ٻوٽار ڍنڍ: جيسلمير کان هٿونگي، اوٺارن جو آخري پڙاءُ!

نواز ڪنڀر

ميڊيا وسيلي مشهوري ماڻيل ’ٻوٽار ڍنڍ‘ جو ٻيو تعارف ۽ خاصيتون پنهنجي جاءِ تي، پر اڇڙي ٿر جي انسائڪلوپيڊيا جھڙي پياري دوست کماڻ سنگهہ سوڍي جي بقول، تہ آڳاٽي زماني کان اڇڙي ٿر کان هٿونگي، اُٺن ذريعي مسافريون ڪندڙ فرد ۽ قافلا، ٻوٽار ڪناري نڪرندڙ رستي کان ئي سفر ڪندا هئا. (جيپن يا ڪيڪڙن وغيره لاءِ ٻيو رستو هوندو هيو) اڇڙي ٿر مان ايندڙ انهن قافلن جو آخري اسٽاپ ٻوٽار ڍنڍ هوندي هئي، جتي کين ڍنڍ جو مٺو پاڻي بہ ملندو هو تہ اُٺن جو چارو بہ وافر مقدار ۾ ميسر هوندو هو.

هٿونگي کان بارڊر / هندوستان تائين وڃڻ جا ٻہ رستا هوندا هئا. هڪ اوڀر وارو رستو، جيڪو تعلقي کپري جي ڳوٺ ’کاري‘ تائين ويندو هو ۽ ٻيو اتر ۾ خيرپور رياست کان بارڊر تائين ويندو هو. انهن ٻنهي رستن جو آخري پڙاءُ ٻوٽار ڍنڍ ئي هوندي هئي. هي اوائلي رستا 1992/92ع تائين بہ هلندا رهيا، پوءِ تار لڳڻ سبب هتان اچ وڃ گهڻي گهٽجي وئي. چون ٿا تہ ورهاڱي کان اڳ جيسلمير بہ ڪو ايترو وڏو شهر نہ هو، نہ ئي هٿونگي جا هي حال هئا. (واضح رهي تہ هٿونگي کان بارڊر تائين جو مفاصلو سوا سو کن ڪلوميٽر ٿيندو) اوڀر وارو جيسلمير کان نڪرندڙ هي رستو ’کاري‘ (پاڪستان جي آخري سرحدي ڳوٺ) ماڻڪائو، سعيدائو، ڪُسرائو، تڙ احمد، جعفرائو، راڻائو، رابلائو، جيڻهار، بودلو، لانڍي ڍنڍ ۽ تڏهري ڍنڍ کان هٿونگي تائين هوندو هو. جڏهن تہ هڪ ٻيو پيدل يا اٺن وارو رستو بہ هوندو هو، جيڪو خيرپور رياست ۾ يوسي جبوڪوٽ، تعلقي ناري کان بارڊر تائين ويندو هو. جڏهن تہ اتر وارو رستو هٿونگي، تڏهري، ٻوٽار، تڙ بودلو جيڻهار، کٿورائو، کوهي، واءِ منڱريا، وِڪار جوڻيجا،ناگنائو (جتان خيرپور جي حد شروع ٿئي ٿي) وريائو، لکيارو ۽ اتان بارڊ تائين ويندو هو.

ٻوٽار ڍنڍ، کپري تعلقي ۽ پاڪستان جي انهيءَ پاسي کان آخري سرحدي شهر هٿونگي کان (جيڪو ماضيءَ ۾ واپاري مرڪز کان علاوه ٻانڌڻي جي حوالي سان به مشهور رهي آهي. اتر ۾ ٽي چار کن ڪلوميٽرن تي واقع آهي. جنهن جو رستو هٿونگي جي پراڻي ٿر بازار ۽ موجوده هاءِ اسڪول ۽ اسپتال واري روڊ کان نڪري ٿو. ٻوٽار تائين پنڌ يا پوءِ فورويل جيپ وسيلي پهچي سگهجي ٿو، جيڪا عام سياحن کي کپري ۽ هٿونگي مان، آسانيءَ سان ڪرائي تي ملي سگهن ٿيون.

