم بي بي ايس جي چانڊڪا لاڙڪاڻي ۾ ڏهين بيج ۾ سليڪٽ ٿي پهتو۔

ڳوٺن ۾ اڃا ڊاڪٽر ٿيڻ جو سماجي شعور ئي نه آيو هيو ۽ ڊاڪٽري جي تعليم هڪ ڏکيو ۽ ڪٺن ڪم سمجهيو ويندو هيو. تنهن دور ۾ رحمت الله سولنگي هڪ بهترين ڊاڪٽر ٿي پنهنجي ڳوٺ سميت شاھ جي مشين ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي سالن تائين خدمت ۾ مصروف رهيو۔
پنهنجي ڪچن گهرن ۽ عام غريب ماڻهن سان محبت ڪندڙ ڊاڪٽر صاحب جن راڻيپور شهر ٻارن جي بهتري ۽ مستقبل ۾ ڪجهہ اڳتي وڌي علائقي لاء فلاحي ڪم ڪرڻ لاء وسايو، جتي به شهرين جا محبوب ۽ مايا ناز ڊاڪٽر طور مشهور ٿيا جنهن جي هٿ ۾ خدا پاڪ جن شفا رکي هئي. اسان جي ننڍپڻ جا فيملي طبيب ۽ بابا محترم نشان سولنگي جن جا ڪافي پراڻا دوست، هڏڏوکي ۽ خير خواھ رهيا آهن۔

ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي سرڪاري ڊاڪٽر کان ترقي ڪندي تعلقي ۽ هاڻي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفسير (DHO) خيرپور طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن۔

ضلعي جي هن ايڏي وڏي ذميداري ملندي ئي امتحان شروع ٿي ويس. چوندا آهن ته ڏکيا حالات هميشه انهن ماڻهن جي حصي ۾ ايندا آهن، جيڪي انهن کي سٺي نموني حل ڪري نباهي سگهندا آهن۔

ضعلي خيرپور جي اٺن تعلقن ۾ 27 لک 26 هزار ماڻهو آباد آهن، جن مان سيلاب ۽ برساتن دوران 3 لک 60 هزار 600 ماڻهو بي گهر ٿيا. جن جي صحت ۽ سهولتون ڏيڻ ڊاڪٽر رحمت لاء هڪ ڏکيو ڪم ضرور هيو پر ناممڪن نه هيو. مينھن ۾ مرندڙ ماڻهن ۽ چوپائي مال کي هن ڏينهن رات پير پنڌ پٽ ڊاڪٽر رضوان سميت هلي بچايو. صحت سان گڏ ڳوٺن کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاء به ابل واھ گڏيجي کان مضبوط ڪري پاڻ نگراني ڪئي جنهن ته يقينن ڊاڪٽر صاحب جن جس لهن ٿا۔

ڏھ مهنن کان مٿي عرصو ڪم ڪندڙ DHO ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي PPHI، گمس، WHO، پنجاب حڪومت، سنڌ سرڪار ۽ تعلقي جي اسپتالن ۽ اسٽاف جو شڪريو ادا ڪيو آهي، جن ضلعي ۾ قيامت خيز ٻوڏ ۾ ماڻهن جي مدد ۽ خدمت ڪئي هئي ، خاص ڪريWHO جي ملڪي سربراه پالي ٿاما پائي جو احسان مڃيو جنهن ٺري ميرواه جي حالت زار اکين سان ڏٺي ۽ ضلعي ۾ موجود مائڙن جي مينهن دوران پيٽ جي بيمارين کي ختم ڪرڻ لاء دوائن سان گڏ مال امدد ڪئي هئي۔

ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي راڻيپور سميت ضلعي ۾ معزز ۽ پڙهيل لکيل شريف النفس شخص سمجهيو وڃي ٿو، جنهن پنهنجي محنت مزدوري سان پنجن پٽن م کي پڙهائي لکائي تربيت ڪري سرڪاري ڊاڪٽر طور لائق ڪيو آهي، سندس جي پرورش ڪري چار پٽ پنهنجي مڙسي ۽ محنت ڪري ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊاڪٽر ٿيا۔

پرُسڪون ۽ پُرڪشش رهندڙ هن ڊاڪٽر صاحب کي بهار جي موسم، ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي،جو هي شعر تمام گهڻو وڻندو آهي:
”جاڳڻ منجهان جس، آهي ادا جن کي
لاهي ڏي لطيف چئي متان قلب ڪس،
ورنھہ ڪجان وس، صبح ساڻ سيد چئي.“

پنهنجي اباڻي گهر کي پسند ڪندڙ هن محسن ڊاڪٽر کي زندگي ۾ گهڻو ڏک سندس مامي محمد حسن جي شهادت جو ٿيو آهي، جيڪو ASI طور 1985ع ۾ شهيد ٿيو هيو. والد جي وفات 2014ع ۽ پياري ڀاءُ جي وفات 2016ع ۾ به سندس جيءَ کي جهوري ڇڏيو هيو۔

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close