استاد ڦِڏو ۽ استاد چِٻو

الطاف شيخ

ڳالھ ٿا ڪن ته ملايا جي ڪنهن شهر ۾ ٻه ڄڻا: چٻو ۽ ڦڏو رهندا هئا. ڪو ڪم ڪار يا پورهيو ڪرڻ بدران ٻئي ڄڻا رڳو مفت جون مانيون ويٺا کائيندا هئا. نيٺ هڪ ڏينهن ڦڏي پنهنجي دوست چٻي کي چيو: ”استاد چٻا اچ ته ڪنهن اٽڪل ذريعي ڪجهه ناڻو ڪمايون.“ سو اهو سوچي هو ڀر واري ڳوٺ ڏي روانا ٿيا. اتي پهچي هنن واٽ ويندڙ هڪ ڍڳي کي جهلي هڪ هنڌ لڪائي ڇڏيو. مالڪ جڏهن ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو ته استاد ڦڏو هن وٽ پهتو ۽ چيو! منهنجو هڪ استاد، ڪرامتون ۽ اڳڪٿيون ٻڌائڻ وارو، ”چٻو سائين“ هينئر هينئر هن ڳوٺ ۾ پهتو آهي ۽ کوھ واري مسافر خاني ۾ ٽڪيل آهي ڇو نه هلي ان کان تنهنجي چورايل ڏاند جو ڏس پتو پڇجي؟“
اهو ٻڌي وڃايل ڍڳي جو مالڪ استاد چٻي وٽ پهتو جيڪو به چار پراڻا ۽ ٿلها ڪتاب اڳيان رکي ڍارا هڻي رهيو هو. سواليءَ جوڪم ٻڌي هن ڪتاب کوليا ۽ مکر سان انهن کي اٿلائي پٿلائي ڊڳي جي مالڪ کي چيو: ”هتان مسافر خاني کان ٻاهر نڪ سامهون هليو وڃ. ڪوھ ڏيڍ جي پنڌ کان پوءِ هڪ ڪَٺل جو وڻ نظر ايندءِ، جتان پهرين کاٻي مڙجان ۽ پوءِ ساڄي راھ وٺي وچانءِ ويندو رهجانءِ ۽ ويندو رهجانءِ. تان جو هڪ پراڻي شاخ وٽ گدامڙيءَ جي وڻ وٽ پهچين. اتان پوءِ اتر طرف لڙندين ته سامهون هڪ پپر جي جهوني وڻ هيٺان توکي پنهنجو ڏاند ڏسڻ ۾ ايندو.جيڪڏهن نه اچي ته آئون ڪوڙو ۽ڪوڙي جو پٽ. نذراني خاطر مونکي هڪڙو ٽڪو به نه ڏجانءِ، پر جي ڍڳو ملي وڃئي ته اجوري خاطر مون کي چانديءَ جا ڏھ سڪا ڏجانءِ.“
ڍڳي جو مالڪ ٻڌايل واٽن تان ٿيندو جڏهن نشانيءَ واري هنڌ تي پهتو ته واقعي پپر جي وڻ هيٺان سندس ڪارو ڏاند سڪل ڪانا چٻاڙي رهيو هو. همراھ هڪدم اچي استاد چٻي جا پير چميا ۽ ڏھ چانديءَ جا نڪور سڪا ڪڍي اڳيان رکيا.
اهو ناڻو هٿ ڪري ٻه چار ڏينهن سک جي زندگي گذارڻ لاءِ هاڻ چٻو ۽ ڦڏو پنهنجي ڳوٺ ورڻ جي تيارين ۾ هئا ته ڳوٺ جو وڏيرو اچي وارد ٿيو. ”ڪٿي آهي نجومي؟ آئون کائنس ڪجهہ پڇڻ لاءِ هتي آيو آهيان.” وڏيري چيو، ”ڳوٺ ۾ هر هڪ جي وات تي وڃايل ڍڳي جي ملڻ جو قصو آهي. منهنجي سوپارين واري سوني پيتي رات ڪو شاهينگ چورائي ويوآهي. هاڻ جهٽ پٽ اها ڳولرائي ڏي!“
اهو ٻڌي چٻي جا ڪن اُڀا ٿي ويا ته هاڻي ڇا ڪجي. پر يڪدم سوچي وراڻيائين:“ سائين منهنجا هن وقت ته هڙئي تارا ڪتيون اهڙي چڪر ۾ آهن جو توهان جي فائدي جي ڳالھ ٻڌائي نه سگهندا. ان ڪري رات جاچار پهر گذرڻ ڏيو، نئون سج اڀرڻ سان هليا اچجو ته حساب ڪري ٻڌائيندو سانوَ ته توهان جي سوني صندوق ڪهڙي چور کنئي آهي.“
جيئن ئي وڏيري پٺ ڏني ته چٻو ۽ ڦڏو هڪ ٻئي ڏي سوالي نگاهن سان ڏسڻ لڳا ته هاڻ ڇا ڪجي. چٻي ٿڌو ساھ کڻي چيو؛ ”هاڻ خيريت ان ۾ آهي ته رات جي پيٽ ۾ ئي هتان ڀڄي نڪرجي.“ پر ڦڏي خبردار ڪندي چيو ته ائين ڀڄڻ سان سڄي ڳوٺ جا ماڻهو پٺيان پئجي ويندا. ”اچو ته صبح ٿيڻ تائين ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي.“ ڦڏي صلاح ڏني.
