هڪ وضع دار ڪردار وڏيرو ملھ خان پالاري (ڪَلاڻي)

ج ع منگهاڻي

ڪوهستان جي مردم خيز خطي جي هڪ نهايت مڻيادار شخصيت وڏيري ملھ خان پالاريءَ جي آهي، جنهن جي تعريف ۽ ساراھ کان سواءِ ڄڻ ته ڪوهستان جي تاريخ اڌوري ۽ اڻ پوري آهي.

هن قابلِ احترام شخص کي قدرت وڏيون خوبيون عطا ڪيون آهن، ۽ وڏين وصفن سان نوازيو آهي، جن ۾ سرفهرست سندس ماڻهپي جي شناس آهي، جيڪا گهٽ ڳالھ ناهي.

مردم شناس ماڻهوءَ وٽ خود پنهنجي شناس به هوندي آهي. جنهن وٽ پنهنجي ذات جي سڃاڻپ هجي، اهو ئي بهترين ۽ لاجواب ماڻهو هوندو آهي.

مردم شناسي ۽ ماڻهپي جي سڃاڻپ کيس لوڙايو به آهي. پر هن مانجهي مرد ڪڏهن به ان ناياب وصف مان هٿ نه ڇڏايو. بلڪه پاڻ ان ۾ پڪو ٿيندو ڪُندن بنجي ويو.
ماڻهپي ۾ ويساھ به وڏو اٿس. هن چونڊي چونڊي اهڙا ماڻهپي مان پُرُ ماڻهو هٿ ڪيا، جيڪي هئا به هيرا ۽ موتي.

سائين جي. ايم. سيد سان سندس محبت ۽ عقيدت جو اهو مثال آهي ته، سائين جي ايم سيد وٽس مهمان ٿي سَريءَ ۾ آيو ۽ وڏيري ملھ خان پالاريءَ ڄڻ ته سائينءَ کي پنهنجي دل جي خانن ۽ اکين جي ماڻڪين ۾ پوري مقيد ڪري محفوظ ڪري ڇڏيو.

اڄ به جتي وٽس سائين جي.ايم.سيد رهيو هو، اهي هنڌ، بسترا، ٿانوَ ٿپا، کٽون پلنگ ۽ اهو ڪمرو سائينءَ جي خوشبوئن سان مهڪي رهيو آهي. اهڙو ئي ڳڻائتو آهي هي مرد مٿير اسان جو پيارو ملھ خان پالاري صاحب.

دوستي نباهڻ ۽ ساٿ ڏيڻ ڪو هن کان سِکَي. موٽ ۾ ڀلي ڪيڏو به نقصان ۽ ڇيهو رسي، پر ساٿ نڀائڻ واري پنهنجي رسم کي مڙس ٿي منهن ڏيڻ، ۽ سرخ رو ٿيڻ ڄڻ ته سندس ئي حصي جون وصفون آهن.

ڪيئي دور آيا ويا، ڪيترن ئي جابر ۽ ظالم آمرن اليرون ۽ اڳرايون ڪيون. پر جبل جي هن جبل جھڙي شخصيت کي مڃائڻ وارو نڪو آيو، نڪو ڄايو.

هتي ته سائي ڍائي ملڪ ۾ به جهموريت جي ڪا خاص ريت نه رهي آهي. جڏهن ته ڪوهستان جھڙي اوکي ۽ ڏکئي ملڪ ۾ اهڙي ڪنهن ڳالھ جو تصور به اڻ ڏٺو خواب آهي. ائين ناهي ته ڪو ڪوهستان ۾ انصاف ۽ قانون اڻ لڀ آهي. ڪوهستاني وڏيرا ڏاڍا امن پسند ۽ انصاف ڏيندڙ آهن. ’فضل‘ ڪرڻ واري ڳالھ ٻي آهي. باقي ’عدل‘ ڪرڻ سان ڏوهي ڪڏهن به سزا کان نه ٿو بچي سگهي. جڏهن ته ڳالھ آهي جهموريت جي، جيڪا ان ملڪ ۾ اڻ لڀ آهي، جنهن ملڪ سان اسان جو ڪوهستان واڙيل آهي. تنهن هوندي به جبل جي ماڻهن ۾ بڇڙي سڇڙي ۾ فرق آهي. اڀري سڀري جي مٿي تي ٻاجهہ ڀريو هٿ رکن ته ظالم سان مهاڏو به اٽڪائين.

