در در جا ڌڪا (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا) قسط-12

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

3- حيدرآباد سنڌ (6)

ھندستان ۾ تاريخ جي شروعات قومپرستي کان ٿي، ان ۾ ھندو تاريخ نويسن جو وڏو ھٿ آھي، جن مغلن جي تاريخ جديد انداز سان لکي. الھ آباد يونيورسٽي قومپرست تاريخدانن جو مرڪز ھوندي ھئي، پوءِ تاريخ نويسي ۾ فرقيواريت نظر اچڻ لڳي. ردعمل ۾ ٻنھي طرفن کان تاريخ کي بگاڙيو ويو. ڪڏھن ڪڏھن انسان فرقيواريت مان ايڏو متاثر ٿي ويندو آهي جو ان سان پنھنجا جذبات ڳنڍي ڇڏيندو آهي. انھن ۾ رواداري ۽ قوت برداشت وڌيڪ ھوندي ھئي، ٻين جو موقف بہ ٻڌندا هئا پر جيڪڏھن انھن جي خيالن کي ڪير رد ڪندو هو تہ انھن کي ڏک ٿيندو ھو. ھڪ دفعي مون ڪلاس ۾ سر سيد احمد خان تي تنقيد ڪئي، سائين دائود صاحب کي ڪاوڙ اچي وئي، چيائين مبارڪ علي خان صاحب توھان مونکي ڏک ڏنو آهي، انکانپوءِ ھن سڄو پيرڊ سر سيد احمد خان جي خدمتن تي ڳالھايو. ھن ڪانگريس جي قيام تي ھڪ ڪتاب لکيو ھو. وڏي محنت سان مواد ڪمپوز ڪرايائين، پر سندس وفات کانپوءِ ٻين ڪتابن سان گڏ اھو ڪتاب بہ خبر ناھي ڪيڏانهن ويو. ھو پاڪستان جي حالت تي ھميشہ پريشان رھندو ھو، پر ھن ڪڏھن بہ احتجاج نہ ڪيو. جڏھن اسان شاگردن ايوب خان خلاف تحريڪ هلائي تہ مون تي سخت ناراض ٿيو، سندس خيال هو تہ احتجاجن سان پاڪستان ڪمزور ٿيندو، اھڙي طرح ھو کاٻي ڌر جي سياست جي سخت خلاف هو، ڪميونسٽ ٺپ نہ وڻندا ھئس. سائين ڪٽر مذهبي ھوندو ھو، ھو پاڪستان کي ھميشہ مضبوط ۽ آزاد ڏسڻ چاھيندو ھو. ھو ملڪي حالتن کان باخبر ھو، جتي ضرورت ھوندي ھئي اتي پنھنجي راءِ ضرور ڏيندو هو. جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو شملا وڃي رھيو ھو تڏھن سائين ڀٽي صاحب کي ھڪ طويل خط لکي ڪشمير معاملي تي ٻڌايو ھو تہ ڪھڙيون ڪھڙيون پوائنٽون اھم ۽ ضروري آھن جيڪي ڪانفرنس ۾ ڳالھائڻيون آھن. ايران ۾ جڏھن خميني جو اقتدار قائم ٿيو تہ ان کي ٽليگرام ڪري آمرانہ پاليسي جي سخت مذمت ڪيائين. دائود صاحب جي ڳالھائڻ جو سليقو ڏاڍو بھتر ھوندو ھو. جڏھن بہ ڪنھن سان مخاطب ٿيندو هو تہ ان جو پورو نالو کڻندو هو ۽ تمام آھستي ڳالھائيندو ھو، مھمانن جي خاطر تواضع ڪندو هو، سندس زال گھڻو وقت اڳ گذاري وئي، ان ڪري ماني ھوٽل تي کائيندو هو. جڏھن بہ ساڻس گڏ ھوٽل تي چانھ پيئندو ھئس تہ بل سدائين پاڻ ڏيندو هو. ڇوٽي گھٽي ۾ ڊي پيرس سندس پسند جي ھوٽل ھوندي ھئي ڇاڪاڻ تہ اھا صاف سٿري ھوٽل ھوندي ھئي. ھوٽل ۾ ڪير شاگرد نظر ايندو ھئس تہ ان کي چانھ پياريندو هو. جڏھن آئون بي اي ۾ ھئس تہ منھنجا مالي حالت تمام گھڻي خراب ھئي، تڏھن سائين مونکي ٽيھ رپيا مھينو بطور وظيفو ڏيندو هو. سائين دائود صاحب ڪاليج کان پاڻ رٽائرمينٽ ورتي ڇاڪاڻ تہ ان جي مضمون جا شاگرد تمام گھٽ ايندا هئا، ان ڪري چوندو ھو تہ مونکي جيڪو معاوضو ملي ٿو ان جو حق ادا نٿو ٿئي، رٽائرمينٽ کانپوءِ سائين ڪراچي ھليو ويو، لارنس روڊ وٽ بي پي فيڪٽري ۾ سندس ھڪ ننڍو فليٽ ھوندو ھو. آئون جڏھن بہ ڪراچي ويندو ھئس تہ سائين سان ضرور ملندو ھئس، سائين ٻنپھرن جي ماني کارائڻ لاءِ ڪنھن ھوٽل تي وٺي ويندو هو. سائين ڪانگريس تي جيڪو ڪم ڪيو ھو، اھو ڇپرائڻ چاھيندو ھو. ان وقت تائين منھنجو بہ ڪنھن پبلشر سان واسطو نہ ھو، تنھنڪري سائين جا ڪا مدد نہ ڪري سگھيس. پنھنجي مجبوري جي باري ۾ ھڪ ڏينھن سائين تمام بھترين ڳالھ ڪيائين: مبارڪ علي خان مون زندگي ۾ ھڪ وڏي غلطي ڪئي اھا ھي تہ مون شھرت جي ڪڏھن خواھش نہ ڪئي، شھرت نہ ھجڻ ڪري سائين جو مواد شايع نہ ٿي سگھيو. سائين جي ان ڳالھ مان اھو سبق ٿو ملي تہ جيڪڏهن ڪو سادگي ۾ رھندو آھي تہ پوءِ ڪنھن کي بہ ان جو فڪر نہ ھوندو آھي، سادگي ۽ انڪساري پنھنجي جڳھ پر پنھنجي شخصيت کي اڀارڻ ۽ مڃائڻ لاءِ شھرت تمام ضروري آھي.

