ملير جو بابا جي

شبير احمد قريشي

ملير گوشت مارڪيٽ جو چڪر لڳو، پٺاڻ جي هوٽل تي چانھ پيئندي بابا جيءَ تي نظر پئي. چانھ جي پيالي سامهون هئس، پر هڪ وڏي تبديلي ڏٺم جو سندس هٿ ۾ ٽچ اسڪرين موبائيل هئي، ڪجهہ پڙهيائين پئي، اصل غرق لڳو پيو هو.

مون کي حيرت ٿي، پنهنجو چانھ جو ڪوپ هٿ ۾ کڻي بابا جيءَ جي سامهون ڪرسيءَ تي هليو ويس ادب مان سلام ڪري ويٺس. مون کائڻ لاءِ حافظ جي دڪان تان ٻہ گرم سموسا ورتا هئا، هڪ سموسو کيس آڇيم، شڪريي سان قبول ڪيائين.

مون ڏي معني خيز مرڪ سان ڏسي چيائين:
"پڪ توکي هورا کورا ٿي هوندي تہ منهجي هٿ ۾ موبائيل…. يا حيرت!!”
پوءِ پاڻ ئي چوڻ لڳو:
"تون حيرت نه کاءُ، سموسو کاءُ… اصل ۾ سعوديءَ ۾ ڪم ڪندڙ مون واري پٽ موڪلي آهي، تہ بابا واٽس اپ تي ڳالهائيندي تصوير بہ اچي ٿي، ديدار بہ پيو ٿيندو ۽ خير خيريت بہ پيو معلوم ڪندس.”
ٿوري دير ترسي چوڻ لڳو:
” ابل واٽس اپ تي ڪجهہ ٻيا دوست بہ رکيا اٿم.”

مون بيزاريءَ منجهان چيو:
"بابا هنن سوشل ميڊيا وارن دوستن جو ڪهڙو ڀروسو… سال ٿي وڃن ياد بہ نہ ڪن.”

بابا جيءَ جي چپن تي  ٻيھر معني خيز مرڪ تري آئي… هن ٿورو اڳتي جهڪي رازداريءَ منجهان جواب ڏنو:
"استاد هڪ ڳالھ ٻڌ… جيڪڏهن سامهون، ڀر پاڙي واري گهر مان آواز اچڻ بند ٿي وڃن، دعا سلام بہ ختم ٿي وڃي تہ گهٽ ۾ گهٽ دروازو کڙڪائي ڏسندا ڪيو، جيئرا تہ آهن!!! جيڪڏھن جيئرا آهن تہ پڪ هو توهان کي ماري چڪا آهن ٻين لفظن ۾ توهان انهن وٽ مري چڪا آهيو، ان حالت ۾ ياد ڪرڻ فضول آهي”

بابا سائين جي ڳالھ دل کي لڳي.

اڄ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ هو، چيائين:
"استاد ٻڌ!!  واٽس اپ هلائيندي هڪ مثبت ڳالھ تو نوٽ ڪئي هوندي، تہ جن دوستن سان رابطو آهي، جيڪي ياد ڪن ٿا، جن کي توهان ياد ڪيو ٿا، سي لسٽ ۾ مٿاھان آهن، ترتيب وار گهٽ وارو هيٺ ٿيندو وڃي.. تان جو جن کي ياد نہ ٿو رکيو وڃي، سي لسٽ مان ئي غائب ٿيو وڃن. هائي….!!!!”

اهو چئي، بابا جيءَ  هڪ ڊگهو ساھ کڻي هڪ حسرت ڀري "هائي….!!!” ڪئي ۽ چپ ٿي ويو،
مون ڏٺو، سندس اکين ۾ هلڪي نمي تري آ۽ي هئي.

گهڙي ساعت کان پوءِ وري مخاطب ٿيو:
"استاد! جڏهن اسين پنهنجي سڀ کان وڏي محسن، مربي، ڪريم، مهربان دوست ربِ عظيم کي ياد نہ ٿا ڪيون يا گهٽ ياد ٿا ڪيون، تہ پوءِ
ان جي دوستن جي لسٽ ۾ اسان جو نالو ئي نہ هوندو….. ۽ جي هوندو، تہ بہ لسٽ جي ترَي ۾ هوندو….. ان مهربان مولا کي گهڻو ياد رکندو ڪر…”

ڳالھ دل ۾ چڀي وئي، هاڻ مون محسوس ڪيو تہ منهنجي اکين ۾ بہ نمي تري آئي هئي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close