سنڌي ٻولي، قومي ٻولي (ڪھاڻي)

ممتاز ساقي

شھر جي ھڪ ھال ۾ ادبي تنظيم پاران ٻوليءَ تي سيمينار رٿيل ھو. پنڊال سنڌ جي نالي وارن اديبن، شاعرن محققن ۽ صحافين توڙي ادبي ذوق رکندڙ ماڻھن سان ڀريل ھو. ايڪو تي سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ قومي گيت ”ٻي ٻي تي تي ٻاتي ٻولي،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ گونجي رھيو ھو. ھال ۾ موجود ۽ ٻاھر بيٺل اديبن جي چھرن تي قديم ٻوليءَ سان پيار جا پوپٽ اڏري رھيا ھئا. ٻوليءَ جا وارث انقلابي گيتن ۾ محو ھئا. اڃا خاص مھمان نه پھتا ھئا، اسٽيج تي سجايل وڏي پينافليڪس جي پس منظر ۾ موھن جو دڙو ۽ الف بي جا اکر اُڪريل ھئا. وچ تي وڏن اکرن ۾ لکيل ھو
”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“

اسٽيج تي ماڻھن جي ھلڪي اچ وڃ لڳل ھئي ۽ قومي گيت زنگجي ويل ذھنن ۾ قومي روح ڦوڪي رھيا ھئا. شھزاد پڻ پروگرام ۾ موجود ھو، ھن وقت ڏٺو، رات جا ڏھ ٿي رھيا ھئا. ھو ٻاھر نڪري جائزو وٺڻ لڳو. ھلڪي چانڊوڪيءَ ۾ مين گيٽ تي ننڍڙا رنگين بلب، ٿڌڙي ھوا جا جهوٽا، ۽ ٻاھر قطارن ۾ بيٺل گاڏيون ڏسي سندس دل باغ بھار ٿي ويئي. ان مھل ئي ڪمپيئر جو آواز سندس ڪنن تي پيو، ”دوستو، اسان جا خاص مھمان جلد پھچڻ وارا آھن. ٻاھر بيٺل دوستن کي گذارش ٿي ڪجي تہ پنھنجي جڳھہ تي اچي ويھن“

ڪجهہ دير ۾ ئي پروفيسر بچل سنڌي ٻين مھمانن سميت گاڏيءَ مان لٿو. مھمانن ۾ اٺن سالن جو ھڪ پينٽ شرٽ پھريل ڇوڪرو بہ ھو. ڪمپيئر آيل مھمانن جي آجيان ڪئي، پروگرام ۾ موجود اديبن تاڙيون وڄائي سندن آڌرڀاءُ ڪيو. آجياڻي تقرير کان پوءِ مقرر ٻوليءَ سان پيار جا وچن ورجائيندا رھيا.

شھزاد جي دل ۾ ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ لاءِ پنھنجائپ وڌندي ويئي. ھُو پروفيسر بچل سنڌيءَ کي روبرو ڏسڻ جھڙي سعادت حاصل ڪرڻ لا۽ آيل ھو. ھو اخبارن ۽ رسالن ۾ لکيل سندس ڪالم ۽ لکڻيون پڙھڻ کان پوءِ سندس شخصيت جي سحر ۾ وڃايل ھو. پروفيسر نثر جو تمام ڀلوڙ ليکڪ آھي. سندس ھر آرٽيڪل ۾ ٻوليءَ سان پيار جا انيڪ پکي اڏامندي محسوس ٿيندا آھن. شھزاد لکندڙ تہ نہ آھي، پر سٺو پڙھندڙ ضرور آھي. پروفيسر بچل سنڌي ۽ ٻين اديبن پاران ٻوليءَ لاءِ ڪيل اڻٿڪ جدوجھد شھزاد جي ذھن ۾ ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ پٺتي پيل سنڌي ٻوليءَ جي سھاري طور پروفيسر جھڙا ڪردار پھاڙن جيان اوچا ۽ برجهلا لڳندا ھئا.
ٻوليءَ لاءِ جاکوڙي اديب سندس حوصلا وڌائيندا ھئا ۽ لڳندو ھئس تہ سنڌي ٻولي ڪڏھن بہ ختم نہ ٿيندي. سنڌي ٻولي دنيا جي ٻين ٻولين سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھلندي رھندي.

تقريري سلسلو جاري ھو، شھزاد کين غور سان ٻڌي رھيو ھو، پر سندس دل ۾ صدارتي خطاب ٻڌڻ لاءِ بيچيني جيئن جو تيئن برقرار ھئي. خاص مھمانن جي تقريرن کان پوءِ جڏھن پروفيسر صاحب کي ڊائيس تي سڏيو ويو، تہ سندس ادب ۾ ڪرسين تان اٿي بيٺلن ۾ شھزاد بہ ھو. پنڊال تاڙين سان ايئن گونجيو، جيئن سانوڻي رُت ۾ بادل گجندا آھن ۽ پو۽ کن پل ۾ ماٺ ٿي ويئي. رڳو پروفيسر جو آواز ھو، جيڪو ڪنن ۾ رس ڀرڻ لڳو.

