ڪچھري قائم – ۱

قائم علي زرداري

عورتن جا حق

هڪ ڳوٺ جي چڱي مڙس/ رئيس جي پٽ جي شادي هئي، رئيس هڪ عجيب فيصلو ڪيو تہ پوري ڳوٺ کي شادي جي خوشين ۾ شريڪ ڪيو وڃي. ان لاء رئيس اعلان ڪرايو تہ منهنجي پٽ جي شاديءَ تي ڳوٺ جي هر گهر کي هڪ جانور تحفي طور ڏنو ويندو. وڌيڪ اهو چيو تہ جنهن گهر ۾ مرد جو حڪم هلندو ھوندو، ان گهر کي گهوڙو ۽ جنهن گهر ۾ عورت جو حڪم هلندو ھوندو، ان گهر ۾ ڪڪڙ ڏني ويندي.

ڳوٺ جي رئيس پنهنجي ڪمدار کي جانورن پھچائڻ جو ڪم ڏنو.

ھڪ گهر ۾ رئيس جي ڪمدار زال ۽ مڙس کي سامهون ويهاري پڇيو ”گهر ۾ ڪنهن جو حڪم هلندو آھي ۽ گهر جا فيصلا ڪير ڪندو آھي؟“

مڙس چيو، ”منهنجو فيصلو هلي ٿو“

ڪمدار جواب ڏنو ”سڀ گهوڙا ختم ٿي چڪا آھن، هاڻي باقي ٽي گهوڙا بچيا آھن: هڪ ڪارو، ٻيو سرخو، ٽيون ڪميت.. جيڪو اوهان کي پسند هجي، ٻڌايو!“

مڙس جلدي ۾ جواب ڏنو، ”مون کي ڪميت پسند آھي.“

ڀر ۾ ويٺل سندس گهر واريءَ منهن بڇڙو ڪري مڙس کي ٽوڪيو ۽ وڏي گجندڙ آواز ۾ چيو، ”نہ.. اسان تہ ڪارو وٺنداسين! مون ڏٺو آھي تہ ان جي مٿي تي اڇو چٽو آھي، اهو تمام گهڻو سهڻو آھي.“

مڙس چيو ”ڀلا ٺيڪ آھي، ڪارو ئي ڏيو.“

ڪمدار آرام سان زال جي هٿ ۾ ڪڪڙ ڏيئي ٻئي گهر روانو ٿيو.

ڪمدار ٻڌايو تہ سڄي ڳوٺ ۾ ڪڪڙيون ئي ورهايون آھن.
اڃا عورتن کي پنهنجا حق کپن!

چمچن جي سڃاڻپ

منهنجو ننڍو پٽ مظفر علي, پيار ۾ سڀ گهر وارا سڀ مٺو/طوطل سڏيونس، هجت اهڙي رکندو آھي جو هر وقت هر جاء تي سوال اصل گهڙي ٺاهي ڪندو رهندو آھي.
موٽر سائيڪل تي هجئون يا هٽ بازار، پر سوالن جي اصل ڀر ڇنڊ لايو هلي. گهر ۾ جيڪا شيء ڏسي، پڇَي ت بابا رلي/کٽ کي انگريزي ۾ ڇا چون؟ ڏکيا سوال ٻڌي لغت/ ڊڪشنري کڻي جواب ڏيانس!

عيد جي ڏينهن پڇيل سوال تہ اصل حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. نئين ٽچ موبائل جو وٺي ڏني آھي، سو سڄو ڏينهن فيس بڪ ۾ لڳو پيو هوندو آھي. الله تعالي خوش رکيس، سوال ڪجهہ عجيب ہڇيائين، ”بابا، اڄڪلھ فيس بڪ تي ڏس تہ هرڪو ماڻھو پوسٽ چمچن جي مخالفت ۾ رکندو آھي، تہ اسان جي ڳوٺ جا چمچا.. چمچا هي ڪندا آهن، چمچا هو ڪندا آھن!
چمچن ڄي ڪا خاص نشاني ڪهڙي هوندي آھي؟“

سوال ۾ چڱو ڦاسي ويس، جو جواب ڏيڻو پئجي ويو.. ڇو تہ سدائين جيءُ ڪري جواب ڏيندو رهندو آھيان.. پر ڇا ڪريان جو آئون پاڻ ان مرض ۾ مبتلا هئس، ان وقت بہ پنهنجو گهر ڇڏي وڃون پيا رئيس وٽ عيد ملڻ!

