سنڌ جي ڪوھستان ۾ سڄو سال دائمي پوک ڪرڻ جا جديد طريقا!

جوکيو جسارت الياس

سنڌ جي ڪوھستاني علائقن ۾، چوماسيءَ جي وسڪاري کان پوءِ؛ يعني سال ۾ صرف ھڪ ڀيرو ڍڳن ۽ اُٺن کي جوٽي، کيٽن ۾ ھر ھلائي پوک ڪبي آھي. جنھن لاءِ جابلو ماڻھو وڏا حيلا ھلائي، تراين ۾ بيٺل مينھاڻي پاڻيءَ کي بچت ڪندا رھندا آھن، ڇو تہ پَلُر جي پاڻيءَ جي چُڪي وڃڻ (ختم ٿيڻ) کان پوءِ، سڄو سال کين، وَسَ (برسات) جي انتظار ۾ گهارڻو پوي ٿو.

ڪوھستان ۾ گهڻي ڀاڱي صرف گوار، جوئر، ميھا، تِرَ، مُنڱ ۽ ٻيا ڪي خاص فصل، ڪجهہ مھينن لاءِ ٿيندا آھن. جيڪڏھن ٿورو خرچ ڪري، جديد سائنسي طريقن سان پوک ڪبي، تہ مختلف ميوَن جي باغن سميت تقريبن ھر آبادي پوکي، ھتي وڏو لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو. اچو تہ اھڙن ڪجهہ جديد طريقن بابت ڄاڻ حاصل ڪريون.

1. زير زمين پاڻي معلوم ڪرڻ جا طريقا Underground Water Detection Methods

ڪوھستان ۾ برساتي مُند کان اڳ ۽ ڪجھ مھينا پوءِ، زميني پاڻيءَ جھڙوڪ؛ ڍورن، تلائن، چشمن ۽ نَئيَن وغيرہ ۾، پاڻيءَ جي وڏي کوٽ ٿي ويندي آھي. ان ڪري باراني زمين ۾ آبادي ڪرڻ کان اڳ ۽ ٽيوب ويل لڳائڻ وقت، زير زمين / جَر جي پاڻيءَ جي موجودگي ڄاڻڻ ضروري ٿيو پوي. ان مقصد لاءِ ماڻھو، ڏندڪٿائن جي بنياد تي فال پٽي، لوڪ ڏاھپ ذريعي پاڻيءَ جي پَڪَ ڪري، کوھ کوٽي، ننڍي پئماني تي ساوا ڌاڻا ۽ ٽماٽا وغيرہ پوکيندا آھن. دنيا جي جبلن ۾ اڄڪلھ، پاڻيءَ جي زير زمين ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ، جديد ٽئڪنالاجي استعمال ٿئي پئي. جنھن ۾ زمين اندر مٺي يا کاري پاڻيءَ جي ذخيرن جي، ڀليءَ ڀت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ جديد اوزارن جھڙوڪ؛ پروٽان مئگنيٽڪ ريزونينس PMR ۽ پي ڪيو ڊبليو ٽي S500 جو سھارو ورتو پيو وڃي. انھن اوزارن جي مدد سان، ڪوھستان ۾ بہ، زيرزمين پاڻيءَ جو تُرت ڪاٿو ۽ پوءِ ٽيوب ويل لڳائي، سال جا ٻارنھن ئي مھينا پوک ڪري سگهجي ٿي.

2. ٽيوب ويل سسٽم Tube Well System

جيتوڻيڪ ڪوھستان جي جابلو علائقي ۾ ٽيوب ويل لڳائڻ، نھري زمين ۾ ٽيوب ويل ھڻڻ جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ مھانگو آھي، پر جبل واري ٽيوب ويل مان، جيڪڏھن مٺو پاڻي نڪري ٿو، تہ زميندار جا ڀلا ڀاڳ ٿيو پون. ھتي 4 کان 10 لک رپين تائين سولر پليٽن يا "پَن بجليءَ Wind Power” تي ھلندڙ، پاڻيءَ جو ٽيوب ويل لڳائي، آباديءَ کي وِيرون وِير ڪري سگهجي ٿو. اھڙيءَ ريت، ھتي سڄو سال پوک ڪرڻ ممڪن ٿيو وڃي. ھي طريقو ڪوھستان ۾ گھڻو ڪامياب آھي.

