عام طور تي اسان ڳوٺ، ٻھراڙيءَ جي اھڙي جڳھ کي چئون ٿا، جتي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ٻه کن ڪچا يا پڪا گھر آباد ھجن ۽ انھن ۾ ماڻھو رھندڙ ھجن. مالماڙي مڪان ۾ اڄڪلھ جيڪي ڳوٺ آباد آھن، انھن ۾ ڳوٺ مالماڙي جا مختلف پاڙا جھڙوڪ؛ جانو بادل، قادواڻي، سکياڻي ۽ ليماڻي وغيره کان علاوہ مالماڙي مڪان جا ڪجھ ڳوٺ جيئن؛ ڳوٺ ليھار ٻنڌ، ڪارو جبل وغيره پڻ شامل آھن. انھن ڳوٺن ڀرسان ھاڻوڪي ضلعي ڄامشوري ۾ آيل ھڪ مشھور ڳوٺ جلالجي پڻ شامل آھي (جيڪو روينيو رڪارڊ مطابق ديھ ٻٻرٻنڌ ضلعي ڄامشوري ۾ اچي ٿو، جيڪا ديھ مڪمل جوکيا قبيلي جي مختلف ماڻھن جي آھي يا ڪجھ سال اڳ ھوندي ھئي، پر اڄ ان ديھ جا ھزارين ايڪڙ ڪيترن ئي جوکين پاڻ وڪڻي ڇڏيا آھن، جتي اڄ نوان نوان شھر پيا اڏجن)، جنھن ڳوٺ وارن جي پراڻي ۽ ھاڻوڪي مِٽي مائٽي مالماڙي ڳوٺ وارن سان آھي، جنھن جي ڪري ڳوٺ جلالجي جو ذڪر ڪرڻ تمام گھڻو ضروري سمجھان ٿي.
مالماڙي کان جلالجي ڳوٺ تقريبن روڊ تان ڦيرو ڪري وڃڻ مھل 6 کان 8 ڪلوميٽر ڏور پوي ٿو، جڏھن ته ان جو رستو ڳوٺ مالماڙي جي وچان ڏکيو پر اڃا به ويجھو آھي، جيڪو مالماڙي ۾ موجود مشھور ٽڪري لڪيءَ کان مٿان نڪري ٿو. لڪيءَ جي گھيڙ وچ مان ھڪ رستو اُٺن، ٻڪرين، ڳئون ۽ مختف پالتو جانورن جي اچڻ وڃڻ جي لاءِ به مخصوص آھي، جيڪو صدين کان ھتان جا مالوند مارو استعمال ڪندا پيا اچن.
ڳوٺ جلالجي تي نالو، چون ٿا ته ڪو بزرگ جلال شاھ نالي ھوندو ھو، ان جي ڪري پيو، پر وري به اھو ھڪ تحقيق طلب سوال آھي.
مالماڙي ڳوٺ ۾ علم جو سلسلو جلالجي ڳوٺ جي وڏڙن کان آيو، جڏھن ھتان جي مشھور استاد سائين جھان خان جوکيو کي سندس وڏڙن پڙھايو ۽ ھو مالماڙيءَ جي سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو، جنھن وڏي محنت ڪري ٻين کي پڙھايو، جن وري علم جا واھر وھائيا. مولوي سائين ضياءُالدين ۽ سائين محمد الياس ھمغم جھڙا جھونا ۽ ڪامياب استاد پاڻ سائين جھان خان جا شاگرد ٿيا. ان ڪري جلالجي ڳوٺ وارن سدائين مالماڙيءَ سان پنھنجي محبت جا سلسلا قائم رکيا آھن.
جلالجي بابت ھونئن ته ماضي، تاريخ سميت ڪيترن ئي عنوانن تي لکي سگھجي ٿو پر جيڪو مون پاڻ پنھنجي سانڀر واري وھيءَ ۾ ڏٺو، ھتي آئون اھو لکان ٿي.
جلالجي ڳوٺ مان مون ڪيترن ئي استادن کي لڪيءَ جي بُٺي تان جلالجيءَ کان مالماڙي روز وقت جي پابندي سان، پيرين پنڌ پيادل سفر ڪندي ڏٺو. جن ۾ مالماڙي ۾ ڪيترائي سال پرائمري اسڪول ۾ ھيڊماسٽر ٿي رٽائرڊ ٿيندڙ استاد سائين محمد رمضان جوکيو، مالماڙي ھائي اسڪول ۾ ڪيترائي سال استاد ۽ ھيڊماسٽر رھندڙ سائين حاجي اللھنواز خان جوکيو (جيڪو تازو 7 آگسٽ 2021ع تي وفات ڪري ويو)، سائين رحيم خان ولد جھان خان جوکيو (منھنجو مالماڙي ھائي اسڪول ۾ استاد، سؤٽ ۽ پڻ ايم ايس سي ۾ منھنجو ڪلاس فيلو رھيو) کان علاوه سائين محمد ياسين وغيره جھڙا استاد سڀ جلالجي کان مالماڙي، پنھنجن شاگردن سان گڏ روزانو صبح جي وقت تي تيار ٿي، گھيڙ جي وچ مان اڇن وڳن ۽ ڪارن واسڪيٽن (استادن جي مڪمل ڊريس ڪوڊ سان) سنڌي ٽوپي، اڇن رومالن ۽ گھڙيال جي جرڪڻ سان، علم ڏيڻ ايندي ويندي ڏٺم. انھي ئي رستي تان وري اسان جون مالماڙي ۽ جلالجيءَ جون نيڪ ۽ بزرگ مائرون، ڀينرون، پُڦيون، ماسيون ۽ ٻيون عورتون (خود اسين تڏھن ٻار ھيوسين پر وڏا پنڌ ڪنديون ھيوسين)، حياءُ ۽ لڄ ڀرئي ڪوھستاني لباس ۾ ملبوس ٿي، ڪاڄ راڄ دوران، گجن پٽن ۽ ٻانھن ۾ سونن زيورن سان، جرڪنديون ۽ ٻرنديون نظر اينديون ھيون. اھي منظر ھرگز نه ٿا وساري سگھجن، ڇاڪاڻ ته مون ايڏي سادگي ۽ محبت سان گڏ ادب، حياءُ ۽ اھڙي عزت اڄ جي ڪوئان ڪڄاڙي وقت ۾ بنھ ناھي ڏٺي!!
