گهڻن ڏينهن کان سيٺ غفار شيشي والا جي پويان هئس، چيومانس ملاقات جو ٽائيم ڪڍو، ڪجهہ دل جا حال اورجن. ياد رهي تہ هي سيٺ گهوڙا گليءَ جي نقلي سامان ۽ دوائن ٺاهڻ وارن واپارين جي ايسوسيئيشن جو صدر آهي.
اصل محبوب ماڻهو آهي، نوراني چهرو، چپن تي هلڪي مرڪ، پان وات ۾ ۽ فوٽو جينڪ مھانڊو.. ٻہ ٽي سيلفيون بہ گڏ ڪڍيوسين.
پنهنجي دڪان اڳيان رکيل صندل تي ويهاري نوڪر کي "ٻو چانھ ڦڪا” جو آرڊر ڏنائين، پاڻ بہ شگر جو مريض آهي.
بهار جي هوا پئي لڳي، ڪرونا ڪري اڃان لاڪ ڊائون ڪونه ٿيو هو.
کلي چيائين سائين اسان جو سيزن ٽاپم ٽاپ پيو هلي. "سائين” اهڙي نموني مرڪي چيائين، جو منهنجو هيانءُ سڙي ويو.
هي اسان کي سائين چئي جتائيندا آهن، تہ توهان سادڙا، درويش ۽ چريا آهيو..
پر انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ؟ چريا ئي تہ آهيون. برابر سيٺ…!
مڪيش جي گاني وانگر "سب ڪُڇ سيکا ہم نَي، نہ سيکِي هوشياري..” هلو سائين ڳالھ هلي اڳتي.
اول تہ مون کيس مسلسل ڇھون ڀيرو مارڪيٽ صدر چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني. سبب پڇيومانس ته اوهان جي ان ڪاميابي جو راز ڪھڙو آهي؟
پان جي ٿڪ ڦٽي ڪري چيائين "سائين اسان وٽ وقت گهٽ هوندو آهي مقابلو سخت. مان هتي سڀني آفيسرن، حاڪمن، حڪيمن، ايجنٽن ۽ واپارين کي سڃاڻان جيڪي هتان”مال” کڻڻ ٿا… "مال” وٺن ٿا..
"مال” تي زور ڏنائين.
شاطرانہ کلندي چيائين، ان ڪري نہ ڇاپو لڳي، نہ چڪاس ٿئي.
کُلي عام نقلي مصالحہ جات، پائوڊر، صابڻ، عطر، سينٽون، تالا، ٽوٿ پيسٽ، ڪريمون، سونف سوپاري ۽ دوائون المطلب ته سُئي کان هاٿيءَ تائين هر شيء مليو وڃي. مان موسٽ سينيئر ۽ تجربي ڪار آهيان، ان ڪري هر چڪر تي مون کي صدر چونڊيو ٿو وڃي.”
مون کيس حجت ۾ چيو تہ حاجي صاحب ٻيو تہ ٺھيو پر دوائون نقلي هلائيندي خدا جو خوف ڪونہ ٿو ٿئي؟
وراڻيائين” سائين خدا جو خوف آهي، تڏهن تہ ڪيپسولن ۾ خالص چڪيءَ جو اٽو ڀريون ٿا، ٻيا تہ چاڪ پائوڊر ٿا ڀرين… توهان کي تہ اسان جو ٿورائتو هئڻ گهرجي.. هونئن بہ بک گهڻي آهي، تنهنڪري ڪيپسول خوراڪ جو ڪم بہ ڏين ٿا.”
مون پڇيو "باقي انجيڪشن ۾ ڇا ٿا ڀريو؟”
"توهان جي صحت جو خيال ڪندي ڊسٽل واٽر…… ڏسو تہ پنجاب وارا نلڪي جو پاڻي ڀريندا آهن… اسان وري بہ خيال ڪيون ٿا.” مرڪندي ڳالھ جاري رکيائين
” هڪ ڳالھ واضح ڪندو هلان سائين، اوهان غريبن ۾ رت آهي ڪٿي اهو پاڻي ڊي هائڊريشن نہ ڪندو.. ٻيو تہ ڊسٽل واٽر ڪري ري ايڪشن به نه ٿيندو… اسان وٽ جڏهن ڊمانڊ ئي اهڙي مال جي آهي، تہ ٺاهڻ ۾ اسان کي ڪهڙي ڪس ٿي لڳي.”
” پوءِ تہ سيٺ مال بہ جام ڪمائيندا هوندا…”
"جي بابا سائين گنج…. ﷲ جو شڪر آهي، تڪبر ڪونھي.. توبہ توبہ ، توھان جو هي ڀاءُ هر جمعو مڪي ۾ پڙهندو آهي.”
ٿڌو ساھ کڻي پڇيو مانس:
” سيٺ ڪر خبر.. تو ڳالھ ڪئي تہ اسان جو سيزن هلي پيو؟
"سائين بادشاھ! ﷲ آندو ڪرونا کي.. نقلي سينيٽائيزر ٽن روپئي جو ٺھيل، اڍائي سو ۾ هلي پيو… ماسڪ گهرن ۾ عورتن کان سبرايون پيا، پنج روپيا خرچ، مارڪيٽ ۾ پنجاھ……”
مون چيو "ماشاءﷲ!
….يار ڪلاڪ ٿيو آهي تو واري چانھ ڪٿي؟”
هن ڪاوڙ مان نوڪر کي هڪل ڪئي "اڙي ٻو چانھ ڳنھي آ..” نوڪر دوڪان تان لھي، بازار ۾ گم ٿي ويو.
موقعو غنيمت سمجهي پڇيم
"سيٺ توهان سونف سوپاري بہ ٺاهيندا آهيو؟”
” بلڪل سائين.. هي رنگ برنگي ريپر ۾ سونف سوپاري ڏسو ٿا، اسين ٺاهيندا ۽ پيڪ ڪندا آهيون…
ڀڀونڊ لڳل فنگس واري سائي رنگ جي گهٽيا ترين ڪوالٽي جي سوپاري انڊونيشيا مان جهاز ڀرائي گهرائي گودامن ۾ رکندا آهيون.. اتي جيت جڻا، ڪاڪروچ وغيره ان ۾ مڪس ٿي ويندا آهن. اها سڙيل سوپاري ڪڙي هوندي آهي. ان ۾ خوشبو جو ڪيميڪل ۽ سيڪرين مٺي ڪرڻ لاءِ ملائيندا آهيون. مٺاڻ ڪري زائفائون، ٻار ٻچا پوڙها پڪا چٻاڙيندا وتن. اسان کي گهڻو منافعو ان سوپاري مان ملندو آهي، جنهن ۾ تماڪ مليل هجي. هڪ خاص قسم جي لذت لاءِ ان ۾ اسان ڪجهہ ملائيندا آهيون… ”
مون پڇيو” ڇا؟”
چيائين” اهو هڪ ڪاروباري راز آهي، سڀ کي ڪونہ ڏبو..”
ٻٽيهي ڪڍي کلندو رهيو.
سائين باقي ڪچهري پوءِ، چانھ پيئو، دماغ تي زور نہ ڏيو. مون چانھ پيئڻ بعد سيٺ کان پڇيو "يار عجيب ذائقو هئس.”
کلندي چيائين:
"آهين نه سادو ڀُوڪ….
پتي بجاءِ توتڙ مليل چانھ پي وئين.. پيئي خبر!!؟؟”
مون کيس هٿ ٻڌي موڪلايو..