ڪانءُ ڳَيرَي کان ٿورڙو زبرو ۽ روبسٽ پر ڀوائتو ڏيک ڏيندڙ ڪارَي رنگ جو پکي آهي، جنهن جون سوين جاتيون دنيا ڀر ۾ موجود آهن پر سندس جنم ڀومي ايشيا جي ڪجهہ ملڪن جھڙوڪ پاڪستان، انڊيا، سريلنڪا، مالديپ، نيپال، ٿائيلينڊ، بنگلاديش ۽ ايران کي مڃيو وڃي ٿو. لڳ ڀڳ چاليھ سينٽي ميٽر سائيز جي هن پکيءَ جو مٿو، پڇ، چهنب، مظبوط ٽنگون ۽ چنبا وغيره هر شي ڪاري رنگ جي ٿئي ٿي، جڏهن ته رڳو سيني، ڍڍ، مٿي ۽ ڪنڌ جو چڱو حصو ڀُورڙو ٿئي ٿو.
ڪانون جي ايوريج عمر ستن اٺن کان پندرهن ويھ سال ليکي ويندي آهي.جڏهن ته چاليھ پنجيتاليھ سينٽي ميٽر (پندرنهن ارڙهن انچ) ڊگهو ۽ 190 کان 327 گرامن تائين وزن ٿئي ٿو. پکين جي دنيا ۾ هي جاندار تمام خطرناڪ ۽ چالاڪ ترين ڀانئيو ويندو آهي، جنهن جون نظرون باز وانگي تيز ۽ ڪن گهڻو حساس ٿين ٿا. انسانن سان اصلي ڪونہ ٺهي، بلڪہ انهن سان خار کائيندو آهي، ايتري تائين جو رهي به انهن جي گهر ۾ پر پٺيان ڪان ڪان جي باهوڙ به سچو ڏينهن گهر جي مالڪ تي هوندي اٿس.
ڪانون ۾ ٻڌي به گهڻي ڏٺي وئي آهي جو ڪنهن به امڪاني خطري تحت اهي ڪائين ڪائين جون اڀ ڏار دانهون ڪندي ڪجهہ گهڙين ۾ پنهنجي جاتيءَ جا سوين ڪٺ ڪٺا ڪري وٺندا آهن. انهن جا ڪن ايترا ته حساس ٿين ٿا جو ڪيئي ميل پري کان پنهنجي ساٿين جون رڙيون ٻڌي سندن مدد لاءِ پهچي ويندا آهن.
ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪانءَ پنهنجي دشمنن، خاص شين ۽ واقعن کي پڻ هميشہ ياد رکندا آهن.
ڪانءُ کائڻ پيئڻ ۾ سادو آهي، جيڪو مليس سو کائي ويندو آهي. ڪانءُ هر قسم جو پڪل اناج کائي ويندو آهي ته گوشت جو به شوقين آهي ايتري تائين جو ٻارڙن ۽ ماڻهن جي هٿن مان بسڪوٽ، ماني، برگر وغيره به ڦُري ويندو آهي.
منهنجي فارم هائوس ۾ نه رڳو گهمندڙ ڏيڏرن ۽ ڏيڏرين کي پر بربلن، جهرڪين ۽ ڦوسڙين جا آنا بچا به زوري کائي ويندو آهي، ان لاءِ هي ڪارو پکي مون کي ٺڦ ڪونه وڻندو آهي. هڪ واري ڏٺم ته ماڪڙ کي شوق سان پيو کائي، کير به پيئي، ته ڏهي به کائيو وڃي ۽ ڪيڙا ماڪوڙا، ميوا به مزي سان کائيندو آهي.
ڪانون کي عمومن گهڻو چالاڪ پکي سمجهيو ويندو آهي، پر ڪانوَ جي ڪاوڙ اَڪمَڪڙي واري ڳالھ درست آهي جو بزدل پکي هئڻ سبب ان جو ڪروڌ جو شڪار ڪمروز جيو پکي جانور ٿيندا آهن.
منهنجي فارم هائوس ۾ ڪانوَن کي پنهنجي آکيرن، آنن ۽ ٻچن کي بچائڻ لاءِ ڳيرا به ڀڄائيندا وتندا آهن. نه رڳو ڊڄڻو، پر بيوقوف ۽ احسان فراموش پکي پڻ آهي، جو مان سندن آکيرن مان ڪريل ٻچن کي تيار ڪري جڏهن سندن حوالي ڪندو آهيان ته احسان مڃڻ بجاءِ هنياءُ ڏار ڪوڪون ڪندي حملو ڪرڻ کان به ڪونه گهٽائيندا آهن.
