گُل حسن ڪلمتي جي ڪتاب ’ڪراچي: انگريز دور جون مشهور عمارتون‘ جو مختصر جائزو

امين جويو

سائين گُل حسن ڪلمتي جو هي ڪتاب ، ڪراچي ۾ موجود انگريزن جي دور جي مشهور ۽ تواريخي عمارتن جي ڄاڻ تي ٻڌل آهي . هي ڪتاب سال 2020ع ۾ ، نئون نياپو اڪيڊمي پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.

ليکڪ پنهنجي هن ڪِتابَ جي ارپنا هنن لفظن سان ڪئي آهي ”انهن مزدورن جي نالي ، جيڪي پاڻ ته جُهڳين مَنجهہ رهيا پر پَگهر وَهائي هي لازوال ۽ خوبصورت اڏاوتون جوڙيون! انهن جا نالا تاريخ جي پني تان بِنھہ غائب آهن. مون کي انهن مزدورن جا نالا ڪٿي به ، ڪنهن به اڏاوت جي ڀِت يا بورڊ تي اُڪريل نظر نه آيا!“

هن ڪِتاب ۾ ڪراچي اندر انگريز دور جي مشهور بازارن ، هالَن ، لائبررين ، گهڙيالي ٽاورن ، ڪلبَن ، جيم خانن ، مندرن ، مسجدن ، گرجا گهرن ، اسڪولن ، هوٽلن ، ڪوٽن ، قلعن ، چمنين ۽ ڪجهہ ٻين مشهور تواريخي عمارتن بابت ڄاڻ ونڊيل آهي . ان سان گڏ ليکڪ انهن عمارتن ۽ ادارن جي تواريخ پڻ بيان ڪئي آهي ۽ انهن جي اڏائيندڙ شخصيتن جا نالا پڻ ٻڌايا ويا آهن.

سائين گُل حسن ڪَلمتي کان اڳ ۾ اهڙي قسم جو ڪم ياسمين لاري ، پيرزاده سلمان ۽ عارف حسن به ڪيو آهي پر هن ڪتاب ۾ سڀني کان وڌيڪ عمارتن بابت ڄاڻ ونڊيل آهي . ان کان سواءِ سائين گُل حسن جي لکڻ جو انداز به ٻين کان مختلف ۽ منفرد آهي . سندس مقصد رڳو انهن عمارتن جي تواريخ بيان ڪرڻ ۽ انهن بابت ڄاڻ ونڊڻ آهي .

هن ڪتاب بابت سائين جن جو چوڻ آهي ”ڪتاب کي ڪنهن انجنيئر ، آرڪيٽيڪٽ يا اڏاوت جي ماهر جي نظر سان پڙهڻ بجاءِ ، تاريخ جي شاگرد پاران لکيل هڪ دستاويز جي نظر سان پڙهڻ گهرجي“

هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل مشهور بازارن ۾ صدر بازار ، ڪنگهام مارڪيٽ ، مڇي مياڻي مارڪيٽ ، بولٽن مارڪيٽ ، لمبرٽ مارڪيٽ ، ايمپريس مارڪيٽ ، لِي مارڪيٽ ، سولجر بازار، جيڪسن مارڪيٽ ، فريئر مارڪيٽ ، حسن علي هوتي مارڪيٽ ، جهونا / جونا مارڪيٽ، جوڙيا بازار ، کجور بازار ، سونارو مارڪيٽ ، ڪاغذي بازار ، ڌوٻي گهاٽ بازار ، واڌو مل مارڪيٽ ، بمبئي بازار، موتي والا گورڌن داس ڪلاٿ مارڪيٽ ، ڪوچين والا ڪلاٿ مارڪيٽ ، ٺاڪر لال جي لکميداس بلڊنگ ۽ ڪلاٿ مارڪيٽ ، عرفان ڪلاٿ مارڪيٽ ، سراج ڪلاٿ مارڪيٽ ، هري رام جئرام داس مارڪيٽ ، اقبال ڪلاٿ مارڪيٽ ، مالو والا مارڪيٽ ، ٽاور مارڪيٽ ، شڪارپوري ڪلاٿ مارڪيٽ ، موٽن داس ڪلاٿ مارڪيٽ ، ايلفنسٽن اسٽريٽ ۽ بوهري بازار شامل آهن.

جڏهن ته ڪِتابَ ۾ هنن لائبررين ۽ هالن جو ذڪر ٿيل آهي: فريئر هال (ڪراچي ٽائون هال) ، ميڪس ڊينسو هال ، بروڪس هال ، غلام حسين خالق ڏنا هال ۽ لائبرري ، فري ميسن هال ، ٿياسافيڪل هال ، هرمسجي ڪٽرڪ هال ، وشن سَڀا هال / راڳ محل ، آرٽلري والنٽيرس هال ، جهانگير ڪوٺاري هال ، ڪليڪٽر ڪچهري هال ، مهاراشٽر مترا منڊل ، شيگل ٻائي هال ۽ ناٿن ابراهم هال ، ڏيارام کلناڻي ۽ فتح چند کلناڻي هال ، ڪراچي هال ، صدر بازار ريڊنگ روم ائنڊ لائبرري ، رام داس مزارجي گجراتي فري ريڊنگ روم ائنڊ لائبرري ، خواجا اسماعيلي لائبرري ، خالصه فري ريڊنگ روم ائنڊ لائبرري

