مالماڙي جو نوجوان نج ڪوھستاني شاعرـ ”آگم“ جوکيو

جسارت الياس

احسان ﷲ بن حبيب ﷲ بن سُکيو جوکيو جو تعلق ڪوھستان تعلقي ۽ ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ مالماڙي جي ان زرخيز ماڳ سان آھي، جتي سوين استادن جنم ورتو ۽ ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون.

احسان ﷲ بہ پنھنجي بنيادي تعليم مالماڙيءَ مان ئي حاصل ڪئي، جنھن کان پوءِ مائي ڪلاچيءَ جي سنڌي وسندي ماڙيپور اسھيو، جتي سندس علمي ۽ ادبي پرورش خطي جي مھا ڪوھستاني اديب عبدالعزيز جوکيو ڪئي.

احسان جوکيو نہ صرف ڪوھستان جي ان نامياري ۽ سڀني کان جھوني برک اديب ۽ عظيم استاد عبدالعزيز جوکيي جو ڀائٽيو ۽ ننڍو نياڻو آھي، پر شاعرِ ڪوھستان (منھنجو نانو) باغ محمد بيشڪ جوکيي جو بہ ڀائيٽيو ٿئي. جڏھن ته سندس وڏي ڀاءُ پروفيسر امان ﷲ جوکيي پڻ سندس علمي واٽ جا گس کوليا، جنھن جا احسان ﷲ تي واڌو اثر پيا ۽ پاڻ ”آگم“ جي علمي ادبي نالي سان مالماڙيءَ جي جانواڻي پاڙي ۾ اجگر ڍوري لڳ ڪاڪا حبيب ﷲ جي ڪکائين گھر مان ھڪ نوجوان شاعر بڻجي ڪري اڀريو، جنھن ھتي جي علمي افق ۾ جيڪا تڪڙي پرواز ڪئي، اھا نھايت منفرد آھي.

آگم جي واين ۾ ڪاري جبل جي ڪوئل جي ڪوڪار ۽ برپٽن جي بُل ڏيندڙ بلبل جون ٻوليون، جبل جي وھندڙ ڍورن جي آواز جون مھا ڇوليون ڇلن ٿيو، ڪاري جبلن جي لڪن وانگر سندس شاعري اونھي ۽ ھتي جي سدا سڳنڌ ڀري مٽيءَ جي ھُڳ مان واسيل ٿي لڳي.

نہ صرف آگم جون وايون پر سندس چؤسٽا، ٽيڙو، ھائيڪا، غزل ۽ مختلف شاعريءَ جا نمونا پڻ اڄ کان ٽيھارو سال اڳ جي وقت کان وٺي ڇپجندا پيا اچن.

آگم شاعريءَ جي ٻوليءَ ۾ نج ڪوھستاني لفظن جو اڻ کُٽ ذخيرو موجود آھي، جنھن تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي به ضرورت آھي، ڇاڪاڻ ته نوجوان نسل لاءِ سندس شعرن ۾ استعمال ڪيل لفظ بنھہ نوان آھن، جنھن جي ڪري انھن کي محفوظ ڪرڻ به وقت جي اھم ضرورت آھي.

آگم سادو سلوڻو مزاج رکندڙ نج نبار شخص آهي، جنھن جو اثر سندس شاعريءَ ۾ بہ موجود آھي. ڳالھائڻ جي لھجي ۾ به مڪمل ڪوھستاني ماروئڙو آھي. مزاج ۾ صوفي، نيڪ سيرت ۽ محبت جو مرڪز احسان ﷲ آگم جوکيو ھن وقت سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ جي پرائمري سيڪشن ۾ سيڪشن آفيسر آھي. جتي پاڻ ھڪ ايماندار عملدار طور مشھور آھي.

