چرٻٽ ۽ ھڪ نرس (ڪھاڻي)

امر جليل

اسڪول کان موٽندي دير ٿي وئي.

پويون پيرڊ ڊرل جو ھو، ڊرل ماستر کي عرض بہ ڪيم: سائين، مان قد ۾ بندوق کان بندرو آھيان، ڊينڊو آھيان، پريڊ ڪندي ڪندي اجايو گسي ويندس، مون کي وڃڻ ڏيو. پر ڊرل ماستر نہ مڙيو. چيائين: اصل نہ ڇڏيندومانءِ چرٻٽ. ھٿ ٻڌي ليلايومانس: سائين، اڄ فٽ بال ميچ بہ کيڏڻي آھي، مون کي وڃڻ ڏيو. ڊرل ماستر- بندوق جھڙو سخت، نرم نہ ٿيو، چيائين: اسان کي جنگ لاءِ تيار رھڻو آھي، چرٻٽ. اول جنگ، پوءِ فٽ بال ميچ.

اسان کي موڪل نہ ملي. سڄي اسڪول کي موڪل ملي ويئي. ڇوڪرا ڪلاسن مان نڪرندا، ڊوڙندا، مٽي اڏائيندا ھليا ويا. ڊرل ماستر اسان جي ڪلاس کي موڪل نہ ڏني، ۽ ڪاٺ جون ڪوڙيون بندوقون ڪلھي تي رکائي، اسان کي اسڪول جي ميدان ۾ پريڊ ڪرائيندو رھيو.
پريڊ ڪندي مون ڦندڻ کي چيو: ’يار موڪل کان وڌيڪ سٺي شيءِ دنيا ۾ ٻي ڪابہ ڪونھي.‘ پڇيائين: ۽ قلفي؟ ’قلفي بہ سٺي آھي، پر موڪل سڀني کان سٺي آھي‘ مون وراڻيو. ان وقت اسان مارچ ٽائيم ڪري رھيا ھئاسين.

مارچ ٽائيم ۾ ھيئن ٿيندو آھي، جو ماڻھو ھڪ ئي جاءِ تي بيٺو ھوندو آھي ۽ زور زور سان ڌرتيءَ تي لتون ھڻندو آھي. اسان زور سان ڌرتيءَ کي لتون ھڻي رھيا ھئاسين ۽ مارچ ٽائيم ڪري رھيا ھئاسين. ڦندڻ چيو: ’يار چرٻٽ، منھنجي بوٽ جو ترو ڇڳل آھي، مون کي تہ وري ٻيو بوٽ بہ ڪونھي ني، منھنجي ماءُ گريب آھي.‘ مارچ ٽائيم ڪندي وراڻيم. پرواھ نہ ڪري ڦندڻ، اسان کي جنگ لاءِ تيار رھڻو آھي؛ اول جنگ، پوءِ بوٽ جو ڇڳل ترو.‘

ان ڏينھن ڊرل ماستر ڏاڍي جوش ۾ ھو، سانجهيءَ تائين اسان کي پريڊ ڪرائيندو رھيو. پوءِ جڏھن پاڻ ٿڪجي پيو، تڏھن چيائين: ’ٻارو ھاڻي توھان ٿڪجي پيا ھوندا، تنھن ڪري توھان کي موڪل ڏجي ٿي.‘ اسان سڀني کي ڏاڍي خوشي ٿي. بندوقون ڀت سان رکي، ڌرتيءَ تان ڪتاب کڻي، ڇنڊي، ڪڇ ۾ ڪياسين. ڦندڻ چيو: ’يار چرٻٽ، تون تہ بندوق کان بہ بندرو آھين.‘
’مون کي ان جو افسوس آھي، ڦندڻ‘ کيس جواب ڏنم. ۽ پوءِ سڌو وڃي ڊرل ماستر جي سامھون بيٺس، جيڪو سھڪي رھيو ھو ۽ رومال سان پنھنجي ڪاري ٿلھي ڪنڌ تان پگهر اگهي رھيو ھو. چيومانس: ’سائين، مان قد ۾ بندوق کان بندرو آھيان، مھرباني ڪري مون کي پستول سان پريڊ ڪرائيندا ڪريو.‘ سائينءَ وراڻيو: ’تون نہ فقط بندرو آھين چرٻٽ، پر ڪجهہ ڪجهہ بيوقوف بہ آھين، ھاڻي گهر وڃ ۽ منھنجو مٿو نہ کاءُ.’

مون ماستر صاحب جو مٿو نہ کاڌو ۽ ٻاھر نڪري، آنڪ جا ڇولا کاڌم. ڇولا کائي، ڦندڻ سان ھٿ ملائي گهر آيس. ٿڪل ھوس، سوچيم تہ ڪنھن سان بہ نہ ڳالھائيندس. سمھي پوندس.

انور سڏ ڪيو، ”چرٻٽ.“

”نہ يار! اڄ مان ٿڪل آھيان.“

”ھڪڙي ڳالھ تہ ٻُڌ.“

”نہ ادا نہ. اڄ مان تنھنجي تقرير نہ ٻڌندس. الا، ڏاڍو ٿڪجي پيو آھيان.“

منھنجو ڀاءُ انور اسٽوڊنٽ ليڊر آھي. ڪڏھن بک ھڙتال ڪندو آھي ۽ ڪڏھن تقرير.. پر جڏھن کان سندس ڪاليج کي وئڪيشن ملي آھي، تڏھن کان روز مون کي تقرير ٻڌائيندو آھي. تقرير ٻڌڻ جي عيوض مان کانئس قلفي کائڻ لاءِ ٻہ آنا وٺندو آھيان. ٻہ آنا منھنجي تريءَ تي رکي انور ھڪدم تقرير شروع ڪندو آھي. ھڪڙو ڪو ملڪ آھي ويٽنام.. اتي جنگ لڳي آھي. بس، پنھنجي تقرير ۾ ويٽنام ويٽنام ڪندو آھي ۽ آمريڪا کي گاريون ڏيندو آھي. ھڪ ڏينھن پڇيو ھيومانس: ‘يار ھو ويٽنام وري ڪٿي آھي؟‘ انور ساھ منجهائي، تقرير روڪي، اڌ ۾ ڳالھايو ھو: ’ويٽنام اتر ڏکڻ ايشيا ۽ جنوب مشرق آفريڪا جي وچ ۾ آھي، پر ياد رک چرٻٽ، وري وچ ۾ ڳالھائيندين تہ ٻہ آنا نہ ڏيندومانءِ. چريا، تقريرون ٻڌبيون آھن، تقريرن جي وچ ۾ ڳالھائبو ناھي.‘ پوءِ انور ڏاڍي جوش ۾ تقرير ڪئي. آمريڪا کي گاريون بہ ڏيندو رھيو ۽ ھوا ۾ مڪون ۽ ٺونشا بہ ڦيرائيندو رھو. اوچتو ھڪ مڪ مون کي بک ٺڪاءُ ڪري ڏنائين. مون کي سخت ڪاوڙ آئي؛ چيومانس: ’اڙي مان آمريڪا ٿوروئي آھيان، جو مون کي مڪ ٿو ھڻين‘ . ’ساري چرٻٽ‘ انور منھنجي ٽڪڻ تي ھٿ گهمائيندي چيو ھو. مون بہ ضد ٻڌو: ’ٻہ آنا تقرير ٻڌڻ جا ۽ ٻہ آنا ٺونشو کائڻ لاءِ بہ ڏي.‘ ان ڏينھن انور مون کي چار آنا ڏنا ھئا ۽ مون اسپيشل قلفي کاڌي ھئي.

اسڪول کان موٽيو ھوس دير سان، ٿڪل ھوس، انور کي انڪار ڪري ڇڏيم.

انور ڏاڍي رازداريءَ ۾ چيو، ”تقرير ناھي چرٻٽ، ٻيو ڪم آھي.“

”رڌڻي مان ماني چورائڻي تہ ناھي؟“

”نہ نہ۔۔ ٻيو ڪم آھي.“

”ڪھڙو؟“

”پرائيويٽ ڪم آھي.“

مون انور کي جاچي ڏٺو. پڇيومانس، ”ڇا کارائيندين؟“

”قلفي.“

”خوش رھ، ڪڍ ٻہ آنا.“

انور مون کي ٻہ آنا ڏنا. پوءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندي، پتلون جي کيسي مان گلابي لفافو ڪڍي مون کي ڏنائين. چيائين، ”ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ جيڪا ڪرستان نرس آھي نھ۔۔۔“

”ھا ھا، ڪاري بيني.“

”اڙي اھا نہ!“

”تہ پوءِ ڪھڙي؟“

”جنھن تنھنجي ڪن ۾ دوا وڌي ھئي، سوزي، سوزي.“

”بس بس. سمجهي ويس.“

”شاباس، ھي خط سوزيءَ کي ڏيئي اچ.“

مون خط وٺي کيسي ۾ وڌو. وڃڻ کان اڳ انور کان پڇيم، ”پنھنجي ڪاليج جي مئگزين بہ پڙھڻ لاءِ ڏيندين نہ؟“

”تون اڃا ٻار آھين. تون ڪاليج مئگزين ڪيئن پڙھي سگهندين!“

”مان مئگزين جو سنڌي حصو پڙھندس.“

”نہ چرٻٽ نہ، ڪاليج مئگزين ۾ ٻارن لاءِ ڪابہ شيءِ نہ ھوندي آھي.“

”يار ھڪ دفعو پڙھڻ لاءِ ڏجانءِ نہ…“

”ادا احمد کان مار کارائيندين ڇا.“

”مان لڪي لڪي پڙھندس. ڪاڪوس ۾ وڃي پڙھندس.“

”نہ چرٻٽ، نہ.“

”تہ پوءِ مان بہ تنھنجو خط نٿو کڻي وڃان.“

”ائين تہ نہ ڪر.“

”تون منھنجي ڳالھ ڇو نٿو مڃين.“

”چڱو چڱو، پڙھجانءِ. ھاڻي وڃ ۽ سوزي کي خط ڏيئي جلدي موٽي اچ.“

مون ٻہ آنا کيسي ۾ وڌا ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندو، ليڊي ڊفرن اسپتال پھتس. سوزي ھڪ مريض کي سئي ھڻي رھي ھئي. مون کيس ’شي شي‘ ڪري سڏ ڪيو ۽ اچڻ جو اشارو ڏنو. ھوءَ سئي ھڻي، ورانڊي مان ٻاھر ھلي آئي. مون کيس انور وارو گلابي لفافو ڏنو. ھوءَ اتي ئي لفافي مان خط ڪڍي پڙھڻ لڳي. مان پاسيرو ٿي اک ٽيٽ ڪري کيس ڏسڻ لڳس. ھوءَ مون کي ڏاڍي وڻندي ھئي. ھڪ دفعي، گهڻو اڳ، جڏھن منھنجي ڪن ۾ مونگهڻ گهڙي ويو ھو ۽ مون کي ڪن ۾ ھوائي جھاز ھلڻ جا آواز ايندا ھئا، مان روز سوزيءَ کان ڪن ۾ دوا وجهرائڻ لاءِ ليڊي ڊفرن اسپتال ايندو ويندو ھوس. سوچيندو ھوس، منھنجي ڪن ۾ سدائين ھوائي جھاز ھلندا رھن ۽ مان روز سوزيءَ کان ڪن ۾ دوا وجهائڻ لاءِ اسپتال ويندو رھان. پر افسوس ھڪڙي ڏينھن منھنجي ڪن مان مئل مونگهڻ نڪري آيو. ھوائي جھاز ھلڻ بند ٿي ويا. تڏھن کان مون کي سوزي ڏاڍي وڻندي ھئي.

