زندگي جا خوبصورت لمحا, دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -3)

ليکڪ: اودياترانائر

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

5- ديولالي ۾ رھائش

منھنجي ڀاءُ ايوب کي دم جو مرض ٿي پيو، ڊاڪٽرن جي مشوري تي آبھوا جي تبديليءَ لاءِ بمبئي کان 180 ڪلو ميٽر پري جابلو علائقي ديولالي منتقل ٿي وياسين، اتي بھتر علاج جي سھولت ۽ بھترين آبھوا ايوب جي صحتيابي لاءِ ٻڌائي وئي ھئي. ديولالي خوبصورت ۽ سرسبز علائقو ھو، ھر طرف وڻ ئي وڻ ھئا، اسان اتي ڪرائي تي ھڪ وڏو گهر ورتو، گهر ۾ بہ ڪيترائي وڻ ھئا. ھتي جي ساوڪ، جبل، ميدان ۽ واديون ڏسي مون کي پشاور ياد اچي ويندو هو. ھتي جا ماڻھو يوپي لھجي ۾ ڳالھائيندا ھئا، ان وقت خبر نہ ھئي تہ اھا ڪھڙي ٻولي ۽ لھجو آھي، پر پوءِ مون بہ سکي ورتي ۽ رواني سان ڳالھائڻ لڳس. ڪافي وقت کان پوءِ مون جڏھن ”گنگا جمنا“ فلم ٺاھي، تہ اھو لھجو منھنجي ڪم آيو. ان فلم ۾ ندي، نالن، جبلن ۽ جهنگن جا جيڪي خوبصورت منظر آھن، اھي دراصل اسان جي ديولالي جي رھائش واري ڏينھن جا ئي عڪس آھن. بيشڪ ننڍپڻ جا ماحولياتي منظر ذھن ۾ ويھي ويندا آهن ۽ پوءِ اھي زندگي ۾ ڪڏھن ڪڏھن ياد ايندا رھندا آھن. فلم ”گنگا جمنا“ جي منظرن جو بنيادي تصور بہ منھنجي پشاور ۽ ديولالي ۾ گذاريل ڏينھن مان ورتل آهي. 1961ع ۾ جڏھن گنگا جمنا فلم جي منظرن جي عڪس بندي لاءِ ديولالي ويس تہ اتي ننڍپڻ جو گذاريل وقت ياد اچي ويو، ننڍپڻ جي گذاريل ڏينھن جون ڪيتريون ئي يادون ذھن ۾ اينديون رھيون. ھتي ئي مون ڪجهہ منفرد ماڻھو ڏٺا ھئا، بعد ۾ خبر پئي تہ اھي ترڪ فوجي آھن، جيڪي ٻي جنگ عظيم ۾ قيدي ٿي آيا. يونيفارم پاتل انگريز فوجين کي حيرت سان ڏسندو ھئس، انھن جو گهوڙي تي چڙھڻ ۽ ڦڙتي منھنجي لاءِ وڏي حيرانيءَ جو سبب ھوندي ھئي. انگريز فوجي آفيسر وڏي پراعتماد طريقي سان گهوڙي تي سواري ڪندا هئا. انگريزن جا گهر صاف سٿرا ھوندا ھئا، انھن جي گهرن جي لان ۾ ٻوٽا انتھائي بھترين طريقي سان لڳل ھوندا ھئا. انگريز عورتون گهرن جي ورانڊي ۾ ويھي سوئيٽر اُڻينديون رھنديون ھيون. اسان جو پنھنجو گهر بہ وڏو ھو، گهر ۾ موجود باغ جي سنڀال لاءِ ھڪ مالھي ۽ ان جي زال ھوندي ھئي. منھنجي امان ۽ ڀينرن جو اس ۾ ويھڻ، وارن ۾ ليس لڳائڻ… اھي سڀ منظر دماغ ۾ ڦرڻ لڳا، ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ننڍپڻ جا اھي منظر تازا ٿي ويا، ٻئي دفعي ھتي اچڻ ۾ تمام گهڻو مزو آيو. ھتي فوجي ڇانوڻي ھجڻ ڪري تعليمي معيار تمام بھتر ھيو. بارنس نالي اسڪول ۾ مون کي داخل ڪرايو ويو. انگريزي ٻولي سکڻ لاءِ ھتي جو ماحول مفيد ثابت ٿيو. مون انگريزي ڳالھائڻ ھتان ئي سکي. فٽبال کيڏڻ جي دلچسپي بہ ھتان پيدا ٿي.

