۽ پوءِ ھڪ ڏينھن۔۔ (نصيرالدين شاھ جي آتم ڪٿا) قسط-2

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

منھنجي والدہ اڪثر ورجائيندي رھندي ھئي، جڏھن آئون ڄائو ھئس تہ منھنجي مٿي جا وار گهاٽا ۽ گهنڊيدار ھئا، والدہ مطابق ھن پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪنھن بہ ٻار جا اھڙا وار نہ ڏٺا ھئا، جھڙا منھنجا ھئا. اسان جو سڀ کان وڏو ڀاءُ علي احمد ڪنھن بيماري جي ڪري فوت ٿي ويو ھو، ڇو تہ ان وقت ڪيتريون ئي خطرناڪ بيماريون ھونديون ھيون، ڪيترائي ٻار بيمارين ۾ فوت ٿي ويندا ھئا.

علي احمد کان پوءِ ٻہ جاڙا ڀائر پيدا ٿيا، انھن مان ھڪ ضمير ھو. ٻن ٻارن جي پرورش ڪرڻ ڏکيو ھو، ان ڪري ضمير کي منھنجي ننڍي ماسيءَ وٽ سرڌھنا موڪليو ويو، ان ماسي جو نالو رفعت سلطانہ ھو. منھنجي والدہ جي شادي کان پوءِ منھنجي ننڍي ماسي پنھنجي والدين جي خدمت ڪندي ھئي. منھنجي ماسيءَ قد جي ڊگهي، خوبصورت ۽ مردانہ وجاھت واري عورت ھئي، سندس منھن تي وار ھوندا ھئا، ھو انھن وارن کي پٽيندي ھئي، ڪڏھن ڪڏھن فيشل بہ ڪرائيندي ھئي. بلاشڪ منھنجي ھي ماسي دبنگ، مھم جُو ۽ خطرناڪ عورت ھئي، سندس وڏو رعب ۽ دٻدٻو ھوندو ھو. سندس ڳورو آواز ٻڌي مرد بہ ڊڄي ويندا ھئا. جيڪڏهن ھو مرد ھجي ھا تہ يقينن سارجنٽ، ميجر يا ليڊر آف ميول ٽرين يا ڪئپٽن آف انڊسٽري ھجي ھا.

منھنجي ماسيءَ منھنجي ڀاءُ ضمير جو ماءُ کان بہ وڌيڪ خيال رکيو، ضمير چئن سالن تائين ماسي وٽ رھيو. چئن سالن کان پوءِ ضمير جڏھن واپس اسان وٽ آيو تہ ان وقت اسان ھلدواڻي ۾ رھندا ھئاسين، ھن جي ڪن ۾ والو پاتل ھو، بابا يڪدم سندس ڪن مان والو لاٿو. ضمير اسان لاءِ بلڪل اجنبي ٿي ويو ھو، ھن جي ڪا بہ عادت اسان سان ميچ نہ ڪري رھي ھئي. ھو ڳوٺاڻي ماحول مطابق ڪپڙا پائيندو ھو، سندس ڳالھائڻ جو انداز ۽ رويا ٻھراڙي وارا ھئا، ھو مڪمل طور تي ھڪ ڳوٺاڻو ٻار ھو. ڳوٺ ۾ رھڻ جي ڪري جي ھن جو گهڻو وقت اس ۾ گذرندو ھو، ان ڪري سندس رنگ اسان جي مقابلي ۾ ڪافي ڪارو ٿي ويو ھو، شايد انھي ڳالھ جو کيس بہ احساس ھو. ھو والد ۽ والدہ کي نالن سان سڏيندو ھو، ان جو سبب اھو ھو تہ اسان جي ماسي پنھنجي وڏي ڀيڻ ۽ ڀيڻويي کي يعني اسان جي ماءُ ۽ پي کي نالن سان سڏيندي ھئي، اھو ٻڌنڌي ضمير بہ سکي ويو ھو. گهر جي ماحول ۽ عادتن اپنائڻ ۾ ضمير کي گهڻو وقت لڳو، پيدائش جي ڪجهہ ئي ڏينھن کان پوءِ ماءُ پيءُ ڀائرن کان الڳ ٿيڻ جي ڪري ۽ ماسي سان گڏ رھڻ جي ڪري ھن جي عادتن ۾ ڪافي تبديلي آئي ھئي، پر آئون سمجهان ٿو تہ ھو وڏو خوشنصيب ھو، جو ماسيءَ جي صحبت ۽ پيار مليس. ٻئي طرف آئون گهڻي خواھش ۽ ڪوشش باوجود پنھنجي ڪنھن وڏي سان اھڙو رشتو نہ ڳنڍي سگهيس.