سوزي جڏھن خط پڙھي چڪي، تڏھن منھنجي پٺي ٺپيندي پڇيائين، ”تم انور ڪا دوست ھَي؟“

”اڙي نو نو، ھم تو وڙي ٽارزن اور قلفي والَي کا دوست ھَي“

ھن پنھنجو نرم نرم، اڇو اڇو لسو لسو ھٿ اڳتي ڪري، پنھنجين ڪونئرين، ڊگهين آڱرين سان منھنجي ڳٽي تي پيار منجهان ٿڦڪي ڏيندي چيو، ”ٽم ڀوت اڇا لارڪا ھَي.“

”تم ڀي وڙي ڀوت اڇا ھَي“ مون گد گد ٿيندي چيو، ”ھم تم ڪو قلفي کلائينگا.“

ھوءَ کلڻ لڳي. مان کيس ڏسڻ لڳس. ھوءَ مون کي ڏاڍي وڻي. دل چاھيو تہ سندس اگهاڙين پنين تي چھنڊڙي پائي ڀڄي وڃان. پر ائين نہ ڪيم. اجايو ناراض ٿي وڃي ھا ۽ منھنجي قلفي بہ نہ کائي ھا.

مون کيس سلام ڪيو ۽ ٻہ قدم پوئتي ٿي وري کيس سلام ڪيم. ٻہ قدم وري بہ پوئتي ھٽيس ۽ پوئتي ٿيندو، ڪاريءَ ٿلھيءَ، بينيءَ نرس وٽ وڃي بيٺس. پوءِ مون خوشيءَ مان ٽارزن جھڙي رڙ ڪئي. بيني نرس کان ڇرڪ نڪري ويو. ڪرندي ڪرندي پاڻ سنڀالي ورتائين.

اسپتال مان ٻاھر آيس. ڏاڍي خوشي ۽ بدن ۾ ڪتڪتائي پئي محسوس ڪيم. دل چاھيو تہ سڄي واٽ ٽارزن وانگر ڪوڪڙاٽ ڪندو وڃان. پر خيال آيو تہ اجايو ڪتا ۽ شريف ماڻھو ناراض ٿيندا. پوءِ سوچيم تہ کلان، کلي کلي اونڌو ٿي ڪري پوان. اوچتو خيال آيو تہ ماڻھو چريو سمجهي پٿر ھڻندا. مان وڏو ٿوروئي آھيان، جو ماڻھو مون کي مست سمجهن.

نيٺ ڳائڻ جو فيصلو ڪيم. وات تي ھٿ رکي، گوَين وانگر واڇ چٻي ڪري ڳائڻ شروع ڪيم: ’اڃا تہ ايٽ مان ننڍڙو آھيان، اڃا تہ ايٽ مان ننڍڙو آھيان.‘ گانو ڳائيندي، جھومندو وڻن جا پن پٽيندو، سڌو قلفيءَ واري وٽ اچي بيٺس.

”اڄ تہ ڪا اسپيشل قلفي کاراءِ يار.“ مون چيو ۽ ڳائڻ لڳس، ”اڃا تہ قلفيءَ وارا مان ننڍڙو آھيان، اڃا تہ ايٽ مان ننڍڙو آھيان- نيٺ وڏو بہ ٿيندس، نيٺ ٽارزن بہ تہ ٿيندس.“

”ڇو! اڄ ڏاڍو خوش ٿو ڏسجين؟“

”ڳالھ نہ پڇ يار.“

”اسڪول جي ڪا ڇوڪري تہ نہ وڻي ويئي اٿئي؟“

”ڪھڙيون ٿو ڳالھيون ڪرين مولائي.“ مون وراڻيو ۽ قلفيءَ واري کي حيران پريشان ڇڏي، قلفي چوسيندو اڳتي ھليو ويس.

قلفيءَ وارو بہ عجيب انسان آھي. ڀلا اسڪول جون ڇوڪريون بہ ڪي وڻڻ جھڙيون ھونديون آھن! مون کي پاڻ جيتريون ننڍڙيون اسڪولي ڇوڪريون اصل ڪونہ وڻن. ڪنيون.. جڏھن ڏسون نڪ ۾ آڱريون پيون گهمائينديون، اکين مان پچيون پيون ڪڍنديون، رئي جي ڪنڊ جي وٽ ٺاھي، ڪن مان مر پيون ڪڍنديون، گدليون، ھٿ مس ۾ نيرا.. اجايو سجايو ھڪ ٻئي سان کج کج ڪنديون. منٽ ۾ رسنديون، منٽ ۾ پرچنديون.. سڄو ڏينھن چٽڻي ۽ گدامڙي کائينديون رھنديون آھن. اھي ننڍڙيون بندريون، متيرن جيتريون ڇوڪريون مون کي بنھ ڪونہ وڻن. چٻيون، جھڙيون جنڙيون.