جڏھن آئون جرمني مان واپس آيس تہ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مونکي معطل ڪري ڇڏيو، جنھن تي کيس ڏک پھتو. آخري دفعي جڏھن ان سان ملڻ ويس تہ ھو فليٽ تي نہ ھو. منھنجو ھڪ ڪتاب ڇپجي چڪو هو، جيڪو فليٽ جي دروازي کان اندر وجھي ھليو آيس. ڪجھ ڏينھن کانپوءِ روزاني جنگ ۾ رئيس امروهي جي ڪالم مان خبر پئي تہ سندس وفات ٿي چڪي آهي. شھرت نہ ھجڻ ڪري ھڪ عالم گمنام ٿي ويو. ان کان پوءِ سندس لئبريري ۽ اڻڇپيل مسودن جو ڇا ٿيو، ڪيڏانھن ويا ڪا خبر نہ پئي.

ڪاليج جو پرنسپال مرزا عابد عباس ھو، جيڪو استادن ۽ شاگردن ۾ تمام گهڻو مشھور ھو. ھي ڪاليج جي سرگرمين ۾ خصوصي دلچسپي وٺندو هو. اسان جڏھن بہ مباحثن ۾ ويندا ھئاسين ۽ پئسن جي ضرورت پوندي هئي تہ پرنسپال صاحب اسان کي پئسا ڏيندو هو. مونکي ھڪ واقعو ياد اچي ويو، 1959ع ۾ اسان کي لاھور ۾ ٿيندڙ مباحثي ۾ شرڪت ڪرڻي ھئي. اسان سان مرحوم منظر اڪبر بہ گڏ ھو، ان مشورو ڏنو تہ اسان کي ڪاليج جي ھاسٽل ۾ رھڻ بدران ڪنھن ھوٽل ۾ رھڻ گھرجي ۽ ان جو بل ڪاليج وارن کان وٺنداسين. اسٽيشن جي ڀر ۾ ھڪ ھوٽل ھئي، جنھن جو نالو لاھور ھوٽل ھو، اسان اتي ترسياسين. جڏھن اسان ڪاليج وارن کان بل گھريو تہ انھن ڏيئڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، چيائون تہ توھان جي رھائش جو انتظام ھاسٽل تي ھو تہ پوءِ توھان ھوٽل تي رھائش ڇو ڪئي. ان عرصي دوران ھوٽل جو بل بہ ڏيڊ ھزار ٿي ويو، جيڪا ان وقت وڏي رقم ھئي. ھاڻي اسان ھوٽل جا قيدي ٿي وياسين. فيصلو اھو ٿيو تہ عابد صاحب کي تار موڪلي پئسا گھرائجن ۽ پوءِ اسان سڀ گڏجي پئسا ڪاليج وارن کي ادا ڪنداسين. عابد صاحب پئسا ٽيليگراف ذريعي موڪلي ڏنا. جڏھن ڪاليج وياسين تہ سڀني کي اھو ڊپ ھو تہ عابد صاحب دڙڪا ڏيندو. پر اسان کي حيرت ٿي تہ عابد صاحب پئسن جو ڪو ذڪر بہ نہ ڪيو. ڪافي عرصي کان پوءِ جڏھن اسان شاگرد نہ ھئاسين، مون ھڪ ڏينھن عابد صاحب کي واقعو ياد ڏياري پڇيو تہ توھان اسان کي دڙڪا ڇو ڪونہ ڏنا. سائين کليو ۽ چيائين تہ شاگردن کي اھڙين غلطين تي معاف ڪرڻ گھرجي. عابد صاحب جي ڪري ڪاليج ۾ جان ھوندي ھئي، مباحثن ۾ جيڪي ٻاھر کان مقرر ايندا هئا، ھو انھن کان متاثر ٿيندو هو، تقرير بہ سٺي ڪندو هو. ھو شاگردن کي پنھنجو ڪرڻ ۾ ماھر ھو. مونکي ياد آهي ھڪ ڏينھن ھڪ شاگرد اڳواڻ چيو تہ ڪاليج ڏھ رپيا ساليانہ عمارت جي تعمير جي فنڊ ۾ وٺي ٿو پر ان جو ڪو حساب نٿو ڏي. جنرل باڊي جي ميٽنگ گھرائي وئي، جتي زوردار تقريرون ٿيون. عابد صاحب ميٽنگ ۾ آيو ۽ آخر ۾ تقرير ڪندي شاگردن کي سمجھائيندي چيائين تہ ھي فنڊ محفوظ آھن ۽ ڪاليج جي عمارت جي تعمير لاءِ آھن، جڏھن تہ شاگرد ڪاليج کي پوري فيس بہ ادا نٿا ڪن ۽ نہ ئي ڪاليج جي آمدني جو ٻيو ڪو ذريعو آهي، تقرير ٻڌڻ کانپوءِ سڀ مطمئن ٿي ويا. سائين ۽ ڪاليج ھڪٻئي جا لازم ۽ ملزوم ٿي ويا، سائين کان بغير ڪاليج جو تصور ناممڪن ھو. جڏھن سائين 1961ع ۾ ڪاليج ڇڏيو ۽ سيڪينڊري بورڊ جو سيڪريٽري ٿيو تہ ان کان پوءِ ڪاليج کي سائين جھڙو ٻيو ڪو پرنسپال نہ مليو. 1974ع ۾ جڏھن آئون جرمني مان ڪجھ ڏينھن لاءِ آيس تہ خبر پئي ڀٽو جي دور ۾ جتي ٻين ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويو ھو اتي سائين کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو. جنھن معاشري ۾ ايماندار ۽ صاحب ڪردار ماڻھن جو اھڙو حشر ڪيو وڃي اتي خرابيون ئي جنم وٺنديون آهن. سائين ڪجھ وقت سخت پريشاني ۾ گذاريو ۽ پوءِ وري بورڊ ۾ آيو ۽ اتي ئي ريٽارئرڊ ٿيو.