منھنجي ۽ ضمير جي گهڻي ويجهڙائپ ان وقت ٿي، جڏھن ھو پنجن سالن جي ڄمار ۾ ھاسٽل ۾ رھڻ لاءِ ھليو ويو ھو. آئون ۽ ضمير پنھنجي ھن ’سرڌھنا بواءِ‘ ڀاءُ کي ريل تي ويھارڻ ۽ الوداع ڪرڻ لاءِ ريلوي اسٽيشن تي ويا ھئاسين، ريل جڏھن پنھنجي منزل ڏي رواني ٿي تہ ان جي ھر دريءَ مان اڇو رومال جهليل بيشمار ھٿ ٻاھر نڪتا، ماڻھو رومال ڦڙڪائي رھيا ھئا، ايستائين جو ريل نظرن کان اوجهل ٿي وئي. منھنجو خيال آھي تہ انھن رومالن ۾ ظھير جو رومال بہ ھوندو، ڇو تہ اسان کيس آخري دفعو سيٽ تي ويھندي ڏٺو ھو، ان وقت ھو گهڻو ڊنل ۽ ھيسيل نظر اچي رهيو هو. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ ھن کي فقط ٻہ دفعا ايئن ڏٺو آهي، ھڪ اھو ريل تي ۽ ٻيو…. ان جو ذڪر نہ ڪندس.

ڪجهہ وقت پھرين اڇي رومال جو ذڪر آيو ھو، ان تي ٿورو ڳالھائڻ چاھيان ٿو. ان زماني ۾ گهر مان ٻاھر نڪرڻ وقت ڇوڪرن کي ضروري سامان سان گڏ اڇو رومال بہ ڏنو ويندو ھو. بھرحال جنھن اڇي رومال واري رسم ايجاد ڪئي ھوندي، اھو يقينن شاندار جمالياتي حس جو مالڪ ھوندو. ان ڏينھن جنھن ريل ۾ ظھير کي ويھاريو ويو ھو، ريل جي ھر دريءَ مان اڇن رومالن جي ڦڙڪڻ وارو منظر اڄ بہ منھنجي ذھن تي نقش ٿيل آهي. سمجهان ٿو تہ اھڙو منظر مون پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪڏھن بہ نہ ڏٺو آھي. نيني تال جي جنھن اسڪول ۾ ظھير پڙھڻ لاءِ وڃي رھيو ھو، ان جو نالو سينٽ جوزف ڪاليج اسڪول ھو، ٻن سالن کان پوءِ بابا جي جڏھن اتي بدلي ٿي تہ مون کي ۽ ضمير کي بہ اتي داخل ڪرايو ويو، اھڙيءَ طرح اسان ٻئي ظھير سان گڏجي وياسين.

سينٽ جوزف اسڪول جي سامھون ٻہ پراڻا ٽاور يا برج ھوندا ھئا، کيڏڻ جا ست ميدان، ھڪ جمنازيم، چار ٽينس ڪورٽ ۽ آئرلينڊ سان تعلق رکندڙ ڪيترائي ڪرسچن برادر پڙھندا ھئا. ڪرسچن برادر رومن ڪيٿولڪ پادرين جو ھڪ پابندي مڙهيل فرقو آھي، سينٽ جوزف ڪاليج اسڪول ۾ موجود ھي ڪرسچن برادر ھر ڪنھن کي ٻڌائيندا وتندا هئا تہ اسان تي ھن ملڪ وارن جو وڏو احسان آهي. سينٽ جوزف ڪاليج اسڪول کي اوڻويھين صدي جي ٻي اڌ ۾ ڪنھن وقت عيسائي مدرسي طور قائم ڪيو ويو ھو، لفظ Seminary جو مخفف Sem مان ورتو ويو آهي، ۽ ان کي اسڪول جو نالو ڏنو ويو هو. انڪاري سوچ کي ھتي ھٿي ڏني ويندي ھئي، اھو خيال ۽ فلسفو اڄ بہ ھتي موجود آھي. نيني تال جون طوفاني ھوائون ۽ برساتون انھن آئرش ڪرسچن برادر کي وطن جون يادون ڏيارينديون ھيون.

