”او ابا عرس، اباڙي… اي مون مِشڪين رَنَ زال جي ٽيهاڻ، اي منهنجي هٿ مان رسو ڇڏائي ڪنهن جي مال سان گڏجي اڳيان پويان ٿي ويئي آهي. اي ابا، ڀلائي ڪري اِها ٽيهاڻ ته ڳولي آڻي ڏيئينم. ابا، الله تنهنجي سڻائي ڪندو. رب توکي وڌائيندو. اباڙي، آئون مڙهي مرڳو هلڻ کان لاچار، ڪٿي ٿي ڊوڙيو سگهان، ابا ڪريان، مون رنڙيءَ جي ڀلوڙ ٽيهاڻ هروڀرو ويندي هلي.“
”پر ماسي ايمڻان، حالت ته ڏسين پيئي. سڀني کي ساھ سان لڳي پيئي آهي. سڀني کي ٻچا واتن ۾ اچي ويا آهن. هرڪو پنهنجيءَ ۾ پورو ڪونه ٿو پئي. هاڻ جي آئون پنهنجو مال ڇڏي تنهنجي ٽيهاڻ ڳولڻ ٿو وڃان ته مرڳو منهنجو نه ڪو ڍور ٽُلڪي وڃي. پوءِ اُن کي ڪير پيو ڳوليندو.“ عرس لاچاري ڏيکاريندي چيو.
اگسٽ-سيپٽمبر 2010ع واري ٻوڏ دوران، جڏهن 26-اگسٽ تي ڪوٽ عالمو وٽان ٻنڌ ڀڄي پيئي هئي، تڏهن ميرپور بٺورو تعلقي جا تمام گهڻا ماڻهو، سنڌ سرڪار طرفان گاڏين جو بندوبست نه هئڻ ڪري، پنهنجا اجها ڇڏي، پنهنجن ڍورن ڍڳن کي ساڻ ڪري، پنهنجا ٻچا وٺي سامان جون هڙون مٿي تي رکي پيرين پنڌ بٺورو- ٽنڊو محمد خان روڊ وٺي ڪنهن محفوظ هنڌ جي ڳولا ۾ نڪري پيا هئا. ماسي ايمڻان به پنهنجي ڳوٺ وارن ٻين ماڻهن سان گڏجي، پنھنجي ڪُل پُونجي هڪڙي ئي ٽيهاڻ ڪاهي وڃي رهي هئي. جيڪا کانئس هٿ مان رسو ڇڏائي اڳيان نڪري، الاجي ڪٿي گم ٿي ويئي هئي. جهُوني ماسي ايمڻان ٽيهاڻ جي پٺيان ڊوڙي کيس جهلي ڪانه سگهي هئي، سو ڏسندي ڏسندي ئي ٽيهاڻ ٻئي مال سان گڏجي الاجي ڪٿان وڃي نڪتي هئي. هاڻ ماسي ايمڻان جنهن کي تنهن کي پئي پلانڌ وڌا، منٿون ڪيون ۽ سوال پئي ڪيا ته ڪو کيس سندس ٽيهاڻ ڳولي آڻي ڏي، پر هرڪو اهڙي حشريءَ ۾ هو جو ڪنهن به سندس واهر ڪانه ٿي ڪئي ۽ پنهنجي مجبوري ڏيکاري هليو ٿي ويو.. ۽ ماسي ايمڻان ائين مُنهن مٿو پٽيندي، دانهون ڪندي، روئندي پار ڪڍندي اڻ ڏٺل منزل ڏانهن وڃي رهي هئي. سندس اڳيان توڙي پٺيان، نگاھ جي آخري حد تائين ماڻهو، عورتون، ٻارَ، مالَ ڍورَ، گڏھ گاڏيون، ڍڳي گاڏيون، ٽرڪون، بسون، سوزوڪيون ۽ مال جا ڌڻن جا ڌڻ هئا، جيڪي ٻوڏ جي پاڻيءَ پهچڻ جي ڊپ کان تڪڙا تڪڙا هلندا پئي ويا. خبر ناهي ڪيڏانهن پئي ويا. خبر ناهي ڪنهن کي ڪٿي اجهو مهيا به ٿيندو الاجي نه!