ملڪ ۾ فوجي آمر ايوب خان جي حڪومت هئي، جنهن ظلم ڪري، ماڻهو پيڙهي، ملڪ جو خزانو خالي ڪري پڇاڙيءَ ۾ پاڻ کي چونڊيل حاڪم سڏائڻ جي شوق ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو ارادو ڪيو.

ظالم آمر اڳيان هرڪو ٻَڌو ٻانهو ٿي بيٺو. ڪنهن به پاڻ ۾ ست نه ساريو ته سنڌ ڄائي، جناح صاحب جي جھڙس ئي سچي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح ميدان ۾ نڪري نروار ٿي. پوءِ ته ظالم آمر ظلم جون باهيون ٻاري ڇڏيون. جنهن به امڙ سانئڻ جي حمايت ڪئي ٿي ان تي ظالم جو ظلم ڪڙڪي پيو ٿي.

اهڙي ماحول ۾ به ڪوهستان جا جوڌا ظالم سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اٿي سنوان ٿيا. سيٺ علي محمد بڪڪ، سيٺ غلام محمد بڪڪ ۽ سندن بڪڪ برادري جا ٻيا به ڪيئي مرد مٿير، تڏهن بغاوتن جي ڪيسن ۾ ڦاسي گهاٽن ۽ سُولين جا منتظر هئا، ته ڪي وري محترمه جي حمايت ۾ اٿي کڙا ٿيا هئا. انهن ۾ قادر بخش بڪڪ، سليمان بڪڪ ۽ وڏيري ملھ خان پالاريءَ جھڙا مرد مجاهد به شامل هئا. هڙان وڙان محترمه فاطمه جناح جي اليڪشن ۾ مددگار ٿي بيٺا. حالتن جو مقابلو بيڊپا ٿي ڪيائون.
ظالم آمرن جا ته ڪم ئي ڪڌا ۽ اونڌا هوندا آهن. جنرل ايوب خان حڪم ڪيو ته ڪوهستان مان ٻڪريون ڪڍيون وڃن. ڇو جو ٻڪريون وڻ ۽ قيمتي ٻوٽيون کائي وڃن ٿيون.

ڪوهستانين جو ته ڌن دولت بلڪ ساھ پساھ ئي ٻڪريون آهن. اهي اٻالا ۽ اپاتا ڪيڏانهن وڃن؟ ڪامورا حڪم جا بندا ڀاڳين جي پويان پئجي ويا.

وڏيرو ملھ خان پالاري اها ڳالھ کڻي پير غلام رسول شاھ جيلانيءَ وٽ ويو ۽ صلاح مشورو ڪري پير صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ وفد وٺي وڃي ذوالفقار علي ڀٽي (شهيد) سان لاهور ۾ مليا. ڀٽي صاحب (شهيد) جي مشوري سان پير غلام رسول شاھ جيلاني صاحب جي اڳواڻيءَ ۾، عبدالستار پيرزادي (مرحوم) کي وڪيل ڪري هاءِ ڪورٽ مان فوجي حڪم خلاف اسٽي آرڊر ورتائين.

وڏيرو ملھ خان پالاري پنهنجي ڄمار بابت ٻڌائي ٿو ته، ”اسان وٽ ٻهراڙين ۾ ته ڄم جي تاريخ لکيل نه هوندي هئي، ڇو ته ايترو علم عام ڪونه ٿيو هو. انهيءَ ڪري ڪن اهم واقعن سان مشابهت جوڙي عمر جو اندازو ڪيو ويندو آهي. ايئن ڪندي آئون به ٻڌائي سگهان ٿو ته پهرين مهاڀاري لڙائي جيڪا 1914ع کان 1918ع تائين هلي اها مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي انهيءَ وقت جيڪي تنگ حالتون هيون، کاڌي پيتي ۽ عام استعمال جي شين جي اڻاٺ ۽ خوف و حراس مون کي بلڪل ياد آهن. ٻيو واقعو ته هاڻي لکڻ پڙهڻ مان معلوم ٿيو آهي ته، ملڪ صوبدار خان 1921ع ۾ وفات ڪئي، مون کي اها ڳالھ بلڪل ياد آهي چڱيءَ طرح سان. آئون پنهنجي مينهن سان جوءِ ۾ هئس ته ڊَڍُ وڳو ۽ خبر پئي ته ملڪ صوبدار خان گذاري ويو آهي. انهيءَ وقت اٽڪل 17- 18 سالن جو هوندس. انهيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته ويهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي جي پهرين سالن ۾ ڄائو هوندس.“

