ھڪ آسمان تنھنجو، ھڪ آسمان منھنجو (تجريدي ڪھاڻي)

مجيب بڙدي

پمي! تون منھنجي سوچ ۾ ٺھيل اُھا پھرين تصوير آھين، جيڪا مان اڃان تائين مڪمل ڪري نہ سگهيو آھيان. ڇا ڪوئي انسان پنھنجي پھرين عشق جي تصوير مڪمل ڪري سگهندو آھي؟ نہ ٿو ڄاڻان.. مون کي فقط ايتري خبر آ تہ مان اڃان تائين تنھنجي تصوير کي مڪمل ڪرڻ ۾ رُڌو پيو آھيان. مان پنھنجي تصور ۾ تنھنجي اھا تصوير اڄ بہ مڪمل ڪري ناهيان سگهيو. شايد منھنجي شعور ۾ ان جو عڪس ئي اڻپورو آهي.

مون کي ياد نٿو پوي تہ مان تنھنجي تصوير ڪڏھن ٺاهڻ شروع ڪئي هئي. شايد اُن وقت کان، جڏھن مان رنگن کي بہ سڃاڻي نہ سگهندو هيس. شايد اُن وقت کان، جڏھن رنگ وجود ۾ ئي نہ آيا هئا.. تڏهن سڀ ڪجهہ رنگن کان بغير هوندو هو… ۽ ها! تڏهن اڃان مادي ۾ ٺوس پڻو بہ نہ آيو هو.. تڏهن اڃان هر جسم وزن کان بہ خالي هو… تڏهن فقط زاويا هوندا هئا، صرف لڪيرون هونديون هيون…

تڏهن هڪ دفعي تو چيو هو، ”خالي پڻَي ۾ ڪيڏي خوبصورتي آ!“

مان پنھنجي چوگرد لڪيرن سان ٺھيل خالي جسمن ۽ وجودن کي ڪنھن مدت تائين گهوريندو رهيو هوس. چاهيو هيم تہ مان انھن لڪيرن سان ٺھيل سڀني خالي جسمن ۾ سمائجي وڃان ۽ تون پنھنجون اکيون ٿي پوين. اهو خالي پڻو، اُھو پولار، اڄ بہ جيئن جو تيئن برقرار آهي.

تڏهن خواهشون بہ لڪيرن جون ٺھيل هونديون هيون. مون هڪ خواهش جو گلاب تو لاءِ پٽيو هو، جيڪو مان توکي ڪڏهن بہ ڏئي نہ سگهيو هوس. توکي شايد ياد بہ نہ هوندو، پر تون روز ان لڪيرن جي ٺھيل خواهش جي گلاب کي منھنجي هٿن ۾ ڏسندي هئينءَ ۽ پوءِ ڪائنات جي نہ ڄاڻ ڪهڙي جَھت ۾ گم ٿي ويندين هئينءَ. مون کان ھزارين نوري سال پري ٿي ويندي هئينءَ. مان پنھنجي سامهون ويٺل تنھنجي وجود ۾ گهڙي، صدين تائين توکي ڳوليندو هُيس پر تون لڀي نہ سگهندي هئينءَ… پوءِ الائي ڪهڙي لمحي تون پاڻ ئي موٽي ايندي هئينءَ… توکي پنھنجي سامهون نروار ٿيندو ڏسي منھنجو متلاشي من مهڪي پوندو هو. ڪاش جي اُن وقت ”وقت“ هجي ها تہ مان تنھنجي تلاش جون اُهي سڀ ساعتون سميٽي وٺان هان! پر تڏهن اڃان وقت بہ وجود ۾ ڪونہ آيو هو.

نيٺ هڪ ڏينھن تو اُھو گلاب منھنجي هٿن مان کڻي ورتو هو. فقط چند لمحن لاءِ… ۽ پوءِ واپس ڪري ڇڏيو هو. توکي خبر آ! اُن ڏينھن کان وٺي اڄ تائين گلاب ۾ خوشبو آهي. ها! اها لڪيرن سان ٺھيل منھنجي اُن خواهش جي خوشبو آهي، جيڪا تنھنجي ڇُھڻ جي ڪري وجود ۾ آئي هئي. تو منھنجي پهرين خواهش کي ڇھي کيس امر خوشبو تہ ڏئي ڇڏي پر واپس ڪري اُن کي ابد تائين اڻپورو بڻائي ڇڏيو. شايد اُن وقت کان وٺي ئي سموريون خواهشون اڻپوريون رهنديون آيون آهن. تڪميل جي باوجود بہ نامڪمل… پورو هوندي بہ ڄڻ سڀ اڌورو… خالي خالي…. هونءَ بہ خالي پڻو تہ توکي ازل کان وٺي ئي وڻندو آھي. تون هر شي ۾ خالي پڻو ڏسڻ جي عادي ھئينءَ… خواهشن ۾ بہ!

