زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط- 20

ليکڪہ: اودياترانائر

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

22- زال مڙس جي فلمي جوڙي

فلم "گوپي” ۾ منھنجو ۽ سائرا جو گڏ ڪم ڪرڻ ھڪ سٺو تجربو ثابت ٿيو، مدراس جي ھڪ ڏورانھين علائقي ڪوڊمبڪم ۾ ناگي ريڊي ڪرائي تي ھڪ الڳ گهر وٺي ڏنو ھو، ھن ۾ ھڪ وسيع بيڊمنٽن ڪورٽ ٺھرايو. وڻن ۽ ساوڪ ۾ گهيريل گهر جو ماحول انتھائي وڻندڙ ھو. گوپي فلم اسان لاءِ ھڪ شاندار ۽ طويل ھني مون ثابت ٿيو. ھن فلم جو ھدايتڪار اي ڀيم سنگهہ ھو، مون سان فلم ۾ پھريون دفعو ڪم ڪرڻ تي سائرا تمام گهڻي خوش ھئي. ھن فلم دوران فريده جلال جي سائرا سان دوستي ٿي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي. رقص سيکارڻ واري روشن ڪماري سان دوستي جي شروعات بہ ھتان کان ٿي. گوپي فلم جو گيت "جينٽل مين جينٽل مين” مقبوليت جا ريڪارڊ قائم ڪيا، ھي گيت لتا منگيشڪر ۽ مھندرا ڪپور ڳايو، راجندر ڪرشن لکيو ھو، جڏھن تہ ڪمپوز ڪليانجي آنند ڪيو. ھن گيت تي سائرا کي روشن ڪماري ڪلاڪن جا ڪلاڪ رقص جي مشق ڪرائيندي ھئي.

پھرين ڏينھن جڏھن فلم جا ڪيترائي سين فلمبند ٿي چڪا هئا، تڏھن شاعر راجندر ڪمار سائرا کي اڪيلائي ۾ چيو ھو تہ ڏس پٽ تو بھترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، مون کي خوشي ٿي آهي، پر منھنجي نصيحت اھا آھي تہ بطور سائرا بانو اداڪاري ڪر، دليپ ڪمار ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪر. دليپ سان گڏ ڪم واريون اداڪارائون اھا ئي غلطي ڪنديون آهن، ھو دليپ ڪمار ٿيڻ گهرنديون ھيون، تنھنڪري ناڪام ويون. جڏھن وڏي اداڪار سان ڪم ڪري رهيا ھجو، ان جي نقل ڪرڻ تمام وڏي غلطي آهي. پنھنجي پاڻ تي ڀروسو رکي پنھنجن صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ گهرجي.

سائرا اھو جڏھن مونکي ٻڌايو تہ مون چيو تہ راجندر ڪمار بلڪل صحيح ٿو چوي، ان جو وڏو مطالعو آھي. اھا حقيقت آھي تہ آئون ساٿي اداڪارائن کي انھن جا سين فلمائڻ کان پھرين ڪري ڏيکاريندو ھئس. منھنجي اھا نيت ھوندي ھئي تہ اھي سکن. اھو انداز مون ايس مکرجي ۽ محبوب صاحب کان سکيو هو، ھي ٻيئي چھري جا تاثرات ۽ جسماني حرڪت جي نقل ڪرڻ جا ماھر ھئا. منظرن جي فلمبندي کان پھرين اداڪارن کي سمجهائيندا ھئا.

1964ع جي فلم ليڊر جي شوٽنگ دوران ايس مکرجي صاحب وجنتي مالا کي اھي سين ڪري ڏيکاريا، جڏھن ھو ھڪ باوقار عورت طور پنھنجي عاشق کي عشق جي اظھار جو جواب ڏيندي آھي. محبوب صاحب 1954ع جي فلم امر جي ھدايتڪاري ڪري رھيو ھو، ھن ٿلھي ھجڻ باوجود ادڪارہ نمي کي ھڪ نازڪ ۽ ڳوٺاڻي ڇوڪري طور سين ياد ڪرايا.