جڏهن رات جي اونداهي گهڻي گهاٽي ٿي ته چٻي چيو: ”اچو ته هاڻ نڪري هلون. اڃا به وقت آهي.“ پر ڦڏي وراڻيو: ”چڱو ڀلا چنڊ اُڀرڻ تائين ته گهٽ ۾ گهٽ ترس.“
هاڻ ڇا ٿيو جو جنهن وقت هي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته ان وقت سوپارين جي سوني صندوق جو چور جنهن جو نالو ”بخت“ هو، رات جي اونداهي ۾ لڪندو لڪندو هنن جي مسافر خاني جي ٻاهران اهو معلوم ڪرڻ لاءِ اچي نڪتو ته آيا نجومي کي تارن ذريعي چور جي خبر پئجي ويئي آهي يا نه..
چٻي، ڦڏي کي چيو: ”استاد ڦڏا هي کيل ڪرائي پاڻ کي ڦاسائي وڌئي، هاڻ هتان ائين ڀڄڻو پوندو ڄڻ پاڻ ئي چور هجون!“
ڦڏي وراڻيس؛ "استاد چٻا!ٰ ان ۾ ڪنهن جو ڏوھ ڪونهي. ڏوھ پنهنجي بخت جو آهي، بخت جو.“
چور جيڪو رڙهي اچي هنن جي ڪمري جي در وٽ لڪيو هو، تنهن رڳو ’چور‘ ۽ ’ڏوھ بخت جو‘جهڙا جهڙا لفظ ٻڌي سمجهيو ته نجوميءَ کي تارن کان اهو معلوم ٿي ويو آهي ته سوني صندوق جو چور ’بخت‘ يعني آئون آهيان، تڏهن ته هي منهنجو نالو وٺي ڳالھ پيا ڪن. سو، ڏڪندي ڏڪندي در جي اوٽ کان ٻاهر نڪري چوڻ لڳو: ”نجومي صاحب اهو بدنصيب ’بخت‘ آئون ئي آهيان، جنهن وڏيري جي چوري ڪئي آهي، اها مون سندس گهران چوري ڪري ڳوٺ جي پراڻي مقام ۾ هڪ ڊٺل قبر اندر اندر لڪائي رکي آهي، جيڪي وڻنوَ مونکي سيکت ڏيو پر مهرباني ڪري وڏيري کي منهنجونالو نه ٻڌائجو.“
ڦڏو ۽ چٻو اهو معلوم ڪري دل ئي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳا ته چور ته گهر ويٺي ئي ملي ويو. پر چور اڳيان اهڙيءَ خوشي جو اظهار ڪرڻ بدران اهڙو نمونو رکيائون، ڄڻ لين اڳهين خبر هئي ته پيتي ڪٿي لڪل آهي. ڇڙٻ ڏيندي چور کي چيائون؛ ”خبردار جو آئيندي چوري ڪئي اٿئي. وڏيري کي چئي شهر نيڪالي ڏيارينداسون.“
بخت هٿ ٻڌي معافي ورتي ۽ ڦڏي ۽ چٻي جا ٿورا مڃيندو روانو ٿي ويو. پٺيان سج اڀرڻ تي جڏهن وڏيرو آيو ته چٻي سندس شيءِ جو پورو پورو ڏس ڏنو ته اها ڪٿي پيئي آهي. وڏيرو ٻڌايل پار پتن موجب ڊٺل قبر کوٽي کڻي ڏسي ته واقعي امانت صحيح سلامت پيئي آهي. خوش ٿي يڪدم نجومي استاد چٻي اڳيان چانديءَ جا پورا هڪ سؤ سڪا اچي رکيا ۽ ٻئي ڏينهن ٻنهي ڄڻڻ کي پنهنجي گهر نيرن جي دعوت ڏني.