دل تي پٿر رکي جواب ڏنم، ”بابا طوطل، عيد خدا تعاليٰ جو ڀلارو ڏينهن آھي، ان ۾ پنهنجن سان ۽ پيارن سان وقت گزارجي.. پر هي چمچا ڪڏهن بہ عيد پنهنجي گهر يا اوطاق تي نہ ويهن, سدائين وتن رئيسن/وڏيرن جون اوطاقون تاڻيندا، خاص ڳالھ تہ چمچن کي عيد نماز ۾ بہ پنهنجن سان گڏ نصيب ڪون ٿئي.!“

طوطل ڪجهہ عجيب نظرن سان مون ڏي نهاري چوڻ لڳو، ”بابا پوء پاڻ بہ تہ رئيس سان عيد ملڻ لاءِ گهران نڪري آيا آھيون… مون کي ڇڏيو تہ آئون گهر ٿو وڃان!“

غير سياسي لطيفو

هڪ ڳوٺ جو چڱو مڙس/ رئيس گذاري ويو ته هڪ ماستر پنھنجي ننڍڙي پٽ کي ساڻ ڪري چڱي مڙس جي تڏي ٿي فاتحہ ڪرڻ ويو…
دعا جا ٻڪ کڻڻ بعد افسوس ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو ئي هو ته سندس ننڍڙي پٽ سندس پير تي رينگهاڙو هئي چيو، ”بابا او بابا… بابا….!“

”جي پٽ..چئو…..“

”ھاڻي ھن ڳوٺ جو رئيس ڪير ٿيندو…؟“

پيء وراڻيو، ”ڪو رئيس جو ڀاءُ ٿيندو…“

”اهو مري ويو ته…؟“

”سندس پٽ ٿيندو…“

”اهو مري ويو ته پوء….؟“

”سندس ڪو سئوٽ ٿيندو..“

”اهو به مري ويو ته…….“

نيٺ پيءُ تنگ ٿيندي ٿي واراڻيو، ”پٽ سڄو ڳوٺ به مري ويو.. تہ بہ تون ڳوٺ جو رئيس ڪون ٿيندين، تون ماسترن جو پٽ آهين پنهنجي اوقات ۾ رھ……“

اليڪشني معجزا:

چاچو ولو ملنگ ووٽ ڪاسٽ ڪري پولنگ بوٿ مان ٻاهر آيو ۽ پولنگ ايجنٽ کان پڇڻ لڳو، ”بابا منهنجي گهر واري ووٽ ڏئي وئي يا نہ؟؟“

پولنگ ايجنٽ نالو پڇيو ۽ لسٽ ڏسي چيو ”ٿوري دير پهرين ئي توهان جي گهر واري ووٽ ڪاسٽ ڪري وئي آهي..“

چاچي انتهائي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چوڻ لڳو ”ڪاش مان بہ ڪجهہ دير پهرين اچان ها ته ملاقات ٿي وڃي ها!“

پولنگ ايجنٽ حيراني مان پڇيو ”چاچا اوهان گڏ نه رهندا آهيو ڇا؟“

چاچي چيو: ”پٽ دراصل منهنجي گهر واري کي فوت ٿئي پندرهن سال ٿي چڪا آهن، پر مون ڏٺو آ ته جڏهن به اليڪشن ٿيندي آ، هو ووٽ ڏيڻ ضرور ايندي آهي!!“

نصيب جي ڳالھ

ڪجھ وقت اڳ جي ڳالھ آھي، جو گهر کان نڪري سوچيم ت اڄ ڇانهون وٺندس۔۔ ۽ وڃي هڪ ريڙهي تي پهتس

مون کي پري کان ايندو ڏسي ريڙھي واري ٿورو مرڪيو ۽ چوڻ لڳو، استاد اوهان تہ اڳي ب وٺي ويا هئا!