سينٽ جوزف ڪاليج اسڪول ۾ سخت سزائون ڏنيون وينديون هيون، قاعدي، قانون ۽ اصول ۽ ضابطن ۾ ڪا بہ نرمي نہ ڪئي ويندي ھئي. مخصوص خيال ۽ فڪر رکڻ باوجود سينٽ جوزف ڪاليج اسڪول قائم ڪندڙن جي تعريف کان سواءِ نٿو رھي سگهجي، جن ڏيڍ يا سوا صدي اڳ ھڪ وڏي جبل جي چوٽي تي قائم ڪيو. انھي جڳھ تي اڄ بہ مشڪل سان پھچجي ٿو، پر انھن ماڻھن کي شاباش آھي جن اتي اسڪول ٺھرايو، وڻ لڳايا. ان ۾ ڪو بہ شڪ ناھي تہ عمارت جي تعمير ۾ ھتان جي مقامي ماڻھن تمام گهٽ اجوري تي ڪم ڪيو، پر اھا بہ حقيقت آهي تہ انگريز پاڻ سان گڏ روشن خيالي بہ کڻي آيا ھئا، جن جي ھتي اشد ضرورت ھئي. انڊيا ۾ قديم مشنريز آيا ھئا، جيڪي خدا جو ڪلام Word of lord پکيڙي رھيا ھئا. انھن پنھنجي پٺيان جيڪي ڇڏيو، اھو اڄ تائين زندہ آھي.

منھنجو والد انگلستان، انگريز ۽ انگريزي ٻولي جو وڏو مداح ھو، منھنجو والد آئرش ۽ انگلش کي ھڪ ئي نسل ۽ قوم سمجهندو ھو، بابا اسان کي سٺي تعليم ڏيارڻ چاھيندو ھو، پوءِ اھا ڪيتري ئي مھانگي ڇو نہ ھجي، حالانڪہ ھو وڏو امير بہ نہ ھو، کيس سرڌھنا ۾ ڪجهہ جائداد وراثت ۾ ملي ھئس، اھا ھن وڪڻي ڇڏي ھئي، ڪجهہ بچت ڪري ھن رقم گڏ ڪئي ۽ اھا ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪئي. بابا پشتو، فارسي ۽ انگريزي سٺي نموني ڳالھائي سگهندو ھو. ھن ڪڏھن بہ اسان ٻارن تي سواءِ انگريزيءَ جي، ٻين ٻولين سکڻ جو زور نہ ڀريو، ھن جي ان سوچ سان مون کي اڄ بہ اختلاف آھي. بابا انگريزن سان بيحد محبت ڪندو ھو، سندس چوڻ ھوندو ھو تہ انگريز قول جو سچو ھوندو آھي، ھن جتي بہ حڪومت ڪئي، اھا صحيح ۽ جائز ھئي، انگريز ان قابل ھئا تہ ھو ٻين تي حڪمراني ڪن. بابا چوندو ھو تہ انگريزي مستقبل جي ٻولي آھي، سندس دلي خواهش ھوندي ھئي تہ ھو ٻي دفعا ولايت يعني انگلستان جو سير ڪري. ان خواھش پٽاندر بابا ھڪ خصوصي ھيٽ، ھڪ رين ڪوٽ ۽ نيوي بليو سوٽ بہ وٺي ڇڏيو ھو، سندس خيال هو تہ جڏھن ولايت ويندو تہ اھي شيون اتي استعمال ڪندو. ھڪ دفعي کيس انگلستان ۾ انڊين ريسٽورينٽ کولڻ جو خيال آيو، ايستائين جو اسان ٻارن ويٽر جو ڪم ۽ بابا ڪُڪ طور ھوٽل ۾ ڪم ڪرڻ جو تصور بہ ڪري ڇڏيو ھو، پر بابا جي ذھن ۾ ھوٽل جو خيال جھڙي اسپيڊ سان آيو ھو، انھي اسپيڊ سان ٻاھر نڪري ويو، اھڙي طرح شاھ خاندان انگلستان ۾ پھرين انڊين ريسٽورينٽ جو بنياد نہ رکي سگهيو.