اهو به زمانو هو، جڏهن ٿر بازار کان ئي ڪجهہ قدم اڳتي اتر ۾، چيڪنگ پوائنٽ هوندي هئي. هتان اڳتي، اڇڙي ٿر واسين کي ڊالڊا، کنڊ جا ٻہ سير ۽ ڪڻڪ يا ان جي اٽي جو رڳو اڌ مڻ، في فرد ئي کڻڻ جي اجازت هئي! سبب اهو ڄاڻايو ويندو هو تہ هتان کان کنڊ ۽ ڪڻڪ، انڊيا/جيسلمير اسمگل ٿئي ٿي!(افغانستان وانگر) اها ٻي ڳالھ آهي ته سون ۽ چاندي کان ويندي، ڪڙي پاڻي تائين الاءِ ڇا ڇا، انهيءَ پاسي جي سرحد کان پيو ايندو ۽ ويندو هو. پر اڇڙي ٿر واسي غريبن لاءِ اٽو بہ اڳتي کڻڻ، ملڪ دشمني برابر هو. جنهن سبب ماڻهن کي عام حالتن ۾ ته مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ئي پوندو هو، خاص ڪري هندو ماڻهن کي فوتگيءَ جي رسمن ۾، مٺاڻ جي تياري ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون پيش اينديون هيون. اهڙي قسم جي پابندي نہ صرف هتان هٿونگي مان، پر کپري شهر ۾ بوائز ڪاليج جي پٺيان ناري جي پتڻ/پُل (کپري تعلقي ۾ ناري مٿان اها پهرين پل چئي وڃي ٿي) کان ٻيلي مان خيرپور جي بارڊر تائين ۽ مئوپتڻ کان اڳتي بہ هئي. جيتوڻيڪ ايوب دور کان لڳل اها پابندي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ختم ڪئي وئي، پر ان جا اثر 1980ع تائين بہ، ڪنهن نہ ڪنهن شڪل ۾ موجود رهيا.

ٻوٽار ڍنڍ کان ئي جھڙوڪر کپري جي اڇڙي ٿر جي ڍنڍن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو، جنهن جي شروع ۾ تڏهر ڍنڍ اچي ٿي، جتي ملاح ۽ چانهيان به ويٺل آهن، پر اڪثريت مڱرين جي آهي.

انگريز دور ۾ انهيءَ پاسي اڇڙي ٿر جي انڊيا جي سرحد تائين، ڍنڍن جو تعداد 100/99 ٻڌايو وڃي ٿو، جن ۾ ڏهاڪو کن مٺيون ڍنڍون ۽ ٻيون لوڻاٺيون/ٻاڙيون ڍنڍون شامل آهن. انهن مان گهڻن ڍنڍن جو ٺيڪو ته 1990ع تائين نالي واري سماجي اڳواڻ پياري ارشاد ملاح جو کپري واسي نانو قادر بخش عرف قادن ملاح به کڻندو رهيو. انهن مٺين ڍنڍن ۾ تڏهري، ٻوٽار، ڪڪُو واري، لانڊهي، گپڙي، ڀيٽارو، ڪاهن واري ۽ ڀڻڪي وغيره شامل آهن. انهن ڍنڍن مان بارڊر واري پاسي تائين 50/60 ڍنڍون ته راڄڙن جو چيون وڃن ٿيون.

