مان مڙد (ڪھاڻي)

جمال ابڙو

مان تڏھين ننڍو جوانڙو ھجان! ڳاڙھو ڳاڙھو ڳٽول، لڱ سڊول. پاڻ کي پاڻ ڏسي خوش پيو ٿيان. تيل ڦليل ڪري وارن کي سينگارَي ٻاھر نڪران، ڀانيان تہ سڀڪو پيو مون کي ڏسي.

ڪنھن ڇوڪريءَ جي مون تي نظر پيئي، پڪ ٿي ويندم تہ ضرور مون تي فدا ٿي ھوندي. ننڍڙي معصومڙي دل، پوءِ تہ وٺي پنھنجا مٺڙا ناٽڪ ٺاھيندِي. گُل جھڙي نينگريءَ کي پنھنجو ساٿي سمجهي، ڇا ڇا نہ ساڻس خيالي رھاڻيون ڪندو ھوس. چرچا ڀوڳ، ٽھڪڙا، ارڏائيون، دادلن جي دنيا..

طبيعت ۾ چِلولائي اڳيئي ھئم. ڀائيندو ھئس ته ڪي رنگ رليون، من مستيون ڪجن. روح پيو اڏامندو ھو. ڪڏھن جبلن جي چوٽيءَ تي، ڪڏھن ڪڪرن جي مٿان، ڪڏھن ڇولين جي سيني تي، ڪڏھن ته سمنڊ جي ترَي ۾ مرجان ڳوليندو وتندو ھوس.

منھنجي چلولي طبيعت ۽ جوانيءَ جي رنگين نظرين مون کي ھڪ ھنڌ ٽڪاءَ ڪرڻ نه ڏنو. ملڪ ملڪ مان ٿيندو، ھڪ اھڙي ملڪ ۾ اچي نڪتس، جتي بس مون سان ڪِيس ٿي ويو. منھنجي ڪچڙيءَ وھيءَ کي ڄڻ ته ڪنھن مُٺ ۾ نپوڙَي، لڳڙو ڪري ڇڏيو. زندگيءَ جو نچڪو ٽپڪو، جيڪو بُل پيو ڏيندو ھو، تنھن جو ڄڻ ته ڪرنگهو ڀڃِي، ڪنھن لولو لنگڙو ڪري وڌو. حياتيءَ جو ھڳاءُ ۽ زندگي جي سرھاڻ سڀ چوسجي ويئي. اربين اٺسٺا، ڪروڙين تمنائون، ھزارين ذھني تجويزون سڀ دٻجي دفن ٿي ويون. مون لاءِ دنيا ئي مري ملياميٽ ٿي ويئي.