منھنجي تخيل يا تصوراتي قوت کي منھنجي والده جي ماسي ’ناني باجي‘ کان گهڻي مدد ملي. ان وقت منھنجي عمر ٽي چار سال ھوندي، ناني باجي سرڌھنا ۾ رھندي ھئي، ھو اکين کان وڏي ۽ ڪمال جي قصا گو عورت ھئي، سمھڻ کان پھرين ھوءَ اسان کي جنن، پرين ۽ ديوتائن جا قصا ۽ ڪھاڻيون دلچسپ انداز سان ٻڌائيندي ھئي. اھي ڪھاڻيون اردو ادب جي مشھور ڪتاب ’طلسم ھوشربا‘ مان ھونديون ھيون۔ طلسم ھوشربا جي باري ۾ چيو ويندو آهي تہ اھي محمد حسين جاھ ڏيڍ صدي پھرين لکيون ھيون. ھڪ رات جڏھن ناني کان کان ڪھاڻيون ٻڌي سمھي رھيس تہ خواب ۾ ٻڌل ڪھاڻين وارا منظر ڏٺم، آئون جادوئي قالين تي سوار ھئس ۽ آسمانن جو سير ڪري رھيو ھئس، جڏھن واپس گهر آيس تہ ايئن محسوس ڪري رهيو ھئس تہ مون سچ ۾ سير ڪيو ھجي. مون کي باقاعده روشندان مان لاھي، انھي ڪمري ۾ سمھاريو ويو ھو، جتي آئون ستل ھئس. صبح جڏھن جاڳيس تہ انھي روشندان مان روشني اچي رھي ھئي، جتان آئون آسمانن جو سير ڪرڻ لاءِ ٻاھر نڪتو ھئس. منھنجو خواب ان وقت بہ منھنجي حواسن تي سوار ھو ۽ ھينئر بہ آھي.

سرڌھنا ۾ منھنجي ناناڻن جو گهر ’حبيب منزل‘ ھڪ وسيع و عريض خوبصورت روايتي حويلي ھئي۔ ان زماني ۾ جيئن وڏيون وڏيون پراسرار ۽ ڊيڄاريندڙ حويليون ھونديون ھيون، ڪيترائي وڏا ۽ شاندار قسم جا ڪمرا ھوندا ھئا، جيڪي ورھين تائين بند پيا ھوندا ھئا. انھن ڪمرن متعلق اسان سڀ ٻار تجسس ۾ ھوندا ھئاسين، پر گهڻي ڪوشش ۽ خواھش باوجود بہ اسان انھن ڪمرن ۾ ڪڏھن وڃڻ جي جرئت نہ ڪئي. حويلي جي پٺين پاسي گهاٽو جهنگ ھوندو ھو، ضمير قسم کڻي ٻڌائي ٿو تہ ھن ھڪ رات ھڪ پوڙھيءَ کي لالٽين سان جهنگ ۾ گهمندي ڦرندي ڏٺو ھو. ان پوڙھيءَ جو حويلي سان ڪو بہ تعلق نہ ھو ۽ نہ ئي اھا اڳ ڪڏھن ڏسڻ ۾ آئي. اھو ھڪ عجيب منظر آھي. ضمير ٻڌائي ٿو تہ اھو منظر جڏھن کيس ياد اچي ٿو تہ جسم ڊپ کان ڏڪڻ لڳي ٿو.

موڪلن ۾ اسان ھر سال سرڌھنا ويندا ھئاسين، اتي پھچندي ئي اداڪاريءَ واري خواهش جاڳي پوندي هئي. منھنجي والده جا ٽي ڀائر ھئا ۽ اھي ٽيئي غير معمولي صلاحيتن جا مالڪ ھئا. چمڙي جا جيڪيٽ، مٿي تي لوھي ٽوپلا، مخصوص انداز سان سندن وات ۾ سگريٽ، انتھائي نفاست سان ھٿيار کڻي بيٺل، بس دل چوندي ھئي تہ کين ڏسندو ئي رھجي. ھو زندہ دل انسان ھئا، پنھنجن انھن ٽنھي مامن جي خوبصورتي، سندن لباس عورتن سان سندن دوستي ڏسي، ننڍپڻ ۾ ئي منھنجي بيچيني وڌي وئي ھئي. آئون جڏھن سرڌھنا مامن وٽ ويندو ھئس تہ کين وات پٽي ڏسندو رھندو ھئس، انھن جا انداز ڏسڻ کان پوءِ آئون بہ تصوراتي دنيا ۾ رھڻ لڳو ھئس. مامن کي ڏسي مون ۾ جرئت پيدا ٿي ھئي ۽ ان جرئت مون کي مشھور آمريڪي اداڪار ڊگلس فيئر بينڪس جھڙو بڻائي ڇڏيو ھو. مون ڪھاڻيون ٺاھڻ شروع ڪيون، مثال طور ھڪ ڪھاڻي ھي ھئي تہ آئون فائٽر پائليٽ ھئس، ٻي وڏي جنگ ۾ منھنجي ڊيوٽي برما تي لڳائي وئي، آئون بمباري ڪرڻ وارو ئي ھئس تہ جاپانين منھنجي اسپٽفائر جھاز کي ڪيرائي وڌو، آئون جاپانين کان جان بچائي ڀڳس، جهنگن مان لڪندو ڀڄندو اچي ھندستان کان نڪتس. ايڏو ڊگهو سفر ڪرڻ کان پوءِ منھنجون ٽنگون ننڍيون ٿي ويون، اھوئي سبب آھي جو آئون توھان کان قد ۾ ننڍو آھيان ۽ ھا، جنھن کي اسان بابا چوندا آھيون اھو اصل ۾ منھنجو ننڍو ڀاءُ آھي. اھا ڪھاڻي آئون پنھنجن ڀائرن ضمير ۽ ظھير کي ٻڌائيندو رھندو ھئس. اھڙي طرح ھڪ ڏينھن آئون معمول موجب پنھنجي داستان گوئي ۾ مصروف ھئس تہ اچانڪ بابا اچي ويو، بابا سڀ ڪجهہ ٻڌي ورتو ھو، مون ان وقت بابا جو چھرو نہ ڏٺو ھو ۽ سندس تاثرن جو اندازو بہ نہ ڪري سگهيو ھئس، بابا اڳتي وڌي منھنجي پٺي ٺپيندي شاباس ڏيندي چيو ھو، ”بھترين ڏاڍو زبردست تخيل آھي.“ اھو منھنجي قصي گوئي جو آخري ڏينھن ھو، اھا خبر ناھي تہ ڇو؟ پر پوءِ مون اھو ڇڏي ڏنو.

