اھا 1985ع جي ڳالھ آھي، ان دور ۾ فوٽو ڪڍائڻ لاء وڏا ڪشالا ڪڍڻا پوندا ھئا، اڄوڪي دور وانگر سھولتون ڪونہ ھونديون ھيون. نائين ڪلاس ۾ پير پاتو تہ ڏاڍي سرهائي محسوس ٿي رھي ھئي، سائنس جو شعبو، ڏيڏرن کي واھين جي ڪونڍين مان جهلي کڻي انھن جو پيٽ چيري، آنڊا اوجھريون ڪڍي سندن ساھ، ھاضمي جو سرشتو ڳولھي لھڻ ۾ استاد محترم رضا محمد جوکيو مرحوم اسان جي رھنمائي ڪندو ھو. مسجد ۾ لڳل گھڙيال ۾ ھر وقت لڏندڙ پينڊولم جي پروڙ بہ فزڪس جي پنڊولم واري پريڪٽيڪل ۾ وقت نوٽ ڪرڻ کان پوءِ پئيسين. سر سراج الدين تنيو سيڪنڊري اسڪول ڪونڪر جو واحد استاد ھوندو ھو، جيڪو پينٽ شرٽ پائيندو ھو، سندس ڪاريڊور مان لنگهندي بوٽن جي ٽڪ ٽڪ سان دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي ھئي، فزڪس جھڙي خشڪ مضمون کي واھ جي اسٽائيل ۾ پڙھائندو ھو.
وقت گذرندي جڏھن امتحان ويجهو آيا تہ بورڊ جي فارم ڀرڻ لاء تصويرن جي ضرورت پئي تہ تصويرن لاء وڏي ڀاء کي گذارش رکيسين، تہ ٻئي ڏينھن گوليمار ۾ ماسيءَ جي گهر وڃڻ جو پروگرام جڙي ويو. گوليمار وڃڻ جو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي، جو ھونئن صرف ڇٽين ۾ گِذري يا گوليمار ۾ ناناڻن ڏي وڃڻ ٿيندو ھو. اھا سڄي رات خوشيء مان ڦٿڙندي، پاسا ورائيندي گذري. صبح سوير تيار ٿي چاچا حاجي روزي ٻروچ واري بس ۾ چڙھيس، چاچا اڪثر بس ۾ ليمارڪيٽ ويندو ھو، مون سان وڏي ھج ھوندي ھيس. اڪثر نانا مھر علي سان گڏجي اسان جي سھراب فقير ڳوٺ ويجهو گاجان ڳوٺ جي بڙ واري ھوٽل تي جڏھن ويندو ھوس تہ چاچار حاجي روزي پاسي ۾ ويھاري ڏاڍي شفقت سان پيار ڏيندو ھو. بس ۾ مون تي نظر پيس تہ سڏ ڪري پاسي ۾ ويھاريائين، ڪنڊيڪٽر ڀاڙو وٺڻ آيو تہ ھٿ جي اشاري سان کيس منع ڪري ڇڏيائين. سڄي واٽ ڪچھري ڪندو ھليو، نانا جي خيريت ۽ ٻيا احوال بہ ٿيا.
ملير ڪينٽ، ( ان وقت اڃا ڪينٽ مان عام پبلڪ جون گاڏيون مَٽڻ ڇڏيندا ھئا) سفوران، يونيورسٽي کان ٿيندي نيپا پھتاسين تہ ڪراچي شھر جي شروعات ٿي (ان دور ۾ نيپا تائين اجگر شھر پکڙيل ھو، نيپا کان اورتي کليل ميدان، جھنگ ھوندو ھو صرف ھاڻوڪي الجديد سپر مارڪيٽ وٽ ھڪ ناريل جو باغ ھيو، ۽ اوجها ٽي بي اسپتال جي پراڻي بلڊنگ روڊ جي کاٻي پاسي ٿورو پرڀرو ھوندي ھئي، جنھن لاء ھڪ روڊ بنيل ھوندو ھو، جتان ڪڏھن ڪڏھن گبولن جا ماڻھو گڏاپ واري بس چڙهندا ۽ لھندا ھئا.
يونيورسٽي روڊ تان بس ڊوڙندي، جيل روڊ تان مڙي پي آئي بي، ٽہ ھٽي تان ٿيندي جڏھن لسٻيلو ڪراس ڪري جماعت خاني پھتي تہ اسان بہ ننڍڙي ڳوٿري (امان پنھنجي ڀيڻ لاء مکڻ، سبزي ڏني ھئي) کي ھٿ ۾ قابو ڪري بس مان لھي، پيرين پنڌ لياري نئين مان گٽر مٿان ڪاٺين جي پل ڪراس ڪري، وڃي گوليمار ڀيڙا ٿياسين. ماسي وارن جي گهر ۾ ھڪ ڪمرو وڏي ڀاء علي احمد جي حوالي ھوندو ھو، جيڪو اسٽيل مل جي نوڪري ھئڻ ڪري اتي رھندو ھو. ان ڪمري ۾ ڪاٺ جي پيل کٽ تي وڃي ٿڪ لاٿو.
ان دور ۾ اميتاڀ بچن فلمن جو مقبول ھيرو ھوندو ھو. نانا خدابخش جي ڪواٽرن ۾ انڊيا مان آيل پناهگير رھندا ھئا، اميتاڀ جي جيڪا نئين فلم ايندي ھئي، ان کي ضرور ڪرائي تي وي سي آر آڻي ڏٺو ويندو ھو، آئون بہ اڪثر مناڀائي جي گهر فلمون ڏسڻ ويندو ھوس. اميتاڀ جي فلم ڏسڻ جو شوق ھئڻ ڪري ڪا بہ فلم ڏسڻ کان رھجندي ڪونہ ھئي. سو اميتاڀ جو فين ھئڻ ڪري وارن جو اسٽائل بہ سندس جھڙو رکڻ جي عادت وڌي، وڏا وار ڪنن تائين رکڻ اسڪول ۾ منع ھئڻ ڪري صرف وچ واري سينڌ تي شوق جي پورائي ڪئي.
سو جنھن مقصد لاء گوليمار آيس، ناشتو ڪري محمدي مسجد لڳ وارن کي ھيئر ڪٽنگ ۽ ڍائي ڪرائي وچين سينڌ ڪڍي اميتاڀ ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ ھڪ نمبر تي علي مسجد لڳ A1 فوٽو اسٽوڊيو جو رخ ڪيو، جتي پراڻي گوليمار جو رھواسي دين محمد بنديچو ڪم ڪندو ھو، پنھنجو احوال ٻڌائي اسٽوڊيو ۾ 10 بليڪ اينڊ وائيٽ پاسپورٽ سائيز فوٽو ڪڍرايا.
مٿئين سڄي رام ڪھاڻي اڄ (۱۸ ڊسمبر ۲۰۲۳) ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم اي جي پيپر ڏيڻ کان واپسي تي مائيڪرو بايولاجي ڊپارٽمنٽ جي گيٽ تي ويٺل دين محمد سان ملاقات وقت ذھن تي تري آئي.. ملاقات کان آخر ۾ ھيءَ تصوير يادگيريءَ طور فراز جوکيو ڪڍي، جيڪا موبائل فون سان نڪتل آھي.. ھڪ ھي دور آھي، جڏھن فوٽو ڪڍڻ ايترو سولو آھي، ۽ ھڪ اُھو دور ھو جڏھن اسان کي فوٽو ڪڍائڻ لاءِ گڏاپ کان ليمارڪيٽ وڃڻو پوندو ھو..