“واھ لُوڻائي خان واھ! اي تو وٽ ته هُئي ئي هڪڙي ٽَڪَ (مينهن). اُن جو به تو پئي ٻڌايو ته ڦر مري ويو هو. پوءِ هيءُ هيڏو سارو ڌڻ ڪنهن جو هٿ ڪيو اٿئي؟ ڪنهن پيرَ تي (چوٿين حصي تي) ڇڏيا آهن يا ڪنهن کان ڏوڌ لاءِ (کير ڏوئڻ لاءِ) مڱي آيو آهين؟“
ٻوڏ بعد ٽن مهينن کان پوءِ سندس سالو اڱاريو وٽن آيو هو، سو مينهن، ڍورن ۽ ٻڪرين سان سڄو ڀريل وٿاڻ ڏسي اول ته حيرت مان وات ڦاٽي ويس، پر پوءِ لوڻائيءَ کان ڀريل وٿاڻ بابت پُڇي ويٺو.
لُوڻائيءَ جي مُنهن تي آسودگيءَ واري مُرڪ پکڙجي ويئي. ڏاڍي معنيٰ خيز انداز ۾ وراڻيائين ”ادا، رب ڏي ٿو ته ڇپر ڦاڙي به ڏي ٿو. چوندا ڪونه آهن ته واڱڻ ڪِن لاءِ وائي، ته ڪن لاءِ بادي. سو هيءَ ٻوڏ به ڪن لاءِ ته قيامت ڪاري هئي ته ڪن جا وري ڀاڳ کلي پيا. مون تي به رب راضي ٿي پيو ۽ ڊَهي ڇڏئيم. ٻه ڦرن سان سُئائون مينهيون، هڪڙي ڳَڀَ تي ڀلوڙ ٽيهاڻ، جوڙي ڀلن ڍڳن جي ۽ اٺ پهرو ٻَڪرين جا، ڪي ڍُڪيون ۽ ڪي ڦرو. ڪي ڪِٿان ٽُلڪي آيون ته ڪي ڪٿان رُلي آيون۔. نه ڌڻي وريا ۽ نه وري ڪي ڌراڙ.. نه پُڇا ٿي نه وري ڪنهن وڙول رکي.. پوءِ مون به رب جي رضا تي راضي ٿي کڻي پنهنجو وٿاڻ ڀريو آهي. اڳتي به الله مالڪ آهي. سچ پڇين ته ٻيلي اڱاريا، آئون ته هِن ٻوڏ کي مرڳو پنهنجو ڀاڳ ٿو ڀانيان. حال هڪيو ڊهجي ويو آهيان، پوءِ جون خبرون پوءِ سان.“ لوڻائيءَ جون واڇون ٽڙڻ لڳيون.
”اي لوڻائي، ڪا حيا ڪر، ڪو شرم ڪر. پرايا ڍور ڪاهي وٿاڻ ڀري، پوءِ پيو مَرَڪين ته تنهنجو ڀاڳ وريو آهي.۔ اي ماڻهوئپو به ڪا ڳالھ ٿيندي آهي. شرافت به ڪا شيءِ هوندي آهي. ٿورو سوچ ته سهي، جنهن غريب مشڪين جي هوندي ئي اِها هڪڙي ٽيهاڻ، تنهنجو هينئر ڪهڙو حال ٿيو هوندو!“ اڱاريئي لوڻائيءَ کي شرمائيندي چيو.
”پر آئون ڪو چوريءَ يا زوريءَ ته ڪونه ڪاهي آيو آهيان. مون تي مالڪ مهربان ٿيو آهي. ٻي ڳالھ ته آئون ڪٿي پيو هِنن ڍورن جي ڌڻين کي ڳوليندس. ٻوڏ جي ڊپ کان ڀاڄ ۾ هي ڍور خبر ناهي ڪٿان، ڪنهن جا رُلي آيا آهن. ڪهڙي خبر ته سندن ڌڻي ڪٿي رهيا. ٻي ڳالھ ته مون کي ڪهڙو لاچار ٿيو آهي جو آئون پنهنجا ڀاڙا خرچ ڪري ڌڻين کي ڳوليندو وتان. پر تون ٻڌائي، توکي ڪو اچي پيٽ ۾ وَڍَ پيا آهن اڱاريا. سڀ ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو ڀاڳ آهي. ڀاڳ سان ڪا ريس ڪبي آهي ڇا!؟ تون اُٿي هٿ ڌُو ته ماني کائون.“
۽ اڱاريو وات ڦاڙيو لوڻائيءَ کي تڪي رهيو هو.
(ڪھاڻين جي مجموعي ’اکين ۾ رھجي ويل عڪس‘ تان ورتل)