ان کان سواءِ هن ڪتابَ ۾ ، ڪراچي ۾ موجود انگريزن جي دور ۾ جوڙايل هنن مشهور گهڙيالي ٽاورن جو ذڪر ٿيل آهي: ميري ويڌر ٽاور ، پونا ٻائي ٽاور ، ڪياماڙي ڪلاڪ ٽاور ، ڪياماڙي ڀرت نمبر اٺَ بال ڪلاڪ ٽاور ، ايڊلجي ڊنشا ڊسپينسري ڪلاڪ ٽاور ، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن آفيس بلڊنگ ڪلاڪ ٽاور ، ايمپريس مارڪيٽ ڪلاڪ ٽاور ، هولي ٽرنٽي چرچ ڪلاڪ ٽاور ، لِي مارڪيٽ ڪلاڪ ٽاور ، سنڌ مدرسته الاسلام بلڊنگ ڪلاڪ ٽاور ، لڪشمي بلڊنگ ڪلاڪ ٽاور ، ڪراچي ڪلب ٽاور ، اينگلو ورنيڪيولر اسڪول بلڊنگ ٽاور ، بولٽن مارڪيٽ ٽاور ، ڊينسو هال ٽاور ، شيوا ڪنچ هاسٽل ٽاور ، برما هوٽل ٽاور ۽ سنڌ ٽيليگراف ٽاور

هن ڪتابَ ۾ ليکڪَ ڪراچيءَ جي هنن مشهور ڪلبن ۽ جيم خانن جي ڳالھ بہ ڪئي آهي: سنڌ ڪلب ، ڪراچي جيم خانو ، پارسي جيمخانو ۽ ينگ مين زورستين ايسوسيئيشن ڪلب ، گوئن ڪلب ، گوئن ايسوسيئيشن هال ۽ جيم خانو ، گوئن جيمخانو ، يونين هال ۽ ميدان ، ڪراچي ڪلب ، عبدالله هارون مسلم جيمخانو ، هندوجيمخانو ، آغا خان جيمخانو ، بوهرا جيمخانو ، سنڌي جيمخانو ، اسلام ڪلب ، گبري جيمخانو ، نارٿ ويسٽرن ريلوي ڪلب ، ينگ مسلم ايسوسيئيشن ڪلب ، هندو ليڊيز ڪلب ، روٽري ڪلب ڪراچي ، ڪنٽري ڪلب ، دنگي ڪلب ( نائوڊڙ ڪلب / ياٽ ڪلب )، ڪراچي بوٽ ڪلب ، ينگ مين ڪرسچن ڪلب ، ڪراچي گولف ڪلب ، ڪراچي ريس ڪورس ڪلب ، ڪراچي ائرو ڪلب ، ساهتي ڪلب ، سيوهاڻي ڪلب ، پنجا ڀائي / پنجابي ڪلب ، يونين جيڪ ڪلب ، پائليٽ ڪلب ، ينگ هندو اسپورٽس ڪلب ، مرهٽا يونين ، خواجا اسماعيلي ڪلب ، منوڙا ڪلب ، ڊلانا ڪلب ڪراچي ، دکني ميوزڪ ڪلب ۽ پريس ڪب ڪراچي.

جڏهن ته ڪراچي جي مشهور ڪوٽن ، قلعن ۽ چمينن ۾ ليکڪ ڪراچي ڪوٽ ، منهوڙي واري قلعي ، ڪراچيءَ ۾ ٺهندڙ منفرد پٿر وارين چِمنين ، سيويج چِمني ، ڪي ايم سي ورڪشاپ چِمني ، اين. اِي . ڊي يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس چِمني ، خورشيد هومي سالٽ ورڪس عمارت واري چِمني ، ڪياماڙي ۾ اسٽيم ڪرينن کي هلائڻ لاءِ ٺاهيل پاور هائوس ، گهڙيالي ٽاور ۽ چِمني ، ڪياماڙي گهاس بندر جي برٿ تي ٺهيل پاور هائوس ۽ چِمني ، ڊملوٽي واٽر ڪورس تي کوهه نمبر ڇھ ۽ ست تي موجود چِمنين ۽ انگريز دور ۾ ٺهيل ڪجهہ مِلن (فيڪٽرين) ۾ موجود قديم چِمنين جو ذڪر پڻ ڪيو آهي.
.
هن ڪِتاب ۾ ڪُل ٻهَ سئو ايڪاسي تواريخي عمارتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ، جيڪي انگريزن جي دور ۾ جوڙايون ويون هيون. انهن مان ڪجهہ عمارتن جون خوبصورت ۽ رنگين تصويرون پڻ هن ڪتابَ ۾ ڏنل آهن . ٻه سئو اُڻٽيهن صفحن تي مشتمل هي ڪِتاب ڪراچي ۾ موجود انگريز دور جي قديم ۽ خوبصورت عمارتن بابت هڪ مُستند دستاويز آهي. هن ڪِتاب ۾ سائين گل حسن ڪلمتي نه رڳو انگريز دور جي عمارتن جو ذڪر ڪيو آهي پر ان سان گڏ انهن جو اکين ڏٺو احوال به ڏنو آهي ، جيڪو ڏاڍو دلچسپ ۽ پڙهڻ جوڳو آهي.

هي ڪتاب انهن ماڻهن لاءِ تمام گهڻو خاص آهي ، جن جي دلچسپي ڪراچي ۾ موجود آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر سان آهي. ان کان سَواءِ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر جي شاگردن لاءِ ته هي ڪتاب ڄاڻ جي کاڻ ۽ هڪ بي بها تحفو آهي. جيڪي ماڻهو هڪ ئي هنڌ ڪراچي ۾ موجود انگريز دور جي قديم ۽ تواريخي عمارتن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهين اهي هي ڪتاب ضرور پڙهن. هي ڪتاب ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مشهور ڪِتاب گهرن تي وِڪري لاءِ موجود آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close