غريب ماء جو امير پٽ

تــــنـــويـــــر عـــــالــــم جـــوکــــيــــو

خانو کي يارھين مھينن کانپوءِ يارھين منٽ جي پنڌ تي ويٺل ماءُ جي ياد اچي وئي ڇو نہ امان کان ڀيرو ڏئي اچان سو پنھنجي محل نما ٿڌڙي گھر مان ٿڌڙي گاڏي ۾ چڙھي روانو ٿيو دل ئي دل ۾ اھو بہ خيال ڪندو ويو متان امان ڏوڪڙ گھري ھن مھيني ھٿ بہ تنگ آھي تازو ئي سوا لک وارو موہائيل ورتم ڊان ڪارلوس جا پندرھين ھزار وارا بوٽ ورتم، سورھن وال ڊبل گھوڙو اصلي وارو بوسڪي دبئي مان گھرايم ھاڻي امان خبر ناھي ڪيترن ڏوڪڙ جي فرمائش ڪندي……..

خانو انھن پورن ۾ ڳوٺ واري رستي تان سئو جي اسپيڊ ۾ وڃي رھيو ڇاڪاڻ کيس رات واري ماني ڪراچي شھر جي سمنڊ ڪپ تي ٺھيل ڪولاچي ريسٽورنٽ تي دوستن کي سندس ڄمڻ ڏينھن جي دعوت ڪرڻي ھئي جنھن لاءِ پنجاھ ھزار ATM مشين مان ڪڙڪ ھزار وارا نوٽ ڪڍھي شلوار واري کيس ۾ سپاھي جي ڀر ۾ محفوظ ڪري رکيائين. پري کان سوڍل ٿي نظر پيس گاڏي کي جئين ئي بريڪ لڳائين ڌوڙ اُوڏاڻي جنھن کان سوڍل رومال ۾ منھن لڪائي بچڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر سندس مٿو دز مان ڀرجي ويو. سوڍل وڌي گاڏي جو دروازو کولڻ چاھيو در نہ کلو ڪجھ سيڪنڊ ۾ ڌوڙ گھٽ ٿي خانو ھلڪو شيشو ھيٺ ڪري ھلين ٿو؟ سوڍل کي ڪاوڙ بہ لڳي پر وڏي ٿڌي گاڏي ۾ ويھڻ جو موقعو ھٿان ڪئين وڃڻ ڏي سو ڏنڌ ڪڍھي ڪنڌ سان ھائو ڪئي. خانو گاڏي جو ھڪڙو بٽڻ ڌٻايو چئني دروازا جا لاڪ کولي ويا سوڍل بہ دير ئي ڪانہ ڪئي لانگ کڻي چڙھي پيو گاڏي ۾….. خانو ڏي خبر سوڍل ڳوٺ ۾ ڇا وھي واپري پيو؟

سوڍل سڀ خير لڳو پيو ھر ڪو زال کي ڀاڪر وجھيو سُتو پيو آھي….. جن جون ماءُ جئيريون آھن سي بُکن ۾ سورن ۾ دوا درمل لاءِ اپاتيون ڪن جا مڙھ مقام ۾، پر پوءِ بہ پنھنجا ٻئي ھٿ کڻي رب کي ايلاز ڪنديون رھنديون آھن اسان جي ٻچن کي شل! نہ ڪوسو واءُ لڳي سکيا ستابا ھجن. خانو کي ٿڌڙي گاڏي ۾ نرڙ تي پگھر جھرڪڻ لڳو وائڙپ ۾ ڇا مطلب سوڍل………. مطلب وري ڪھڙو فيسبوڪ آئون بہ ھلائيندو آھي يارھين مھينن کانپوءِ نڪتو آھين لڳي ٿو ماءُ جي عالمي ڏينھن تي پوسٽ لاءِ ماسي ڇَتل جا فوٽو کپنئي نہ؟ جئين شئير لائيڪ ۽ ڪمينٽس ملن باقي تو کي ماءُ جي سڪ ھجي ھا تہ ھر مھيني خرچ پکو ماسي کي اچي ڏئي وڃين ھا يا پاڻ سان وٺي وڃي ھا…… خانو جي اڪڙ ۽ معتبري تي سوڍل جي واتان نڪتل لفظن جي باھي سان سڙھي خاڪ ٿي وئي. گاڏي کي بريڪ لڳائي سوڍل کي لھ منھنجي گاڏي مان بدتميز……. سوڍل بہ ٽُپ ڏئي لٿو ۽ کيس چوڻ لڳو منھنجو گھر تہ ايترو پري ناھي پند ھلي ويندس. تون بہ اڳتي ھلي ڪري پنھنجي پيٽرول نہ ساڙ نہ ئي عاليشان گاڏي کي مٽي مان خراب ڪر ماسي ڇَتل ڏھ مھينا اڳ بُک ڪاٽيندي، بيماري ۾ تڙپندي گُذاري وئي. ڇا…. امان……. گذاري وئي؟؟؟؟. ھائو خانو تو جھڙي اولاد کان ماسي بي اولاد ھجي ھا ھڪ سور ھجيس پر تو تہ پل پل ۾ ڏکياس جڏھن تو پنج سال اڳ اھو چئي ماسي جو ماھوار خرچ پکو بند ڪيو تہ امان مون وٽ بچت ناھي….. ان وقت بہ ماسي تو کي اھا ئي دعا ڏني ابا منھنجو خير…. ﷲ تو کي جھجو ڏيندو……………

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close