مون کي تہ بس سوزي نرس وڻندي آھي، ۽ ان ڏينھن مون کي ڪجهہ ڪجهہ ڏک بہ ٿيو ھو تہ مان سوزيءَ کان ڪيترو نہ ننڍڙو ھوس، بندرو. مشڪل سان سوزيءَ جي ٽنگ جيترو مس ھوس. پر تڏھن بہ مان خوش ھوس، بيحد، گهڻو، ڏاڍو…

پرنسيس اسٽريٽ کان رام سواميءَ تائين ماڻھن کي ڌڪيندو، پري ڪندو، ڳائيندو ويس: ’اڃا تہ ايٽ مان ننڍڙو آھيان، اڃان تہ ايٽ مان ننڍڙو آھيان- نيٺ وڏو بہ تہ ٿيندس.‘ بوھرا پير وٽ منھنجي پوئتان ڪنھن ٿلھي آواز ۾ ڪنو ٽھڪ ڏنو. بلڪل اھڙو ٽھڪ، جھڙو پاڪستاني فلمن ۾ بدمعاش ھيرو کي ٺونشو ھڻڻ کان اڳ ڏيندو آھي. ڪاوڙ مان منھن ورائي پوئتي ڏٺم. ھڪ گوڏر پنھنجين واھيات، جهينگن جھڙين مڇن تي ھٿ ڦيرائي کلي رھيو ھو.

پڇيومانس، ”ڇو ٿو ڙي کلين؟“

مڇوءَ جواب نہ ڏنو. کلندو رھيو.

”اڙي وري کلين ٿو!“ مون خارن مان چيو، ”خبر اٿئي، مان ليڊي ڊفرن اسپتال مان پيو اچان.“

گھگي آواز ۾ چيائين، ”ڀيٽو وري الله وٽان تہ نہ آيو آن ني.“

”الله وٽان بہ آيو آھيان. امان چوندي آھي، تہ مان الله وٽان آيو آھيان.“

”جي ماڻھين چوندي آھي تہ پوءِ ٺيڪ آھي، پر جي پڻھين کان اھا خبر ٻڌي اٿئي تہ پوءِ ڀيٽو! غلط اٿئي.“

”منھنجو پيءُ مري ويو آھي.“

”تہ پٽ، پوءِ تون بہ وڏو ٿي ڦاڙھا ماريندين.“

”ڦاڙھا تہ منھنجو دوست ٽارزن ماريندو آھي،“ ٽارزن جي ڳالھ ڪندي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، ”ٽارزن شينھن، چيتي ۽ واڳوءَ کي بہ ماريندو آھي.“

ھو ٽھ ٽھ ڪري کلڻ لڳو. چيائين، ”چئہ، اڃا تک ايٽ مان ننڍڙي آھيان. ننڍڙي، ننڍڙو نہ..“

”ٽارزن تو جھڙي درياھي گهوڙي کي بہ ماريندو آھي،“ مون کانئس پري ٿيندي چيو، ”خچر، مڇو، جهينگا.“

مون مڇوءَ کي آڱوٺو ۽ ڄڀ ڏيکاري، ۽ ڊوڙندو ڀڄي ويس. اجايو ور چڙھي وڃانس ھا تہ ماستر صاحب وانگر ماري ماري لاھ ڪڍي ڇڏي ھا.

رستو ٽپندي ڳائڻ شروع ڪيم. اڃا تہ ايٽ مان ننڍڙو آھيان، اڃا تہ ايٽ مان ننڍڙو آھيان. نيٺ وڏو…. الاءِ ڪٿان اوچتو ئي اوچتو، موٽر رڪشا منھنجي سر تي اچي ڪڙڪي. ڊرائيور زور سان بريڪ ڏنو ۽ رڪشا ڏامر جي رستي تي ليڪا ڪڍندي منھنجي ڀرسان اچي بيھي رھي.

پٺاڻ ڊرائيور خارن مان ڳاڙھو ٿي ويو. ان وقت مون کي آلو بخارا ياد آيا. ھو رڪشا مان لھي آيو. مان ٽپ ڏيئي فٽ پاٿ تي چڙھي بيٺس. لالَي پٺاڻ، ٻانھن وڌائي، ڀر ڪري مون کي ٿڦڙ وھائي ڪڍي ۽ چيائين، ”خوچا.. خنزير ڪا بچا.“

ٿڦڙ کائڻ کان اڳئي مان فٽ پاٿ تي ويھي رھيس. ڊرائيور جو وار گسي ويو ۽ چماٽ منھنجي پويان ايندڙ ٻئي ماڻھوءَ کي ٻوٿ ۾ وڃي لڳي. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ٻکجي ويا. مان اتان ڀڄي ويس.

ڀلا ھي ڪراچي بہ ڪو شھر آھي! رستن تي ھر وقت موٽريون، لاريون، ٽرامون، رڪشا ڊوڙندا رھندا آھن. ٻيو ڪو ڪم ڪونھين، چرين وانگر ڊوڙندا رھندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن بس يا لاريءَ کي خار ايندا آھن تہ رستو ڇڏي، فٽ پاٿ تي چڙھي ڪنھن دڪان يا گهر ۾ گهڙي ويندي. ڪڏھن ڪڏھن بسون پاڻ ۾ وڙھي پونديون آھن.. پر سڀني کان خوفناڪ آھن رڪشا، جن جا ڊرائيور بہ خوفناڪ ھوندا آھن.

مون سوچيو آھي تہ وڏو ٿي ٽارزن ٿيندس، گهر بدران وڻن تي رھندس. بسون ۽ لاريون گهرن ۾ گهڙي اينديون آھن، پر اڄ تائين ڪابہ بس يا موٽر لاري وڻ تي چڙھي نہ سگهي آھي. مان وڻ تي رھندس ۽ دوستي پکين سان رکندس، (افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ ٽارزن جي ملڪ وانگر جانور وڻن تي نٿا رھن.) مان وڻ تان ھيٺ لھي ڪنھن بہ جانور سان دوستي نہ رکندس.