مالڪ سائين مون کي تاثرات سمجهڻ لاءِ ڪافي صلاحيتون ڏنيون آهن. ننڍپڻ ۾ ئي مون تاثرات تي غور فڪر ڪرڻ ۽ سمجهڻ سکي ورتو هو. چھرن جا تاثرات پڙھڻ مون ننڍي وھي ۾ سکي ڇڏيا هئا. پشاور واري گهر ۾ آغا جي، امان ۽ گهر ۾ اچڻ وارن ماڻهن جي چھرن جا تاثرات پڙھڻ منھنجو بھترين مشغلو ھو. امان نوٽ ڪري وٺندي ھئي تہ آئون ڪنھن غور فڪر ۾ آھيان. ھوءَ مونکي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندي هئي تہ ننڍن کي وڏن جون ڳالھيون نہ ٻڌڻ گهرجن پر پوءِ بہ جڏھن گهر وارا ڪمري کان ٻاهر ھوندا ھئا تہ پري کان ويھي انھن جي گفتگو جي موضوع بابت اندازو لڳائي وٺندو ھئس. مون سان گڏ ڪم ڪندڙ اداڪارہ نرگس ھڪ دفعي مون کان پڇيو تہ عورتن جا طور طريقا، انداز بيان ڪيئن ڄاڻي وٺندو آھين، مون ان کي جڏھن پنھنجي ننڍپڻ جا مشاھدا ٻڌايا تہ حيران ٿي وئي.