وچ آفريڪا جا گهاٽا اونداھا جهنگل، ڌٻڻين وارا ٻيلا، نانگ بلائون ۽ اجگر. گوريلن جھڙا شيدي، ڪارا رڏ، اڇيون عقابن جھڙيون اکيون، ڪِينئنِ جھڙا وار، قئي پيئي اچي. راتو رات ٻَڌي کڻي قيد ڪيائون. ڊپ ۽ ڏَر کان اک نه کُلَي، ”ھنا-ھو!“ جا آواز، نغارن جا رانڀاٽ، ڀالن جا کڙڪا، ھنيانءُ پيو ڦَرڪَي.
ننھن چوٽيءَ ننگا، ڪٽاريون ھٿن ۾. جان کڻي ڏسان ته سڀ عورتون، مرد ھڪ به نه. ھوش اڏامي ويم. عجب جھڙا آواز ٿي ڪڍيائون. ننڍڙا دڦ ٿي وڄايائون. ٿُلھي گَگَهي آواز ۾ ڳائي، ڳائي نچڻ لڳيون. خنجرن ۽ ڀالن سان مون کي ڌِڪا ڏينديون گھلينديون ھڪ غار ۾ آيون. اتي ڪن ڪمزور مردن کي ڏٺم، جي ٻارن جي ولرن سان، ھيڏن سارن جانورن کي، کلن سوڌو باھ ۾ پچائي رھيا ھئا. منهنجي ته کَل مان ٺڪاءُ نڪري ويا.
اھڃاڻن مان سمجهيم ته مون کي ضرور ڪُھنديون، نيٺ اھو وقت اچي ويو. شور مچائينديون، گوڙ ڪنديون، مون کي ھڪ مندر جھڙيءَ غار ۾ وٺي آيون. اتي ڀيم جھڙي ڏائڻ مورت زائفان جو وڏو بوتو ٺھيل ھو. ان جي اڳيان ڏٺم ته رت جا گِيھا لڳا پيا ھئا. ٻه ڄڻيون نينگريون ڀُوتڻيون، ڪٽاريون کنيون بيٺيون ھيون. ھڪ ڄڻيءَ ڳٿڙ کان جهلي، بوتي وٽ آندو. رڙ ڪري بيھوش ٿيڻ وارو ھوس ته ھڪ مَم جھڙي ڪُراڙي ڏائڻ اچي مون کي ڳراٺڙي پاتي ۽ ھڪ ٻڪري کي ڪٽار ھڻي اتي ڪٺائون. پوءِ ته ناچ گاني جو ھنگامو مچي ويو.
مون کي بعد ۾ اھو معلوم ٿيو ته اھو بوتو ماتا ديويءَ جو ھو، ساٺ سَوڻ ڪري مون کي ھن ڪُراڙيءَ مَم جي حرم ۾ داخل ڪيو ھئائون. مون کي ته ڏندڻ پئجي ويا. چيم خدايا ٻَڪر ھجان ته چڱو، ھڪ وار ڪسجي وڃان ھا، يا عمر جھنم جو عذاب ته نه ڏسان ھا. ڪيئن ھن ڪُراڙي کوڳ سان عشق ڪندس!

ان مھل پنھنجي سنڌ ديس کي ساريم. پاڙي واري رئندڙ نازنين ياد پيم، جنھن کي سٺ ورھين جي پوڙھي سان ٿي پرڻايائون. الا! جي ھينئر منھنجي روبرو ايئن ٿئي، ته سڀني جا ميڄالا ڀڃي پوڙھي جو نرگهٽ پٽي، ان نازنين کي جيئدان ڏياريان. ويچاري شاديءَ جي ڦَنڊر ٿي، مون وانگر ڪُسجڻ لاءِ تيار ٿي هوندي، ڪنوار ٿيڻ لاءِ نه. ائين ڀائنيم ته ان نازنين کي به نڪاح وقت اھڙائي ڀوائتا جهنگلي، اگهاڙا نرلڄا انسان نچندا ۽ واڄٽ ڪندا نظر آيا ھوندا.

گهڙي نه گذري ته ڏندري ڏائڻ مون کي وٺي پنھنجي ڀونگڙي ڏي ويئي. ڪاري رڏ، چپ پيا لڙڪنس، ھڪ بڇڙي ۽ ڀوائتي، ٻيو اگهاڙي، سڄي گُهنج گُهنج. منجهائنس ڌپ ٿي آئِي. چپن جو ڊول ٺاھي، پيلا ڏند ڪڍِي کڻي چمي ڏنائين. لِڦ جھڙي لِڳڙي بدن ۾ کڻي جهليائين. مون سان ڇاڇا نه ڪيائين. ڪپڙا ڦاڙيائين، لِڱ ڦاڙيائين، دل ڦاڙيائين، ڇِيھون ڇِيھون ڪيائين.

ٻڌو ھئم ته ’وقت‘ ڦَٽ جو ملم آھي. پر ھت ته ويران وير وَڌ ھئي. جڏھن منھنجي جوانيءَ کي اڀاري نه سگهي، تڏھن موچڙو کنيائين. ھڻ جو لٺ ته رت ۾ ڳاڙھو. نه ڌڻي نه سائين، پنھنجا ڇڏَي، وڃِي پراون ۾ پيو ھوس.