سيٽيون وڄائيندو، ڀتين تان پوسٽر ڦاڙيندو، راڳ ڳائيندو گهر آيس.

انور منھنجي انتظار ۾ ڏاڪڻ وٽ بيٺو ھو ۽ ڪو غمگين فلمي گانو ڳائي رھيو ھو. مون کي ڏسندي ئي گانو ڳائڻ بند ڪري ڇڏيائين. مون کي ٻانھن کان ڇڪيندي پڇيائين، ”ڪيئن چرٻٽ، ڪم تہ ٺيڪ ٿي ويو نہ؟“

مون اول کيس ڪاري بيني نرس واري ڳالھ ٻڌائي.

چيائين، ”پراين عورتن سان مستي نہ ڪندو ڪر. اھڙيون حرڪتون شريف ٻار نہ ڪندا آھن ۽ ڀلا….“

مون کيس ڳالھائڻ نہ ڏنو ۽ مڇوءَ جي ڳالھ ٻڌائيمانس.

چيائين، ”پاڻ وڏن سان ادب سان ڳالھائبو آھي. توکي عقل الاءِ ڪڏھن ايندو چرٻٽ، ۽ ڀلا…..“

مون سندس ڳالھ اڌ ۾ ڪپي ڇڏي ۽ کيس رڪشا ڊرائيور جي ڳالھ ٻڌايم.

چيائين، ”رستي تي وائڙن وانگر نہ ھلندو ڪر. اول ساڄي، پوءِ کاٻي پاسي ڏسي رستو پار ڪندو ڪر، ۽ ڀلا ھو خط سوزيءَ کي ڏنئہ؟“

”اول پنھنجي ڪاليج مئگزين ڏي، تہ پوءِ ٻڌائيندومانءِ.“

”مئگزين نہ ملندئي“

”تہ پوءِ مان ڳالھ بہ نہ ٻڌائيندومانءِ.“

”مار کائيندين چرٻٽ.“

”ماري تہ ڏيکار! ھون،“ مون چيو، ”مان سڀ ڪجهہ امان کي ٻڌائي ڇڏيندس تہ تو ھڪ نرس کي….“

”ٺھيو بابا، ٺھيو،“ انور منھنجي وات تي ھٿ رکي ڇڏيو. ڊوڙندو ويو ۽ پنھنجي ڪمري مان ڪاليج مئگزين کڻي آيو.

مئگزين ڏيندي چيائين، ”ھاڻي تہ کڻي ٻڌاءِ، چريا چرٻٽ! ڪجهہ چيائين؟“

”ھا، چيائين تہ ٽم بوت اڇا لارڪا ھي.“

”ٻيو ڪجهہ؟“

”ڪجهہ بہ نہ.“

انور خيالن ۾ گم ٿي ويو. پنھنجي ساءِ مرڪڻ لڳو.

پڇيومانس، ”کيل تي ويندؤ ڇا؟“

”ھا.“

”ڪھڙي تي؟“

”بدنام حسينہ عرف بي رحم گهوڙي سوار.“

”ھون! اھا بہ ڪا فلم آھي! ٽارزن ۽ خوفناڪ چيتو وڃي ڏسو نہ.“

”اھا فلم ٻارن لاءِ آھي، چرٻٽ.“

”اڙي نہ نہ،“ مون خوش ٿيندي چيو، ”ان فلم ۾ ٽارزن ھڪ ڇوڪريءَ کي لو (Love) ھڻي ٿو.“

”بيشرم، بداخلاق،“ انور ڪاوڙجي ويو، ”وڏي ڀاءُ سان اھڙيون واھيات ڳالھيون ڪندي شرم نٿو اچيئي.“

”اچي ٿو.“

”تہ پوءِ ھتان ڀڄي وڃ.“ انور چيو، ”مئگزين بہ لڪائي پڙھجانءِ.“

”تون خيال نہ ڪر.“

”۽ سوزيءَ واري ڳالھ بہ ڪنھن سان نہ ڪجانءِ.“

”قلفي کارائيندين؟“

”ھا.“

”تہ پوءِ ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائيندس.“

انور ڪپڙا مٽي عذرا جي ڪمري ۾ ويو. عذرا منھنجي ڀيڻ آھي. نڪ پڪوڙي جھڙو، ڏند مترڪي جھڙا ۽ اکيون ڦٿل انگورن جھڙيون اٿس. مون کي ھر ھفتي ھڪ دفعو مار ڏيندي يا کارائيندي آھي.
انور پٻن تي ھلندو عذرا جي ڪمري ۾ گهڙي ويو. ان وقت عذرا ھڪ اردو ناول پڙھي رھي ھئي ۽ زور زور سان ٽنگون لوڏي رھي ھئي. ھوءَ بالڪونيءَ ۾ ويٺي ھئي.

انور عذرا کان اک بچائي، ڊريسنگ ٽيبل مان سينٽ جي شيشي ڪڍي پنھنجن ڪپڙن تي ھاري ڇڏي. مان کيس در جي وٿيءَ مان جاچي رھيو ھوس. مون تي نظر پيس تہ مون کي اک ھنيائين، جنھن مان سمجهيم تہ خاموش رھان. انور پير پير پائي، ڪمري مان نڪري ويو.