فلم گوپي ڏي واپس اچون ٿا، سائرا سان گڏ ڪم ڪرڻ سان مونکي اندازو ٿيو تہ سائرا محنت سان ھڪ مثالي ڪم ڪرڻ چاھي ٿي. جن منظرن ۾ اسان گڏ ھوندا ھئاسين، ھوءَ منھنجن مشورن تي عمل ڪندي ھئي، ٻہ ٻين فلمن ۾ بہ ھن مون سان گڏ ڪم ڪيو. ھڪ فلم سگينا ھئي، جيڪا پھرين بنگالي ۾ "سگينا مھا تو” جي نالي سان ٺھي ھئي. ٻي فلم "بيراگ” ھئي. سائرا اھڙا ڪردار ڪيا، جن جو حقيقت سان ڪو بہ واسطو نہ ھو. ھن ھدايتڪارن ۽ ليکڪن جي رھنمائي سان گڏوگڏ پنھنجي ڄاڻ ۽ سمجهہ آڌار بھترين اداڪاري ڪئي. گوپي تي اڃا ڪم ھلندڙ ھو تہ اسان زال مڙس فلم سگينا ۾ ڪم ڪرڻ جو معاھدو ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ مونکي فلم جي ڊائريڪٽر تپن سنھا سان ملاقات لاءِ بار بار ڪلڪتي وڃڻو پوندو هو. تپن بہ ايس مکرجي وانگر فزڪس ۾ تعليم يافتہ ھو، ھن بہ سائونڊ انجنيئرنگ ۾ فلمي پيشو اختيار ڪيو ھو، تپن تمام گهٽ ڳالھائو ھو. ھن سان منھنجي پھرين ملاقات ھتن چوڌري معرفت ٿي هئي. ھن جي ھڪ خوبي اها بہ ھئي تہ ھو اداڪارن جي راءِ کي اھميت ڏيندو هو. فلم جي پسمنظر جي باري ۾ ھن مون سان طويل گفتگو ڪئي. تپن مونکي مشورو ڏنو تہ انڊيا جي آزادي کان اڳ جي مزدور تحريڪن ۽ شدت پسند ھٿياربند تحريڪن جو مطالعو ڪيان. فلم سگينا جو ڪردار منھنجي لاءِ متاثر ڪندڙ ھو، فلم پھرين بنگالي ٻولي ۾ ٺاھي وئي، مون کي انھي ئي ٻولي ۾ مڪالما ڪرڻا ھئا، بنگالي ٻولي مونکي پھرين بہ پسند ھئي. فلمي ڪيريئر جي شروعات ۾ اشوڪ ڀاءُ، ايس مکرجي ۽ ٻين بنگالي ھدايتڪارن ۽ ليکڪن سان گڏ رھڻ جو موقعو مليو ھو. اھي بنگالي ٻولي جا وڏا ماھر ھئا. انھن سان گڏ رھڻ ڪري بنگالي ٻولي ڄاڻڻ سان گڏوگڏ ان جي لھجي کان بہ واقف ٿي چڪو ھئس. ان ڪري ھن فلمن ۾ بنگالي مڪالمن جي ڪري مونکي ڪا بہ پريشاني ڪونہ ٿي. فلم ۾ ھندي گيت بہ شامل ڪيا ويا هئا. مشھور گيت "توري سنگ تو رين بتائي” مون تي ۽ سائرا تي فلمايو ويو هو. ھن ۾ سنگينا ۽ لليتا جو پيار اھڙي طرح ڏيکاريو ويو هو، جھڙي طرح فلم گنگا جمنا ۾ گنگا ۽ دھنو تي گيت "ڍونڍو ڍونڍو ري سجنا موري ڪان ڪا بالا” فلمايو ويو هو. مجروح سلطانپوري جي لکيل ان گيت کي لتا منگيشڪر ۽ ڪشور ڪمار ڳايو ھو، جڏھن تہ ايس ڊي برمن (سچن ديو برمن) ڪمپوز ڪيو ھو. آئون فلم ۾ بيحيائي وارن منظرن جي خلاف ھئس. منھنجي ذھن ۾ ھميشہ اھا ڳالھ ھوندي ھئي تہ پنج ڀينرن ۽ ڇھ ڀائرن جي خاندان جو سربراھ آھيان. منھنجي فلم ۾ بيحيائي وارا منظر منھنجون ڀينرون ڏسنديون تہ اھي ڇا سوچينديون. ان جو قطعي اھو مطلب ناھي تہ آئون ڪٽر خيالن جو حامي ھڪ رجعت پسند آھيان. فلم ڏسندڙ بہ اھا توقع رکندا آهن تہ دلپسند منظر ڏيکاريا وڃن پر بطور اداڪار جي منھنجون ڪجهہ ذميواريون ھيون، جن کي ھر حال ۾ نڀائڻ چاھيندو ھئس. اھو ئي سبب آهي جو مون منظرن جي فلمبندي دوران اھو اصرار ڪيو تہ ڪٿي بہ ھيرو ۽ ھيروئين جي وچ ۾ جسماني ربط نه ڏيکاريو ويندو. فلمن جي چونڊ جي حوالي سان منھنجي ترجيح ھميشہ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ھوندي ھئي. ھر معاملي ۾ ڪنھن وڏي اداڪار جي مرضي نہ ھلندي آھي پر گهٽ ۾ گهٽ منھنجا اسڪرپٽ ڪجهہ اھڙن قسمن جا ھوندا ھئا. مون محنت ڪشن جي جدوجھد، تاريخ ۽ معاشري سميت ڪيترن ئي موضوعن تي ڪاميڊي فلمون ٺاھيون. ھر فلم ۾ منھنجي پنھنجي ترجيح شامل ھوندي ھئي. فلم "سگينا مھا تو” جو موضوع بہ منھنجو پسنديده ھو. ھن فلم ۾ مزدور تحريڪن تي اثرانداز ٿيندڙ سياست کي موضوع بڻايو ويو هو. ان وقت سائرا پنھنجن فلمن ۾ مصروف ھئي، پر ھن فلم سگينا مھا تو ۾ لليتا جي ڪردار لاءِ ڪم ڪرڻ جو راضپو ڏيکاريو. دراصل ھو مغربي بنگال جي علائقي دارجلنگ ۾ مونسان گڏ رھڻ چاھيندي ھئي. ڪردار تمام گهڻو مشڪل ھو پر سائرا بھترين طريقي سان نڀايو، سچي ڳالھ اھا آھي تہ آئون پاڻ ھن جي ھمت تي حيران ٿي ويو ھئس. ان فلم ۾ ھن جي ڪردار کي نقادن بہ ساراھيو ھو. ھن جي محنت کي ڏسندي مون اھو فيصلو ڪيو تہ سائرا کي زال طور گهر ۾ ويھارڻ ان سان ناانصافي ٿيندي. شادي جي ڪجهہ ھفتن بعد مون سائرا جي فلم "شاگرد” جا ڪجهہ سين ڏٺا ھئا، ان ۾ سائرا ھيروئن ۽ ايس مکرجي جو پٽ جئي مکرجي ھيرو ھو. ھي فلم ثمر گنگولي جي ھدايتڪاري ۾ ٺھي ۽ 1967ع ۾ ريليز ڪئي وئي. ان فلم ۾ سائرا جو ڪم ڏسي مون ھن کي چيو ھو توکي فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان منع ڪرڻ وڏو ڏوھ ھوندو.

سگينا مھا تو جي لوڪيشن پشاور جھڙي ھئي. اھو پشاور جنهن جا مختلف حصا ۽ علائقا منھنجي ذھن ۾ تازا ھئا، فارغ وقت ۾ گهمڻ ڦرڻ خاطر جبلن تي چڙهي ويندو ھئس يا بازار ۾ نڪري ويندو ھئس. بازار مان واپسي تي سائرا کي پيش ڪرڻ لاءِ اڇا گل خريد ڪري ايندو ھئس.

ھڪ ڀيري مونکي ٿيٽر ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويا، اتي مون قادر خان نالي ھڪ باصلاحيت اداڪار کي ڏٺو، ھو مونسان اسٽيج جي پويان مليو ۽ ھن ھندي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاھر ڪئي. ھن جي اردو تمام بھترين ھئي، مون تپندہ سان ڳالھايو ۽ ھن کي سگينا ۾ ھڪ غير اھم ڪردار ڏنو ويو. ان کان پوءِ ھن کي بيراگ ۾ بہ ڪم مليو. قادر خان پنھنجي صلاحيتن ذريعي منھنجن اندازن کي صحيح ثابت ڪيو. بعد ۾ ھن بيشمار ھندي فلمن ۾ بطور اداڪار ۽ ليکڪ وڏو مقام حاصل ڪيو. اسان پري ڪنھن جڳھ تي ھئاسين، اڪيلائي ۽ اجنبيت ختم ڪرڻ لاءِ رات جو باھ ٻاري ويھندا ھئاسين، ڳائيندا ۽ ڊانس بہ ڪندا ھئاسين. سائرا جي رقص جي استاد روشن ڪماري رجعت پرست ۽ شرميلي ھوندي ھئي، جئہ پور گهراڻي جي روايت مطابق ھو نقادن اڳيان ڊانس نہ ڪندي ھئي پر ھڪ رات محفل ۾ ھن پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي ڊانس ڪئي ھئي.

فلم سگينا مھا تو جي ھڪ منظر کان ڏاڍو لطف اندوز ٿيو ھئس، ان جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، فلم جو ھيرو سگينا آفيس ۾ ويٺي بوريت محسوس ڪندو آهي، تازي ھوا کائڻ لاءِ ھو ٻاھر نڪري ايندو آهي، اچانڪ ھو پنھنجي سامھون ھلندڙ ريل ڏسندو آھي. مون سوچو تہ ان موقعي تي ھيري کي ريل سان گڏ ڀڄڻ گهرجي. مون جڏھن انھي منظر جو تپندہ سان ذڪر ڪيو تہ ھن کي بہ منھنجي صلاح وڻي، ان مون ڏي ڏسي چيو تہ ريل سان گڏ ڊوڙڻ لاءِ تنھنجي لاءِ ڪو متبادل انتظام ڪرڻو پوندو. ڇا ان لاءِ تون انتظار ڪندين؟ جڏھن مون ان کي ٻڌايو تہ ٽرين سان گڏ ڊوڙڻ جو منظر آئون پاڻ ڪندس، تڏھن ھن کي منھنجي ڳالھ تي يقين نہ آيو. مون ھن کي ٻڌايو تہ ننڍپڻ ۽ نوجواني ۾ آئون ھڪ بھترين ايٿليٽ رھي چڪو آھيان، پر ھن کي يقين ان وقت آيو جڏھن مون اھو منظر ڪيو، اڄ بہ ڏسندڙ ان منظر تي مونکي داد ڏيندا آهن.

هلندڙ


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)

  2. زندگي جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-19)


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close