نيرن بعد جيئن ئي ڦڏو ۽ چٻو موڪلائي رهيا هئا ته بادشاھ جو قاصد وڏيري جي گهر پهتو ۽ خبر ٻڌائي ته اڄ صبح جو هيرن جواهرن سان ٽٻ ستن جهازن جو هڪ قافلو بندرگاھ ٻاهران لنگر انداز اچي ٿيو آهي. جهازن جي سوداگرن وٽ هڪ لوهي پيتي آهي جنهن تي هن بادشاھ سان شرط رکي آهي ته ستن ڏينهن کان پوءِ بادشاھ جي راڄ جو ڪوبه نجومي جيڪڏهن ٻڌائي ويندو ته ان پيتي ۾ ڇا آهي ته هيرن جواهرن سان آندل ست ئي جهاز بادشاھ جا ٿيندا پرجيڪڏهن ڪوبه نجومي مقرر مدي اندر ٻڌائي نه سگهيو ته بادشاهه کي پنهنجو تخت ۽ تاج سوداگر جي حوالي ڪرڻو پوندو. قاصد وڌيڪ ٻڌايو:”بادشاھ سلامت اهو شرط منظور ڪري ويٺو آهي پر افسوس جو ڪورٽ جي خاص نجومين مان ڪو هڪ به ان جي لائق ناهي ته ٻڌائي سگهي ته ان پيتي ۾ ڇا آهي. ان ڪري بادشاھ سلامت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهو موڪليا آهن ته وڃي ڪو سٺو نجومي ڳولي اچو.
وڏيري قاصد جي سڄي ڳالھ ٻڌي خوشيءَ مان صلاح ڏنسِ: ”استاد چٻي کي ڇو نٿو بادشاھ وٽ وٺي وڃين. هي ضرور ٻڌائي ويندو ته ان پيتي ۾ ڇا آهي.“
سو اهڙي طرح قاصد استاد چٻي ۽ استاد ڦڏي کي ساڻ وٺي بادشاھ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. استاد چٻي بادشاھ کي دلجاءِ ڪرائي ته هو فڪر هرگز نه ڪري جو اڃا ته سڄا سارا ست ڏينهن پيا آهن. مقرر وقت اچڻ تي هو سوداگر کي ان پيتيءَ جو ڳُجهہ منٽن ۾ ٻڌائي ويندو. بادشاھ سلامت اهو ٻڌي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ چٻي ۽ سندس چيلي ڦڏي کي رهڻ لاءِ هڪ عاليشان گهر ڏيئي ڇڏيائين ۽ ان سان گڏ ڪيترائي نوڪرچاڪر ۽ کان پيتا پڻ، ته جيئن موج ۾ وقت گذارين.
ٻنهي ٺڳن جي عيد ٿي ويئي ۽ مزي ۾ ڏينهن رات گذارڻ لڳا. پيتيءَ جي راز ٻڌائڻ واري ڏينهن کان هڪ رات اڳ ڦڏي چٻي کي چيو: ”هيترا ڏينهن ته پاڻ به خوب جاوا ڪيا. هاڻ هتان ته ڀڄڻ جي ڪا واھ به نظر نٿي اچي ۽ نه وري ڳُجهہ جي خبر پئجي سگهي جو سڀاڻي اهو راز ٻڌائي سگهون ته پيتيءَ ۾ ڇا آهي. بس هڪ ئي ڪم ڪري سگهون ٿا. ماڙيءَ جي دري جيڪا سمنڊ پاسي کلي ٿي اچو ته ان مان ٽپ ڏيئي پاڻ کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪريون جيئن سمنڊ جي ڇولين ۾ ٻڏي وڃون.“
”ٻڏي ڇو مرون. پاڻ کي ترڻ ته اچي ئي ٿو.“ چٻي چيو. هن کي خودڪشي ڪرڻ جي رٿ بنهہ پسند نه آئي.
