ڪارپوريٽ ڪلچر ۽ غلامي جو نئون دور

ڊاڪٽر غفور ميمڻ

آزادي ۽ ڇڙواڳي ۾ صرف اهو فرق آهي ته آزادي ۾ قانون ، ڊسپيلن، ضابط اخلاق هوندا آهن پر ڇڙواڳي ۾ ڪو به قانون نه هوندو آهي، ڪو به قدر يا روايت نه هلندي آهي. هن وقت سڄي دنيا کي ان خوشفهمي ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي ته انسان آزاد آهي، دنيا ترقي پيئي ڪري.. پر حقيقت ۾ انسان خطرناڪ غلامي ۾ ڦاسي چڪو آهي. اها غلامي مافياز جي آهي. اڳ عالمي سامراج هو. ملڪي سامراج دنيا جي ملڪن تي قبضو ڪندا هئا. پر هاڻي ملڪن اندر مافياز آهن جن جو اثر رسوخ ملڪي نه پر سڄي دنيا آهي.

مافيا جو ڪو ملڪ ناهي، هو سڄي دنيا ۾ موجود آهن انهن جي پنهنجي فوج آهي. انهن جا پنهنجا مالياتي ادارا آهن. سڄي دنيا جي ميڊيا انهن جي پنهنجي آهي. عالمي ادارا دنيا جي ملڪن کي غلام بنائي رکڻ لاءِ انهن کي قرض ڏيندي آهي. انهن کي ڪرپشن جا موقع ڏيندي آهي. جيڪي نه مڃيندا آهن انهن ملڪن ۾ هو دلال خريد ڪري انهن کان بغاوت ڪرائيندا آهن. نام نهاد انساني حقن جي تنظيمن ذريعي اتي مظاهرا ڪرائي انهن کي بدنام ڪندا آهن. دنيا جون 20 وڏيون ڪارپوريشنز جي سالياني ڪمائي ٽيئين دنيا جي ملڪن جي بجٽ کان به وڌيڪ هوندي آهي. دنيا جي ويهه وڏن کرب پتين بل گيٽس کان وٺي مارڪ زگر تائين وٽ ايترو سرمايو آهي، جو هو سڄي دنيا کي صدين تائين مفت کاڌو کارائي سگهن ٿا. اهڙي طرح دنيا اسان جي ٽئين دنيا جو سرمايو جيڪو سوئيز بئنڪن ۾ رکيل آهي. اهو جيڪڏهن عوام تي خرچ ڪجي ته اسان جهڙا ملڪ ته جنت بنجي پون. ايترو سرمايو سڪڙجي رهيو آهي.

عالمي ڪارپوريشن جو ڪلچر اهو آهي ته وچئين طبقي کي ختم ڪري وڏين ڪارپوريشنز کي فروغ ڏنو وڃي. مثال توهان جي علائقي ۾ امتياز اسٽور کليو يا چَيز اسٽور کليو ته توهان ننڍن دڪانن تان خريداري جي بجاءِ انهن وڏن اسٽورن تان خريداري ڪندا. توهان جو خيال آهي ته اهي سستو سامان ٿا ڏين. پر حقيقت اها آهي ته اهي توهان جو کيسو خالي ڪري ڇڏيندا. ننڍن دڪانن تان ته توهان ڪم جي شيءَ وٺي موٽندا پر وڏن اسٽورن تان توهان جيڪا ڪم جي شيءَ نه هوندي، اها به وٺي ايندا. اهڙي طرح گهٽي جو دڪان بند ٿي ويندو. بلڪل ائين عالمي ڪارپوريشنز دنيا جي ملڪن کي کوکلو ڪري اتي خانه جنگيون ڪرائي، اتي ڇڙواڳي پيدا ڪرائي، اتان جي سياستدانن کي ڪرپٽ ڪري توهان کي غريب تر غريب ڪري ڇڏيندا.