آغا جي ايوب جي بيماري سبب فڪر مند رھندو ھو.ڪاروبار جي ڪري ان جي مستقل رھائش تہ بمبئي ۾ ھئي، پر ھفتي ۾ ھڪ دفعو ھو ديولالي ايندو هو. آغا جي منھنجي انگريزيءَ ۾ دلچسپي ھجڻ جي ڪري ڏاڍو خوش ھو. مون ھڪ انگريزي نظم ياد ڪيو ھو، جڏھن بہ اھو نظم ٻڌائيندو ھئس تہ خوش ٿيندو ھو ۽ آغا جي کي جتي بہ موقعو ملندو هو تہ پنھنجي دوستن کي نظم ٻڌائڻ لاءِ مون کي چوندو هو، اھو نظم ھي ھيو،

I have two eyes
And I can see the door
The seiling, the wall
And the big blue sky
Bent over all.

منھنجون ٻہ اکيون آھن
آئون دروازي کي ڏسي سگھان ٿو
ڇت کي، ديوار کي
۽ وڏي نيري آسمان کي
جيڪو سڀني جي مٿان جھڪيل آھي
آئون انھن سڀني کي ڏسي سگھان ٿو.

آغا جي پنھنجي سڀني پڙھيل لکيل دوستن کي ٻڌائيندو هو تہ منھنجو يوسف ھاڻي انگريزي ڳالهائي ويندو آھي. سچي ڳالھ اھا تہ آغا جي کي منھنجي صلاحيتن تي فخر ٿيڻ لڳو ھو، آغا جيءَ جي پٺاڻ دوستن کي بہ انھي ڳالھ تي خوشي ٿي ھئي. ديولالي ۾ اسڪولن جون موڪلون ٿيون تہ آغا جي پشاور وڃڻ جو پروگرام ٺاھيو. ياد ڪيل انگريزي نظم پشاور ۾ ھر تقريب جو لازمي حصو بڻجي ويو. مشاعري ۾ جڏهن ڪنھن شاعر جو شعر وڻندو آهي تہ اھو بار بار ٻڌائڻ لاءِ چيو ويندو آهي، مون سان بہ ڪجهہ ايئن ٿي رهيو هو، نظم ٻڌائي بس ڪندو ھئس تہ واھ واھ جون صدائون بلند ٿي وينديون ھيون. تقريب ۾ جيڪڏهن ڪو انگريز ھوندو ھو تہ صورتحال وڌيڪ دلچسپ ٿي ويندي ھئي. بھرحال تقريبن ۾ نظم ٻڌائي ٻڌائي بيزار ٿي پيو ھئس، ننڍپڻ ۾ شرميلو ھجڻ باوجود نظم رواني ۽ خود اعتمادي سان ٻڌائيندو ھئس. اھا ڳالھ منهنجي لاءِ حيرانيءَ جو سبب ھئي، پر ھاڻ جڏھن سوچان ٿو تہ اھا قدرت ئي ھئي، جيڪا مستقبل ۾ منھنجي لاءِ فلمي ڪيريئر جي راھ ھموار ڪري رھي ھئي.

بستري تائين محدود ايوب ٻيو تہ ڪجهہ نہ ڪري سگهندو ھو پر ھن مطالعي کي وڌائي ڇڏيو. اخباري مضمون، ڪھاڻيون ، افسانا ۽ ناول پڙهڻ لڳو ھو. ھن جو چوڻ هو تہ مطالعي سان کيس دلي سڪون ملي ٿو. انگريزي ۾ ذاتي دلچسپي جي ڪري آئون ھن کي انگريزي ناولن جا ترجما ٻڌائڻ لڳس، مشھور فرانسيسي ليکڪ موپاسان جا ڪتاب بہ پڙھي ٻڌايا. اھڙي طرح ھو پاڻ بہ عالمي ادب سان متعارف ٿيڻ لڳو.