تڏهن هڪ ڀيري تو مون کي ھٿ کان وٺي الائي ڪهڙي طرف وٺي وڃڻ چاهيو هو ۽ مان بنا ڪجهہ ڪڇڻ جي تنھنجي پويان هلي پيو هوس. اسان هٿ هٿ ۾ ڏئي هلندا رهيا سين. زمان مڪان کان بيخبر مون لاءِ بس اهو ئي ڪافي هو تہ منھنجو هٿ تنھنجي هٿ ۾ آهي. ڪيترو وقت گڏ هلڻ کان پوءِ تو چيو هو، ”خبر اٿئي! پاڻ ڪيڏانھن پيا هلون؟“ پر اُن وقت اڃان ڪو طرف مقرر نہ ٿيو هو. ڪا پکيڙ وجود ۾ نہ آئي هئي. ڪو طول يا عرض بلد ڪونہ ٺهيو هو. ان ڪري مان ڪو جواب ڏئي نہ سگهيو هوس. اُن ڏينھن تو پهريون ڀيرو مون کي اطراف ٻڌايا هئا. اُن ڏينھن ئي وقت جي پکيڙ جو آغاز ٿيو ھو. تو سڀ ٻڌايو پر اها جڳھ نہ ٻڌائي، جنھن طرف تو مون کي وٺي وڃڻ پئي چاھيو. ڳچ فاصلو طئي ڪرڻ کان پوءِ جڏهن مون کي لڳو تہ اسان منزل جي قريب آهيون، تو سفر ملتوي ڪري ڇڏيو هو. اسان واپس موٽي آيا هئا سين. اُن ڏينھن پهريون ڀيرو مون کي خبر پئي تہ توکي نہ فقط خالي پڻو وڻندو آهي، پر تون اڻپورين شين کي بہ پسند ڪندي آهين. منھنجي، سفر ملتوي ڪرڻ جي سبب پڇڻ تي، تو چيو هو، ”اڻپوريون شيون وڌيڪ خوبصورت هونديون آهن.“

شايد اُن وقت کان وٺي ئي هر سفر اڻپورو رهجي ويندو آهي.

چري! توکي ڪھڙي خبر تہ توسان ڪهڙي انسيت آهي. توکي ڪھڙي خبر تہ مان اڃان تائين اُن جڳھ کي ڳولهي رهيو آهيان، جتي تو مون کي وٺي وڃڻ پئي چاھيو. مان اڃان تائين طرف مَٽائي مَٽائي اُن منزل کي تلاش ڪري رهيو آهيان، جيڪا شايد آهي ئي نہ… اڃان تائين مان فقط ايترو سمجهي سگهيو آهيان تہ تنھنجي هن گھڻ ـ رخي ڀنڊار جي ڪنھن رخ جي ڪا حد ئي ڪونھي. هر طرف ساڳاڻ آهي. بس اها ئي منزل آهي، جتي اسان آهيون. تنھنجي سونھن جو قد وقت جي پکيڙ کان بہ وڏو آهي. مان اڃان تائين تنھنجي ان پکيڙ ۾ پکڙجي رهيو آهيان. مَن ڪٿي نہ ڪٿي اها حد لڀي پوي، جتي تو وٺي وڃڻ چاهيو هو. ڀلي مان اتي پهچي نہ سگهان، ڀلي منھنجو هر سفر اڻپورو هجي، ڀلي تنھنجي رضا غالب رهي، پر پوءِ بہ مان سفر ملتوي نہ ڪندس… مان نا اميد ناهيان ٿيو. اُن وقت کان وٺي تنھنجي اڻپورين شين ۾ خوبصورتي ڏسڻ واري نظر منھنجي اکين ۾ لهي آئي آهي.

