سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪا ڪالم نگار سماجي اڳواڻ انيتا شاھ جو وڇوڙو

غلام حسين خاصخيلي

گذريل ڏينهن سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪا ڪالم نگار سماجي اڳواڻ انيتا شاھ لڪياري ھن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري وئي. انيتا شاھ، نوجوان اسڪالر، ليکڪا ۽ ڪالم نگار ھئي. هوءَ 15 نومبر 1974ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. سندس وڏا اصل خدا آباد ضلعي دادوءَ جا آهن.

انيتا شاھ ايم.بي.اَي (مارڪيٽنگ: 1998ع) ۽ ايم.اي (سوشيالاجي: 2002ع) ڪئي. ان کان سواءِ انسٽيٽيوٽ آف وومين اسٽڊيز لاهور مان پوسٽ گريجوئيٽ سرٽيفڪيٽ (2000ع) ۽ يونيورسٽي آف ميري لئنڊ ڪاليج پارڪ، آمريڪا مان هيوبرٽ همفيري فيلوشپ (07-2006ع) دوران عورت ۽ سياست، عورت ۽ ميڊيا، فلم ميڪنگ، ويب سائيٽ ڊولپمينٽ ۽ پراڊڪشن، ڪهاڻي ۽ تخليقي لکڻين جي موضوعن تي مختلف ڪورس ڪيائين.

ھن سينٽر آف جينڊر اسٽڊيز اسٽريٿ ڪلائيڊ يونيورسٽي گلاسڪو (انگلنڊ) طرفان آڪٽوبر 2005ع کان جنوري 2006ع تائين مختلف موضوعن تي ڪرايل سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ ريسرچ اسڪالر طور شرڪت ڪئي. ان کان سواءِ غيرت جي نالي تي سنڌ ۾ ٿيندڙ عورتن جي قتلام بابت مونوگراف به لکيل اٿس.

انيتا شاھ لکڻ جي شروعات 1994ع کان روزاني ”ڪاوش“ ۾ ڪالمن ذريعي ڪئي. سندس لکڻين جا موضوع خاص طور تي سنڌ جي ڳوٺاڻي عورت جي حوالي سان سماجي ۽ معاشي ترقيءَ بابت آهن. هن سنڌيءَ ۾ 100 کن ڪالم لکيا آهن. انيتا شاھ 1997ع کان1999ع تائين بي.بي.سي انگلش لئنگئيج سينٽر حيدرآباد ۾ لئنگئيج ٽيچر طور پڙهايو آهي. 1998ع ۾ ايم.بي.اي ڪرڻ کان پوءِ ساڳئي انسٽيٽيوٽ ۾ (آڪٽوبر 1999ع کان جنوري 2000ع تائين) ريسرچ ايسوسيئيٽ ۽ انسٽرڪٽر رهي. ساڳئي سال انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنس اينڊ آرٽس حيدرآباد ۾ بہ انسٽرڪٽر رهي. ان بعد مختلف پرڏيهي يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ فيلوشپ حاصل ڪيائين.

مارچ کان جون 2007ع تائين وائيس آف آمريڪا جي پروگرام ”بيانڊ دي هيڊلائينز“ جي رپورٽر ۽ پروڊيوسر بہ رهي. ڪمپيئر جي حيثيت ۾ سندس ڪي. ٽي. اين تان مختلف سياسي ۽ سماجي موضوعن تي 50 کان وڌيڪ ٽاڪ شو نشر ٿي چڪا آهن.

پي. ٽي. ويءَ تي بہ ڪم ڪيو اٿس. روزاني ”ڪاوش“ اخبار ۾ ڪالم لکڻ جو سلسلو جاري رکيو. نامياري ليکڪا انيتا شاھ روزاني عبرت اخبار، ھفتيوار سنڌو ڊائجسٽ ماھوار بختاور مئگزين پندرهن روزه عبرت مئگزين ۾ به مضمون ۽ ڪالم لکيا. انيتا شاھ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مشھور پروگرام سگھڙين سٿ ۾ بہ شرڪت ڪئي ل.

هوءَ عورتن جي حقن لاءِ عملي طرح پاڻ پتوڙيندي رهي آهي. سرڪاري نوڪريءَ دوران ثقافت کاتي ۾ سيڪشن آفيسر رهي. مئي 2001ع کان ڪجهہ عرصي تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊپٽي سيڪريٽري رهي.

ھن 2004ع ۾ CARE نالي سان هڪ غير سرڪاري سماجي تنظيم جو بنياد وڌو، جنهن کي پوءِ 2006 ع ۾ ٽرسٽ فار رورل اپ لفٽ ، ڪلچر اينڊ انوائرمينٽ (TRUCE) جي نالي سان رجسٽر ڪرايائين، جنهن جي پاڻ باني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو رھي. سندن تنظيم، يو. اين. ڊي. پي جي ننڍي گرانٽ واري پروگرام سان گڏجي، مٽياريءَ ۾ هڪ پراجيڪٽ هلائي رهي آهي.2001ع ۾ عورتن جي مسئلن بابت ڀرپور نموني سان لکڻ تي کيس خيرالنساءَ جعفري ادبي ايوارڊ ۽ خان محمد پنهور ايوارڊ ملي چڪا آهن. هن وقت سنڌ گورنمينٽ ۾ ڊي. ڊي. او روينيو حيدرآباد طور (شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾) خدمتون سر انجام ڏئي رهي ھئي.

 

نامياري ليکڪا انيتا شاھ پنھنجي زندگي جو سفر مڪمل ڪري ھميشه لاء راھ رباني ڏانھن ھلي وئي. پاڻ ڪجهہ وقت کان الزائمر جي موذي مرض ۾ مبتلا ھئي ء عليل ھئي اڄ پنھنجي زندگي جي جنگ ھارائي ويئي ۽ مالڪ حقيقي سان وڃي ملي.
انيتا شاھ جون ڪيل خدمتون تاريخ ۾ ھميشه سونھري لفظن سان ياد رکيون وينديون. الله پاڪ کين جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close