سندس پرڪشش شخصيت ڪيترن ئي نوجوانن کي سنئون دڳ به ڏيکاري ٿي. سندس ٻه نياڻيون رمشا ۽ شزا سنڌ جي مشھور اداري ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پڙھن پيون. پاڻ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رھائش پذير آھي. اسانجي دعا آھي تہ شل سندس زندگي سدائين خوشين مان ڀريل ھجي ۽ ائين ئي وک وک تي سرھو ٿيندو رھي. آمين.

نموني طور سندس شاعريءَ مان ھڪ غزل ۽ ڪجھ ٽيڙو ھتي پيش ڪجن ٿا:

❖1996 ۾ لکيل رومانٽڪ غزل
آگم جوکيو.

آئيني جي اڳيان بيھي کِلي ٿي ڇوڪري.
ڪري ھار  سينگھار     رُلي ٿي ڇوڪري.

زماني جي  ذات  کان   بي خبر  ھوءَ،
وڏي    ھيجَ  سان ھَلي  ٿي  ڇوڪري.

جاسوسَن      وانگي     وجھي جھاتيون،
مَست     جوڀن     جَھلي    ٿي ڇوڪري.

لِڪي    ڇُپي     روز     دنيا   وارن  کان،
ڪري   مُنھن ميڪ اَپُ مِلي ٿي ڇوڪري.

اڌوري   آرزو          جا     روز    آگم  کي،
سُورَ     سُڏڪا       سَلي    ٿي  ڇوڪري.

❖ غزل

سُمھي پئي سُکَ سان سَرھا ھُئا سَڀ،
قطاري  ڪُوھ  ويا،  ڪَرھا  ھُئا سَڀ.

ڏَريِ ڏارَ ٿي پئي صُبح سَاري سُھاڳڻ،
پَنُ ٿي    ڇَڻي  پئي  پَھرا  ھُئا  سَڀ.

ڏِسِي ڌھشت ڌريا ۾ مُڙي نہ مِيھارڻ،
سِڪَ سَاھڙ ۾  گھاءُ  گَھرا   ھُئا سَڀ.

اَنَ داڻا  اَنبارَ    ھُئا  ڀَريَل   ڀَاڻا   ھِت،
کيٽَ سَڀ  خَاشل  ھُئا کَرا   ھُئا سَڀ.

مِليِ نہ مُحبت نہ رُوحَ کي ڪا راحت
مَئڪَدي  جي مَحفل ۾  ٺَرا ھُئا سَڀ.

کَنڀي نياڻِي غريِبَ  جي ويا کڻي اَڄُ،
وڏيري سَان گَڏَ ڄَاتَل چَھرا ھُئا سَڀ.

❖ ٽيڙو

ٽاريءَ مان پَنُ ڇَڻِي پِيو،
ٽاڪُ مَنجَھند ٻِٻرَ ھِيٺُ،
نِينگَرُ کونگھرا ھَڻي پِيو.

لانگو ٿِيو گھوڙي،
گوڏُ ڇِڪي گوڏَن تائين،
پوڙھو پَڳڙي سوڙھي.

جُھرَڻي جي ڪَاٺِيءَ مان،
جَھڻ جُھڳي ڪَڍيا،
جِيجَل پِنوڙا ماٽِيءَ مان.

گَھرَ مان نِينگَريون،
نِڪتِيُون نَارَ ڪَرَڻ،
شامَ جو سَارَڻ ٻَڪريون.

نُونڃَڻ ۾ پَئي فاسي،
دَرَ اڳيان پَئي رَانڀُوڙي،
ڳاڙِھي ڳَئون خَاسِي.

دانگِيءَ ۾ ڇُون،
نِڪتو آ نارَ ڪَري،
رَنڌِڻي مان اَڄُ دُون.

رات جو ڪاري ٻاٽ،
ڪوڏَرُ کَڻي وِيو،
کولَڻ کَنڌو رات

❖ بیت

آڪاش منجهہ اوئيس، برسي پيو بادل
سنڌوءَ ۾ ٿاڌل، آگم رات اوتي ويو..

ڪڪر ڪالھونڪر، برسيو مٿي ڀون
آگم وڌائي سونھن، سنڌو تنھنجي سيني تي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close