سنڌ جو جھونو استاد محمد الياس ”ھمغم“ جوکيو، جنھن جي درخواست تي اڳوڻي صدر رفيق تارڙ مالماڙي ڪوھستان جو دورو ڪيو

تحرير؛ سنڌو سنڌي

سنڌ جي علمي ءٍ ادبي دنيا مٍ اڻ ڳڻيا ڪردار شامل آھن، جن پنھنجي منفرد شخصيت جي ذريعي سماج ۾ ھميشہ ھاڪاري ڪردار ادا ڪيو آھي. اھڙن ئي انمول ڪردارن مٍ، سنڌ جي ڪوھستان جي پٿريلي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ، برک تعليمدان، اديب ءٍ ھزارين استادن جي استاد حاجي محمد الياس ”ھمغم“ جوکيو جو نالو بہ شامل آھي، جنھن 2 جنوري 1939ع (بحوالہ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا) تي ڳوٺ مالماڙي جي سابقہ برٽش انڊيا پوليس جي ملازم لائق ڏنو خان اول بن الھبچايہ خان (اول) جي گھر مٍ، مالماڙي جي مشھور سگھڙ عورت امان صفوران جي ڪُک مان جنم ورتو ۽ مالماڙي جي ملان مڪتب ۾ سائين جھان خان ءٍ مولوي ضياءُالدين وٽ شروعاتي سبق پڙھي، 1950ع جي شروعات ۾، پنھنجي استادن سان گڏ ئي، سنڌي فائنل جو امتحان، سڄي سنڌ مٍ اول پوزيشن سان پاس ڪري، سنڌ جي تعليم کاتي مٍ، پرائمري استاد مقرر ٿيو. ھن مالماڙي ڪاري جبل ۾ ننڍپڻ دوران پنھنجي اباڻي زمين ۾، ٻڪريون ۽ ڳئون بہ چاريون تہ ان وقت 19ھين صديءَ ۾، انگريزن جي سنڌ تي ڪيل حملن کي اکين سان ڏسندڙ جھونن بزرگن سان، تاريخي ڪچھريون بہ ڪيون. استاد مقرر ٿيڻ کانپوءِ، ھن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1966ع ۾ اديب عالم ۽ 1967ع ۾ اديب فاضل سنڌي جون اعليٰ ڊگريون پڻ سٺن نمبرن سان پاس ڪيون. ھن شروعات مٍ ڪراچي جي وٽيجي باغ ۽ بعد ۾ گھگھر ڦاٽڪ لڳ ڪلمتي بلوچن جي پرائمري اسڪول مٍ خدمتون سرانجام ڏنيون، جنھن کانپوءِ ڳوٺ مالماڙي جي مشھور گورنمنٽ پرائمري اسڪول مالماڙي ۾ بدلي ڪرائي آيو، جتي ھن سوين شاگردن کي ايمانداريءَ سان خوب محنت ڪري پڙھائي، روزگار تي بہ لڳايو. ان کان اڳ، حيدرآباد جي مشھور گورنمنٽ ٽيچرز ٽرينگ ڪاليج فار مين مٍ اعليٰ پيشيوراڻي ٽرينگ دوران، پاڻ سنڌ جي تڏھوڪي زماني جي چوٽيءَ جي اخبارن جھڙوڪ؛ روزاني نواءِ سنڌ، روزاني عبرت ۽ مھراڻ ۾ لیک ءٍ، معياري تحقيقي جرنلن مٍ مقالہ لکڻ جي شروعات بہ ڪيائون. ان وقت سنڌ جي سڀ کان معياري ماھوار تحقيقي مئگزين ”اخبار تعليم“ مٍ 1950ع کان ئي مختلف تحقیقي مقالہ لکي ڇپرايائين، جن مٍ؛ ”ڪوھستان جو ڏٿ“، ”مچ تي مارڪو“، ”ڪامياب استاد“، ”ٺٽي ضلعي وارن جو علم ۽ ادب مٍ حصو“، ”ڪارو جبل“، ”اديب جو سماج تي اثر“ ۽ ”جنگشاھي“ وغيرہ شامل آھن. ان کان علاوہ ملان مخزن، نئين زندگي، گل ڦل، مھراڻ ءٍ ٻين ماھوار رسالن مٍ، 1955ع کان 1998ع تائين، پُراثر مضمون لکي، ھن سنڌ جي مشھور عالمن ۽ ڏاھن جھڙوڪ؛ شمس العلماءَ علامہ محمد بن عمر دائودپوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد صديق مسافر، جان محمد جمالي، علامہ آئي آئي قاضي، شيخ اياز، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، ابراھيم جويو ءٍ ٻين جي توجھ بہ پاڻ ڏانھن ڇڪائي. محمد الياس ھمغم نہ صرف ھڪ سٺو استاد، ليکڪ ۽ اديب پر ھڪ پختو شاعر طور بہ ان ڪري مشھور ٿيو جو سندس صحبت سنڌ جي نامور شاعرن سان ٿيندي رھندي ھئي، جن مٍ مخدوم طالب الموليْ، جان محمد جانباز، احسن جوکيو ۽ عابد سروري وغيرہ شامل آھن؛ جن سان مختلف ادبي ويھڪن ۽ طرحي توڙي غير طرحي مشاعرن ۾، شعر ٻڌائي ھن پنھنجي شاعراڻہ صلاحيتن ۾ بہ نکار آندو.

سنڌ کي، ورھاڱي کانپوءِ جتي ٻيا نقصان ٿيا، اتي سنڌ جي علمي ادبي خزاني جي شاھڪار شعبي يعني ”ٻاراڻي ادب“ کي بہ، گھڻو ڪجھ وڃائڻو پيو. سنڌي ٻاراڻي ادب ۾، 1950ع کان 1960ع جا ڏھاڪا اھم رھيا آھن. جنھن دؤران سنڌي اديبن ۽ استادن ڀرپور ڪوشش ڪري، ٻارڙن ۾ ادبي مطالعي جي عادت وڌي. ٻاراڻي ادب جي دنيا ۾، محمد الياس ”ھمغم“ جوکيو بہ سنڌ ۽ ھند ۾ تڏھن مقبول ٿيو، جڏھن سندس ٻہ ڪتاب ”ڦلوءَ جي شادي“(جيڪو 1959ع ۾ پھريون ڀيرو ڇپجڻ کانپوءِ 1961ع ۾ آرايڇ احمد برادرز حيدرآباد ۽ 2009ع ۾ نويد بڪ ڊپو حيدرآباد ڇپيو) ءٍ ”کنڊ ڀڳڙا“ 1962ع مٍ آر ايڇ احمد برادرز حيدرآباد وارن ڇپرائي پڌرا ڪيا. پاڻ اھي ٻئي ڪتاب لکي، سنڌ جي اديبن کي ٻاراڻي ادب تي لکڻ لاءِ آمادہ ڪيو. سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مٍ سندس ڪتاب خريد ڪيا ويا، جن کي پڙھي ڪيترائي ٻار اڳتي ھلي، خود ڪھاڻيڪار ءٍ اديب بڻيا تہ کيس سنڌ جي نامور اديبن پاران مڃتا ملي. سندس لکيل ڪتاب ”ڦلوءَ جي شادي“ کي ھندستان جي سنڌي استادن بہ وڏي موٽ ڏني.