ماشاء الله ماشاء الله يعني هن وقت سندس ڄمار تقريباً هڪ سو 6-7 سال هوندي. پنهنجي اها ڊگهي ڄمار هُن رائگان يا اجائي نه گذاري آهي. ان ڊگهي ڄمار ۾ سندس ڪيئي ڪارناما، انصاف ڀريا فيصلا، ملهائيتون ڪچهريون، دوستن سان اوڄون (مددون)، مڙسيون، ظالمن ۽ جابرن سان مقابلا، شوق، ذوق ۽ محبتون درج آهن.

پنهنجي شوق/ ذوق بابت چوي ٿو ته، ”منهنجو ننڍپڻ کان ئي ٻهراڙيءَ جي حساب سان اٺن ۽ گهوڙن جي سواريءَ جو شوق رهيو، جيڪو ان وقت ضرورت به هئي. سٺو گهوڙو عزت جي به نشاني سمجهي ويندي هئي. شادين، غمين، ميلن ملاکڙن ۾ اٺن ۽ گهوڙن جا مقابلا ٿيندا هئا ۽ کٽ- هار به ٿيندي هئي. مون کي سٺن وهٽن ڌارڻ، سواري ڪرڻ ۽ گهمائڻ جو خفت هوندو هو ۽ اڄ به آهي.

”آئون پاڻ به وهٽن جو سٺو هسوار آهيان. سنڌ جي ٿر ۽ ڪاڇي گر ۾ سٺن وهٽن جا هسوار منهنجا دوست رهيا آهن. ٿر ۾ اٺن جا هسوار فقير لطف علي، حڪيم جوڻيجو، نظام نهڙيو، سروپو ٺڪر ۽ ٻيا به ڪيترائي دوست هئا جيڪي اڄ هن فاني دنيا ۾ ناهن رهيا.

”آئون ڀلا اٺ گهوڙا ڪاهي سنڌ جي ميلن جھڙوڪ، غلام شاھ، ساجن سوائي، اڏيرو لعل، مهرشاھ، پير پٺو ۽ لس ۾ پير حسڻ ۽ ٻيا به حب لس جا ميلا لڳندا هئا اتي ويندو هئس.“

اهو وري آئون ٻڌائيندي هلان ته، سائين ملھ خان پالاري اٺ ۽ گهوڙي سواري سؤ سالن جي ڄمار کان مٿي عمر تائين ڪندو رهيو آهي. مون کي سندس لائق ۽ وضع دار پٽ در محمد پالاري صاحب ٻڌايو ته، ”هاڻي مس ڪي ٻه سال ٿيا آهن جو اٺ ۽ گهوڙي جي سواري نه ڪندو آهي.“

محترم ملھ خان پالاري شخصي طرح سان نهايت مهربان، ٻاجهارو ۽ سنڌي روايت پسنديءَ جو عظيم مثال آهي. ’آئي کي آءُ ۽ ويندي کي ويھ‘ چوڻ واري عظيم ريت جي پاسداري جو ثبوت، سندس وڏيون اوطاقون ۽ گهر جا بيحد وڏا بورچي خانه آهن.

مهمان مڙهي جي ماني ۽ رهڻ جو انتظام وقت ۽ موسم جي پرواھ بنا چوويھ ڪلاڪ جاري آهي. جنهن ۾ ساڻس گڏ سندس سڄي آڪھ به خوشيءَ سان شامل آهي. اها سندس ئي شاندار تربيت آهي جو سندس اولاد ساڻس گڏ آهي ۽ ڀرپور طريقي سان ڪلهي شريڪ آهي.

مهمانوازي ۽ اوطاقن جي باري ۾ پاڻ چوي ٿو ته، ”آڳاٽي زماني ۾ اوطاقون مردن جون نشانيون هونديون هيون، جنهن کي اوطاق نه هوندي ته هو مڙس ماڻهو ڪونه ليکبو هو. اوطاقن ۾ رونقون، ڪچهريون، مچ تي مارڪا، مڙس ماڻهن، مردانن (تڪڙا، متحرڪ، مضبوط، همٿ وارو) جون نشانيون هونديون هيون. مون کي به حال سارو اوطاقن ۽ مهمانن جو شوق رهيو.