ھتي ديولالي ۾ منھنجو ھڪ ھم ڪلاسي، جيڪو قدبت جو وڏو ۽ صحتمند ھوندو ھو، ھو غير سنجيده ۽ بدمعاش قسم جو ڇوڪرو ھو. ھن جو ڪلاس ۾ رعب ھوندو ھو، مون کي ۽ منھنجي دوستن کي ڊيڄاريندو رھندو ھو. ھن جي پيءُ جي شھر ۾ بيڪري ھوندي ھئي. آئون اسڪول ڪڏھن پيادل تہ ڪڏھن سائيڪل تي ويندو ھئس. اسڪول وڃڻ وقت ھڪ ميدان مان گذرڻو پوندو هو، ھڪ ڏينھن ان بدمعاش ھمڪلاسي مون کي ان ميدان تي مار ڏني. آئون خاموشيءَ سان برداشت ڪري ويس پر ڪجهہ عرصي کان پوءِ مون ڪجهہ دوستن سان گڏجي بدلي ۾ ھن کي سٺي ڦيھ ڪڍي. پر مزي جي ڳالھ اھا تہ ھن جي مار جي اسان ٻن کان سواءِ ٻي ڪنھن کي بہ خبر نہ ھئي، جڏھن تہ اسان جي مار جي سڀني کي خبر پئجي وئي ھئي. ٻن ڏينهن کان پوءِ آئون آغا جيءَ کي وٺڻ لاءِ اسٽيشن تي بيٺو ھئس، اتفاق سان اھو بدمعاش ڇوڪرو بہ پنهنجي پيءُ کي وٺڻ لاءِ آيو ھو. اسان ٻنھي جا پيئر ھڪ ئي ريل مان لٿا، منھنجو پيءُ قدآور، جڏھن تہ ھن جو پيءُ سنھو سيپڪڙو ھو. ان ڏينھن جي مار کان پوءِ اھو بدمعاش ڇوڪرو مونکان پري ڀڄڻ لڳو هو. سڀني ھم ڪلاسين ھن ۾ اھا تبديلي نوٽ ڪئي. ٻي ڏينهن اسان ان کي ٻي مار ڏني، گهر پھتس تہ پنھنجي پاڻ کي وڏو فاتح سمجهي رھيو ھئس، پر معمول خلاف ڪجهہ وڌيڪ خاموشي اختيار ڪئي ھئم. آغا جي بہ منھنجي خاموشي ڏسي امان کان پڇيو تہ ھن کي ڇا ٿيو آهي، امان مون کان پڇا ڪئي تہ يوسف ڇا ٿيو آهي، ڪا اھڙي حرڪت تہ ڪانہ ڪئي اٿئي، جيڪا اسان کان لڪائين پيو؟ مون چيو نہ نہ اھڙي ڪا ڳالھ ناهي. مون کي اھو فڪر ٿي پيو تہ ھاڻي منھنجي شڪايت پرنسپال وٽ ويندي ۽ سخت پڇاڻو ڪيو ويندو. مون کي پنھنجو ضمير بہ ملامت ڪري رھيو ھو تہ ڪيترن ئي ڄڻن ملي ھڪ ڄڻي کي مار ڏني آهي، اھا ڪٿان جي بھادري آھي؟ صبح مون ڏٺو تہ اھو بدمعاش ڇوڪرو پنهنجي پيءُ سان پرنسپال جي آفيس ۾ وڃي رهيو هو ۽ ڪجهہ دير کان پوءِ ڪلاس ۾ اچي ويٺو. ڪجهہ ئي گهڙيون گذريون هيون تہ آغا جيءَ کي پرنسپال جي آفيس ۾ ويندي ڏٺم. ڪجهہ دير کان پوءِ ٽيئي آفيس کان ٻاهر نڪري بيٺي پير ڪچھري ڪرڻ لڳا. ان وقت ڏاڍو پريشان ٿيس، جڏھن ڏٺم تہ بيڪري وارو آغا جيء^ سان انتھائي ادب ۽ احترام مان ڳالھائي رھيو آھي. آغا جي بيڪري واري جا پٺا ٺپيا ۽ کيس ڪجهہ چيائين ۽ پوءِ ھو ھليو ويو. ڪلاس ۾ منھنجا دوست خوش ٿي رھيا ھئا، مون ان ڇوڪري طرف ڏٺو تہ ھو کليو، آئون بہ کلي پيس. موڪل کان پوءِ اسان گڏ پنھنجي پنھنجي گهرن ڏي ھليا وياسين، ڄڻ ڪجهہ ٿيو ئي نہ ھو.