ھار مڃِي لڄِي ٿيڻ بدران، اٽلو مون تي ٺڪر ڀڃڻ لڳي. چي، ”ھھڙو تھڙو، گهر سان سچو نه آھي، ضرور ڪٿي اک اڙي ھوندس.“ مون واري سَس ۽ ساليون به اچيون چنبا ھڻن ۽ ڀونڊا گهروڙي ڏين. چي، ”ڪاريءَ تي پير پيوسون، جو پنھنجي وسن جھڙي مومل جو ھِن نڀاڳَي سان پلئہ اٽڪايوسين!“

منھنجي زال کي صلاح ڏنائون ته ڪُھينس، پر ھن پوڙهيءَ کوڳ جو مڙئي ڪو مون تي ھرک ھارجي ويو ھو، سا آنا ڪانا ڪرڻ لڳي. نيٺ مون واري سالي تيار ٿي ته مان ٿي ڪُھانس.

ڪاوڙ ته ڏاڍي لڳيم، ھيءَ ٽياڪڙ ڪير.. پر ھوءَ چوي غيرت جو سوال آھي. مون کي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. پنھنجي پياري ديس ۾ مون ايئن ڪڏھن نه سوچيو ھئو ته زائفن کي به غيرت ٿيندي آھي، ۽ ھُو به مڙسن کي ڪارو ڪري ماري سگهن ٿيون.

ھڪ رات وجهہ وٺي کڙي کنيم. نو عمر بلڙو، اڻڄاڻ، پتو نه پوي ته ڪاڏي وڃان. مٿان وري بادشاھي زائفن جي، جتي جيڪا مليم، سا کڻيو قابو ڪَريم. ڄڻ ته مان انسان نه، پر بي جان ڪسرت گاھ ھئس. منھنجي جسم جو ذرو ذرو لُٻَي ڇڏيائون. پاڻ کان بڇان اچڻ لڳم.

ٽڪن تي وڪامجڻ لڳس. مٿان وري قھر اھو ٿيو، جو معاملو برداريءَ ۾ پيش ٿيو. اوڙي پاڙي جون سردارڻيون پڳڙ ٻڌي گڏ ٿيون. مون کي موچڙا ھڻي اصلوڪيءَ زال جي حوالي ڪيائون.

خدا خدا ڪري منھنجي گهر واري، جا ھونئين قبر جي ڪنڌيءَ تي ھئي، مري پئي. مون لک شڪرانا بجا آندا. پر اچي ٻيو ممڻ متو. سندس ننڍيون وڏيون وارثاڻيون اچي اٽڪيون ته ھن جوان تي حق منھنجو آھي. ڄڻ ته مان ڪا مُلھ ڳِڌي وستو ھئس. نيٺ مون کي به ورھائي کنيائون، جنھن ساليءَ جي حصي ۾ آئون آيس، تنھن مون کي وڪڻڻ چاھيو، پر مون کي ڪو وٺي ڪونه! پوڙھيون پوڙھيون، جي پاڻ چار چار مڙس رکيو ويٺيون آھن، سي به کڻيو نڪ چِٻو ڪن، چي ”ڪنوارو ٿوروئي آھي، نه مائي نه.. ڪير وٺندو!“