سنڌ جي ھن جھوني اديب محمد الياس ”ھمغم“ مالماڙي، جنگشاھي، ملير، ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي کان سکر ۽ اسلام آباد تائین مختلف علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي ميڙاڪن، گڏجاڻين ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سفر ڪيا آھن، جتي ھن پنھنجي تخليق ۽ قلمي پورھئي کي پڙھي، پنھنجو ۽ پنھنجي ديس واسين جو موقف پيش ڪيو آھي. پاڻ مختلف وقتن تي، مختلف علمي ۽ ادبي تنظيمن جو ميمبر، عھديدار، باني ءٍ اڳواڻ رھي چڪو آھي. سنڌي ادبي سنگت، انجمن شعراءِ سنڌ، سروري جماعت جي علمي تنظيمن، پ.ٽ.الف سنڌ، سنڌ ڪلچرل ڪائونسل، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، سنڌي ادبي بورڊ، ننگر ادبي گھر، تاج سنڌ، ڳوٺ سڌار سنگت، بزم جيلاني، وليج ڊيولپمنٽ آرگنائزيشن، تنظيم بادلاڻي مالماڙي ۽ ٻين مختلف تنظيمن ۽ ادارن جو سھڪاري رھيو آھي، جڏھن تہ سندس جنم ڀومي مالماڙي ڳوٺ ۾، ماستر عبدالعزيز جوکيو، ماستر جھان خان ۽ مولوي ضياءُالدين کانپوءِ سندس نالو ھتي جي مھان تاريخي ڪردارن مٍ سرفھرست شامل آھي. سندس شاگردن ۾ ملڪ جو ناميارو سائنسدان ۽ مھراڻ يونيورسٽي جو سابقہ استاد (پروفيسر ڊاڪٽر محمد حيات جوکيو)، انيڪ تعليمدان، استاد، شاعر، عالم ۽ اديب ٿيا، جيڪي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾، سنڌ جي خدمت ڪري رھيا آھن. وقت جي پابند محمد الياس ”ھمغم“ جون، 1954ع کان اڄ ڏينھن تائين، انيڪ ڪاوشون آھن، جن جو ڳاڻيٽو ڪرڻ مشڪل آھي پر، ھڪ محتاط اندازي مؤجب، پاڻ مختلف علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين ۾، 500 کان مٿي مقالا پڙھي چڪو آھي، جڏھن تہ سنڌي ادب جي مختلف ليکڪن جي 200 کان مٿي ڪتابن ۾، سندس لکيل ٻہ اکر\ تقريظ بہ ڇپجي چڪا آھن. ان کان علاوہ سندس بابت احوال يا مضمون 100 کان مٿي مختلف ادارن جي سووينيئر ڪتابن جھڙوڪ؛ سنڌ جا ھنر، ثقافت کاتو، مڪلي، اجرڪ، ٺٽو صدين کان، ڄام آف ملير ڄام مراد علي خان، راڄن جو راڻو ۽ تاريخ جوکيہ وغيرہ ۾ ڇپجي چڪا آھن، جڏھن تہ سندس شاعري بہ سنڌ جي مختلف ادبي رسالن، پراڻين اخبارن، مئگزينن ۽ سلسليوار ڪتابن ۾ شايع ٿي چڪي آھي. ھن وقت سندس 3 اڻ ڇپيل نثر جا ڪتاب، ھڪ شاعريءَ جو اڻ ڇپيل ڪتاب ۽ اڻ ڳڻيا مضمون ڇپجڻ لاءِ موجود آھن. ان سان گڏ سندس تحقيق جو دائرو تمام وسيع آھي، جن مشھور محققن سان قلمي يا روبرو، علمي ادبي ڏي وٺ ڪيائين انھن ۾؛ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شيخ اياز، بشير احمد جوکيو، ڊاڪٽر سنديلو، محبوب جوکيو، عبدالحميد آخوند، احسن جوکيو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڪلھوڙو، رسول بخش تميمي، عزيز ڪينجھرائي، گل حسن ڪلمتي، حميد مھراڻوي ۽ ٻيا شامل آھن، جڏھن تہ سندس فرزند، سنڌ جي نوجوان محقق جسارت الياس جي علمي، ادبي ڪاوشن ۾ بہ سندس ئي رھنمائي شامل آھي. وٽس چند محقق اھڙا بہ آيا جن پنھنجي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي تحقيق ۾، کانئس مدد ورتي.

