زميندار ۽ هاري (ڪھاڻي)

تنوير عالم جوکيو

خاڪي ۽ ناٿو جو پاڻ ۾ رت جو رشتو تہ ناھي، روح ۽ جسم جو رشتو آھي. سندن عمر ۾ بہ لڳ ڀڳ ٽيھن ورھين جو فرق ھوندو. سندن ملڻ اھڙو ھوندو آھي ڄڻ ھڪ جيڏا ھجن. انھن گڏاپ جي سرسبز زمين کي گڏجي جوٽيو آھي، پٿريل زمين کي بہ سائو ڪيو آھي. اڄ ڪلھ جي جديد دؤر ۾ بہ وٽن دنيا جي مال ملڪيت تہ ناھي پر سدائين ٻھڪندڙ چھرن تي ھر وقت دلفريب مُرڪ ملندي.

ناٿو پنھنجي اڳوڻي زميندار خاڪيءَ سان حُج ڪندي چيو: سيٺ چانھ ڪوپ تہ گھرائي……
خاڪي پنھنجي روايتي مزاح واري انداز ۾ رڙ ڪندي: ڇانڱا….. ھڪ چانھ ناٿو لاءِ جلدي کڻي اچ، ناٿو دڙَ ڪرڻ ويندو…….

ناٿو:  گڏاپ جي زمينن جي ٻيڙي جھڙي بحريا جي بلڊوزرن  ٻوڙي آھي، اتي منھنجي دڙ جي ضرورت ئي ناھي.. مٿان وري رھيل ڪسر تو ليمن، انبن ۽ ڪرونڊن کي ڊرپ لڳائي وڻن جا چَلا ئي ختم ڪري ڇڏيا آھن.. دڙ جي ضرورت ئي ناھي….

خاڪي: اڙي ناٿو…! بحريا تہ گڏاپ جي آباد زمينن سان اھڙي تعدي ڪئي آھي، جو جبل پوٺا سڀ ڌوڙ ڪري ڇڏيا آھن، باقي مون تہ جديد طرز تي ڊرپ لڳائي پاڻيءَ جي بچت ڪئي آھي… (اک ٽيڙي ڪري) ٻيو وري تنھنجا نخرا بہ روز وڌندا وڃن.. چَلا ۽ ڌڙ جي مزوري بہ وڌندي وڃي……

ناٿو: سيٺ…!  تو واري دنبوڪ جو منھن ھميشہ مون ڏانھن سڌو فائر، پاڻي منھنجي ڪيل دڙ ۽ وڏا چَلا نٿا سُڪائين، خدا ڪو مٿو ڪڍي ريتي لَين وارن جو، تو واري جديد ڊرپ پاڻي جي بچت ڪري ٿي پر پٺاڻن وارا شاول ۽ ڊمپر بہ نئين نموني سان نئين جو پيٽ کُرَي ريتي جي ڀينگ ڪندا وڃن.. مجال آھي انھن کي روڪيو وڃي،  باقي منھنجي ٺاھيل وڏن چَلن تي اعتراض پاڻي جو نقصان آھي. توکي ياد ناھي جڏھن تون مس ساماڻو ھئين ان وقت گڏاپ جا کوھ پاڻيءَ مان چِڪار ھوندا ھئا.. وڏا وڏا وڻن جا چَلا پيا پلٽندا ھئا…مجال ڪو پاڻي جي کوٽ ٿئي… گڏاپ ويندي ملير، درساڻي، ميڄڻ، ميمڻ ڳوٺ تائين زمينون آباد ھونديون ھيون. ڊملوٽي مان ڪراچي شھر ۾ پاڻي ويندو ھو… ياد ناھي ڇا……؟

خاڪي: ناٿو يار ڳالھ ٻڌ… بحريا ۽ ريتي خلاف تہ گھڻيون تحريڪون ھليون آھن.. پر خبر ناھي انھن کي ٻنجو ڇو نٿو اچي؟

ناٿو: (ٽھڪ ڏيندي) يار خاڪي…!  ڳالھ سڌي آھي… دلالن جون ڊرپون لڳيون پيون آھن ۽ ٻيو وري مزوري جي نالي تي جديد دلال نڪتا آھن اھي بہ تہ جھجا ٿي ويا آھن….

خاڪي اڙي….. ناٿو اڄ ملھ ماري وئين…… ناٿو ملھ مارڻ وارا ماري ويا تون زميندار بہ سورن ۾.. آئون ھاري بہ سورن ۾….

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close