3. ڊرپ ايريگيشن سسٽم Drip Irrigation System

ھن طريقي ۾ پاڻيءَ جو جهلي جهلي ارئن استعمال ڪبو آھي، جو ھر ھڪ ٻوٽي جي پاڙن تائين، ٽيوبن ۽ روھڙن (پائپن) ذريعي يا ڦوھارو ڪري، پاڻي پھچي. ايئن پاڻيءَ جي کوٽ وارن ڪوھستاني علائقن ۾ بہ وڏي زرعي اپت حاصل ڪري سگهجي ٿي.

4. مَٽڪا Clay Pitchers اريگيشن:

جيتوڻيڪ ھي پراڻو طريقو آھي، پر اڄ بہ ھن ريت پوک ڪئي وڃي ٿي. نج ٺڪر جي ھڪ مٽڪي جو مُنھن ٻَڌي، پاڻيءَ سان ڀري، زمين ۾ ٻوٽن ۽ وڻن ڀرسان ڍڪي رکبو، تہ ان ۾ پيل پاڻيءَ کي، زمين جذب ڪري، ٻوٽن جي پاڙن تائين پھچائيندي آھي. ان سان پاڻيءَ جو زيان روڪي، 70% گھٽ پاڻي استعمال ڪري سگهجي ٿو، ڇو تہ کليل واٽر ڪئنال اريگيشن ۾ 75% پاڻي، آبي بخارن جي صورت ۾ اڏامي وڃي ٿو. جيڪو مَٽڪا اريگيشن ذريعي بچائي سگهجي ٿو. ايئن ڪوھستان ۾ باراني موسم جو انتظار ڪرڻ بنا، عام ماڻھو بہ آبادي ڪري سگھي ٿو. ان طريقي سان، ميويدار وڻن جھڙوڪ؛ کجي، ڏاڙھون، ليمون، انب وغيرہ جي باغن سان گڏوگڏ، ميوو ڏيندڙ ول جھڙوڪ؛ ھنداڻي، بصر ۽ ٻي پوکي بہ ڪاميابيءَ سان ڪري سگهجي ٿي. ياد رھي تہ ڪارونجهر جبل لڳ ٿر ۾ مَٽڪا اريگيشن طريقي سان، اڄڪلھ وڏا باغ پوکجي رھيا آھن.

5. ڀاڻ جي گھرج ٻڌائيندڙ ٽيڪنالاجي Fertilizer Need Analysis Technology

ڪوھستان ۾ اڪثر ڪري بنا ڀاڻ جي يا وري صرف قدرتي نامياتي Organic مرڪبن واري ڀاڻ تي، گھٽ بچت واري پوک ٿيندي آھي. ڇاڪاڻ تہ آباديءَ جي معيار تي پاڻي، معدنيات ۽ ٻين جزن جو تمام وڏو اثر پوي ٿو. ھوائن سان ڀرپور ڪوھستان ۾ ڪڏھن ڪڏھن پوکيل آبادي، سُڪي ۽ سڙي بہ وڃي ٿي. ڇو تہ متوازن مقدار ۾، نائٽروجن جو ھجڻ، ھر فصل لاءِ ضروري آھي. ان ڪري زرعي ترقيءَ جي ڏس ۾، ڀاڻ جي ضرورت ڄاڻڻ لاءِ، جديد گرين سيڪر ٽئڪنالاجي Green Sector Crop Sensing ۽ فيلڊ ان پٽ Field Input Control System Technology ڪنٽرول سسٽم کي استعمال ڪيو ويندو آھي. جنھن سان بچت ڪري، ٿيندڙ آباديءَ کي ضرورت آھر ڀاڻ ڏئي، پوکيل فصل جي واڌويجهہ ڪري سگهجي ٿي.