سندس زندگيءَ جي ھڪ سڃاڻپ سماجي خدمتن جو شعبو بہ رھيو آھي. جيئن تہ مالماڙي ڳوٺ، ڪوھستان جي ٻھراڙي ۾ موجود آھي، جتي ماضيءَ ۾ 1960ع تائين صرف ھڪ پرائمري اسڪول ئي موجود ھو. محمد الياس ھمغم جوکيو، مالماڙيءَ کي دنيا کان ڪٽيل ڏسي نہ سگھيو ۽ ھو 1955ع کان وٺي اڄ ڏينھن تائين مالماڙي جي ترقي لاءِ ڀرپور جدوجھد ڪندو پيو اچي. اھو ئي سبب آھي جو مالماڙي ۾، پھرين گورنمنٽ مڊل اسڪول ۽ بعد ۾، گورنمنٽ ھائي اسڪول جو بنياد رکي سرڪاري بلڊنگ منظور ڪرائيائين جتي، اڄ ھائي اسڪول مڪمل عملي سان ھلي پيو ۽ ان مان سوين شاگرد پڙھي ڪامياب زندگي گذارين پيا. 1980ع جي ڏھاڪي ۾، مالماڙي جي ھڪ مئٽرڪ پاس نياڻي کي پرائمري ماستري جو آرڊر وٺي ڏيڻ ۾ رھنمائي ڪري کيس ڳوٺ ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو آغاز ڪيائين. محمد الياس ھمغم نہ صرف انھن تعليمي ادارن جو باني آھي، پر مالماڙي پوسٽ آفيس، ڊسپينسري ۽ مالماڙي واٽر سپلاءِ اسڪيم جو بہ باني آھي. مالماڙي ۾ 1980ع جي آخر ۾، وفاقي سرڪار کان لکپڙھ ڪري، سولر انرجي پلانٽ بہ ورتائين ۽ ان زماني ۾ مالماڙي کي روشن ڪيائين؛ جڏھن ڪراچي کي روشنين جو شھر ڪري بہ نہ سڏيندا ھئا. ھن مالماڙي کي دنيا سان ڳنڍڻ لاءِ جديد مواصلاتي نظام بہ آندو ۽ پي.ٽي.سي.ايل جي PCO بہ لڳرائي، جيڪا سندس محنتن سان ڪجھ سال ھلي. تازو ٺھيل مالماڙي جنگشاھي ڊيم بہ، سندس ئي محنتن ۽ فزيبلٽي رپورٽ جو نتيجو آھي. سندس درخواست لکڻ جو ڏانءُ بہ مشھور آھي. صدر پاڪستان رفيق تارڙ کي خط و ڪتابت ذريعي، ڪوھستان ۾ آيل ڏڪار بابت جڏھن لکيائين، تہ ملڪ جو صدر بہ مجبور ٿي پيو ۽ اھو بہ ملڪ جي سمورن اعليٰ آفيسرن ۽ گورنر سنڌ سان گڏ، مالماڙي جي ٻھراڙي ۾ اچي نڪتو. کيس محمد الياس ھمغم پنھنجو ڀرپور مؤقف پيش ڪيو ۽ مالماڙي جي غريبن لاءِ اسپيشل رليف ورتو. صدر پاڪستان کي جڏھن اھو ٻڌايائين تہ؛ مالماڙي ۾ 100 سيڪڙو شرح خواندگي آھي تہ صدر رفيق تارڙ کي ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ سنڌ جي ٻھراڙي تي ناز ڪرڻ لڳو. پاڻ جڏھن، 1980ع جي ڏھاڪي کان 1995ع تائين، جنگشاھي ۾ رھيو تہ، ھن اتي بہ پنھنجا سماجي ڪم جاري رکيا. گورنمنٽ گرلز ھائي اسڪول جنگشاھي، گئس جي سھولت، جنگشاھي واٽر سپلائي ۽ ٻين ترقياتي اسڪيمن لاءِ، حمزو خان پليجو، ابراھيم جوکيو، غلام رسول جوکيو، حاجي مبين جوکيو، چنيسر خان جوکيو ۽ ٻين سان گڏجي جاکوڙ ڪئي ۽ جنگشاھي جي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. جنگشاھي پريس ڪلب جي بانيڪارن ۾ بہ سندس نالو شامل آھي. ھن ڪاوش اخبار جي افتتاح ٿيندي ئي، ھائيڊپارڪ ۾ خط لکيا ۽ ايوانن ۾ ويٺل نمائندن تائين، ڪاوش ذريعي، مختلف مسئلا پيش ڪري، انھن جي حل لاءِ پاڻ پتوڙيو.