”سدائين سياري ۾ مچ مارڪو ۽ يارن دوستن جي آمد سان عيدون ٿي وينديون هيون. اڄ ته سڀڪو پنهنجي بدن کان بيزار آهي. مهمان ڏٺائين ته تپ چڙهي ويندس“

وڏيرو ملھ پالاري ڪوهستان جو ’نڪ‘ مڙس آهي، جنهن وٽ ڪوهستان جي هر هڪ سُرهي ۽ سُهڻي ريت ۽ رسم پنهنجي شان ۽ مان سان دنگ ڪري ٿي. پوءِ اها مڙسي هجي، مهمانوازي هجي، اوڄ يا مدد ڏيڻ هجي، انصاف ڏيڻ هجي يا ڪچهري. هو هرهڪ ڳالھ ۾ پورو ۽ ڀَڙُ آهي.

ريڊيو حيدرآباد جي پروگرام، ’ڪچهري‘ جنهن ۾ سيد صالح محمد شاھ جو امر ڪردار ”فتح خان“ جنميو هو. ان پروگرام ۾ سڀ کان پهرين وڏيري ملھ خان پالاري جي شان ۾ موري جي مهان ڪلاڪار طالب پالاريءَ مورو ڏنو هو، ’ملھ وڏيري تان مورو چوان.‘ جيڪو ڪوهستان جي جبلن ۽ پَٽن ۾ پڙاڏا ڪري ٻُري ويو هو ۽ ملھ خان پالاري انهي عزت ۽ خراج جو لائق به هو. هو مڪمل طريقي سان ان جو حقدار به هو.

وڏيرو ملھ خان پالاري ڪوهستان جي اها وضعدار شخصيت آهي، جنهن کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. سندس لباس، سندس گفتگو، سندس هلت چلت ۽ هاٺي ڪاٺي سڀ ڪجهہ معتبر ۽ وضعدار آهن. ان جو هو پاڻ خيال به رکي ٿو ۽ چوي ٿو ته، ”اڳي مردن جي پوشاڪ به مرداڻي هوندي هئي، وڏيون سٿڻيون، اجرڪ، پٽڪا، لُنگيون، مون اهي سڀ پوشاڪون پهريون. اڳي خوشبوءَ ۾ عطر جو استعمال به عام هوندو هو، ڪن ۾ عطر جو ٻُڙَو هڻبو هو، جتيون چانديءَ واريون ۽ هٿ ۾ لڪڻ به چاندي وارو هوندو هو. منهنجو اهڙو چانديءَ چمڙي سان لڪڻ سائين غلام مصطفيٰ شاھ (مرحوم) سابق وزير تعليم کڻي ويو، جيڪو پڻ لڪڻن ۽ بانٺن کي گڏ ڪرڻ جو تمام وڏو شوقين هو.“

راڄ ڀاڳ جا معاملا هجن يا ڀائر برادريءَ جا مسئلا، سائين ملھ خان پالاري سدائين جتي ڪٿي سچ جو ساٿاري رهيو آهي. موٽ ۾ ڀلي کيس ڪيڏو به وڏو ذاتي نقصان ٿئي پر پاڻ هميشه هر هنڌ ’سَرِ جواب‘ رهيو. جنهن لاءِ پاڻ چوي ٿو ته، ”اڳي راڄ وندي هئي سڀ معاملا راڄ ۾ گڏجي نبيربا هئا. خوشامند ۽ ووٽ جي لالچ ڪانه هئي. هاڻي ته ووٽ گهرجن، انصاف جي ضرورت ڪانهي. اڳي ماڻهو دڙڪي داٻ تي جهڪندا ڪونه هئا، عزت ڏئي پنهنجا ڪبا هئا. هاڻي سڄو ڪم صوبيدار حوالي آهي“ (ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا).