هٿونگي کان اتران، شهر ۽ وڏي ڀٽ ختم ٿيندي ئي هيٺ لهي، ڪلراٺي ۽ سم واري پوٺي ۾ پير پائبو، جنهن جي ساڄي هٿ تي تڏهر ڍنڍ ۽ سامهون، اڇڙي ٿر جون اڇيون ۽ وڏيون ڀٽون، ڀليڪارجي وڏن بينرن مثل نظر اينديون. هاڻي تہ هتي ديويءَ جو وڻ ديرو ڄمائي چڪو آهي، پر پوءِ بہ هتي بيٺل کٻڙ، ڪرڙ، ٻوھ ۽ ٿوهر وغيره هن علائقي ۾ وڻن ۾ پيل ڪات ڪهاڙن، وڻن جي قاتلن جي شاهدي ۽ ماضي جي خوبصورت منظرن جي ساک ڀريندي نظر اچن ٿا. ڪاش ڪو وڻن کان سندن ٻوليءَ ۾، کان ٿيل ويڌنن جي وارداتن جون ڪهاڻيون پڇي ۽ ٻڌي!

اڇڙي ٿر جي سياست کان ويندي سماجيات، نباتات کان ويندي جهنگلي جيوت تائين تي گهري نظر رکندڙ کماڻ سنگهہ سوڍي جي بقول، تہ ايوب خان دور ۾، سرحدي علائقي ۾، عمرڪوٽ لڳ ڇور ڇانوڻي (جيڪا ان وقت ڪينٽ هئي) جي قدرتي بچاءُ يا ايئن کڻي چئجي تہ ڪيموفلائج ڪرڻ لاءِ، پهريون ڀيرو 1965ع ۾ هيلي ڪاپٽرن وسيلي، ديوي جو ٻج ڇٽيو ويو هو. هاڻ خاص ڪري 1990ع کان پوءِ ديوي، ذري گهٽ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ۽ پير پختا ڪري چڪي آهي!

اسان جي سفر جي ساٿين پياري ظفر منگي، پروفيسر ممتاز لغاري، کماڻ سنگهه سوڍي ۽ الهه بچائي آريسر جي سونهين ۽ ميزبان سائين عبدالرئوف لغاري صاحب مطابق هي علائقو شڪارين پاران سڀئي حدون پار ڪرڻ باوجود، اڄ به سَهَي کان علاوه ڪارڙي ۽ اڇڙي تتر جو مسڪن بڻيل آهي.

ڪلراٺي مان ٿي، ڀٽ تي چڙهڻ سان ئي، اچانڪ ٻوٽار ڍنڍ جي ڪناري تي وڃي پهچبو ۽ سامهون ٻوٽار ڍنڍ جا خوبصورت منظر اچي ويندا. اتر ڏکڻ ۾ ٽي ڪلوميٽر کن ڊگهي ۽ اٺاس ڏيڍ ويڪري هن ڍنڍ جي ڪنارن تي، ڪنهن وقت کپڙ وڏي تعداد ۾ هوندو هو، پر هاڻ ڪٿي ڪٿي، ڇڊو پاٺو ئي نظر اچي ٿو. مٺي پاڻي جي هن ڍنڍ جي پاڻي جو ذريعو، ناري واھ مان نڪرندڙ ڪاڪاهو ڇنڊڻ آهي، جنهن مان وسڪاري وقت سڌو، ۽ عام حالتن ۾ سم ذريعي پاڻي پهچي ٿو.

ڍنڍ ۾ مٺي پاڻي سبب ڪُرڙو ۽ ٻين مڇين جي موجودگيءَ جي ڪري، ڍنڍ جي اوڀر ۾ ڪجهہ گهر ملاحن جا، ڍنڍ ۾ ڪجهہ رڇ ۽ ڪنهن ڪنهن مهل رڇن جي رکوالي ڪندڙ ٻيڙي بہ نظر ايندي آهي، جيڪا ڍنڍ جي سونهن وڌائڻ، سياحن کي گهمائي سندن روح ريجهائڻ جو ذريعو به بڻبي آهي. ان کان علاوه ڍنڍ ۾ موسم آهر، ڪنول ۽ پاٻوڙا بہ ٿين ٿا، جيڪي ملاحن جي گذرسفر جو ذريعو بڻجن ٿا.