محمد الياس ھمغم کي زندگيءَ ۾، اللہ سائين سڀ نعمتون عطا ڪيون آھن. 1960ع جي ڏھاڪي ۾، شاعر ڪوھستان باغ محمد بيشڪ جوکيو جي وڏي نياڻيءَ سان سندس شادي ٿي جنھن مان کيس اولاد آھي، جن جي تربیت ۾ بہ ھن ڪا ڪسر ناھي ڇڏي. کيس چار فرزند ۽ ٽي نياڻيون آھن. سڀئي فرزند تعليمدان آھن جڏھن تہ ٻہ نياڻيون صحت کاتي ۾ نرسنگ آفيسر ۽ ھڪ نياڻي، وفاقي سرڪاري اداري ۾ پرنسپل آھي. سندس سمورو اولاد اعليٰ تعليم يافتہ ماسٽر ڊگري ھولڊر آھي، جيڪو بہ شايد ھڪ اعزاز آھي تہ ڪوھستان جو ھي واحد خاندان آھي جنھن جا سڀ فرد اعليٰ تعليم يافتہ آھن، جيڪي ٺٽي ضلعي ۾ وڏو نالو رکن ٿا. اھو سڀ سندس ئي محنت ۽ جفاڪشي جو نتيجو آھي. پاڻ اعليٰ اخلاق جا مالڪ، صابر، شاڪر، عاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر آھن. ڳوٺ راڄ جا معزز ماڻھو بہ ننڍن توڙي وڏن فيصلن ۾، سندس راين کي اھميت ڏيندا آھن. پاڻ سان اختلاف رکندڙن کي بہ عزت ڏيڻ سندس خصوصي نشاني آھي، اھو ئي سبب آھي جو سندس شخصيت ۾ صبر ۽ برداشت موجود آھي. مالماڙي جي باراني زمينن ۾، وسڪاري بعد ڪوڏر ۽ ڪھاڙو کڻي پنھنجي کيٽن ۾، محنت ڪرڻ کي پسند ڪندڙ محمد الياس ھمغم جوکيو، 1999ع ۾ سرڪاري نوڪري تان ملير، ساڪري ۽ ٺٽي جي مختلف اسڪولن ۾ ايمانداري سان ڊيوٽي ڪري، مختلف عھدن جھڙوڪ؛ پرائمري اسڪول ھيڊماستر ۽ تعلقہ ماستر تان رٽائرڊ ٿيو ۽ زوجہ محترمہ سان گڏ 1999ع ۾ پھرين حج بيت اللہ ۽ بعد ۾ ڪجھ سال اڳ 2018ع ۾ عمري جي سعادت حاصل ڪيائون. پھرين مالماڙي، انکان بعد ۾ جنگشاھي ۽ ھاڻي مڪلي سان گڏوگڏ ملير ۾ ننڍي فرزند وٽ مستقل رھائش اختيار ڪندي، روز پنھنجا ڪم پاڻ ڪرڻ کي پسند ڪندڙ، سنڌ جو ھي گوھر ناياب علم ۽ تاريخ جو اڻ کُٽ خزانو آھي، جنھن تي سنڌ کي ناز آھي. شل اللہ پاڪ کيس وڌيڪ صحتمند زندگي عطا ڪري تہ جيئن وڌيڪ سنڌ جي علم و ادب جي خدمت ڪري. آمين.
مددي ڪتاب: ٺٽو صدين کان، رسول بخش تميمي. ڦلوءَ جي شادي؛ محمدالياس ھمغم جوکيو. تاريخ جوکيہ؛ علي محمد جوکيو. اخبار تعليم، 1952ع، ماھوار مئگزين. روبرو معلومات گڏ ڪئي وئي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ھيٺيون لنڪ؛ https://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%AC%D9%88%DA%A9%D9%8A%D9%88%20%D9%85%D8%AD%D9%85%D8%AF%20%D8%A7%D9%84%D9%8A%D8%A7%D8%B3

(نوٽ: ھي ليک، روزاني ڪاوش حيدرآباد پھرين فيبروري 2021ع جي ٿورن سان ھتي رکيو پيو وڃي)

Related Articles

2 Comments

  1. بہت اعلیٰ معلومات۔
    محترم الیاس جوکھیو کی علمی خدمات کا اثر آپ کے لائق فرزند سر جسارت کے قلم سے چھلکتا ہے۔

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close