امان صرف عربي لکڻ پڙھڻ ڄاڻندي ھئي، اردو گهٽ ايندي ھئس، جڏھن تہ بابا فارسي رواني سان ڳالھائيندو ھو۔ امان ھر وقت خاندان جي خدمت ۾ ھئي. امان بابا کي ’شاھ‘ چئي مخاطب ٿيندي ھئي، جيتري قدر مونکي ياد آهي تہ بابا ڪڏھن بہ امان کي نالي سان نہ سڏيو. امان کي ٽن شين ۾ مھارت حاصل ھئي: کاڌا تيار ڪرڻ، ڪپڙا سبڻ، قرآن مجيد جي تلاوت ڪرڻ. امان جو آواز ڏاڍو مٺو ھوندو ھو، صبح سوير جڏھن اسان کي ننڊ مان جاڳڻ ۾ سستي ٿيندي هئي، تڏھن امان جي تلاوت جو مٺڙو آواز ڪنن تي پوندو ھو تہ اٿي کڙا ٿيندا ھئاسين. امان گهر جي ڪم ڪار مان فارغ ٿي، قرآن مجيد جي تلاوت ڪندي ھئي تہ لطف پيو ايندو ھو، ڪڏھن ڪڏھن تلاوت ڪرڻ وقت امان جي آواز ۾ دھشت اچي ويندي ھئي، پر ايئن تمام گهٽ ٿيندو ھو. جڏھن امان ڪاوڙ ۾ ھوندي ھئي تہ بابا بہ ڊڄي ويندو ھو، امان ڪڏھن بہ پنھنجن ٻارن تي ڪاوڙ نہ ڪئي، ڪاوڙ واري شامت بابا جي مٿان ڪرندي ھئي.