دنيا عالمي سامراج جي مافياز جي شڪل ۾ داخل ٿي چڪي آهي. جيڪي ملڪ پاڻ ڀرا ٿيڻ چاهين ٿا. انهن کي اهي عالمي ڪارپوريشنز تباهه ڪرڻ جي بجٽ رکنديون آهن. توهان ڏٺو ته ايران ۽ بنگلاديش ۾ مظاهرا شروع ٿي چڪا آهن. افغانستان کي عالمي ڪارپوريشنز جڏهن قرض جي آڇ ڪئي ته افغانستان جي تعمير ڪريو ته طالبان صرف هڪ جواب ڏنو ته جنگ ڪندا ته تيار آهيون. باقي قرض نه وٺنداسين. توهان ڏٺو ته اتي ڊالر 85 رپين جو آهي. ايران جيڪو عالمي پابندين جو شڪار آهي پر سالن کان پنهنجو جياپو برقرار رکيو اچي. ڪارپوريشنز کان اهو هضم نٿو ٿئي. عورت جي آزادي جي نالي تي تحريڪ شروع ڪرائي ويئي آهي.

هن وقت دنيا جي عالمي منڊي ۾ سيڪس وڏي ۾ وڏو ڪاروبار آهي. جنهن ذريعي واٽس اپ ، ٽڪ ٽوڪ، فيس بڪ جهڙا ادارا کربين رپيا ڪمائين ٿا.. پر توهان جو ملڪ انهن تي پابندي نٿو هڻي سگهي ڇو ته عالمي ڪارپوريشنز ان ملڪ جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏينديون. پاڪستان ٽڪ ٽوڪ ۽ يوٽيوب تي ڪجهه ڏينهن پابندي لڳائي وري کولي ڇڏيو.

عالمي ڪارپوريشنز گوگل جي نالي جيڪو ادارو کوليو آهي اهو صرف توهان کي غلام رکڻ جو اوزار آهي. جيڪو توهان کي گهڻو سيڪڙو غلط انفارميشن ڏي ٿو. گوگل اهو ئي ڏيکاري ٿو جيڪو عالمي مافياز ڏيکارڻ چاهين ٿيون.. باقي توهان سنڌ ۾ مرندڙ ٻوڏ ۾ ماڻهو ڳوليو انهن جي بک افلاس ڳوليو، انهن جي ٻارن جو ٻڏڻ انهن جو کليل ڇت تي ويهڻ ڳوليو ته نه ملندو ، بي روزگاري، آفيسن ۾ ڪرپشن، غريبن ۽ مظلومن جو بي وسي ۾ چڪر ڪاٽڻ، ڪورٽن ۾ انصاف لاءِ ڌڪا کائڻ، ظالم جو ظلم توهان کي گوگل تي نه ملندو. جعلي دوائن جون فيڪٽريون، پاڻي جي چوري، اسٽيل مل جي بند ٿيڻ جا سبب توهان کي گوگل ڪونه ٻڌائيندو. گوگل اهو ڪونه ٻڌائيندو ته بحريه ٽائون ۾ ڪنهن جو حصو پتي آهي. گوگل توهان کي اهو ڪونه ٻڌائيندو ته بدين ٺٽي ضلعي ۾ گٽڪي جو ڪاروبار ڪندڙ ڪير آهن، انهن جي سرپرستي ڪير ٿو ڪري.
توهان سڄي سنڌ جي اسپتالن جي حالت ڏسو، ماڻهو روڊن تي پيا مرن، ڊينگي جا وار غريبن جو ڪير مددگار ناهي. اسپتالن جو ڪوس گهر، ڦرڻ لٽڻ، توهان کي گوگل ڪونه ٻڌائيندو.
فلسطين ۾ هزارين ٻارن کي ڪيئين ماريو ويو، لبنان کي جهنم ڪيئن بنايو ويو اهو توهان کي گوگل ڪونه ٻڌائيندو. امريڪا ۾ گهڻا ماڻهو روزانه خودڪشيون ڪن ٿا. انڊيا ۾ ڪيترا ماڻهو پنهنجا عضوا وڪڻن ٿا؟ پاڪستان ۾ روز ڪيترا ٻار اغوا ٿين ٿا. افغانين جي ذريعي عالمي منڊي ۾ هيروئن ڪيئن پهچي ٿي؟ اسٽيبلشمينٽ پنهنجو ڪاروبار ڪيئن ڪري ٿي ڇا گوگل يا ميڊيا توهان کي ٻڌائي سگهي ٿي؟ عالمي طور انسان جو زوال ڪيئن پيو ٿيئ. توهان کي ڪوبه ادارو نه ٻڌائيندو.

