رني ڪوٽ: اڏاوتي دنيا جو هڪ بي مثال نمونو ۽ هڪ شاندار قلعو

آصف رضا موريو

رني ڪوٽ جو تعارف

سنڌ جي جابلو سلسلن ۾ موجود رني ڪوٽ نالي عظيم قلعه بندي ايراضيءَ جي لحاظ کان دنيا جو ٻيو نمبر وڏو قلعو آهي. ان قلعي جي ٽوٽل ايراضي تقريبن ارڙنهن چورس ميل آهي، جنهن منجهان ميداني علائقي جي ايراضي 8 کان 9 چورس ميل يعني 16000 ايڪڙ جي ويجهو ٿئي ٿي، جنهن مان قريبن 1500 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين زراعت جي لائق آهي. رني ڪوٽ جي ڊيگهه ساڍا پنج ۽ ويڪر ساڍا ٽي ميل ٿيندي. قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چار مختلف دروازا آهن جيڪي بهترين ڪاريگريءَ ذريعي اهڙي ڳجهي انداز ۾ تعمير ڪيا ويا آهن جو ڪنهن اڻ واقف جي انهن تائين پهچ ڏکي ٿيندي آهي. قلعي جي ڀتين جي تعمير چُوني جي پٿرن جي چوڪنڊي ٽڪرن سان ڪئي وئي آهي، جنهن تي ڪجهه مفاصلي تي گول ۽ مستطيل ٿنڀا ۽ مينار پڻ ٺهيل آهن.

ان علائقي ۾ رني ڪوٽ جي اڏاوت سنڌي حڪمرانن جي اعلٰي ذوق، ذهني ڏاهپ سان گڏ تعميراتي سونهن ۽ باڪمال هنرمندي جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي جيڪو تعميرات جي دنيا ۾ قدامتي اعتبار سان گهٽ عمر وارو سهي پر هنرمندي، جوڙجڪ، آرائش، حسن ۽ خوبصورتي جي لحاظ کان سموري دنيا ۾ موجود قلعن، ڪوٽن يا عمارتن ۾ اولين ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته ان قلعي جي تعمير حيرت ڀري ۽ دل لُڀائيندڙ آهي.

رني ڪوٽ جو اهو قلعو کيرٿر جي مٿاهين تهن تي تيار ٿيل آهي. جابلو سلسلي تي تعمير ڪيل ان قلعي جي 25 ڪلوميٽر ( 15 ميل) ڊگهي ڀتين جا بڻياد تمام گهڻا مضبوط رکيا ويا آهن. خوبصورتيءَ سان تراشيل پٿرن ۽ چوني جي گاري سان تيار ٿيل اهي ڀتيون کيرٿر جي ننڍين وڏين جابلو ٽڪرين، ندين، نالن، رستن، درن ۽ لڪن وغيره کان ڪر موڙيندي، وڪڙ کائيندي اڀرندي ۽ لهندي، تقريبن پندرهن کان ارڙهن چورس ميلن جو مستطيل گهيرو ٺاهيندي هڪ ٻئي سان اچي ملن ٿيون. قلعي جون اهي ڊگهين ٻانهن جهڙيون ڀتيون ڪڏهن بلند ٿي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ وارو ڏيک ڏين ٿيون ته ڪٿي وري هيٺاهينءَ وارين کاهين ۾ نانگ جيان ور وڪڙ کائيندي نظر اچن ٿيون. پري کان ڏسندڙن کي اهي ڀتيون ننڍن وڏن حصن ۾ ٺهيل جابلو ٽڪرين تي مٿي مارچ ڪندي ۽ هيٺ وادي ۾ لهندي نظر اينديون آهن.

اسان جي ڪيترن محققن رني ڪوٽ کي (18 ميلن جي حساب سان) پکيڙ ۾ دنيا جو سڀ کان وسيع قلعو قرار ڏنو آهي، پر جيڪڏهن ان جي ڊيگهه 18 ميل مڃجي تڏهن به ان کي دنيا جو ٻيو نمبر وڏو قلعو سمجهبو ڇاڪاڻ ته 500 سال اڳ راجپوتانه جي راجا کمڀا راجسٿان ۾ افغاني مسلمانن جي پنهنجي رياست تي حملي کي روڪڻ لاءِ اراولي جبلن تي هڪ قلعو تعمير ڪرايو هو جنهن جي ايراضي 24 ميل چورس هئي جنهن کي تاريخي ڪتابن ۾ ديوارِ هند جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ اهو رني ڪوٽ جي قلعي کان 6 چورس ميل وڏو آهي.

◼️رني ڪوٽ جي نالي سان لاڳاپيل قياس آرائيون

کير ٿر واري جابلو سلسلي ۾ سوين ڳوٺ آباد آهن، انهن مان رني ڪوٽ جي ويجهو رهندڙ آبادين ۽ تاريخدانن هن قلعي کي مختلف نالا ڏنا آهن. ڪجهه ماڻهن ان کي ’رني ڪوٽ‘ يعني عورت جو ڪوٽ چون ٿا. مقامي زبان ۾ ’رن‘ عورت کي چيو ويندو آهي. هڪڙو ڌڙو ان کي ’رني ڪوٽ‘ ان ڪري سڏيندو آهي جو ’رن‘ هندي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ رڻ پٽ يا بيابان کي چيو ويندو آهي يعني اهڙو ڪوٽ جيڪو بيابان يا رڻ پٽ ۾ موجود هجي. اهڙي طرح ڪجهه محقق ان کي راڻي ’مهاراڻي‘ جو ڪوٽ پڻ چون ٿا. جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي لکڻين ۾ ان کي علي آباد پڻ لکيو آهي. اصلي سنڌي زبان ۾ رني، روناءِ، ريني، ران يا رين جهڙا لفظ ٻولي يا لغت جي هڪڙي ئي خاندان سان تعلق رکن ٿا، جيڪي مطلب ۽ مفهوم جي آڌار پاڻي جي ذخيري يا وهڪري واري ماڳ سان نسبت رکن ٿا.

سنڌ جي جابلو سلسلن ۾ وهندڙ ننڍين وڏين ندين جا نالا به علائقائي ٻولين جي حساب سان رکيا ويندا رهيا آهن، موجوده رني ڪوٽ جي قلعي جي اندر اڄ به ’رن‘ يا ’رني‘ جي نالي سان هڪ ننڍو واهه وهي ٿوجيڪو قلعي جي ٺهڻ کان اڳ پڻ اتي موجود هوندو هو، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته قلعي جو نالو به ان پٺيان رني ڪوٽ رکيو ويو هجي يا وقت گذرڻ سان گڏو گڏ مقامي آباديءَ اهڙو نالو ڏنو هجي ڇاڪاڻ ته گهڻن علائقن ۾ نالن جي عوامي حيثيت الڳ هوندي آهي جيڪا حاڪمي روايت کان وڌيڪ عام آبادي جي زبان ۽ تهذيب جي ماتحت هوندي آهي.

◼️رني ڪوٽ جي جوڙ جڪ

سنڌ جي اتر اوڀر ۾کير ٿر جابلو سلسلو موجود آهي جنهن جي اوچائي 4 کان 5 هزار ڦٽن تائين آهي. اهو سمورو علائقو پنهنجي هنج ۾ ڪيترائي بي بها معدني خزانا ۽ انساني تهذيبن جا شروعاتي آثار ڀاڪر ۾ اوتيون ويٺو آهي. انهن جابلو ٽڪرين تي رني ڪوٽ ڪنڌ کنيون ڪنهن هوشيار محافظ وانگر سينو تاڻيو بيٺو آهي. هي قلعو حيدرآباد شهر کان تقريبن 76 ميل، حيدرآباد ٽول پلازه کان 120 ڪلوميٽر ۽ ڪراچي کان 262 ڪلوميٽر پرڀرو آهي. قلعي جي ويجهي اهم انساني آبادي سنڌ جي عاشق محترم سائين جي ايم سيد جي عزت ڀري جنم ڀومي “سن” شهر آهي. سن شهر کان قلعي طرف وڃڻ جي لاءِ هڪ ٽٽل ڦٽل، ڪچو ۽ اڙانگو رستو موجود آهي جنهن کي رستو چوڻ به مناسب ڪونه ٿيندو جيڪو سن اسٽيشن کان ڏکڻ اوڀر 18 ميل پري آهي. توڙي جوهي مفاصلو گهڻو ڪو نه آهي پر رستي جي ناهمواري ۽ زبون حاليءَ ڪري اهو ڳچ وقت ۾ طئي ٿئي ٿو.
رني ڪوٽ کير ٿر جي ڊگهي جابلو سلسلي جي لڪي جبل مٿان ٺهيل آهي جنهن کان سنڌوندي تقريبن 18 ميل پري وهي ٿي. سنڌ جو مشهور جبل “ڪارو ٽڪر” ان ڪوٽ جي اتر کان ڏکڻ طرف قدرتي طور تي ان جي اولاهين سرحد بڻيل آهي جڏهن ته لنڊو جبل پڻ قلعي جي اتر پاسي کان حد بندي جو ڪم ڏئي ٿو.

◼️رني ڪوٽ جي اوچائي

تاريخي ڪتابن ۾ رني ڪوٽ جي تعمير سان لاڳاپيل وڌ ۾ وڌ مظبوط روايتون اسان کي ٽالپر حڪمرانن سان لاڳاپيل ملن ٿيون، جڏهن ته ڪجهه تاريخدانن ان قلعي جي تعمير کي ڪلهوڙن جي دور سان پڻ جوڙي رکيو آهي جيڪو صحيح ڪونه آهي ڇاڪاڻ ته ان قلعي جي وجود جو ذڪر ڪلهوڙن جي انهن حساس، محققن ۽ تاريخدانن جي ڪتابن ۾ ڪٿي به نه ٿو ملي جن جي نظرن کان سنڌ جون ننڍيون توڙي وڏيون تاريخي عمارتون نظر انداز نه ٿي سگهيون آهن. هونءَ به اسان وٽ ڪلهوڙا سلطنت جي دور جي تاريخي قلمبندي مڪمل صورت ۾ موجود آهي جنهن ۾ ڪٿي به ۽ ڪنهن به حڪمران سان هن قلعي جي تعمير جو ذڪر ٿيل ناهي.

ڪجهه محقق ان قلعي کي سنڌي حