ملير جو عوامي پريس ڪلب ۽ ان جو ڪردار

رياض بلوچ

اسان جي صحافتي استاد ۽ عوامي پريس ڪلب ملير جي باني سامي ميمڻ جو چوڻ آهي ته اسان رڳو خبرون ڏيندڙ صحافي نه پر سماج جا زميوار فرد به آهيون۔

مونکي اها ڄاڻ ناهي ته اسان هن ڳالھ تي پورو لهون ٿا يا نه، پر اهو ضرور چئي سگهون ٿا ته عوامي پريس ڪلب ملير انهيءَ وصف تي پوري لهڻ جي ڪوشش ضرور ڪندي رهي آهي۔

ملير ۾ ٻين اڻ ڳڻين المين سان گڏوگڏ هڪ الميو اهو به آهي ته هتي نالي ماتر تنظيمون ته گهڻيون آهن، پر هڪ اهڙي تنظيم، جيڪا حقيقي معنٰي ۾ ميدان عمل ۾ موجود هجي، ڳولڻ سان به نه ملندي۔

صحافتي تنظيمون ۽ پريس ڪلب به موجود هئا، انهن کي عوام جي پگهر ۽ پورهئي مان ڳريون رقمون به ملنديون رهيون آهن پر عوام سان انهن جو ڪهڙو لاڳاپو هو، تنهن کان توهان سڀ واقف آهيون۔

اهڙي صورتحال کي سامهون رکي عوامي پريس ڪلب ملير جو بنياد ڪجهہ سال اڳ ميمڻ ڳوٺ ۾ رکيو ويو، جنهن جي کاتي ۾ جيڪڏهن ڪا وڏي ڪاميابي نه به هجي، تڏهن به هن پريس ڪلب ملير جي سياسي، سماجي ۽ ادبي ماحول جي بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر ته ضرور اڇلايو آهي۔

عوامي پريس ڪلب ملير کي اڄ تائين پنهنجي عمارت ناهي، وسيلن جي کوٽ هوندي به ان پنهنجو صحافتي ڪردار ته تمام سٺي نموني نڀايو آهي پر سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي۔

ڀاڙي جي هڪ فليٽ ۾ قائم هن پريس ڪلب جي ٽيم دڪانن کولڻ بدران مومن مليرائيءَ جي نالي هڪ لائبريري قائم ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي، جڏهن ته هتي ملير جي مشهور صحافي اڪبر بابا جي نالي هڪ هال قائم ڪري سمورن تنظيمن لاءِ اهو موقعو مهيا ڪيو آهي ته هو جاءِ ۽ سائونڊ سسٽم جي جنجال کان آزاد ٿي سولائيءَ سان پروگرام ڪري سگهن ٿا۔

عوامي پريس ڪلب ملير پنهنجي ابتدا کان وٺي هيستائين سماجي مسئلن ۽ ادبي موضوعن تي مختلف وقتن تي مختلف پروگرام ڪري اها ذميواري پنهنجي ڪلهن تي کڻندي رهي آهي۔

هن پريس ڪلب جي ٽيم ملير جي مختلف صحافين، ليکڪن، شاعرن، استادن ۽ شاگردن سان شام ملهائي انهن جي خدمتن عيوض کين ڀيٽا پيش ڪرڻ به پنهنجو فرض سمهجندي آهي۔

عوامي پريس ڪلب ملير جي روايت رهي آهي ته هر سال جي آخري ڏينهن جي شام خوداحتسابي نالي گڏجاڻي ڪري پنهنجي سماجي ۽ پيشيوراڻي ذميوارين جو جائزو وٺي ايندڙ سال وڌيڪ جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪرڻ جو عهد ڪيو ويندو آهي۔
هن سال 31 ڊسمبر تي ملير ڄائي ناليواري ليکڪ گل حسن ڪلمتيءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ گڏجاڻي رکي وئي آهي، جنهن ۾ گل حسن ڪلمتيءَ جي حياتي، ادبي ۽ سماجي ڪردار کي اجاڳر ڪيو ويندو، شاعري، ساز ۽ سرن سان کيس ڀيٽا پيش ڪيو ويندو۔

عوامي پريس ڪلب جي اداري ۽ ان جي ٽيم جو سڏ ڪيئن ۽ ڪيتري قدر ورنائڻو آهي؟ اهو فيصلو ملير جي عوام ۽ ساڃاھ وندن کي ڪرڻو آهي۔

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close