حقيقت اها آهي تہ امان مون کي سمجهي نہ سگهي. سندس زندگيءَ جي آخري وقت ۾ جڏھن آئون اداڪاريءَ جي ڪري ٿورو گهڻو مشھور ٿي چڪو ھئس، تڏھن امان منھنجي ڪم مان گهڻو خوش ٿي ۽ مون تي فخر ڪرڻ لڳي. آئون امان کي ولايت بہ وٺي ويو ھئس، ھڪ دفعي ايوان صدر ۾ بہ ھو مون سان گڏ ھلي ھئي. طويل عرصي تائين، منھنجي نوجواني ۽ بلوغت تائين مون بابا سان نہ ڳالھايو ھو، انھن ڏينھن ۾ امان ئي منھنجي ھمراز ھوندي ھئي. امان سان ڳالھائڻ مھل ڏاڍو سڪون ۽ فرحت ملندي ھئي، اڄ بہ منھنجي الماڙي ۾ امان جي پوتي پيل آهي، پوتي مان امان جي خوشبو ايندي آهي. امان جھڙو رڌ پچاءَ سڄي دنيا ۾ ڪير بہ نہ ڪري سگهندو، ھن جي ھٿ ۾ قدرت مڻيا رکي ھئي. حيرت انگيز ڳالھ اھا تہ امان ڀرت ڀرڻ ۽ ڪڙھائي ڪڏھن ڪنھن کان نہ سکي ھئي پر ھن پنھنجي ٻارن ۽ مڙس لاءِ بيشمار جوراب، سوئيٽر ۽ جرسيون ٺاھيون ھيون. امان جي ھٿ جون ٺھيل شيون اڄ بہ مون وٽ محفوظ پيل آھن. امان جو ٺھيل شيون گهڻيون ڪري منھنجي حصي ۾ آيون، ڇو تہ لائين ۾ آئون سڀني کان آخر ۾ ھئس، مطلب تہ آئون سڀني کان قد بت ۽ ھاٺي ۾ ھلڪو ھئس. بابا سان گهڻي ويجهڙائپ نہ ٿي سگهي، ان ڪري سندس شيون منھنجي حصي ۾ نہ اچي سگهيون. بابا جي وفات کان پوءِ گهر جي تلاشي ورتم تہ جيئن بابا جون شيون ھٿ ڪري سگهان، تلاشي دوران بابا جي جيڪا بہ شيءِ ملي، اھا پاڻ سان گڏ بمبئي کڻي ويس. بابا رٽائرمينٽ کان پوءِ گهڻو ڪري خاڪي پاجامو ۽ اڇي قميص پائيندو ھو، مٿي تي ٽوپلو پائيندو ھو، بابا ٿلھو ھو، سندس پاجامو ۽ قميض منھنجي لاءِ گهڻا وڏا ۽ ويڪرا ھئا پر بابا جا جوتا مون کي پورا ٿي ويا. بابا جا ڪپڙا مون ۽ ڪيترن ئي اداڪارن پائي اسٽيج تي پرفارمنس بہ ڏني ھئي. خواھش ۽ ڪوشش باوجود مون کي بابا جو نيوي سوٽ ۽ ٽوپلو نہ ملي سگهيو، اھي منھنجو ڀاءُ ضمير کڻي ويو ھو. گهر وارن مان مون کي ڪنھن ٻڌايو ھو تہ اھي شيون شايد ظھير کڻي ويو ھو.

1951ع کان پوءِ ڪجهہ سالن لاءِ اسان لکنؤ کان بريلي، اتي ڪجهہ عرصو رھڻ کان پوءِ ھلدواڻي ۽ آخر ۾ نيني تال منتقل ٿيا ھئاسين. ظھير کي 1953ع ۾ بورڊنگ ۾ ويھاريو ويو هو، سال کان پوءِ مون کي ۽ ضمير کي ميري (رامين) ڪانوينٽ جي اسڪول ۾ ڊي اسڪالر طور داخل ڪرايو ويو ھو. اھڙي طرح اسان ھاسٽل ۾ رھڻ بدران روزانہ گهر ايندا ويندا ھئاسين.

سينٽ ميري ڪانوينٽ اسڪول ۾ ھڪ اسٽيج ڊرامي جو انتظام ڪيو ويو ھو، مون کي جيستائين ياد آھي تہ ان ڊرامي جو نالو شايد ’دي شو ميڪر شاپ‘ ھو. ان ڊرامي ۾ مون کي موچيءَ جو ڪردار ڏنو ويو ھو. جنھن ڏينھن ڊرامو ٿيڻو ھو، اتفاق سان ان ڏينھن آئون بيمار ٿي پيس، اھڙيءَ طرح اسٽيج تي منھنجي اچڻ ۾ وڌيڪ ڪيترائي سال لڳي ويا. ھاڻي مون کي ياد ناھي تہ اسٽيج تي ڊرامي ۾ پرفارم نہ ڪرڻ ڪري مون کي مايوسي ٿي ھئي يا نہ پر منھنجي اندر ۾ اداڪاري جو شوق جاڳي پيو. سينٽ ميري ڪانوينٽ اسڪول ۾ On the Good ship lollipop جي نالي سان ھڪ ڊرامو ڪيو ويو ھو، ضمير ان ۾ سيلر جو رول ڪيو ھو، پر ھن جي دل ۾ اداڪاري جو شوق پيدا نہ ٿي سگهيو. جڏھن تہ مون اسٽيج تي پرفارم ئي نہ ڪيو ھو پر اداڪاريءَ جو شوق ٿي پيو ھو. ان سال ئي مون سيم ڪنسرٽ هال ۾ ھڪ ڊرامو Mr Fixit ڏٺو ھو، ان ڊرامي متعلق مون کي ڪجهہ بہ ياد ناهي. ھن ڊرامي ۾ ھڪ وڏي چمڪندڙ ليموزين گاڏي اسٽيج تي آندي وئي هئي، بعد ۾ خبر پئي تہ اھا کيڏڻ واري ڪار ھئي، پر جڏھن ڊرامو شروع ٿيو تہ آئون حيرت جي جھان ۾ گم ٿي ويس، ڪنھن ميلي يا سرڪس ۾ نظر ايندڙ ماڻھو ھڪ وڏي چبوتري تي بيٺل نظر آيو. منھنجو ھميشہ اھو يقين رھيو آھي تہ دنيا ۾ جيڪڏھن جادو ٿي سگهي ٿو تہ اھو اسٽيج تي ٿي سگهي ٿو.