مون کي ياد آھي ته مالماڙيءَ جي ھن جاڙي ماڳ جلالجي ويندي، اسان پٿريلا رستا، ريلا، ڍورا، اڌوڪ، اڪ، ديويون، آڪنڊا ۽ ڏکيا لَڪَ لتاڙي ھليا ويندا ھئاسين. اڳيان ھڪ وڏو کانٽو ايندو ھو، جتان وڏ ڦڙو برسات ھوندي به تڪڙو نڪريو وڃبو ھو. ڀَڀن جو پڊ ھجي يا وري وڏي ڳاڙھي گھر وارو ڍورو يا نئين ھجي، اھو به اسين اُڪرڻ ۾ دير نه ڪندا ھئاسين ڇوته مٿان جبل جو پاڻي جي اچي وڃي ته ھوند ماڻھو ته ڇا پر اٺ به ٻڏي وڃي.
ھتان اسانجي ڳوٺن ۾ جن وٽ اُٺ جي سواري ھوندي ھئي ته اھي اجرڪ جي پٽڪن، بوسڪي جي وڳن ۾، اٺ جا پاکڙا اڏي، پنھنجن اٺن تي سواري ڪري ايندا ويندا ھئا. منھنجو مامو آري خان اڪثر پنڌ يا گڏھ جي سواري تي، حاجي ڪرم الدين، عبدالصمد عرف سوڍو خان، چاچا محمد بلاول ۽ مشھور اٺ جو شوقين عبدالمنان ولد باغ محمد بيشڪ جنھن سان گڏ سندم ڀاءُ عبدالحفيظ جھڙا جوان اٺن تي سفر ڪندا ھئا.
ھن وقت جلالجي ڳوٺ جا اڪثر گھر جيتوڻيڪ لڏي ڪري، مڪلي، گجو ۽ ٻين ماڳن ۾ مستقل ويٺل آھن پر ان باوجود سندن ڳوٺ جلالجي ھر سال، ڀرپور نموني اچڻ وڃڻ ٿيندو آھي. منھنجا جلالجي جا عزيز پڙھيل لکيل ۽ پنھنجي شعبن ۾ مڃيل ليکبا آھن، جيئن ماما دريا خان جوکيو (سابقه روينيو ماھر آفيسر)، موجوده مختيارڪار مقصود احمد ولد سائين محمد رمضان جوکيو، منھنجو استاد، سؤٽ ۽ پڻ ايم ايس سي جو ڪلاس ميٽ سائين محمد رحيم خان جوکيو، ڪمپيوٽر آفيسر ادا سلمان علي جوکيو، پوليس کاتي ۾ آفيسر ادا جميل جوکيو ۽ ٺٽي جي ايس ايس پي آفيس ۾ فرض شناسيءَ سان ڊيوٽي ڏيندڙ پوليس ملازم ادا امتياز احمد جوکيو وغيره شامل آھن.
جلالجي سان ڪيتريون ئي يادون سلھاڙيل اٿم، چاچا حسڻ خان جي گھوڙيءَ تي شاديءَ مھل گھوٽ جڏھن چڙھندو ھو ته اھي منظر دل کي ڏاڍا وڻندا ھئا. منھنجي پياري پُڦي مجيدان ٻائي، جيڪا جلالجي ۽ مالماڙيءَ جي مشھور استاد سائين جھان خان جوکيو جي زوجه ھئي، سان منھنجي وڏي لڳندي ھئي. سندس محبت ڀريا ٻول منھنجي ڪنن ۾ اڃا به گونجن پيا. ان کان علاوه ھن ماڳ جي وڏن گھاٽن وڻن سان گڏ مينھن ڦڙي کان پوءِ ٿيندڙ ساوڪ جي پوشاڪ، ٿڌڙين ھوائن جون ساروڻيون ساريان پئي. ان ڪري جلالجيءَ سان جيءُ لڳي! مالڪ شل اسان جي انھن ڳوٺن ۽ واھڻن کي سدائين آباد رکي.