عمومن پکين کي سادو سودو سمجهيو ويندو آهي پر ڪانءُ پنهنجي ذهانت سان کين حيران ڪندو رهندو آهي جو هن پکي تي تحقيق ڪندڙن جو خيال آهي ته ”ڪانءَ نفس تي ضبط ڪرڻ جون مشقون ڪندا آهن، کيڏڻ کين پسند آهي.“ ڪانوَن متعلق تحقيق ڪندڙن جو خيال آهي ته ”اهي پنهنجي ضرورت جا ڪئي اوزار پڻ ٺاهن ٿا، ذخيرو ڪن ٿا ۽ پنهنجي بچن ۽ خاندان جي حفاظت به سٺي طرح ڪن ٿا، ته هي واحد پکي آهي جيڪو پنهنجي دل ۾ هر ساهواري لاءَ ڪروڌ ۽ ڪينو پڻ پالي ٿو“
تحقيق واري ڳالھ سان
گهٽ ۾ گهٽ مان سهمت آهيان، جو منهنجي فارم هائوس ۾ جيڪي پيالا مون پکين جي پاڻيءَ وجهڻ لاءِ رکيا آهن، انهن ۾ ڪانوَ گوشت جا ٽڪرا وجهي رکندا آهن ته جيئن گوشت ڳري يا ان مان ڌپ نڪري. ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ ڏيڏر ماري ان جي کَل لاهي رکي ڇڏيندا آهن، جنهن کي ٻئي ڏينهن پاڻي مان ڪڍي کائيندا آهن.
ڪانءُ انساني آبادين جي ويجهو رهڻ وارو پکي آهي، جيڪو وڻن جي مٿاهين ڏارين تي پنجاھ سٺ تيلا سنهيون ڪاٺيون رکي جھڙو تهڙو آکيرو جوڙي ٿو، جنهن ۾ هن جون ماديون ٽي کان ڇھ آنا لاهينديون آهن، جن جي حفاظت ٻچڙا ڦٽڻ ۽ اڏرڻ جھڙا ٿيڻ تائين نر مادي گڏجي ڪندا رهندا آهن. ايتري تائين جو ڪنهن به نقصان ڏيندڙ جاندار سان ٺاهوڪو مهاڏو اٽڪائي کيس ڀڄڻ تي مجبور ڪندا آهن، چاهي اهو هنن کان گهڻو طاقتور باز هجي يا ڪا ٻلي. جڏهن سندن لاڳ ۽ آنا ڏين جي موسم ايندي آهي ته منهنجي فارم هائوس ۾ منهنجو ۽ منهنجي ٻارڙن جو گهمڻ گهتڻ وھ ڪري وجهندا آهن، جو ڪان ڪان ڪندي جهپٽا ۽ لامارا ڏئي مٿي تي پيا ٺونگا هڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. وري توبھہ جو سندن ٻچڙو آکيري مان ڪِرِي پوي، جيڪي اڪثر ڪِري پوندا آهن، پوءِ ته رڙيون ڪري سوين ڪانوَ ڪٺا ٿي هر قسم جي جهيڙي يا حملي لاءِ ڄڻ تيار لڳندا آهن.
هر سال منهنجي فارم هائوس ۾ ڪانءَ جام آکيرا ٺاهي آنا لاهيندا آهن جن ۾ ٻڄڙا ڦٽي نڪرڻ کان پوءِ اڪثر آکيرن مان هيٺ ڪري پوندا آهن، جن کي مان کڻي انهن جي خدمت ڪندو آهيان، انهن کي چانھ ۾ ٻوڙيل ماني ۽ ڀاٺي ۾ پچائي ڪٽيل بيھ به ڏاڍا وڻندا آهن. انهن کي ان اناج کارائي جڏهن اڏاري ڇڏيندو آهيان ته پوءِ جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ ، پر پالڻ واري ان وچ جي عرصي ۾ انهن مان ڪجهہ ڪانوءَ مانوس به ٿي ويندا آهن، جن سان دال روٽي جي ونڊ کائڻ سان گڏ گهمڻ گهتڻ، ڪچهريون ڪرڻ ۽ سيلفيون ڪڍرائڻ جا مرحلا پڻ جڙندا رهندا آهن.