فلمون ماڻھو کي قيد ڪري ڇڏينديون آهن ۽ ھر شئي ٺھي ٺڪي ملندي آهي. فلمن ۾ پيدا ٿيندڙ فريب يا چالاڪي توھان کي ان ڪيفيت ۾ وٺي وڃي ٿي، جنھن لاءِ ماڻھو رڳو سوچي سگهي ٿو پر ٿيٽر ۾ توھان جي تخيل ۽ تصور کي تحرڪ ملي ٿو. ٿيٽر ۾ توھان پنھنجا فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد ھوندا آھيو، اھڙي طرح توھان اتي لطف اندوز بہ ٿي سگهو ٿا. اھو صرف ٿيٽر ۾ ممڪن آهي تہ اداڪار، ناظرين ۽ سامعين جي وچ ۾ صلاحيتن جو باھمي تبادلو ٿيندو آهي. ٿيٽر جي عمدہ ۽ مستند تعريف، جيڪا مون کي سمجھ ۾ آئي آھي، اھا ھڪ اداڪار ھڪ ڏسندڙ واري تعريف آھي، حقيقت بہ اھا ئي آھي تہ ٿيٽر ون آن ون جي تجربي جو ٻيو نالو آهي. پھرين ٻڌائي آيو آهيان تہ ھي منھنجي نرسري ھو، بلڪہ پري نرسري چوڻ درست ٿيندو.

نرسري جي راند ختم ٿيڻ ۽ حقيقي اسڪول جا حاضري جا ڏينھن ويجها ايندا ويا. نرسري دوران اسان رامني ۾ سڄو سڄو ڏينھن گيت ڳائڻ، مٽي جي رانديڪن سان کيڏڻ، ابتيون سبتيون تصويرون ٺاھڻ ۾ گذرندا ھئا. ھاڻي اھو وقت پورو ٿيڻ تي ھو. تعليمي سال جي پوري ٿيڻ تي ھڪ فنڪشن منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ ٻارن کي سووينيئر ۽ يادگار شيلڊون ڏنيون ويون. مون کي ھڪ ڪتاب ڏنو ويو، جنھن جو نالو Farm Fun ھو، ضمير کي A name for kitty نالي ڪتاب مليو. ضمير مون کان ھڪ سال اڳتي ھو، ھن کي پھرين ڪلاس ۽ مون کي ھائرڪنڊرگارٽن ۾ ويھاريو ويو. ظھير کي ان سال بہ بورڊنگ ۾ نہ رکيو ويو، ھو اڃا بہ ڊي اسڪالر ھو.

پھريون ۽ ٻيو ڪلاس ڪنڊرگارڊن کان ھڪ ٻہ ڏينھن پھرين شروع ٿيندو ھو، مون کي چٽي يادگيري آھي تہ ڪنڊرگارڊن لاءِ بابا مون کي پھرين ڏينھن ھٿ کان جهلي وٺي ويو ھو. ان ڏينھن مينھن وسيو ھو، سخت سيءَ سان گڏ ڌنڌ بہ گهڻي ھئي. امان مون کي ڪوٽ ۽ ٽوپي پارائي ھئي، منھنجي ھڪ ھٿ ۾ ٿيلھو ھو، ٻيو ھٿ بابا جي ھٿ ۾ ھو. ڌنڌ متعلق منھنجا احساس ھميشہ غير يقيني وارا رھيا آھن ۽ ھاڻي بہ آئون ان شئي کان شديد تمام گهڻي نفرت ڪيان ٿو. اسڪول ويندي ڏاڍو ڏکيو لڳندو ھو، ھاڻي مون کي ياد ناھي رھيو ان ڏينھن اسڪول وڃڻ وقت رنو ھئس يا نه! شايد ايئن نہ ٿيو ھجي پر ان ڏينھن مون کي ڊپ ڏاڍو ٿيو ھو، اسڪول مٿانھين تي ھو، ياد ناھي تہ مٿانھين تي چڙھندي مون بابا سان ڪجهہ ڳالھايو ھجي پر بابا ڪجهہ ڳالھائيندو ھليو ھو، حالانڪہ بابا تمام گهٽ ڳالھائيندو ھو.

ڪنڊرگارڊن ۾ مس برينڊش اسان جي استاد ھئي، ٻي سال ھن اسڪول ڇڏي ڏنو، مس برينڊش ھڪ قابل استاد ھئي، ھو ڏاڍي خوبصورت بہ ھئي. منھنجي زال رتنا ڪجهہ پراڻيون يادگار شيون گڏ ڪيون آهن، ڪجھ عرصو پھرين منھنجي ڪنڊرگارٽن ڪلاس جو ھڪ رپورٽ ڪارڊ مليو ھو، انھي ڪارڊ تي مس برينڊش جي صحي ٿيل آهي، رپورٽ ڪارڊ ۾ منھنجي باري ۾ سٺا ريمارڪس ڏنا ويا آهن ۽ مون کي سٺن شاگردن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. پر پوءِ منھنجي تعليم ڪا ايڏي سٺي نہ رھي. پھرين سال اسڪول ۾ اچڻ وڃڻ دوران مون کي ھڪ ٻن ڳالھين کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ياد ناھي. امان سان گڏجي ويھندو ھئس ۽ ان کان پڇندو ھئس تہ ڪھڙو جوتو ڪھڙي پير ۾ پايان، ٻي ڳالھ اھا تہ اسڪول وڃڻ وقت پنھنجي پاڇولي کي ڏسندو رھندو ھئس، آئون پنھنجي پاڇي کي ان لاءِ ڏسندو ھئس تہ ڪٿي منھنجي گهنڊيدار وارن جي ڦڻي تہ خراب نہ ٿي آھي. ھن ڪنڊرگارٽن دور جي ھڪ ٻي ڳالھ بہ ياد پئي اچي، سالياني اسپورٽس ڊي جي تقريب ٿي رھي ھئي، سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن ۾ انعام ۽ ٽرافيون ورھايون پئي ويون، مون ڪنھن بہ راند ۾ حصو نہ ورتو ھو ۽ ٻين سان گڏ تاڙيون وڄائڻ ۾ مصروف ھئس، انعام حاصل ڪندڙ ٻار ڊائس تي وڃي انعام حاصل ڪري رھيا ھئا، آئون بہ ٻين ٻارن سان گڏ قطار ۾ بيٺو ھئس تہ اچانڪ مون کي ڪنھن ڌڪو ڏيئي چيو، ’اڙي شاھ توکي سڏيو ويو آهي.‘ ان کان پھرين جو آئون ڪجهہ سوچيان تہ مون کي ڪھڙي بنياد تي سڏيو ويو آهي، مون ڪنھن ايونٽ ۾ حصو بہ نہ ورتو آهي. بھرحال ڪنھن جي ڌڪي تي آئون اسٽيج تي پھتس مھمان خصوصي سان ھٿ ملائي ٽرافي وصول ڪيم، اھا ٽرافي اڄ بہ مون وٽ پيل آھي، پر سمجهي نہ سگهيو آھيان تہ اھا ٽرافي مون کي ڪھڙي سبب جي ڪري ملي. ٻارن جي راند آسان ھوندي ھئي، مون کي ياد آهي سيڪس ريس ۽ اسپون ريس ٻہ ائٽم ھئا، جيڪڏھن آئون انھن ۾ حصو وٺان ھا تہ ٽئين پوزيشن ضرور کڻان ھا پر مون ڪنھن بہ راند ۾ حصو نہ ورتو ھو. جڏھن اھا ٽرافي آئون گهر کڻي پئي آيس تہ ڏاڍو خوش ھئس، خوشيءَ جي ڪري آسمان تي اڏري رھيو ھئس. خوشيءَ جو اھو احساس مون کي زندگيءَ ۾ فقط ٻہ دفعا ٿيو آھي. ٻي دفعا بي انتھا خوشيءَ جو احساس ان وقت ٿيو، جڏھن ھدايتڪار شيام بينگل مون کي ٻڌايو تہ مون توکي فلم ’نشانت‘ لاءِ سليڪٽ ڪيو آهي. نشانت منھنجي پھرين فلم ھئي ۽ اھو اسڪول واري ٽرافي جي 20 سالن کان پوءِ جو واقعو آھي.

ھلندڙ

 

۽ پوءِ ھڪ ڏينھن (نصيرالدين شاھ جي آتم ڪٿا) قسط -1

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close