مون کي ته باھ وٺي وئي، پاڻ ڪھڙيون ڪنواريون ھيون. ھار سينگار ڪريو لوفرن وانگر ويچارن شريف گهر ويٺل لڄاڙن ڇوڪرن کي خراب به ڪن، ۽ مٿان چون ته ھيءُ ڇورو خراب آھي، اسين نه وٺنديوسين! پوءِ به سڀڪو پيءُ، ڏاڙهي ٽنگيون پيو اھڙين لوفرياڻين کي منٿون ڪري ته اسان جو نينگر قبوليو. منھنجو شان ھيءَ بي عزتي برداشت ڪري نه سگهيو. ڪو ويچارو معصوم نينگر ھڪ وار ڀُلجي پيو ته عمر لاءِ ڇٽو! پاڻ ڀيري ٻٽاڪ پيون ھڻنديون ته اسان سان ھيترا ڪي ھيترا ڇوڪرا ٺھيل آھن. ڀلا جي ھڪ ھڪ کي سريت ھوندا ته ڪھڙو ڇوڪر بچيل ھوندو؟ ڪَن به پاڻ ته پڏرن به پاڻ! ڪھڙو نه ملڪ جو انڌو رواج ھو. جھنگلي ڪنھن جاءِ جا، مون کي ته ھن ملڪ جي ماڻھن تي جُوجڪيون ٿي آيون. چيم ته چُوچڙي ڏيئي کڻي ساڙيانِ! منھنجو مٺڙو ملڪ… مان چپ ٿي ويس. منھنجا لِڱ ڪانڊراجي ويا. ھن جهنگلي ملڪ جون زائفون ته ھيئن چونديون ھيون ته اسان ٻَنِي آھيون ۽ اسان کي حق آھي ته پنھنجي پسند جو سٺو ۽ سھڻو ٻِج وٺون. منھنجي ملڪ جي مَڙدن کي ڪھڙو عذر ھو؟ منھنجو ڪنڌ ھيٺ ٿي ويو!

ھڪ منڊڙيءَ گابو ڏئي مون کي خريد ڪيو. کيس سَڱ نٿي مليو. سدائين مون کي چوندي ھئي ته، ”ڏس ته مان ڪھڙي نه پھلوان آھيان… مون ھيئن ڪيو، مون ھونئن ڪيو!“ مون کي به ھمت نه ٿئي جو کڻي چوانس ته ڪَسيرو به ڪونه لھين، يا کڻي سندس وِڏ جو ذڪر ڇيڙيان. پاڻ ڀيري مون کي اٿي ويٺي پئي لوئيندي ھئي، چي، ڪو کر نه اٿيئي، ڪو لڇڻ ئي نه اٿئي..! ڄڻ ته مون کي نڪا دل ھئي، نڪا پنھنجي عزت.

ٻيھر ڀڳس. ساڳي ڪار، جنھن جي ھٿ چڙھان، سو چار ڏينھن رھائي وڪڻيو ڇڏيم. انڌير ننگري ھئي. ڌڪا ٿاٻا کائيندو، ڍورن وانگر وِڪامندو اچي ھڪ نئين قبيلي ۾ نڪتس. اتي جي سردارڻ جان تان چڱيري ننڍي نيٽي ھئي. ھن کي مان وڻي ويس. کڻي نڪاح ۾ آندائين. مان ته رُلي رلي ٿَڪو ھئس، بغاوت ۽ ڪشمڪش ڇڙھيون ھڻي مري ويئي. مٿي ڇانوَ ڪري ويھي رھيس.

ھوريان ھوريان منھنجي به دل ساڻس ٻجهي ويئي. ھيترين سارين ڪارين ڀوتڻين ۾ ھوءَ مور ھئي. مون کيس خوش رکڻ جي ھر ڪا ڪوشش ڪئي، ڪين گهٽايم. ماني پچائڻ، ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ، پاڻي ڀرڻ، جَوءِ جا پگهر ھاڻا سِنگهن لڳل ڪپڙا ڌوئڻ، رات جو کيس زور ڏيڻ. سڄو ڏينهن هڏ هڻندو هوس. تڏهن به هُوءَ مهڻو ڏيئي ڪڍندي هئي، چي ”گهر ويٺي کائو!“ اندر ۾ وَڍ پئجي ويندا ھئم. پيار جو اھو قدر ڏسي روئي ويھندو ھوس.

ڪڏھن کڻي ناز ڪيم ته مون کي به شڪار تي وٺي ساڻ ھل! ته نٽائي ڇڏيندي، مورڳو ڇڙٻ ڏيئي ڪڍندي. بس! ان مھل دل ٽڪر ٿيندي ھئم. ڀلا ڪيئن سمجهان ته ھن جو پيار سچو ھو.