پنهنجي علائقي جي حاڪميت بابت چوي ٿو ته، ”اسان وٽ ٻه سرداريون آهن. هڪ حمل خان جي سرداري جنهن جو مرڪز ٿاڻو احمد خان آهي. ٻي سرداري ٻاپڙي جي، جنهن جو مرڪز ٿاڻو بولا خان آهي. حمل ۽ ٻاپڙو ٻئي ڀائر هئا. ڪوهستان جو اتريون حصو حمل جو هو جن جا اڳواڻ ملڪ صوبدار خان وارا هئا ۽ ڏکڻ ڪوهستان ۾ ويندي درياھ تائين ٻاپڙي جي سرداري هئي، جن جو اڳواڻ ملڪ بولا خان رهيو. جڏهن ملڪ بولاخان 1939ع ۾ بنا اولاد جي وفات ڪئي ته، ملڪ صوبدار خان جي ڀاءُ ملڪ شير دل خان، جيڪو خيرپورميرس ۾ ڊپٽي سپرنٽنڊيٽ پوليس هو، انهيءَ ڪوشش ڪئي ته جيئن ته حمل ۽ ٻاپڙو ٻئي ڀائر هئا. جيڪڏهن هڪ ڀاءُ بنا اولاد جي گذاري ويو آهي ته انهيءَ جي سرداري ٻئي ڀاءُ جو حق آهي ان ڪري هن پنهنجي وڏي فرزند ملڪ نصيرخان کي پڳ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو انهيءَ وقت علي ڳڙھ ۾ زير تعليم هو، تنهن کي دستاربنديءَ لاءِ گهرايو ويو. راڄن سان صلاح مشورا شروع ڪيا ويا. ان وقت حماتن پاران حاجي اسماعيل حماتي، جاکرن جي پاران عبدي خان جاکرو وڏيءَ عمر وارا هئا. پالارين ۾ حاجي الهڏنو منهنجو چاچو جيڪو پيرسن ۽ ضعيف هو جيڪو پوءِ هڪيو ئي گذاري ويا. انهن انهيءَ ڳالھ ۾ راضپو ڪونه ڏيکاريو. منهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم متاري خان ۽ مون انهيءَ ڳالھ تي انڪار ڪيو. اسان جو چوڻ هو ته، جيڪڏهن ملڪ بولا خان گذاري ويو آهي ته، سندس عزيزن مان ڪنهن به ٻاپڙاڻيءَ تي پڳ ٻڌي وڃي.

”انهيءَ ڳالھ تي ٿاڻي احمد خان جي ملڪن مخالفت ڪئي. چيائون ته، ’اسان ايئن ٿيڻ ڪونه ڏينداسين.‘ اسان وري ملڪ بولا خان جي سڀني راڄن سان صلاح مشورو ڪري ملڪ بولاخان جي ڏور جي سؤٽ ملڪ جيئند خان عرف علي بخش خان کي پڳ ٻڌڻ لاءِ تياري ڪئي، جنهن تي ٿاڻي احمد خان جي ملڪن چيو ته، ’ٿاڻي بولان خان ۾ اسان اهو اجتماع ڪرڻ نه ڏينداسين.‘ انگريزن جي حڪومت هئي. امن امان لاءِ هنن ٿاڻي بولاخان ۾ پڳ جي ميڙ لاءِ منع ڪئي. اسان مجبور ٿي جهمپير ۾ راڄ گهرائي ملڪ علي بخش خان کي پڳ ٻڌي ڇڏي ۽ اسان حاڪمن جي نظر ۾ اچي وياسون. اهو زمانو ورهاڱي واري هلچل جو هو. ورهاڱي جا آثار نظر اچي رهيا هئا. ٿاڻي احمد خان ۾ انهيءَ وقت پڳدار ملڪ سردار خان هو. هُو جاگيردار هو. انگريزن وٽ هنن جي اهميت هئي. هنن کي پاور هو ته ڪنهن به ماڻهوءَ خلاف لکن ته، هن تي ڪيس ڪيو وڃي ته، هو ٻَڌو ويندو. پڳ واري ڪاوڙ تان مون تي ۽ منهنجي ڀاءُ مرحوم متاري خان تي 110 جو ڪيس ڪرايو ويو. پنهنجا واسطيدار ماڻهو شاهد ڏنائون. ڪيس ڪرڻ کان پوءِ اها ڪوشش ٿي ته ملڪ بولا خان جي واسطيدار راڄن جي شهرن ۾ بدامني پيدا ڪئي وڃي ته جيئن هندو برادري هي شهر ڇڏي وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ ڏڌرن ڪَرچات (علائقو) مان اچي ڪلي کوهر مان سيٺ ڪوڏڻ مل جي گهر سميت سڄو شهر ڦُريو. مول جي هملاڻي صاحبان اچي سَريءَ شهر مان ڇَتي مل جي گهر ۾ ڌاڙو هنيو. نتيجي ۾ ڪلي کوهر شهر جا هندو لڏي هندوستان هليا ويا. سيٺ ڪوڏڻ مل جا پٽ ٿاڻي بولاخان ۾ اچي رهيا. ڪجهه گهر جهمپير لڏي ويا. ڪي گهر سريءَ لڏي آيا.

”ٻنهي ڌاڙن جا فرياد داخل ٿيا، ڪيس چالان ٿيا، جوابدار گرفتار ٿيا. ڪجهه عرصي کان پوءِ راڄوڻي ڪري جوابدار ڇڏايا ويا.

”اسان ٻنهي ڀائرن تي داخل ڪيس تي اسان تي وارنٽ نڪتا. ان وقت ايس.پي صاحب هندو هو. انهيءَ مون کي گهرايو، آئون اتي ويس، مون هن کي ڳالھ ٻڌائي. ۽ سڄي صورتحال ڪلي ۽ سريءَ جو ڌاڙو هن جي اڳيان هو. هُو مخالف کي سمجهي ويو. مون کي ان وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب شايد آغا محمد يعقوب هو، ان وٽ وٺي ويو. هن کي سڄي ڳالھ ڪري ٻڌايائين ته، هي ڪيس هنن تي پڳ واري معاملي ۾ ٿيل آهي. ڊپٽي صاحب اسان جو ضامن کنيو. ڪيس هليو، فريادي، شاهد سڀ آيا. اسان جو وڪيل مرحوم عبدالشڪور منشي هو، ڪيس هلائي ڪورٽ اسان کي باعزت بري ڪري ۽ عزت جي ڪيس جو حق ڏنو.

”اسان عزت جي ڪيس ڪرڻ لاءِ نقل ورتاسون ۽ ڪورٽ ۾ وياسون، پوءِ اسان جا پُڦاٽ مرحوم حاجي محمد علي حملاڻي ۽ لعل بخش حملاڻي آيا ته هاڻي ڪيس نه ڪريو. ڳالهه کي اتيئي ختم ڪريو. جنهن کان پوءِ اسان ڪيس تان هٿ کڻي وياسون. اسان ته پنهنجي پاران ڳالھ ختم ڪري ڇڏي. پر هميشه حاڪمن جا ناپسنديده رهياسين.

”ٻاپڙي جي پڳ ملڪ علي بخش خان کان پوءِ سندس فرزند مرحوم محب علي خان عرف ملڪ صفر خان کي ٻڌائي وئي. هن وقت ملڪ محب علي جو سالو ملڪ دوست علي خان انهيءَ پڳ کي هلائي رهيو آهي جو ملڪ محب علي خان به بنا اولاد جي گذاري ويو.

”اسان کي جڏهن هتي ڪيس ڪري تنگ ڪيو ويو ته مون تي 110 کان سواءِ به ٽيهارو کن ڪيس ڪرايا ويا. ڏاڍو ڏکيو وقت آيو. منهنجي نواب غيبي خان چانڊئي سان نياز مندي هئي، انهيءَ چيو ته جيڪڏهن توکي نه ٿو رهڻ ڏنو وڃي ته، پوءِ اچ ته منهنجي جاڳيرن مان هڪڙي ديھ سڄي توکي ڏيان ٿو. تون ۽ تنهنجا واسطيدار وٺي اچي هتي رھ. مون چيس ته، ’سائين، مون کي خبر آهي ته توهان وٽ نهري پاڻي آهي، آباديون سٺيون آهن پر آئون پنهنجو اباڻو پڊ ڪو نه ڇڏيندس. ڏک سک سڀ عارضي آهن. الله ڪندو ته ڏک لهي ويندو.‘

”رب جي فضل سان اڄ هن وڏي عمر ۾ پنهنجن پڊن، پنهنجن ٻچن ۽ راڄن سان عمر جو آخري حصو خوش گذاري رهيو آهيان. باقي ڪرڙي اک اڄ به آهي. الله سائين شر کان بچائيندو آمين.“

سائين ملھ خان پالاري جا ابا ڏاڏا پڻ وڏا مالدار ڀاڳيا هئا، جنهن ڪري ڄمندي ئي سندس واسطو مال سان ٿيو. مال لاءِ ٻني هجڻ ضروري آهي. سندس مائٽن جون چڱيون باراني ٻنيون هيون پر سائينءَ پاڻ به پنهنجي ذاتي محنت سان ٻنيون ٺاهيون ۽ کوھ کوٽائي آبادي ڪرائي.
وَسَ تي آڌار ڪندڙ ڪوهستان جھڙي ملڪ ۾، (مينهن) بنا ٻنين سان وڏيون محنتون ۽ هلاکيون ڪرڻيون پونديون آهن.

وڏيري ملھ خان پالاريءَ کي ٻنين جو شوق عشق جي حد تائين آهي. اڄ به ڏينهن رات ٻنيءَ ۾ محنت ڪندي نه ٿڪبو آهي. هن مهل سائينءَ جي ڄمار ماشاءَ الله سو سالن کان به چڙهيل آهي. پاڻ اڃا به جڙد مڙد ۽ پنهنجي منٽ موٿاڄي ۽ هٿين پيرين آهي.
ٻنين تي تڳڻ، ٺوٺ پوٺي ملڪ ۾ ڄڻ ڪوڙ وڍڻ آهي. سو زندگيءَ جي گذر سفر لاءِ ورهاڱي کان به اڳ پاڻ گاڏي (ٽرڪ) وٺي ڪارو بار شروع ڪيائين جيڪو اڄ تائين جاري آهي. اڄ سندس پوٽا اهو ئي ڪارو بار ڪري رهيا آهن. انهيءَ ڪارو بار بابت پاڻ چوي ٿو ته، ”انهيءَ زماني ۾ يعني ورهاڱي کان به اڳ برادرم سيٺ علي محمد بڪڪ پڻ اهو ئي ڪاروبار شروع ڪيو هو.“

آئون (ج.ع. منگهاڻي) جڏهن پنهنجي لکڻين ۾ چوندي لکندي آهيان ته لفظ، ’وڏيري‘ جي باري ۾ گهٽ وڌ نه ڳالهايو وڃي، بيعزتي نه ڪئي وڃي يا ڪو گٿو لفظ نه ڳالهايو وڃي ته، منهنجي اڳيان وڏيري ملھ خان پالاري جھڙا ئي سچا، محنت ڪش، پورهيت، مهربان ۽ معتبر ’ڪوهستاني وڏيرا‘ ، جن جي سچائي، انصاف پسندي، ۽ پاڻ پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪري زندگي حق حلال جي ڪمائي کائي گذاريندڙ سٻاجها ۽ اڻمول انسان هوندا آهن. جيڪي هڙان وڙان ڏئي وٺي ماڻهن جون مشڪلون، مسئلا ۽ ڏک ٽاريندا آهن. نه ڪي آٽهڙو، واٽهڙو، اڙي ٿڙي کان کسي ڦري پنهنجا ڀڀ ڀري جُهجَهه (وڏا پيٽ) ڇاڻيندا آهن.

سُوار ڏڪار هڪ جھڙا، ٿورو کائي گهڻو شڪر ڪندڙ شَنبِيءَ (هاٺي ڪاٺي/ اسٽڪچر) سُهڻا. جن جو جيئرو مثال وڏيرو ملھ خان پالاري آهي، جيڪو ڪڏهن به ٿلهو نه رهيو. سنهو سيڌو، سنئون سپڪ، قداور ۽ بردبار.