مان ٻاھرين در تائين انور جي ڪڍ آيس. ٻاھرين در وٽ ترسي، ھٿ جي اشاري سان پڇيائين تہ ڇاھي. مون پريان ئي کيس ساڄي ھٿ جون ٻہ آڱريون ڏيکاريون ۽ کاٻي ھٿ جو آڱوٺو وات ۾ وجهي ڇڏيم. جنھن مان منھنجو مطلب ھو تہ مون کي ٻہ آنا ڏي تہ مان ھڪ قلفي کاوان. انور پنھنجي واچ ڏانھن اشارو ڪيو ۽ ڪنڌ لوڏي ھليو ويو. مون بہ کيس وڃڻ ڏنو. رات جا نو ٿي رھيا ھئا، اجايو دير ٿي وڃيس ھا ۽ سوزيءَ کي بہ تڪليف ٿئي ھئا.

سوزي! ھا سوزي! اوھ مان جيڪر وڏو ھجان. انور جيڏو ھجان ھا ۽ انور مان جيترو ننڍڙو ۽ بندرو ھجي ھا. مان خط لکان ھا ۽ انور سوزيءَ کي ڏيئي اچي ھا.. ۽ پوءِ سوزي ۽ مان فلم تي وڃون ھا.. پر مان تہ جيڪر سوزيءَ کي ٽارزن جي فلم ڏيکاريان ھا. اردو فلمن ۾ ھيروئن ۽ مايون ايڏو تہ روئينديون آھن، جو منھنجي دل بہ ٻاگھا ڦاڙي روئڻ چاھيندي آھي.

ھڪ دفعي مان، امان، عذرا ۽ پاڙي جي عورتن سان گڏ ھڪ فلم جو زنانو شو ڏسڻ ويو ھوس (مان ننڍڙو آھيان ۽ بيحد بندرو آھيان، تنھنڪري مون تي زناني شو ۾ عورتن سان ويھڻ جي جهل پل ڪونھي.) ان فلم ۾ ويچاري ھيروئن کي سندس مڙس مار ڏيئي، گهر مان ڪڍي ٿو ڇڏي. ساڳيو مڙس ھڪ ٻيءَ فلم ۾ ساڳي ھيروئن جو پيءُ ٿيو ھو. اھو ڏسي مون کي سخت اچرج ٿيو ۽ جڏھن عذرا کان پڇيو ھيم تہ اھو ساڳيو ٿلھو بدمعاش ھڪ فلم ۾ ساڳي ھيروئن جو پيءُ ٿيو ھو ۽ ھن فلم ۾ وري مڙس ڪيئن ٿي پيس! تہ عذرا مون کي ڇڙٻ ڏيندي چيو ھو: ’موئا چپ ڪر، چريا چرٻٽ.‘ مون ماٺ نہ ڪئي ۽ اڻ تڻ لڳي پئي ھئي، سو چپ ڪيئن رھان ھا! پنھنجو وات عذرا جي ڪن وٽ آڻيندي چيو ھيم: ’ٽارزن جي فلمن ۾ تہ ائين نہ ٿيندو آھي، جانور ھر فلم ۾ جانور رھندا آھن، ماڻھو ڪونہ ٿي پوندا آھن.‘ عذرا پنھنجو سڪل، ڪارو ھڏائون ھٿ منھنجي وات تي رکي ڇڏيو ھو ۽ عجيب آواز ۾ چيو ھئائين: ’بس ڪر، موئا مرين.‘ ۽ پوءِ رئي جي ڪنڊ وات ۾ وجهي روئڻ لڳي ھئي. مون سندس ھٿ تي ھٿ رکندي چيو ھو: ’مون کي معاف ڪر منھنجي ڀيڻ‘ (نياڻي ست قرآن ھوندي آھي، ڪيئن ناراض ڪيانس ھا!) اوچتو امان ۽ پاڙي جي عورتن بہ روئڻ شروع ڪيو. مون اڳتي پوئتي منھن ورائي ڏٺو. منھنجي حيرت جي حد نہ رھي ھئي، جڏھن ڏٺو ھيم تہ سڄي سئنيما ھال جون عورتون روئي رھيون ھيون. اکيون ڦاڙي پردي ڏانھن ڏٺو ھيم، ۽ سڀني جي روئڻ جو سبب منھنجي سمجهہ ۾ اچي ويو ھو. پردي تي ھيروئن جا حال بڇڙا ھئا. ھوءَ ريل جي پٽن جي وچ ۾ ڊوڙي رھي ھئي. ڪجهہ نانگ، بلائون، وڇون وغيره ھيروئن ڏانھن وڌي رھيا ھئا. پريان ريل گاڏي اچي رھي ھئي ۽ ھيروئن ويچاري ٻئي ٻانھون مٿي ڪري، ٻاگها ڦاڙي ھڪ گانو ڳائڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي. مون سوچيو، يار چرٻٽ سڀ روئن ٿا- امان روئي ٿي، ھيروئن روئي ٿي، توکي بہ روئڻ گهرجي. پوءِ مون بہ منھن بڇڙو ڪري، واڇ چٻي ڪري اوڇنگارون ڏيئي روئڻ شروع ڪيو ھو. ان دفعي مان ڏاڍو رنو ھوس. ڀلا اھڙي فلم ۾ سوزيءَ کي ڪيئن وٺي وڃي روئاڙي اچان ھا؟

منھنجي ننڍڙي ميڄالي ۾ وڏا وڏا خيال اڀرڻ لڳا.
مون ڪاليج مئگزين، جاگرافيءَ جي جرنل ۾ لڪائي ڇڏي. پنھنجي ڪتابن جي ميز وٽ ڪرسي وجهي ويھي رھيس ۽ سڀني کان اک بچائي ڪاليج مئگزين جو سنڌي حصو سڄو پڙھي ويس. عجيب عجيب ڳالھيون ۽ آکاڻيون لکيل ھيون مئگزين ۾.

