مغل حرمسراء جون عورتون – ٻين قسط

الطاف شيخ

جھانگير لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو هر وقت نشي ۾ ڌت رهيو ٿَي ۽ حڪومت جون واڳون هن جي راڻي صاحبه نورجھان جي حوالي هيون. 1627ع ۾ جھانگير اٺونجاھ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ شاھ جھان تخت تي ويٺو. هن جي ڏينهن ۾ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر عروج تي پهتو. تاج محل، لال قلعو، جھانگير جو مقبرو ۽ لاهور وارو شاليمار باغ شاھ جھان ٺهرايو.

شاھ جھان 1666ع ۾ وفات ڪئي. سندس جيئري ئي سندس پٽ اورنگزيب 1658ع ۾ کيس تخت تان لاهي پاڻ بادشاھ ٿيو. اورنگزيب به پنهنجي پڙ ڏاڏي اڪبر وانگر هڪ وڏو عرصو (اڻونجاھ سال) حڪومت ڪئي. 1707ع ۾ سندس وفات بعد بهادر شاھ اول بادشاھ ٿيو. هن جي ڏينهن کان وٺي مغل سلطنت ڪمزور ٿيندي وئي ۽ 1837ع تائين، سوا صدي تائين مختلف مغل بادشاھ (جھاندار شاھ ، فرخسيار، رفع الدرجات، نقوسيار، محمد ابراهيم، محمد شاھ، احمد شاھ، عالمگير ٻيون، شاهجهان ٽيون، شاھ عالم ٻيون، اڪبر شاھ ٻيون) ٿيندا رهيا، پر ڪنهن به ڪو ٻوٽو ڪو نه ٻاريو. هندوستان ۾ سک، مرهٺا ۽ انگريز طاقتور ٿيندا رهيا. مغلن جو آخري بادشاھ بهادر شاھ ظفر جيڪو 1775ع ۾ ڄائو، ٻاھٺ سالن جي ڄمار ۾ 1837ع ۾ بادشاھ ٿيو، جنهن کي 1857 جي جنگِ آزادي بلوي بعد انگريزن جي ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ تخت تان لاهي برما (ميانمار) جي شهر رنگون موڪلي ڇڏيو، جيڪو شهر اڄ ڪلھ ينگون سڏجي ٿو. اتي 1862ع ۾ سندس وفات ٿي. 1857 کان 1947 تائين انڊيا تي برطانيا جو راڄ رهيو.

اطالوي ليکڪ نڪولائو مانوچي شاھ جھان بادشاھ جي حڪومت جي آخري سالن ۾ هندستان آيو ۽ اورنگزيب جي حڪومت جو وڏو عرصو ڏٺائين. مانوچي 1639ع ۾ ڄائو هو ۽ 1717ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ سندس ڪتاب “Storia do Mogor” ڪري وڏي مشهوري ماڻي، جنهن ۾ هن مغل بادشاهن جي تاريخ ۽ زندگي بابت تفصيلي احوال لکيو آهي. هي ڪتاب ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ مغل درٻار جي قصن ڪهاڻين جو هي جامع ڪتاب سمجھيو وڃي ٿو، جنهن ۾ هن ٻين کان ٻڌل ڳالهيون نه پر پنهنجي اکين ڏٺو ۽ ڪنن ٻڌو احوال لکيو آهي. هو پنهنجي ڪتاب بابت لکي ٿو ته:
“I must add that I have not relied on the knowledge of others; and I have spoken nothing which I have not seen or undergone…..”
بهرحال ڪجهہ ڳالهين تي ماڻهن کي اعتراض ۽ شڪ آهي. ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته مانوچيءَ جيڪي لکيو، ائين ان ٻوليءَ ۾ نه ڇپيو. مانوچيءَ تقريبن پنهنجي سڄي زندگي هندوستان ۾ گذاري ۽ اتي جو احوال اطالوي ٻوليءَ ۾ هڪ فرينچ تاريخدان فرئنڪوس ڪاترو (Francois Catrou) ڏي 1707ع ۾ موڪليو، جنهن وري پنهنجي ٻولي فرينچ ۾ ترجمو ڪري 1715ع ۾ ڇاپيو. ٻن سالن بعد 1717ع ۾ مانوچي گذاري ويو.

مٿين يورپي ليکڪ مانوچيءَ وانگر هڪ ٻيو يورپي ليکڪ برنيئر (Francois Bernier) پڻ مغل بادشاهن ۽ هنن جي حرمسراءِ ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت تمام گهڻو لکيو آهي. برنيئر فرينچ فزيشن هو. مانوچيءَ وانگر برنيئر به پهرين شهزادَي دارا شڪوه وٽ ذاتي ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ رهيو. دارا شڪوه مغل بادشاھ شاهجھان جو وڏو پٽ ۽ تخت جو وارث هو. شاھ جهان ۽ دارا جي ڀيڻ شهزادي جهان آرا بيگم جي اها ئي خواهش هئي ته شاهجھان بعد هندستان جي تخت تي داراشڪوه ويهَي، پر پوءِ ڀائر نه ٺهيا. هڪ ٻئي ۾ خوب ويڙهاند هلي جنهن ۾ اورنگزيب ڪامياب ٿي ويو. 1659ع ۾ پبلڪ ۾ دارا کي سندس پٽ اڳيان قتل ڪيو ويو. ان بعد پنهنجي پيءُ شاهجھان کي نظر بند ڪري پاڻ هندوستان جو بادشاھ ٿيو.