”چڱو ڀلا“ ڦڏي ٻي رٿ پيش ڪئي، هيئن ڪنداسين جو ترندا وينداسين، ترندا وينداسين تان جو ان حد تي پهچون جڏهن ساڻا ٿي ٻڏي وڃون.“
پوءِ ٻنهي کڻي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو. ترندي ترندي هو انهن ستن جهازن جي ويجهو وڃي پهتا جنهن جي سوداگر بادشاھ سان شرط رکي هئي. انهن جهازن جي قافلي مان جهڙو هڪ جهاز جي ڀرسان لنگهيا ته سندن ڪنن تي ڪنهن ٻار جي ڳالهائڻ جو آواز پيو جيڪو پنهنجي ڏاڏي سان ضد ڪري رهيو هو: ”ڏاڏا ڏاڏا، توهان جهاز جي سوداگر جا خاص بورچي آهيو، توهان کي ضرور ان راز جي خبر هوندي ته ان پيتي ۾ ڇا آهي.“
بورچيءَ پنهنجي پوٽي کي ڇڙٻ ڏيندي چيو، ”پر جنهن ڳالھ سان تنهنجو واسطو ناهي ان جي پڇڻ مان ڪهڙو فائدو؟“
”نه آئون ڄاڻڻ ٿو چاهيان. مون کي ٻڌاءِ. مون کي ٻڌاءِ.“ ٻار ضد ڪيو، ”نه ته آئون هرگز نه سمهندس.“
”ڇو ايڏو ضدي نينگر ٿيو آهين.“ ڏاڏي چيس. پر ڇوڪرو پنهنجيءَ تان اصل لهڻ جي نه ڪئي. ”ڏاڏا مون کي هروڀرو ٻڌايو. ڇا به ٿي پوي ته ٻڌايو.“
آخر ڪار ڏاڏي کي مڃڻو پيو. ”چڱو ڀلا ٻڌ.“ هن چيو، ”اُن لوهي پيتي جي اندر پتل جي پيتي آهي. پتل جي پيتيءَ اندر چانديءَ جي پيتي آهي ۽ چانديءَ جي پيتيءَ اندر سوني پيتي آهي ۽ سوني پيتيءَ ۾ دنيا جي قيمتي عطر جو هڪ دڪو رکيل آهي. بس هاڻ هلي سمهي رھ.“
چٻو ۽ ڦڏو جيڪي ٻئي اها گفتگو ٻڌي رهيا هئا. تن هڪ ٻئي ڏي نهاري مرڪيو ۽ واپس ڪناري ڏي ترڻ لڳا. ٻئي ڏينهن صبح جو، اهو ٻڌائڻ اجايو آهي ته استاد چٻو پنهنجا ڪوڙا سچا ڪتاب اٿلائي سڀ ڪجهه صحيح ٻڌائي ويو ته ان پيتيءَ ۾ ڇا آهي ۽ سوداگر کي پنهنجي سمورا جهاز بادشاھ کي ڏيڻا پيا. بادشاھ ان ئي وقت استاد چٻي کي ڪورٽ جو وڏو نجومي مقرر ڪيو ۽ ڪچهريءَ لاءِ پاڻ سان گڏ محلات ڏي وٺي ويو.
ان وقت جڏهن چٻو بادشاھ سلامت سان محلات ۾ ڪچهري ڪري رهيو هو ته پٺيان ڦڏي گهر کي کڻي باھ ڏني. هن ڄاڻي ٻجهي ٿورا پنهنجا هٿ به ان مان ساڙيا ۽ سڌو محلات ۾ پهتو جتي چٻو بادشاھ سان خبرون ۽ چارون ڪري رهيو هو. ڦڏي پنهنجو پاڻ چٻي اڳيان اڇلائي چيوِ: ”استاد سائين ڇا عرض ڪريان ته گهر کي باهه لڳڻ ڪري توهان جي علم نجوم جا هڙئي ڪتاب سڙي رک ٿي ويا آهن. مون گهڻو ئي انهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر افسوس جو توهان جي قيمتي ڪتابن کي بچائي نه سگهيس.“
چٻو اها خبر ٻڌي منهن مٿو پٽڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو: ”هاءِ هاءِ! هاڻ ڇا ٿيندو. هاڻ آئون تارن جو علم ۽ اڳڪٿيون ڪيئن ٻڌائي سگهندس.“
بادشاھ استاد چٻي کي غمگين ڏسي يڪدم آٿت ڏني ۽ نئين عهدي طور رياست جو وزير ڪري رکيو. ان بعد ڦڏي جي سڙيل هٿن ڏي نهاري چيوِ: شاباس هجي تو جهڙي وفادار کي جنهن مالڪ جي ڪتابن لاءِ باھ جي سيڪ جي به پرواھ نه ڪئي. مون کي تو جهڙن بهادر ماڻهن جي ضرورت آهي.“ ۽ پوءِ ڦڏي کي پنهنجي فوج جو ڪمانڊر مقرر ڪري رکيو.

(اقتباس : الطاف شیخ جي ترجمو ڪيل ٻاراڻين ڪھاڻين جي ڪتاب "ڏاهي جهرڪي” تان ورتل)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close