توهان کي عالمي ڪارپوريشنز صرف اهو ٻڌائيندو جيڪو هو چاهين ٿا. توهان انهيءَ نام نهاد ڳولا کي علم چوڻ جي غلطي نه ڪجو.
عالمي ڪارپوريشنز توهان کي انسان جا ڌرتي جا موضوع نه ڏيندا اهي، توهان کي صرف ايلين جو خطرو، جراسڪ پارڪ ، هائپر ريئلٽي، سرريئل فلمون ڏيکاريندا. اهي توهان کي ڪڏهن کدڙن جو موضوع ڏيندا ته ڪڏهن ڪنهن ڪولهي يا ڀيل جو موضوع ڏيندا ، اهي توهان کي اپر ڪلاس جا چوچلا ڏيکاريندا. اهي توهان کي جنسي آلودگي ۾ ٻڏل سين ڏيکاري توهان کي ڇتو ڪندا. ڪڏهن ڪنهن ڇڙواڳ چوڪري جي شادي جو موضوع ڏيئي. توهان کان ڪمينٽس لکرائيندا. ڪڏهن مذهبي فرقي جو جنون ڏيکاريندا ، ڪڏهن جاهل جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ تي مبارڪون ڏياريندا. ڪڏهن جج جو شراب پيئڻ ڏيکاريندا ته ڪڏهن ملالا کي نوبل پرائيز ڏئي ڏيکاريندا. ڪڏهن مولوي جو جنسي فعل ڏيکاريندا. توهان ادبي سنگت جي ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي ڳالھ ڪندا ته ڪڏهن اٽو وٺڻ جي قطار ۾ لڳندا. توهان هاڻي هن دنيا جا شهري ناهيو.
دنيا کي هڪ ئي بيماري لڳي چڪي آهي، مقابلي بازي جي.. هر ماڻهو جلدي مٿين ڪلاس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ٽيئن دنيا جا ملڪ ڪرمنل زون ٿي چڪا آهن. جتي رياستي سربراهي ۾ ڏوهه ٿين ٿا. هي تعليم ڊگريون، صرف ڏيکاءَ آهي 20 سالن کان پوءِ اهي ڊگريون ڪم نه اينديون. روزگار جا ذريعا بدلجي ويندا. هنر ٽيڪنڪ الڳ هوندا. ڪارپوريشنز جو دور علم جو دور ناهي. بلڪ غلط انفارميشن جو دور آهي، جهالت جو دور آهي. ڪروڙين ماڻهن کي خبر ئي ناهي ته هو ڪهڙي دور ۾ جيئن پيا.

جن ملڪن کي ترقي يافته چيو وڃي ٿو، انهن ملڪن جو جياپو صرف غريب ملڪن جي تباهي تي آهي. انهن ملڪن ۾ انسان جي زوال جي ڪهاڻي شروع ٿي چڪي آهي. ڇوته ماحولياتي آلودگي، ويڳاڻپ، قدرتي آفتون انهن جو گهيراءَ ڪري چڪيون آهن.
سوويت يونين جو ٽٽڻ جو الميو دنيا اڃا ڀوڳيندي ۽ ڏاڍو ڀوڳيندي.
هڪ ڏينهن ايندو جڏهن ڪروڙين ماڻهو اٿندا ، اميرن ، ڪارپوريشنز جا قلعا ڪيرائيندا. هڪ وڏو انقلاب ايندو ڇو ته دنيا جهڙي بليڪ هول ۾ وڃي ٿي ان جا ٻه انجام ٿيندا يا دنيا تباهه ٿي ويندي يا دنيا انقلاب ڏانهن ويندي.
ڪن ٿي ڪيچين ڪڇيو ، ڪجهه نه ڪڇيائون
رهيس نه رتي جيترو، انهن وٽ آئون
وڍي وڌائون ، هو جو وڻ هوئڻ جو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close