ھر ھڪ آکاڻيءَ ۾ سماج نالي ڪنھن شيءِ جو ھزارين دفعا ذڪر ڪيل ھو. ھر ھڪ آکاڻيءَ ۾ سماج ڪا نہ ڪا ڳڙٻڙ ڪئي ھئي. مون کي سماج تي ڏاڍا خار آيا. پوءِ مون مئگزين بند ڪري، سماج جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو. وڏو ڪو بدمعاش آھي سماج! اھا پڪ ھيم تہ سماج ڪنھن جانور جو نالو ڪونھي، ڇو جو ٽارزن اڄ تائين چيتي، رڇ، بگهڙ، واڳون ۽ درياھي گهوڙي وغيره سان وڙھيو آھي، پر اڃا تائين سماج سان مقابلو نہ ڪيو اٿائين. گهڻو سوچڻ کان پوءِ بہ سماج منھنجي سمجهہ ۾ نہ آيو ۽ مون سماج جي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏنو.

ڇائي پائي سماج۔۔۔ پوءِ مون مئگزين ۾ لکيل ڳالھين جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو. ان ڏينھن زندگيءَ ۾ پھريون دفعو مون کي خبر پئي تہ ماڻھو وڏو ٿي ڪيئن ڳالھائيندو آھي- ڪيئن محبت ڪندو آھي. فيصلو ڪيم تہ مان بہ وڏو ٿي ائين ڪندس، ائين ئي ڳالھائيندس. اوچتو منھنجي ذھن ۾ ٻيھر سماج بدمعاش جو خيال اڀري آيو- وڏو شودو آھي سماج- ڪڏھن ھيروئن جو پيءُ تہ ڪڏھن مڙس!

مان سماج، محبت ۽ سوزيءَ جي باري ۾ سوچيندي سمھي پيس.

امان الاءِ ڪھڙي مھل مون کي ننڊ مان جاڳائي چيو: ”ڀاڻين نان ڪباب آندا آھن، اٿي کاءُ“

”مان ھن وقت بدمعاش سماج جي باري ۾ سوچي رھيو آھيان“ وراڻيم ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيم.

سوزي سرڪاري باغيچي ۾ شتر مرغ جي پڃري وٽ ھڪ بئنچ تي ويٺي ھئي، ۽ وڻ جي ٽاريءَ تي الو ويٺو ھو. سوزيءَ کي ڪپڙا پريَن جھڙا پاتل ھئا ۽ سندس ٽنگون بہ اگهاڙيون نہ ھيون. کيس پرين جھڙا اڇا اڇا، سھڻا سھڻا کنڀ بہ ھئا. ان وقت مان ۽ منھنجو جگري دوست ڦندڻ ڏيڏرن کي پٿر ھڻڻ لاءِ باغيچي ۾ ويا ھئاسين. مون ڦندڻ کي چيو: ’يار ڦندڻ، تون ھن تلاءَ وٽ ويھي نڪ مان گينگها بہ ڪڍ ۽ ڏيڏر بہ ڏس، مان منٽ ۾ سوزيءَ سان ملاقات ڪري موٽي ٿو اچان ۽ اچي ڏيڏرن کي پٿر ٿو ھڻان.‘ ڦندڻ تلاءَ جي ڪپ تي ويھي رھيو ۽ چيائين: ’ايندي ايندي گدامڙي پٽي اچجانءِ.‘

تلاءِ جي سامھون ٻوٽا ھئا، ۽ ٻوسٽ جي ٻئي پاسي، سائي ڇٻر جي پرئين ڪنڊ وٽ، ھڪ اڪيلي بئنچ تي سوزي اداس ويٺي ھئي.

ھڪ ڇال سان ٻوٽا اڪري ويس. پوءِ سوچيم تہ ٽارزن وانگر ڪوڪڙاٽ ڪندو، وڻن جي ٽارين تي لٽڪندو، سوزيءَ جي ڪن ۾ وڃي ’ھو‘ ڪيان. پر خيال آيو تہ ٻيلي، ڪاليج مئگزين ۾ ائين لکيل ڪونہ ھو. مون کي ائين ڪرڻ گهرجي. جيئن مئگزين ۾ لکيو ھو.

مون قميص جا ٻہ بٽڻ کولي ڇڏيا. وار منھن ۾ وجهي کاٻو چپ لٽڪائي ڇڏيم. ائين ڪرڻ سان ڪجهہ دير لاءِ پاڻ کي اُٺ محسوس ڪيم. پوءِ جيئن ئي سوزيءَ ڏانھن وک وڌايم، تہ اھو ڏسي منھنجي حيرت جي حد نہ رھي تہ مان ھڪدم انور جيڏو وڏو ۽ قداور ٿي ويو ھوس. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.

مان تڪڙو تڪڙو سوزيءَ ڏانھن وڌي ويس. ھن مون کي ڏٺو ۽ اچرج نہ کاڌائين.
چيائين، ”مان تنھنجو ئي انتظار ڪري رھي ھيس، بالم.“

”بالم! ڪٿي آ بالم.“

”تون منھنجو بالم آھين.“

”اوه! سمجهيم.“

”مان صدين کان تنھنجو انتظار ڪري رھي آھيان.“

”صدين کان! نہ نہ. چرچا تہ نہ ڪر. تون ڏاڏيءَ حوا جيڏي تہ ناھين.“

”تون نٿو سمجهين منھنجا محبوب.“

”محبوب! ڪھڙو محبوب؟ فلم ڊائريڪٽر محبوب.“

ھوءَ وڌيڪ اداس ٿي ويئي، چيائين، ”منھنجي ڀرسان اچي ويھ، منھنجا پريتم.“

”مان پريتم نہ آھيان. پريتم داس اسان جي ڪلاس جو مانيٽر آھي. اسان جي ماستر جو چمچو آھي.“