ڪَشن ساڻِ ڪَسي، ڏِيلَ ڪَيائُون ڏُٻَرا
پَيٽ نه هَير يَائُون پَانهنجا، چَوري سَاڻِ چَسي
وَيراڳين وَسي، رَامُ سَدائين رُوحَ ۾.
(شاهه رح)

سائين ملھ خان وڏيري جي ٻاجهہ، نياز ۽ نوڙت جو هي تازو شاندار نمونو ته ڏسو! آئون جيڪا سندس اولاد جي برابر آهيان يا اڃا به ننڍي، اها جڏهن کيس سندس عزت ڀرئي، شانائتي ۽ پروقار زندگيءَ جي باري ۾ ڪجهہ پڇڻ ٿي چاهيان ته موٽ ۾ چوي ٿو ته، ”مون کي منهنجي نياڻي محترمه ج. ع. منگهاڻي صاحبه کان حڪم پهتو ته آئون پنهنجي زندگيءَ جو مختصر احوال لکي کيس موڪليان انهيءَ لاءِ عرض آهي ته….“

آئون جيڪا سندس نياڻي آهيان، ننڍي آهيان، عرضدار آهيان. ان کي ’حڪم‘ ڏيندڙ ٿو چوي!! پاڻ جيڪو وڏو آهي، پيءُ جو مقام رکندڙ آهي، حڪم ڏيندڙ آهي اهو ’عرض‘ ٿو ڪري!!

اها آهي ٻاجهہ، اها آهي نوڙت. اها آهي وڏائي ۽ اها آهي معتبرائي. ’ڍوليو تنهين ڍار، هيٺاهيون هلن جي‘…. هونئن ته سائين ملھ خان پالاري صاحب خوبين جو ڀنڊار آهي. پر جيڪا اڻ لڀ حيرتناڪ خوبي منجهس آهي. اها آهي پنهنجي راڄ ڀاڳ ۽ واسطيدارن جي هرهڪ شادي ۽ غميءَ ۾ شريڪ ٿيڻ.

مون کي ياد آهي (ڪيئن ٿيون وسري سگهن اهي محبتون ۽ يادگيريون)، ته اسان جي خاندان جي هر ڏک ۽ سک ۾ پاڻ شريڪ ٿيندا رهيا آهن ۽ دعوتون ڏئي پاڻ وٽ گهرائيندا رهيا آهن.

سندس دوستن جو حلقو تمام وڏو آهي ۽ پاڻ وري اهڙو مهلائتو مڙس، جو مجال ناهي ڪنهن جي ڪا مهل ٽري يا رهجي وڃي. حالتن ۽ موسمن کان لاپرواهه پنهنجي راڄ ڀاڳ ۽ سنگت ساٿ سان ساڻ رهندو ساٿ نڀائيندو رهيو آهي. اهو سلسلو اڄ به جاري ۽ ساري آهي، جنهن لاءِ چوي ٿو،

”ڪافي وقت گذري ويو آهي. زندگيءَ جي نما شام آهي. الله العالمين جو شڪر آهي. حياتيءَ جا ڏينهن عزت سان گذري ويا. باقي جيڪي بچيا آهن شال عزت سان گذرن. پنج ئي وقت نماز پڙهيو پيا رب کان اها دعا گهرون. اسان پنهنجو وقت امن امان سان گذاريوسين. ڏاڍو سٺو وقت هو، محبتون، عزتون هيون. نه ڪو لوڀ، نه ڪا لالچ. اڄ ته راڄن جا ڌڻي لالچ ۾ اچي راڄ ڇڏي پيسي جا واپاري بنجي پيا آهن، جتي ڪٿي اک اٿن. الله سائين سڀني کي پنهنجي امان ۾ رکي آمين ثم آمين.“

آخر ۾ اسان ڪوهستانين جي هڪ آس آهي ته، الله سائين کيس تندرستي ۽ خوشين سان گڏ وڌيڪ جياري ۽ دنيا جي وڏي کان وڏي ڄمار واري انسان جو ريڪارڊ ٽوڙي ڪوهستان جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ درج ڪرائي. اسان کي خوشيون ۽ فخر ڏي. آمين ثم آمين.

تَان ڪَي سَاڻَنِ اَورِ، جَان آهِين اَوطاقنِ ۾
ڏَههَ ڏَههَ ڀَيرا ڏِينهن ۾، پَاڻَ مَٿاهِين گَهورِ
وِيا جَي هِنگلَورِ، تَه ڪَرَمَ مِلَندَئِي ڪَاپَڙِي
(شاھ رح)

نوٽ: هي مضمون قابل احترام وڏيري ملھ خان پالاري جي حياتيءَ ۾ لکيم، جنهن کي پڙهي پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو. سندس وفات 05- ڊسمبر 2011ع تي ٿي.

(ج ع منگهاڻي جي ڪتاب مانجو ڪوهستان تان ورتل)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close