شڪيل احمد جا ست نثري نظم

◾هڪ

اي عطار!
تنهنجا ٽيهہ ئي پکي
مون کي ايڏي محويت سان ڏسي رهيا آهن
جو انهن کان اڏام ئي وسري وئي آهي.

اي رومي!
تون جو هي
لکين بانسرين جا آلاپ ٻڌي رهيو آهين،
اهي منهنجا وار اٿئي،
جن کي هوا وڄائي رهي آهي.

اي خيام!
جنهن چُڪيءَ توکي چريو ڪيو آهي
۽ تون هي سڄو خدائي نظام
تھس نھس ڪرڻ لڳو آهين،
ان ۾
منهنجي اک مان ٽميل
صرف هڪ ڳوڙهو پيل هيو.

اي فردوسي!
منهنجي دل جو ديدار ڪرڻ کان پوءِ
تنهنجين اکين مان ڇو
رت جا ڳوڙها وھڻ لڳا آهن
۽ تو پنهنجي ڪڇ مان
پراڻو شاهنامو کڻي
پاسي تي رکيو آهي
۽ نئون شاهنامو لکڻ لڳو آهين..

اي حافظ شيرازي!
تون ئي ٻڌاءِ
مان پاڻ اڻڄاڻ آهيان
اهڙو ڇا آهي منهنجي هڪ درد ڀريل آهہ ۾
جنهن مٿان تون پنهنجي غزلن کي
ائين گهوري رهيو آهين
جيئن شادين مرادين ۾
گهوٽن مٿان نچي ڪُڏي
مال ۽ زر کي نڇاور ڪبو آهي.

◾ٻہ

جڏهن عورت جي باري ۾ مبالغہ آرائي شروع ٿي
۽ مغالطن جي ور چڙهي تہ اُبهام بڻجي وئي
۽ پنهنجي آزادي وڃائي ويٺي
انهيءَ ۾ سڄو ڏوھہ مرد ۾ موجود آرٽسٽ جو آهي
جيڪو ان کي هڪ انسان جي بجاءِ
مافوق الفطرت هستي بڻائي ڇڏي ٿو..
توھان کي شايد اها بہ خبر نہ هجي
عورتن کي اهڙا پر آهن جيڪي ڏسڻ ۾ ناهن ايندا
جن کي صرف مَردَ ئي محسوس ڪري سگهن ٿا
سو بہ لاشعوري طور..
اهو ئي سبب آهي جو مردن کي عورتون
هميشہ آسمان ۾ اڏامندي نظر اينديون آهن
تنهنڪري هو هر وقت
انهن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.
جڏهن ڪو انهن مان
ڪنهن کي پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو
تہ ان کي اهو ڊڄ ورائي ويندو آهي
اها پڪڙيل عورت ڪنھن مهل بہ
هن جي هٿن مان ڀڙڪو ڏئي اڏامي وڃي سگهي ٿي،
انهيءَ ڪري هو ڪنھن خوبصورت پکيءَ وانگر
ان عورت کي قيد ڪري رکندو آهي.

◾ٽي

ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن
مون تي ڪا فتوا يا تهمت ناهي لڳي،
ڪٿي مان ايمان کان خارج تہ نہ ٿي ويو آهيان؟
هونئن تہ هر روز جيڪي ملندا آهن
پنهنجن کيسن مان ننڍڙا ننڍڙا خدا ڪڍي
مون کي ڊيڄارڻ لڳندا آهن..
اي رب العالمين!
مون کي گمراهيءَ مان ڪڍ
۽ صراط مستقيم تي آڻ
مون کان هيءَ مقتل جي ويراني ڏٺي نٿي ٿئي.

◾چار

اي وڏي عمر واري عورت!
مان تنهنجو ننڍي عمر وارو
ڇوڪراٽ عاشق آھيان..
منهنجو درد منهنجي سمجهہ کان وڏو آھي
منهنجو عشق تو جيڏو آ
مان چاهہ جي چهنب ۾ چوڳي جيان آھيان
مان پنهنجي پتڪڙي دل
هر روز تنهنجي قدمن ۾ ڌريان ٿو
پر تون لتاڙي هلي وڃين ٿي.
تنهنجو مون کي نظرانداز ڪرڻ
مون کي زندگيءَ کان پري ڪري رهيو آھي..
تون منهنجي راندين جي قاتل آھين
مان هم عمر دوستن کي بدن تي
انهن جي پيئرن جي لباس جيڏو لڳان ٿو،
ٻار جي اُگهڙ وانگي
منهنجو عشق تماشو بڻجي ويو آهي.
برفباريءَ ۾ بکايل بگهڙ وانگي
مان پنهنجو توازن وڃائي ويٺو آھيان.
خواب ننڊ جون اکيون آھن
۽ انهن جو نور تون آھين،
جهنگ کي باهہ آھي تنهنجو حسن
مان سڄي رات وڻن وانگي
سڙندو ٿو رهان..