پاڻ ڀيري ڳالھين ڪندَي، ڳالھ ڪندِي، ”فلاڻو ته ڏس ڪھڙو نه ٺاھوڪو جوان آھي!“ ڪڏھن وري پنھنجي ننڍي ھوندي جي عشق جو ذڪر ڪندي ھئي. ھاءِ الله! نٿي ڄاتائين ته منھنجي پيار ڀريءَ دل تي ڪيڏا نه زخم ٿي ڪيائين. مان گگدام ڀلا ڇا ٿي چئي سگهيس! منھنجي جذبن جو وٽس ڪسيرو به قدر ڪونه ھو. جنسي مُڱ ٿي ڏريائين. ساڙ ۾ پڄرندي مون به ھڪ لڱا چئي ڏنو مانس ته ،”تنھنجي فلاڻي ساھيڙي ڪھڙي نه ٺاھوڪڙي آھي!“ ڪاوڙ ۾ ڪاراٽجي ويئي، لٺ کڻي اچي ورتائينم. ڏاڍا ويڻ ڪڍيائين ۽ ڍيڪ ڏنائين. روئي، روئي کڻي چپ ڪيم. ڪيئن نه پنھنجي ملڪ ۾ اسين مڪمل آزاديءَ سان زالن جي زخمن تي ائين لوڻ ٻُرڪيندا ھئاسين.

سال گذري ويا، ڪئين ٻار ڄاوم. کٿو نٿي پڳس. ڏينھن جو ھڏ هڻڻ، رات جو اوجاڳو ٻارن جو روڄ ۽ راڙو. مٿان بيگم صاحبه جو مزاج رکو ٿيڻ لڳو. ڳالھ ڳالھ تي چِڙڻ، کُھرو ڳالھائڻ، گهر ڇڏي وڃڻ، مان ته منجهي پيس. تيئن ڪم تي زور رکيم. وقتي زال جي دل وٺڻ جا جتن ڪيان ته ٽوڪ ھڻيم. چي ”ھن عمر ۾ نخرا!“ ڄڻ ته پاڻ مون کان ننڍي ھئي.

پتو تڏھن پيو جڏھن ھڪ ننڍَي نيٽَي نينگر سان شادي ڪري آئي. بس اھا رات مون لاءِ قيامت ھئي. ماندو ماندو پي ٿيس. اکين آڏو منھنجي دل گُهري زال ٻئي سان سيج تي ويٺي آھي!

مٿان ٿي ڪِريس. پاڻي وجهي ٿي ڏندڻ ڀَڳائون ۽ سھرا به ڳائيندا ٿي آيا. ھُجي ھا پنھنجو ملڪ ته سيج تي گلن بجاءِ ٻه لاشا ھجن ھا!

ڏينھن اھو ٿيو، مان نئين نينگر جو مُلھ ڳڌو نوڪر ٿي پيس. ھئو ته ھڪ ٿڦڙ جو کاڄ، پر منھنجو اندر کاڌو پيو ھو، روح ۽ جذبن کي ڪنڍا لڳل ھئم، ھٿ سان سينگار ڪرائي وڃي کيس زال اڳيان ويھاريندو هوس.

منھنجي ٻارن لاءِ به آزار مچي ويو، سارو ڏينھن موچڙن ۾. کين ڌارئي ھٿان ڪُٽبو ڏسي ھنيانءُ پيو گهٽبو ھئم، ڇوڪرا نوڪر بڻجي ويا. ڇوريون پاڻ زوريون لوفرن وانگر رُلنديون ٿي وتيون. مان به اچي پوڙھو ٿيس. ٿُڪ لعنت پئي وسيم. ھيڻا ھَڏ، ڪم نه اچيم ته ٽُڪر نه مليم. ڇوريون ٻہ ٻہ مُڙس ڪري ھليون ويون، مون کان پڇيائون به ڪونه. باقي ويچارا ٻه ڇوڪرا، منھنجي حال تي ڳوڙھا ڳاڙي بس ڪيو ويھن. چيم ته ڪنھن چڱي ھنڌ سندن سَڱ ڪيان، پر منھنجي زال کڻي اکيون ڦوٽاريون. چَي، ”مان سردار، اھو منھنجي شان وٽان آھي، جو مان نينگرن کي اٿاريان!“ منھنجا ته تاڪ لڳي ويا. رت جو ڍُڪ ڀري ماٺ ڪري ويٺس.