ايوب جي طبيعت ۾ سڌارو آيو تہ ڊاڪٽرن جي مشوري سان بمبئي واپس موٽي آياسين. ڪرافورڊ مارڪيٽ واري پراڻي گهر ۾ آياسين تہ امان صفائي ڪرڻ ۾ لڳي وئي، ھاڻي منھنجن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ اضافو ٿي چڪو هو، منھنجا ۽ ڀائرن ڀينرن جا تعليمي خرچ بہ وڌي ويا هئا ۽ ڏينھون ڏينهن گهر جا خرچ بہ وڌندا پئي ويا، جڏھن تہ آغا جي اڪيلو ڪمائڻ وارو ھو ۽ ان جي ڪمائي ۾ ٻاڙائي اچي وئي. منھنجو اسڪول گهر جي ويجهو ھو، ان ڪري پيادل ويندو ھئس. جڏھن خالصہ ڪاليج ۾ داخلا ورتم تہ مون کي اليڪٽرڪ ٽرام ذريعي اچڻو وڃڻو پوندو هو، اسان جي ڪاليج جا ڪيترائي شاگرد بغير ٽڪيٽ جي سفر ڪري خوش ٿيندا هئا، ڄڻ ھنن ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو هجي، مون ڪڏھن بہ ايئن نہ ڪيو. بس جو ڪنڊيڪٽر مسافرن جي سيٽ تي وڃي ڀاڙو وٺندو هو، جڏھن تہ ٽرام جو ڪنڊيڪٽر ھڪ ئي ھنڌ ويٺل ھوندو ھو، مسافر پاڻ وڃي ٽڪيٽ وٺندا هئا. باضمير ۽ ايماندار مسافر بغير ٽڪيٽ جي سفر نہ ڪندا هئا. تفريح خاطر ڪيترائي دفعا آئون ٽرام سان گڏ ڀڄندو ھئس ۽ ڊوڙندي ڊوڙندي ٽپ ڏيئي ٽرام ۾ چڙھي ويندو ھئس. ٽرام جي سفر جون اھي خوبصورت يادون ھيون. ۽ پوءِ مارچ 1964ع ۾ حڪومت ھن سروس کي بند ڪري ڇڏيو،. ھن سروس جي بند ٿيڻ تي ھزارين ماڻھن وانگر مون کي بہ تمام گهڻو ڏک ٿيو ھو. بندش جي آخري ڏينهن تي ڪيترن ئي ماڻهن ھن ٽرام کي پٽڙي تي بيھي الوداع ڪيو ھو. ٽرام جي ان آخري سفر کي الوداع چوڻ آئون بہ لازمي وڃان ھا پر "اسٽار دليپ ڪمار” ھئڻ ڪري ماڻھن جي وچ ۾ نہ وڃي سگهيس. آغا جي کي مون مان وڏيون اميدون هيون، ھو مون کي اعليٰ تعليم ڏيڻ جو خواهشمند هو. ھو مون کي OBE يعني آفيسر آف برٽش ايمپائر ڏسڻ پيو چاھي. ھڪ دفعي مون پنھنجن ڪنن سان اھو ٻڌو ھو، آغا جي امان کي چئي رهيو هو تہ تون يوسف کان ڪاروبار نہ ڪراءِ ، يوسف تنھنجي سوچ کان بہ وڌيڪ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، اعليٰ تعليم جي حاصلات لاءِ ھن کي ٻاھرين ملڪ وڃڻ گهرجي. آغا جي جون مون ۾ وڏيون اميدون رکڻ ڪري آئون ڪنھن حد تائين پريشان ٿي ويو ھئس، خيال ايندو هو تہ آغا جي جون اميدون پوريون ڪري سگهندس الائي نہ! آئون فطرتي طور تي محنتي ھئس ۽ مون ۾ اعتماد بہ ھو تہ منھنجي حوصلا افزائي ڪئي وئي تہ فٽبال جو وڏو رانديگر ٿي سگهان ٿو، پر آغا جي مون کي آفيسر آف برٽش ايمپائر ڏسڻ پيو چاھي، اھو ڪيئن ٿي سگهندو؟

بمبئي ۾ اسان جي گهر ۾ آغا جيءَ جي دوستن ۽ امان جي سھيلين جو مستقل طور تي اچڻ وڃڻ جاري رھيو. اسان جي گهر جي ويجهو ميمڻ ۽ بوھري مسلمان رھندا ھئا، انھن جون عورتون امان ۽ ادي سڪينہ جون سھيليون ھيون. امان جي ھڪ گهاٽي سھيلي ميمڻ عورت بيسہ ٻائي نالي ھئي، ھو روز ٻنپهرن جو اسان جي گهر ايندي هئي، امان سان دير تائين ڪچھري ڪندي رھندي ھئي ۽ ٻئي ٽھڪ ڏينديون رهنديون هيون. بيسہ ٻائي منھنجي خوبصورتي جي بہ تعريف ڪندي رھندي ھئي. منھنجي پوري توجھ فٽبال تي ھئي، دراصل آئون پروفيشنل فٽبالر ٿيڻ چاھيندو ھئس، پئسا گڏ ڪري مون اسپورٽس شوز ورتا، حالانڪہ اسپورٽ جون شيون وٺڻ تي آغا جي ڪڏھن بہ اعتراض نہ ڪيو ھو، ھن کي اھو اطمينان ھو تہ آئون فٽبال کيڏڻ سان گڏوگڏ پنھنجي پڙھائي تي بہ ڌيان ڏيندو آھيان. انھن ڏينھن ۾ لغڙ اڏارڻ جو بہ شوق ھوندو ھو، شام جو ٻار پنھنجن گهرن جي ڇتين تي چڙهي لغڙ اڏاريندا ھئا، لغڙ ڪاٽا ٿيڻ تي نعرا هڻندا هئا ۽ گوڙ ڪندا هئا. اداڪاري ۾ مشھور ٿيڻ کان پوءِ بہ منھنجو لغڙ اڏارڻ وارو شوق ڪيتري ئي عرصي تائين جاري رھيو، مون وٽ اڃا تائين راجستان ۽ ھندستان جي مختلف شهرن مان خريد ڪيل لغڙ محفوظ پيل آھن. ھتي ھڪ دفعو وري راج ڪپور سان بھتر تعلقات قائم ٿي ويا هئا، پشاور ۾ راج ڪپور جي خاندان سان سٺا تعلقات قائم ھئا. آئون ھن جي گهر ويندو رھندو ھئس، ھن جي ماءُ ۽ پيءُ پرٿوي راج مون سان محبت ۽ شفقت سان ملندا هئا. راج ڪپور خالصہ ڪاليج ۾ مشھور ھوندو ھو، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ھن کي پسند ڪندا هئا. ھو ڪرڪيٽ ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو، پر منھنجي دوستي ۾ ھو فٽبال بہ کيڏڻ لڳو ھو. ھو ڇوڪرين سان بيڌڙڪ ڳالھائيندو ھو، ٻئي طرف مون کي ڇوڪرين سان ڳالھائڻ مھل گهبراھٽ ٿيندي ھئي. راج ڪپور مون ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو ھو، چوندو هو تہ ڏس ڀاءُ پُراعتماد ٿيڻ سک، شرميلو پڻ ختم ڪر. ھڪ دفعي راج مون کي چيو تہ ھڪ ڇوڪري توسان ڳالھائڻ چاھي ٿي، ھو سامھون بيٺي آهي، وڃي ان سان ڳالھاءِ. راج مون بابت ڇوڪري کي اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو، آئون ڇوڪري سان ملڻ جي ھمت نہ ڪري سگهيس، راج ڇوڪري کي وري ڪينٽين تي گهرائي ورتو، اسان ٻئي ھن سان وڃي ٽيبل تي ويٺاسين. آئون اتي بہ ڇوڪري سان نہ ڳالھائي سگهيس ۽ ھو ھلي وئي، ھن سمجهو ھوندو تہ اھڙي بيڪار سان ڳالھائڻ ئي فضول آھي. ھڪ دفعي راج ڪپور منھنجي گهر آيو، ڪجهہ دير ويھڻ کان پوءِ چيائين تہ اٿ ٻاھر گهمڻ ٿا ھلون، ھن جو خيال هو تہ تاج محل ھوٽل وٽ ھلي پسار ٿا ڪيون. انڊيا گيٽ وي وٽ اسان ڀاڙي تي ٽانگو ورتو، ٽانگو مس ھليو ئي ھو تہ راج ان کي روڪي ورتو، روڊ جي پاسي ۾ ٻہ پارسي ڇوڪريون پاڻ ۾ ڳالھائي رھيون ھيون، راج انتھائي مھذب انداز ۾ ھنن کي چيو تہ اچو اسان توهان کي ڇڏيون ٿا. ھتي پارسين جي ٻولي گجراتي ھئي، اڪثريت گجراتي ڳالھائيندا ھئا، راج کي گجراتي بہ ايندي هئي. راج جي گفتگو جو انداز ۽ خود اعتمادي مان ڇوڪرين سمجهو ھوندو تہ ھي بہ پارسي آھي. راج شڪل صورت ۾ سھڻو ۽ رنگ جو اڇو ھوندو ھو ۽ پارسين سان گهڻي مشابھت رکندو هو. ان وقت منھنجي حالت عجيب و غريب ٿي چڪي هئي ۽ راج جي خود اعتمادي تي حيران ھئس. ھڪ ڇوڪري راج سان جڏهن تہ ٻي ڇوڪري مون سان گڏ ويٺل ھئي. آئون تہ رڙھي ڪنڊ ۾ وڃي ويٺس، جڏھن تہ راج ڇوڪري سان لڳي ويٺو هو ۽ پنھنجي ٻانھن ڇوڪري جي ڪلھي تي رکي ھئائين ۽ جلدي ۾ ئي ان سان فري ٿي ويو ھو، ڄڻ تہ اڳ ۾ ئي ھڪٻئي کي سڃاڻيندا ھجن. آئون بلڪل خاموش ويٺو ھئس، ڪجهہ دير کان پوءِ اھي لھي ھليون ويون. راج اھو سڀ ڪجهہ مون ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيو هو. ان ۾ ڪوبہ شڪ ناهي تہ راج ۾ وڏي خود اعتمادي ھئي، سٺي ڳالھ اھا تہ اھڙي قسم جو حرڪتون ھو شرارت ۾ ڪندو ھو ،ان ۾ ڪنھن بہ قسم جي ھلڪڙائپ نہ ھوندي ھئي. راج ڪپور فلمي ڪيريئر جي چونڊ ڪئي ھئي، ھن کي خبر ھئي تہ ھن پيشي ۾ خود اعتمادي انتھائي اھم آھي. پر منھنجي نصيب ۾ ڇا لکيل ھو، ڪا خبر نہ ھئي، جڏهن تہ شعوري طور تي فٽبال جو وڏو رانديگر ٿيڻ چاھيندو ھئس، ان لاءِ سنجيده بہ ھئس ۽ روز کيڏندو بہ ھئس، کيڏندو تہ ڪرڪيٽ بہ ھئس پر فٽبال جو جنون ھو. اسڪول ۽ ڪاليج ۾ بھترين ايٿليٽ رھيس، ٻہ سؤ ڪلوميٽر جي ھر ريس مون کٽي. آغا جي راندين جي معاملي ۾ ھميشہ منھنجي ھمت افزائي ڪئي. جڏھن بہ گهر ۾ کٽيل ٽرافي يا تعريفي سرٽيفڪيٽ آڻيندو ھئس تہ ھو مون کي شاباس ڏيندو ھو. آغا جي مون کي سول سرونٽ ٿيندي ڏسڻ پيو چاھي، ان جا خواب ڪجهہ ٻيا ھئا ۽ آئون ڪجهہ ٻيو سوچي رھيو ھئس. اهي آغا جيءَ جا خواب ئي ھئا، جن جي ڪري مون پنھنجي دل جي ڳالھ ان کان لڪائي رکي، يعني اھو تہ آئون فٽبال جو چيمپيئن ٿيندس يا تہ ڪرڪيٽ جو وڏو رانديگر ٿيندس.

هلندڙ


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)

  2. ”زندگي جا خوبصورت لمحا“ دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط 2)


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close