سٽي ڪاليج ۾ گذاريل چار سال زندگي جا يادگار ڏينھن ھئا، ھي ڪاليج شام جو ھلندو ھو، ڪلاس شام پنج وڳي کان رات جو 9 وڳي تائين ھلندا ھئا. اڪثر شاگرد ڏينھن جو ڪا نہ ڪا ملازمت ڪندا هئا، ڪجھ شاگرد پنھنجا دڪان بہ ھلائيندا ھئا. شاگرد پابندي سان ڪلاس وٺندا هئا. جيتوڻيڪ ڪاليج پرائيويٽ ھو پر ھن ڪاليج ڪيترن ئي نوجوانن جو ڪيريئر ٺاھيو، ڪاليج ۾ پڙھائي سان گڏ غير نصابي سرگرميون بہ ٿينديون هيون. ادبي پروگرامن ۾ شاگردن سان گڏ استاد بہ حصو وٺندا هئا، مون لکڻ جي شروعات ھتان کان ڪئي، مشاعرا بہ تمام گھڻا ٿيندا هئا، جن ۾ حيدرآباد کانسواءِ سنڌ جي ٻين شھرن جا شاعر بہ حصو وٺندا هئا. ھڪ دفعي مشاعرو ڪرايو ويو، جنھن ۾ شاگردن کي مير انشا، مصحفي، حسرت ۽ غالب جي ايڪٽنگ ڪرائي وئي. مون ان مشاعري ۾ مصحفي جي ايڪٽنگ ڪئي. مشاعري جي ريھرسل ڪيترائي ھفتا ھلي، ھر شعر تي داد ڏيڻ لاءِ جملا چوڻا ھئا، جڏھن اسٽيج تي پھتاسين تہ سڀ وساري ويٺاسين. پر جڏھن سڀني في البديھ داد ڏنو تہ ماڻھن کي لکا ئي نہ پئي. اسان جو ھي مشاعرو ايڏو مشھور ٿيو جو ٻئي دفعا اولھ پاڪستان جي گورنر اختر حسين جي فرمائش تي ڪيو ويو. ڪاليج جا اھي چار سال مون ٽيوشن پڙهائي گذارو ڪيو ۽ ڪجھ نوڪريون بہ ڪيم. 1961ع ۾ سٽي ڪاليج جي انتظاميہ طرفان قائم ڪيل اسڪول ايس ڪي رحيم ھاءِ اسڪول ۾ ملازمت لاءِ درخواست ڏنم، ان وقت ھيڊ ماستر سميع صديقي ھو، مون جڏھن درخواست ڏني تہ ھو اڳ ۾ ڪنھن جي تقرري ڪري چڪو هو، پر جڏھن منھنجي درخواست ڏٺائين تہ اڳ ۾ ڪيل تقرري وارو ليٽر ڦاڙي ڇڏيائين ۽ مونکي ملازمت ڏنائين. ھاءِ اسڪول جي شاگردن کي پڙھائي مونکي خوشي ٿي، شاگرد ڪاليج ۾ تقريرون ڪرڻ جي ڪري مونکي سڃاڻيندا هئا، ان ڪري منھنجي گھڻي عزت ڪندا هئا. پڙھائيندي مونکي اھو تجربو ٿيو تہ استاد کي پنھنجي فيلڊ جي ڄاڻ ھجي ۽ محنت سان پڙھائي تہ شاگرد ان جي تمام گهڻي عزت ڪندا پوءِ ڀلي اھي بدمعاش ڇو نہ ھجن. مونکي پڙھائيندي 6 مھينا ٿيا تہ گرمين جون موڪلون ٿيون ۽ سميع صديقي صاحب مونکي نوڪري مان بہ فارغ ڪيو. نوڪري مان برطرفي جو ھي منھنجو ٽيون تجربو ھو. مون موڪلن جو پگھار گھريو تہ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو. مون پنھنجي دوست ظفر مسعود جنھن جو پيءُ وڪيل ھو، ان کان قانوني نوٽيس ڏياريو ۽ پوءِ مونکي ٻن مھينن جو پگھار مليو. ڪو صاحب اختيار سانڍي وانگر پنھنجا رنگ ڪيئن تبديل ڪندو آھي، اھا مونکي خبر پئي پر مون تجربي مان ڪجھ نہ سکيو. نوڪري وڃائڻ جو اھو فائدو ٿيو جو مون سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي جنرل ھسٽري ۾ داخلا ورتي. جيڪڏھن نوڪري ۾ ھجان تہ پاڻمرادو نہ ڇڏي سگھان ھا ڇو تہ گھر کي ھلائڻ لاءِ نوڪري ضروري ھئي. سوچان ٿو تہ ڪڏھن ڪڏھن اتفاق انسان جي ڪيريئر ٺاھڻ ۾ مدد ڪندا آھن. جيڪڏھن منھنجو خاندان حيدرآباد سنڌ ۾ نہ اچي ھا ۽ اسان ڪنھن ننڍي شھر ۾ ھجون ھا تہ منھنجي لاءِ اھو ممڪن نہ ھو آئون پڙھي سگھان ھا.

ھلندڙ


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close