هن ڍنڍ تي پهچڻ جو رستو هٿونگي کان علاوه چونڊڪي ۽ ناري واري پاسي کان، ڇور ڏانهن ويندڙ رستو بہ آهي، جيڪو سانگهڙ تعلقي ۾، قائم قديم درس گاہ چوٽياريون شريف جي اوڀر اتر ۾ پنيهل وٽان لنگهندي،چاليهارو کن ڪلوميٽرن بعد هتان گذري ٿو.

ڍنڍ جي اوڀر ۾ ملاحن جي گهرن کان مٿي ڀٽ تي، ڀڻڪ پير جي درگاه ۽ هيٺ ڀڻڪ ڍنڍ آهي، جنهن ۾ گندرف وغيره جي ڪري، خارش وارا مريض وھنجِي خارش مان آجا ٿين ٿا.

ٻوٽار کان اڀرندي لڳولڳ هڪ ٻي مشهور ڍنڍ ’ڪڪُو واري‘ بہ آهي، جيڪا ٽيھ چاليھ سال اڳ تائين پنهنجو الڳ وجود رکندي هئي، پر پوءِ آيل تيز برساتن سبب، ڪڪُو واري ۽ ٻوٽار جي وچ ۾، بند جو ڪم ڏيندڙ ڀٽ، پاڻي ۾ لڙهي وڃڻ سبب، هاڻ هي ٻئي ڍنڍون ملي هڪ ٿي چڪيون آهن. انهيءَ ڪڪُو واري ڍنڍ جي ڪناري1999ع ڌاري، ٻيلي کاتي جي آفيسر ۽ محترم ميزبان دوست مرحوم بشير احمد سارئي صاحب جي ميزباني هيٺ، نالي واري ليکڪ محترم اشتياق انصاري صاحب جي ڪتاب ’خيمان کاهوڙين‘ جي شاندار ۽ يادگار مهورت ٿي هئي. جنهن ۾ سنڌ جا ڪيترائي نالي وارا ليکڪ شريڪ ٿيا هئا ۽ راڳ رهاڻ جي محفل پڻ منعقد ٿي هئي. جڏهن تہ ٻوٽار جي الهندي پاسي لڳو لڳ تمام خوبصورت ڍنڍ وِنگائُو، پنهنجي سڀني سندر جلون سميت موجود آهي. ٻوٽار جي ختم ٿيڻ کان پوءِ لانڍي ڍنڍ اچي ٿي، جتان کان ڏاهاڪو کن ڪلوميٽرن تي اڇڙي ٿر ۾ هٿ تي ٺهندڙ کيس، کٿن، لوئين ۽ فراسيون ٺاهڻ جي حوالي سان مينگهواڙن جو مشهور ڳوٺ ۽ ڍنڍ کوھ گپڻي واقع آهن. ڪاڪاهُو ڇنڊڻ جي پاڻي جو ڇيڙو به اتي انهيءَ ڳوٺ ۽ ڍنڍ تي ئي ٿئي ٿو.

هي ڍنڍ مقامي پکين کان علاوه سياري ۾ ايندڙ ٻين پکين ۽ خاص ڪري آڙي جي هتي وڌيڪ اچڻ سبب، ماضيءَ ۾ مشهور رک ۽ شڪار گاه به رهي آهي، پر هاڻ ٽن چئن سالن کان مختلف سببن جي ڪري رک واري حيثيت ختم ٿي وئي آهي. عام حالتن ۽ خاص ڪري ميهوڳي بعد تہ هتي بهترين ۽ پرامن ماحول سبب، ڪيترائي مقامي ماڻهو توڙي ٻيا سياح کائڻ پيئڻ ۽ رڌ پچاءُ جي سامان سميت اچن ٿا، پر جي اهڙن ماڳن جي اڃان وڌيڪ اثرائتي نموني مالڪي ٿي، تہ اهي وڏا سياحتي مرڪز بڻجي مقامي معيشت کي هٿي وٺرائڻ جو اهم ذريعو بڻجي سگهن ٿا.

(روزاني ڪاوش جي ٿورن سان)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close