پروفيسر صاحب پنهنجي تقرير ۾ چئي رهيو هو: ”اسين دنيا جا خوشنصيب ماڻھو آھيون، جن وٽ پنھنجي ڌرتي، شاھڪار ثقافت ۽ شاھوڪار ٻولي آھي. اھا ٻولي، جنھن ۾ دنيا جي عظيم شاعر شاھ لطيف پنھنجي خيالن کي نه صرف اظھاريو، پر سورمن ۽ سورمين جي سڃاڻپ ڪرائي. شاھ سائينءَ زندگي جي سمورن رنگن کي ان ئي ٻوليءَ ۾ اھڙو چٽيو، جو سندس ڪلام ۽ ڪردار ھميشہ لاءِ امر ٿي ويا.. پر افسوس جو ايڏي ڪُشادي ۽ خوبصورت ٻوليءَ جو اسين قدر ڪري نه سگھياسين..!!!! اسين بازارن، گهرن ۽ ڪچھرين ۾ ڌارين ٻولين جا لفظ ٽنبي، ڄڻ پنھنجي ٻوليءَ کان انڪار ڪري رھيا آھيون.!!!!!!!“

ڪاري رنگ جو ’ٿري پيس‘ پھريل پروفيسر بچل سنڌي تقرير دوران رومال سان چھرو صاف ڪندي ۽ ڪنھن مھل اڇي چشمي کي لاھيندي ۽ چاڙھيندي ڳالھائي رھيو ھو.. ھن ويٺلن تي سواليہ نظر وجهندي چيو، ”اھڙو ڪھڙو جملو آھي، جنھن جي مڪمل ڪرڻ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ کُٽي ٿا پون، جو اسان کي انگريزي ۽ رابطي واري اردو زبان جو سھارو وٺڻو ٿو پوي!؟ اسان جو لکيو پڙھيو ۽ باشعور طبقو ٻين ٻولين جي لفظن جي استعمال کي پنھنجي قابليت ٿو سمجھي!!! جڏھن ته اھا ٻوليءَ سان ناانصافي آھي.. اسين ٻين سببن ڪري ڀلي محتاج ھجون، پر ٻوليءَ جي محتاجيءَ واري ڪارنھن کان آجا آھيون.“

پروفيسر چشمي کي اکين اڳيان ھٽائي پنڊال تي اڇاتري نظر وجهندي چيو، ”اوھان سڀني جا ٻچا ۽ اسڪولن ۾ پڙھندڙ ٻارڙا سنڌي ٻوليءَ جا سپاھي آھن. اسان کي پنھنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ جي حفاظت ڪرڻي پوندي. ٻوليءَ جي اھا جنگ اسان جي نوجوانن کي وڙھڻي پوندي. اھا جنگ عام ماڻھو کي وڙھڻي پوندي. اھا جنگ اسان کي پنھنجن گهرن کان شروع ڪرڻي پوندي،“

پوءِ جڏھن پروفيسر ٻوليءَ سان محبت لاءِ دليل طور لطيف سائين جا بيت ۽ شيخ اياز جا نظم ٻڌايا تہ شھزاد جي ذھن ۾ اتساھ جا وڻ وڏا ٿيڻ لڳا، کيس پڪ ٿي ويئي تہ، جتي ٻولي مسئلن ۾ وچڙيل آھي، اتي پروفيسر جھڙا ٻولي-دوست ليکڪ وڏن جبلن جيان مضبوطيءَ سان ٻوليءَ لا۽ وڙھي رھيا آھن. کيس پڪ ٿي ويئي، ته ٻوليءَ سان ٻہ اکيائي وارا سمورا منصوبا واريءَ جي ڪوٽن جيان ڊھي پوندا. وقت جي ھوا کين ھڪ ھنڌ ٽڪڻ نہ ڏيندي.

شھزاد انھن ئي خيالن ۾ گم ھو، تہ اوچتو تاڙين جي آواز تي متوجہ ٿيو.. ھن ڏٺو تہ پروفيسر تقرير ختم ڪري پنھنجي ڪرسيءَ ڏانھن وڃي رھيو ھو. جڏھن پروگرام پڄاڻيءَ تي پھتو، تہ ھر پاسي سُس پُسِ شروع ٿي ويئي. سڀ اٿي ٻاھر نڪرڻ لڳا. شھزاد جي دلي خواھش ھئي تہ پروفيسر سان ھٿ ملائي. سنڌي ٻوليءَ جي رکوالي سان ھٿ ملائڻ کي وڏي سعادت سمجهندي اڳيان وڌيو، پروفيسر ميزبانن ۽ چاھيندڙن جي ميڙ ۾ اڳيان وڌندو ويو، تہ ھو بہ سندس پويان ھلڻ لڳو. پروفيسر گاڏيءَ وٽ پھتو تہ اديبن ساڻس فوٽو ڪڍرايا. ميڙ ۾ شھزاد جي نظر پينٽ شرٽ پھريل ڇوڪر تي پئي، جنھن سان ڪجھ اديب ڳالھائي رھيا ھئا. شھزاد ٻہ قدم اڳتي وڌي جبل جھڙي ماڻھوءَ سان ھٿ ملايو، ڀر ۾ بيٺل پروگرام آرگنائيزر پروفيسر کان ڇوڪري بابت پڇيو.

”ھي منھنجو ننڍو پٽ آھي، انيس۔“ پروفيسر ٻڌايو

”ڪھڙي ڪلاس ۾ پڙھندو آھين پٽ؟“

”ڪي جي ٿري.“ انيس مختصر جواب ڏنو

”پاپا چلیں…“ انيس بيزاريءَ مان چيو

”ہاں چلتے ہیں..“ پروفيسر مٿي تي ھٿ گھمائيندي چيس.

پيءُ پٽ وچ ۾ ڌارين ٻوليءَ ۾ ٿيل مختصر ڳالھ ٻولھ ٻڌي شھزاد جي ذھن ۾ ھڪ منھن زور طوفان ڪاھي پيو، جنھن سندس اتساھ جا وڏا وڻ ھڪ ئي ڌڪ سان ڪيرائي وڌا!!!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close