ھن مون کي ٻانھن کان وٺي پاڻ ڏانھن ڇڪيندي چيو، ”منھنجي ڀرسان ويھي رھ منھنجا ساجن.“

”ساجن!“ مون سندس ڀر ۾ ويھندي چيو، ”تو مون کي شايد سڃاتو ناھي سوزي، اڙي مان چرٻٽ آھيانءِ.“

”دنيا لاءِ ڀل تون ڪجهہ بہ ھجين، پر منھنجي لاءِ ديوتا آھين.“

”ديوتا!“ مون کي ڪجهہ ڪجهہ ڪاوڙ لڳي، ”ھي دئوس ديوتا وري ڪير آھي! مان توسان محبت ڪيان ٿو سوزي. تون پنھنجيءَ دل مان دئوس ديوتا، ساجن، پريتم، بالم وغيره جو خيال ڪڍي ڇڏ.“

سوزيءَ ٿڌي آھ ڀريندي چيو، ”تون ڏاڍو معصوم آھين.“

معصوم چيائين تہ مون کي ڏاڍو شرم آيو. مان اڳ جيترو بندرو ۽ ننڍڙو نہ ھوس، وڏو ٿي ويو ھوس ۽ ماڻھو وڏي ٿي معصوم ٿورو ئي رھندو آھي!

چيم، ”مان معصوم ٿوروئي آھيان. مان تہ جوان آھيان، تو جيترو آھيان ۽ سوزي- ۽ سوزي مان توسان محبت ڪندو آھيان.“

”مان بہ توکي دل جي گھراين سان چاھيندي آھيان، توسان محبت ڪندي آھيان.“

”سچ!“

”ھا،“ ھن اداس لھجي ۾ ڳالھايو، ”پر تنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ سماج جي ديوار آھي.“

”ڪٿي آ سماج ۽ سماج جي ديوار۔۔“ مان خوفناڪ رڙ ڪري بئنچ تي چڙھي بيٺس. الو وڻ جي ٽاريءَ تان اڏامي ويو. ”ڪٿي آھي سماج، سوزي. مان غنڊي سماج جا ڏند ڀڃي ڇڏيندس.“

مون کي سماج تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. مون ڏند ڪرٽيندي، مٺيون ڀڪوڙي چئني طرف نھاريو. پري پري تائين مون کي سماج ڏسڻ ۾ نہ آيو.

مون رڙ ڪئي، ”بدبخت سماج، ويجهو آءُ. تو ڪاليج مئگزين جي محبت ڪرڻ وارن کي ستائي ڏٺو آھي. اچ، اچي مون سان وڙھ، داداگير سماج! اڄ مان تنھنجو ٽِٽ ڪڍي ڇڏيندس.“

اوچتو وڻن ۽ ٻوٽن ۾ ٻاڪرڪٽو مچي ويو. مان سماج سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سينو ڦوڪي تيار ٿي بيٺس.
باغ جو مالھي ڏنڊو کڻي ڊوڙندو آيو.

پريان ئي رڙ ڪندي چيائين، ”باگيچي ۾ بوبڙي ڪُري لاءِ ٿو مارين.“

مون کان اڳ سوزي بئنچ ڇڏي ڀڄي ويئي. مالھيءَ مون کي ڊوڙائڻ شروع ڪيو. مان ڇٻر لنگهي، ٻوٽا ٽپي، ڦندڻ ڏانھن ڊوڙندو رھيس. مالھي رڙيون ڪندو، گاھ پٽيندو، منھنجي ڪڍ ڌوڪيندو آيو.

مان ڏيڏرن جي تلاءَ وٽ پھتس. ڦندڻ غائب ٿي ويو ھو. مان حيران پريشان بيٺو ھوس، جو مٿان اچي مالھي نڪتو. مون کي جهلڻ لاءِ ٻئي ٻانھون اڳتي ڪري جهٽ ڏنائين. مان پري ٿي ويس ۽ مالھي سڌو وڃي تلاءَ ۾ ڪريو. شپڪو ٿيو. ڏيڏرن ٽپ ڏنا ۽ پاڻيءَ جا ڇنڊا منھنجي منھن تي اچي پيا. مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڪجهہ وڌيڪ ڇنڊا پيا تہ مون ٻوٽيل اکيون اول مھٽيون ۽ پوءِ کولي ڇڏيون. ڪيڏانھن وئي سوزي ۽ ڪيڏانھن ويو باغ جو مالھي!

مان ڇرڪ ڀري اٿي ويٺس. صبح ٿي ويو ھو. منھنجي مٿان انور بيٺو ھو. غسلخاني مان وھنجي نڪتو ھو ۽ سندس وارن مان پاڻي منھنجي منھن تي ٽمي رھيو ھو.

انور منھنجي ڀرسان ھنڌ تي ويھي رھيو. آھستي پڇيائين، ”لفافي ۽ سوزيءَ جي ڳالھ دل ۾ رکي اٿئي نہ؟“

”ھا،“ مون وراڻيو، ”پر جي قلفيءَ لاءِ ٻہ آنا نہ ڏيندين تہ سڀني کي ٻڌائي ڇڏيندس.“

”صبح صبح جو قلفي! ھون چريا چرٻٽ“ ۽ انور کلڻ لڳو. چيائين، ”ڀل وڃي ٻڌاءِ. ھاڻي تنھنجي ڳالھ تي ڪير اعتبار ڪندو؟“

”دوکو!“

انور کلندو، ٽوال سان وار اگهندو بالڪونيءَ ڏانھن ھليو ويو.

(امر جليل جي ڪتاب دل جي دنيا تان ورتل)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close