تڏهن بہ تنھنجي روين ۾ ساڳي غير يڪسانيت هئي. تڏهن بہ تون پنھنجي تمام تر روين سان گڏ مسلسل تبديليءَ جي مرحلن مان گذرندي هئينءَ. تڏهن هڪ ڏينھن اوچتو تو هر شيءِ ختم ڪري ڇڏي. تڏهن هڪ دفعي، اُن سفر جي ملتوي ٿيڻ کان ڪي صديون پوءِ، تو ايئن چئي، تہ ’مان اچان ٿي…‘ هلي وئينءَ ۽ پوءِ ڪڏهن واپس ڪونہ آئينءَ… پر توکي ڪهڙي خبر تہ ان وقت تائين تون ساري جو ساري منھنجي اکين ۾ لهي چڪي هئينءَ. مان اڄ تائين ڏسي رهيو آهيان تہ تون مسلسل مٽا جي مرحلن مان گذري رهي آهين. اُن وقت کان وٺي انتظار ”ساعتون“ بڻجي، اُن منزل جي ڳولھا جي سفر ۾، جتي تو مون کي گڏ وٺي وڃڻ چاهيو هو، مون سان گڏ هلي رهيو آهي. مون کي يقين آهي، جڏھن اها منزل ملي ويندي تہ اتي تون بہ ملي ويندينءَ..

ها، مون کي ياد ٿو اچي، پاڻ اک ٻُوٽ بہ کيڏندا هئا سين. تون مون کي ڳولهيندي هئينءَ، مان توکي ڳولهيندو هوس.. لڪيرن سان ٺھيل خالي جسمن ۽ وجودن پويان لڪل تون-مان هڪ ٻئي کي جلدي ئي لڀي پوندا هئاسين. خبر اٿئي! تنھن هوندي بہ مان توکي ڳولهڻ ۾ ڪافي دير لڳائيندو هيس. مون کي تنھنجي ڳولھا ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو. پوءِ شايد توکي اهو احساس ٿي ويو. تون الائي ڪٿان ڍير سارا رنگ کڻي آئي هئينءَ. مون کي چيو هيئي، ”اچ تہ لڪيرن سان ٺھيل انھن جسمن ۽ وجودن جي خانن ۾ رنگ ڀريون.“

اها منھنجي رنگن سان پهرين شناسي هئي. مان توکان پڇيو هو، ”توکي تہ خالي پڻو وڻندو آهي. پوءِ ڇو ٿي خال ڀرين؟“

تون مُرڪي پئي هئينءَ.. چيو هيئي، ”تون ڇا ٿو سمجهين، رنگ ڀرڻ سان خال ڀرجي ويندا؟“

ڪو جواب نہ ڏنو هيم. تو مون کي رنگ ڏنا ۽ اسان لڪيرن جي اندر رنگ ڀرڻ لڳاسين. تو صحيح چيو هو. رنگ ڀرجڻ کان پوءِ بہ خالي پڻو پنھنجي جاءِ تي قائم رهيو. رنگ ڀرجڻ کان پوءِ بہ هر شي اڌوري ئي رهي. تنھنجي تہ خبر ناهي پر مون پوري ڪوشش ڪئي تہ ھر شيءِ کي رنگن سان ڀري پورو ڪريان. پر مان ڪو خال ڀري نہ سگهيو هوس.. نہ ئي ڪنھن شيءِ جي ڪا تڪميل ڪري سگهيس. تو مون ڏانھن ڏسي مُرڪي ڏنو هو، ڄڻ چوندي هجين: ’ڪجهہ بہ پورو ناهي ٿيڻو. ڪا مٽا ناهي اچڻي. جيئن آهي تيئن رهندو. هميشه هميشه!‘

رنگ لڳائيندي لڳائيندي رات ٿي وئي. پاڻ ٿڪجي سمهي پيا هئاسين. گڏ گڏ ليٽيل. مٿان کُليل آسمان.. چمڪندڙ ستارا… تنھنجي دل ۾ الائي ڇا آيو، تو آسمان کي ڏسندي چيو هو، ”توکي ڇا ٿو ڏسڻ ۾ اچي؟“

چيم، ”ستارن سان ڀريل خوبصورت آسمان.“

تو چيو، ”منھنجي نظر ۾ اهو هڪ خالي، اڻپورو، سرد، بي نور، بي رنگ وجود آهي.“

ڪافي دير تائين خاموشي رهي ۽ پوءِ تو چيو هو، ”آسمان ورهائي کڻون؟ هڪ آسمان تُنھنجو، هڪ آسمان منھنجو؟“