6. ڪلوز سرڪٽ ڪيمرا CCTV جو استعمال:

دنيا ۾ اڄڪلھ، آبادگار پنھنجي زمين جي نظرداري ۽ چوريءَ جي روڪٿام لاءِ، ڪلوز سرڪٽ ڪيمرا لڳائي، گھر ويٺي ويھي ڏسن ٿا. ڪوھستان جا آبادگار بہ سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳرائي، پنھنجي زمينداريءَ جي نظام ۾، جديد حفاظتي اُپاءُ کڻي، بھتري آڻي سگهن ٿا.

7. انڊور فارم يا اندروني اُفقي آبادي Indoor Vertical Farming

ننڍي زمين ۾، جڳھ بچائڻ خاطر ڪنھن وڏي ڪشادي ڪمري يا ھال ۾، مختلف ڀاڄين جون وليون، انڊور فارمنگ ۾ ھائڊروپونڪ ٽيڪنيڪ Hydroponic Technique ذريعي پوکبيون آھن. جنھن ۾ سج جي روشنيءَ جي بنا، ٻوٽن جي پاڙن کي، معدنيات سان ڀرپور پاڻي ۾ ٻوڙي رکبو آھي. ڪوھستان جي مختلف ڳتيل شھري علائقن جھڙوڪ؛ ملير ڪراچي وغيرہ ۾ ھي طريقو، ڪامياب ٿي سگھي ٿو.

8. ھٿرادو ذھانت Artificial Intelligence جو استعمال:

ڊرون ڪئمرا ۽ سيٽلائيٽ ذريعي، نڪتل تصويرن ۽ خاڪن کي، مشين لرننگ الگورٿم ذريعي ٺاھيل سافٽ ويئرن سان ڳنڍي، پاڻيءَ جي موجودگي جي اڳڪٿي ڪرڻ سان گڏوگڏ، بنا ڊرائيور ھلندڙ ٽريڪٽرن ذريعي پوک ڪرڻ کان وٺي لاباري تائين؛ خودڪار ھٿرادو ذھانت جو جديد طريقو مستقبل قريب ۾ سڄي ڪوھستان ۾ عام ٿي سگھي ٿو. جنھن ۾ سماجي ميڊيا سان گڏوگڏ ڪمپيوٽرن جو استعمال ٿيندو آھي.

9. سمارٽ فارمنگ Smart Farming

جيتوڻيڪ ھي طريقو ڪوھستان ۾ اڃا ناھي آيو، پر تنھن ھوندي به ان بابت شعور ڏبو، تہ ڳچ آبادگار راضي ٿي ويندا. ان ۾ پنھنجي زمين جي مڙني ڪمن جي ھر قدم کي، جديد ڪمپيوٽرائزڊ آٽوميشن ٽئڪنالاجي تي منتقل ڪرڻ لاءِ ڊرون ڪئمرا، گاڏين کان وٺي پوک ۽ لاباري تائين، آٽوميٽڪ مشينن وغيرہ جو استعمال ڪبو آھي. ان جو ھڪ نقصان اھو ٿيندو، تہ مزدورن جي بدران روبوٽن جي ڪري، وڌيڪ خرچ ٿيندو ۽ ان سان بيروزگاريءَ جي شرح بہ وڌندي.

10. جديد گرين ھائوس Greenhouse

ڪوھستان جي شھرن ۾، ڪنھن بہ کُليل ڪمري يا ھال جي ڇت، سائي ڄاريءَ سان يا ڪنھن بہ شفاف شيءِ سان اڏي، ننڍي سطح تي پوک ڪري سگهجي ٿي. ڇت مان سج جي روشني اندر ايندي تہ پوکيل ٻوٽن جي خوراڪ ٺھڻ جو قدرتي نظام؛ يعني روشنائي ترڪيب جو عمل جاري رھندو ۽ لڳايل آباديءَ جي واڌويجهہ تڪڙي ٿيندي.


مضمون جو ليکڪ: نوجوان محقق ۽ ليکڪ، جوکيو جسارت الياس سنڌي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close