چيم يار اڳ ۾ تہ وٺي ويو هئس پر اهو ڇانهون تہ بلڪل ڪچو ۽ اندران اڇو نڪتو هيو.. پر اهو هاڻي نہ هلندو, تہ آئون چپ رهان ۽ گهر وڃي ڇانهون ٻڪري کي ڏيئي ڇڏيان!

چوڻ لڳو سائين وڏا، فڪر ئي نہ ڪريو، صبح کان پنج مڻ ڇانهيون وڪرو ڪري چڪو آھيان پر مجال آھي جو هڪ داڻو ب ڪچو نڪتو هجي!

مون چيو، يار ٽي ڪلو جو هڪ داڻو ڏي

هن ڇانهون کڻي منهنجي سامهون ساهمي/ تارازي تي رکي ۽ توري بسم الله پڙھي ڇانهين کي ڏگري/چتي هنئين تہ ڇانهون بلڪل ڪچو نڪتو.. هن مون ڏانهن ڏٺو ۽ اهو چئي ڇانهون پاسي تي رکيائين تہ سائين ڪچو آھي

مان چيو ها ادا بلڪل ڪچو آھي

هن وري ٻيو ڇانهون کڻي ڏگري هنيائين ۽ مون ڏي ڏسڻ لڳو، مون چيو ادا داڻو ڪچو آھي.

هو ڪجهہ بہ نہ ڪڇيو ۽ ڇانهين کي هڪ پاسي تي رکي ڇري هٿ ۾ کڻي بيهي رهيو.. ۽ چوڻ لڳو سائين ڇانهين جو وزن ڪجهہ وڌائجي تہ ڀلو نڪرندو

مون چيو ٺيڪ آھي

هن پنهنجي مرضيء سان گهڻو غور ويچار ڪري ڇھ ڪلو جو ڇانهون کڻي ۽ ٻہ ٽي ٺونگا هڻي تارازي تي رکندي چيو، سائين؛ هاڻي ڀلي ڪچو نڪري!

ڏگري هنيائين ڇانهون وري ب اندران بلڪل سفيد نڪتو.

اسان هڪ پل لاء هڪٻئي ڏي ڏٺو. مون ٿوري پريشاني جي عالم ۾ چيو تہ مسلسل ٽيون داڻو ڪچو نڪتو آھي. ضايع ٿيڻ جو احساس تہ مون کي بہ ٿيو.. هو اهو ڇانهون تارازي تي رکي ۽ واپس ڇانهين جي ڍڳ ڏانهن مڙيو، هڪ لمحي لاء ٻيئي هٿ چيلھ تي رکي ڇانهين جي ڍڳ ڏانهن ڏسندو رهيو.. ايتري ۾ گراهڪ بہ گهڻا بيهجي ويا ۽ هن جي دلچسپ آندھ ماندھ کي ڏسڻ لڳا!

هن پنهنجي تجربي جي بنياد تي ان ڍڳ جي بلڪل وچ مان هڪ ڇانهون ڪڍيو، جيڪو ڍڳ ۾ صفا هيٺ پيل هيو ۽ تارازي تي رکي ڪجهہ پڙھندي ڏگري هڻڻ لڳو، هن ڀيري ڏگري لڳائڻ ۾ ڪجهہ وقت لڳايائين. خبر پيئي تہ هي بہ بلڪل ڪچو نڪتو.

ان کان پهريان جو هو مون ڏانهن ڏسي، مان فورن چيو؛ يار ٺيڪ آھي بس، شاپر ۾ وجهي ڏي..

مان گهر اچي اهو ڇانهون ب ٻڪري جي اڳيان اڇلائي ڇڏيو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close