اسان وارو ڪالم نويس ۽ دانشور حسن نثار اڪثر شاهجھان جي پٽن جو مثال ڏيندو آهي، جڏهن هن کان اسان جي ملڪ جي سياستدانن ۽ جمهوريت جو پڇيو ويندو آهي….. ”اسان جي جمهوريت کان ته مغلن جي بادشاهت ڀلي هئي،“ هو چوندو آهي، ”هنن ۾ اهو ڀاءُ حاڪم ٿَي ٿيو، جنهن پنهنجي طاقت ۽ قابليت مڃرائي ٿَي. اسان وٽ ته جيڪو حاڪم ٿو ٿئي اهو ڀانئين ته هن بعد سندس پٽ به حاڪم ٿئي پوءِ ڀلي اهو چريو کريو هجي.“

بهرحال دارا شڪوه کي مستقبل ۾ بادشاھ بنائڻ لاءِ سندس پيءُ جهانگير کيس ڪيترن سالن تائين فوجي ۽ انتظامي سکيا ڏيندو رهيو. هن ڪيترن لڙائين ۾ حصو ورتو ۽ جرنل جي عهدي تائين پهتو. ان کان علاوه هن کي الهہ آباد جو ۽ بعد ۾ گجرات صوبي جو گورنر پڻ مقرر ڪيو. مٿيان ٻئي يورپي، پهرين دارا شڪوه جي ئي حوالي هئا، جنهن جي قتل بعد هو اورنگزيب سان لاڳو رهيا. فرينچ ڊاڪٽر برنيئر پهريون ليکڪ آهي، جنهن انسانن جي مختلف قومن (Races) بابت لکيو، پر هن جي گهڻي مشهوري Travels in the Mughal Empire ڪتاب ڪري آهي، جنهن ۾ هن داراشڪوه ۽ اورنگزيب جي حڪومت بابت لکيو آهي. هي سڄو ڪتاب برنيئر جي ذاتي مشاهدن، تجربن، مغل حاڪمن سان گڏ ڊگهن سفرن ۽ درٻار جي اهم ماڻهن کان ورتل ڄاڻ تي مشتمل آهي. ٻين لفظن ۾ توهان اهو چئي سگهو ٿا ته برنيئر جون مغل درٻار ۽ حرمسراءِ بابت خبرون ”فرسٽ هئنڊ“ آهن.

هتي اهو به لکندو هلان ته فرئنڪوس برنيئر 1620ع ۾ فرانس جي علائقي Anjou ۾ ڄائو. ننڍي هوندي يتيم ٿي ويو ۽ هن کي چاچي نپائي وڏو ڪيو. پندرهن سالن جي ڄمار ۾ هو پئرس روانو ٿيو، جتي هن ”ڪاليج ڊي ڪلر مونٽ“ ۾ تعليم حاصل ڪئي. جيڪي پئرس يا فرانس کان واقف آهن يا جن کي تعليمي ادارن جي ڄاڻ آهي، انهن لاءِ لکندو هلان ته اهو مٿيون ڪاليج اڄ واري مـشهور يونيورسٽي “Lycee Louis-le-Grand” آهي. تعليم ۽ ڪجهہ عرصو فرانس ۾ نوڪري ڪرڻ بعد پنجٽيھ سالن جي ڄمار ۾ (1655ع ڌاري) هو مشرق جي ٽوئر تي نڪتو. رستي تي هو فلسطين، مصر، عربستان ۾ رهندو 1658ع ۾ گجرات جي بندرگاھ سورت ۾ آيو، جتي هن کي مغل درٻار ۾ ميڊيڪل آفيسر طور رکيو ويو. هن پنهنجي ڪتاب ۾ داراشڪوه جي زوال ۽ اورنگزيب جي حڪومت جو سربستو احوال لکيو آهي. هو گهڻو ڪري اورنگزيب سان گڏ هليو ٿَي. 65-1664ع ۾ ساڻس گڏ ڪشمير به ويو، جتان موٽڻ بعد هن ڪشمير بابت جيڪو احوال لکيو آهي، اهو ڪشمير بابت پهريون ليک آهي، جيڪو ڪنهن يورپيءَ لکيو. 1668ع ۾ برنيئر مغل بادشاھ جي نوڪري ڇڏي هڪ دفعو وري سورت ۾ آيو، جتي هن انڊين ڪامرس بابت The Memoir on Indian Commerce ڪتاب لکيو. 1669ع ۾ هو پنهنجي شهر پئرس ۾ موٽي آيو، جتي 1688ع ۾ سندس وفات ٿي.

(جاري آهي)

__________

مغل حرمسراء جون عورتون – پھرين قسط

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close