جوانيءَ جي جنت ۾ قدم رکندڙ
اي ننڍي عمر واري ڇوڪري
مان تنهنجو وڏي عمر وارو عاشق آھيان
تنهنجي جواني کيري آ
باهہ نيري آ
مان جيستائين توکي ڏسندو آھيان
انهيءَ دوران منهنجون اکيون
مسلسل پنهنجا رنگ
تبديل ڪنديون رهنديون آھن
تون جيڪا وارن ۾ سڳي وجهندي هئينءَ
مان ان کي ڳچيءَ ۾ ٽاءِ ڪري پائيندو آهيان،
منهنجي محبت
تنهنجو شناختي ڪارڊ بڻجي وئي آھي،
منهنجن خيالن ۾
تنهنجي اچ وڃ ساهہ وانگي آهي،
مان ٽٽل دلين مان جڙيل تجريدي مجسمو آھيان،
منهنجا نظم
پکين جا شھسوار آھن،
جي غور سان ڏسندينءَ
تہ هر پکيءَ جي مٿان
توکي منهنجو ھڪ هڪ نظم ويٺل نظر ايندو،
اهو توکي اک ڀڃندو
اڏامڪ چمي ڏيندو

پاڻ ٻئي هم عمر آهيون
هم ڪلاسي ۽ ھم روح
اسان ٻئي هڪٻئي سان جنسون بہ مٽائي سگهون ٿا
واري وٽيءَ تي
ڪڏھن مان عورت ڪڏھن تون
ڪڏھن تون مرد ڪڏھن مان
تنهنجو جسم روح جهڙو نفيس آھي
تون جڏھن
هنڌ ۾ سمهندي آھين
تہ منهنجي ڀاڪر ۾ جاڳندي آھين،
تنهنجي هڪ اک قاتل ٻي اک مسيحا آھي،
تون سمنڊ کي ساڙھيءَ وانگر پائي
ڇلندي وتين ٿي..
مان تنهنجي دل جا ڏند ڀڳا آھن
تون منهنجي کل مان ٺھيل خيمي ۾ رهين ٿي
او فيبروريءَ جي چوڏھين تاريخ جهڙي محبوبہ
تون هر مهيني جي چنڊ جي چوڏھينءَ واري رات آھين
تون مارچ جا آنڀو
اپريل جا گلاب
جولاءِ جون برساتون آھين
تنهنجي جواني جون جو مهينو آھي

اي منهنجي ازلي محبوبا
تون تخيل کان بہ مٿاهون تصور آهين
تنهنجو ڪنهن بہ نقشي ۾ ذڪر نہ هئو
تون ڪنهن بہ داستان جو حصو نہ هئينءَ
پر مان شاعريءَ جي معرفت تو تائين پهتو آھيان.

◾پنج

مون کان سواءِ مري ويندي
مان اڪيلائيءَ جو اڪيلو سهارو آھيان
مان قسمت تي ڄميل دز
مان مقدر تي چڙهيل ڄارو آهيان
مان بليڪ هول
عشق جي اک جو تارو آهيان،
صحرا پنهنجي سيني سان
مون کي لڳائي ٿو رکي
۽ درد مون کي پنهنجي دل ۾ لڪائي ٿو رکي
هر خوشيءَ کان اڳ يا پوءِ مان اچان ٿو
سڏڪن سان سُر ملائي ڳوڙهن ۾ نچان ٿو
مان وحشت جو وطن
مان اداسيءَ جو جوڀن آهيان
مان موت کي مارڻ جو طريقو
مان زندگي جيارڻ جو فن آهيان.

◾ڇھہ

مان اڄ تائين جيڪي بہ گل سنگهيا آهن
انهن جي خوشبو هميشہ ساڳي هوندي آهي
سواءِ تنهنجي.

مان اڄ تائين جيڪي بہ ڪم ڪيا آهن
اهي وقت جو زيان ڀاسندا آهن
سواءِ عشق جي.

مان اڄ تائين جيڪي بہ خواب ڏٺا آهن
مان انهن ۾ موجود ناهيان هوندو
ڇو تہ مان ننڊ کان ٻاهر ڪٿي
تنهنجو انتظار ڪندو آهيان!

◾ست

واريءَ جي ٺهيل ٻيڙيءَ کي
سمنڊ جهڙي ڇوڪري ڏسي ٿي،
شاعر ناخدا بڻجي وڃي ٿو
گُهلڻ لڳن ٿيون خُوابي هوائون
اڏامن ٿا آڪاش ۾ انڊلٺي پکي
حسرتن جا هٿ سج کي ڇُهڻ لڳن ٿا
خواهشن جا جزيرا جابجا پون ٿا اُڀري
وڻ ناريل جا  پاڻيءَ مٿان نچڻ لڳن ٿا
نظم بڻجي ڪڪر وسڻ لڳن ٿا
هُن جي جوانيءَ ۾ جلپرين کي
شاعر تُڙڳندي ڏسي ٿو
ستارا مڇين جيان ڇوڪريءَ ۾
ترندي ڏسي ٿو
هن حياتياتي حسن کي ڏسي
عشق جي ارتقائي ڪهاڻي سمجهي وڃي ٿو
پنهنجي هستيءَ جي وطن ڏانهن ورڻ جا
سڀ رستا وساري
واريءَ جي ٺهيل ٻيڙيءَ ۾ چڙهي
سمنڊ جهڙي اها ڇوڪري جھاڳي
شاعر ديوانگيءَ جي دنيا ۾ پهچي وڃي ٿو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close