ڪو جواب ڪونہ ڏنو هيم. ڪجھ سمجهہ ۾ ئي ڪونہ آيو هو. الائي ڪهڙي وقت ننڊ اچي وئي. صبح جو جڏهن اٿي ڏٺو هوسين تہ خبر پئي تنھنجا لڳايل سڀئي رنگ تمام صاف، چٽا ۽ واضح هئا، جڏهن تہ جيڪي رنگ مون لڳايا هئا، سي مڌم ۽ ڌنڌلا هئا. اُن وقت مون پهريون ڀيرو حقيقت ۽ گمان جي فرق کي سمجهيو هو. توکان پڇيو هُيم، ”رنگ تہ سڀ ساڳيا هئا.. پوءِ هي فرق ڇو؟“

تو چيو هو، ”رنگ تہ ساڳيو ئي آھي پر نظر مٽجي چڪي آهي. آسمان الڳ الڳ ٿي ويو آهي.“

مان ان ڳالھہ تي سوچڻ لڳو هوس. اها منھنجي سوچ جي ابتدا هئي. تون اُداس ٿي وئي هئينءَ. اُن وقت مون کي تنھنجي اها اُداسي سمجهہ ۾ نہ آئي هئي. مون کي اها بہ خبر نہ هئي تہ جڏهن مان سوچڻ لڳندس تہ تون ايئن چئي، مان اچان ٿي، هلي ويندينءَ ۽ وري ڪڏهن ڪونہ ايندينءَ.

انھيءَ شام تو مون کي اکين ۾ چتائي ڏسندي چيو هو، ”توکي ڇا ٿو ڏسڻ ۾ اچي؟“

مون ڏٺو، منھنجي لڳل سڀني رنگن جو عڪس تنھنجي اکين ۾ هو. توکي ٻڌايم، ”مُنھنجا لڳايل سڀئي رنگ تنھنجي اکين ۾ آهن.“

تنھن تي تو چيو هو، ”۽ خبر اٿئي! منھنجي لڳايل سڀني رنگن جو عڪس تنھنجي اکين ۾ آهي.“

اها آخري ملاقات هئي. اسان ڪيئي صدين تائين ايئن ئي آمهون سامهون بيٺا رهياسين. اکيون اکين ۾ گم… احساس ئي نہ ٿيو تہ اسان جي اکين ۾ نظر ايندڙ هڪ ٻئي جا رنگ، هڪ ٻئي ۾ رلي ملي ويا ھئا.

پمي! اڄ تون نہ آهين. تون ايئن چئي تہ مان اچان ٿي، ڪونہ آئي آهين. جي مون کي خبر هجي ها تہ مان ڪڏهن بہ توکي وڃڻ نہ ڏيان هان. هاڻي انتظار آسمان بڻجي تنھنجي ڳولھا جي سفر ۾ مون سان گڏ هلي رهيو آهي. ڪٿي آهين تون؟ ڪٿي آھين؟

اڄ مون وٽ تنھنجي يادن کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ناهي. تنھنجي وڃڻ کان پوءِ مون کي احساس ٿيو تہ تون منھنجي ياداشت ۾ پنھنجي يادن جا رنگ ڇڏي وئي آهين. اڄ جيڪڏهن اهي رنگ نہ هجن ها تہ مان ڪجهہ بہ ڪرڻ جي قابل نہ هجان هان. انھن رنگن کان سواءِ تہ منھنجي زندگي بيترتيب حرڪتن جو مجموعو هجي ها.. پوءِ نہ تون هجي ها، نہ مان هجان ها!

اڄ تنھنجي يادن جي رنگن کي ڪتب آڻيندي مان تنھنجي تصوير ٺاهي رهيو آهيان.. پر لڳي ٿو مان اها ڪڏهن بہ پوري ڪري نہ سگهندس.. شايد ان ڪري، جو تون مسلسل تبديليءَ جي ارتقائي مرحلن مان گذري رهي آهين. يا شايد ان ڪري، جو منھنجو آسمان ئي الڳ آهي.

(ڪهاڻين جي مجموعي ’پيرن جي ڳولھا ۾ نڪتل بوٽ‘ تان ورتل)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close