منھنجو وڏو ڇوڪر ته جواني کائي ويو. اچي پريا پيس. ننڍَي ته ھڪ ڏينھن روئي اچي ڳراٽڙي پاتم. دل جو حال ڪري ڏنائينم ته فلاڻِي مون کي ڇڪي پيئي. مون به کيس ڀڄائي ڪڍيو. منھنجي زال اچي ڪاوڙي ته منھنجو نڪ وڍجي ويو. مون کي پئي کِل اچي ته ڇوڪرو جواڻ جماڻ، وڃي شادي ڪيائين، ھن پوڙهيءَ رن جو ڪھڙو نڪ وڍيو! چڱو ڪيائين، وڃي گھر ٺاھيائين. ھا البت، اسان جي ملڪ جي ڪا ڇوڪري ڀڄي وڃي ته… واقعي نڪ ڪپجي وڃي… مان ڪياڙي کنھڻ لڳس.

ھڪ ڏيھن منھنجو وڏو نينگر رئندو اچي پيرن کي چنبڙيم. چي ”ابا سيگهہ ڪر ڀڄ! امڙ کي خبر پئجي ويئي آھي ته تو ادَي کي ڀَڄايو آھي. ڪھاڙي کنيو ٿي اچيئي!“ منھنجو من جھڄي پيو. پُٽڙي کي نرڙ تي چمي ڏيئي کائنس ھميشه لاءِ جدا ٿيس.

پوڙھو کک ٿي ويو آھيان، ستر سالن جو. چمڙو پيو لڙڪيم. ڳل پيھي ويا اٿم، ڀرون اڇا، در در جون ٺوڪرون کائيندو وتان. پنھنجي اولاد کان جدا. ڳوڙھا به سُڪي ويا اٿم. پيشانيءَ تي ھٿ رکيو، لٺ کنيو دور دور ڪنھن کي پيو ڳولھيان. پاروٿو ساروٿو پِن جو ٽُڪر ڪڏھن ميلم، ڪڏھن نه… اھو آھي پڇاڙيءَ ۾ حال. ٽُڪر ڳڀي لاءِ دڙڪا، ٿاٻا ۽ ڌڪا. جنھن ٻار پيدا ڪيا ۽ پاليا؛ جنھن سڄي عمر پيار ۽ خلوص سان خدمت ڪئي؛ جنھن پنھنجي سونھن ۽ عصمت ڏني؛ جنھن ڏک سک ۾ ڳوڙھا ڳاڙي صبر ۽ شڪر ڪيو؛ جنھن پنھنجو خون انساني گُلڙن کي پياريو؛ ڇا ان لاءِ سندس پنھنجي ملڪ ۾ ۽ پنھنجي جيون ساٿيءَ وٽ به جاءِ ڪانھي…! ملڪ جي مٽيءَ جو ذرو ذرو سندس خدمت ڪري ته به ھن جي ڳڻن جو بار لاھي نه سگهي.

ملڪ جو خيال ايندي، منھنجي دماغ ۾ جوالا ڦاٽي پيو. نه نه! منھنجو مٺڙو ملڪ اھڙو ڳڻ چور نه آھي، ستر ورھين ۾ ضرور مَٽيو ھوندو. ڪو جهنگلي ڀوتن جو ملڪ نه آھي. منھنجي ملڪ جي مڻيادار ماڻھن ضرور ڪُوپن وانگر ڪنڌ به ڪپائي پنهنجين گگدام مائرن، ڀينرن ۽ نياڻين جا نيَر ٽوڙيا ھوندا. پر جي نه، ته…… منھنجون پوڙھيون نسون ڦُنڊجي پيون. ھزارن ڪوھن تان ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهيس! نشتر ھڻي رت ڪڍيم. رت جي ڌار سان ھيءُ پيغام لکيم. ”جي توھان تائين پھچي وڃي ته پوڙهي جي رت جو قدر ڪجو! مڙس ٿجو! “

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close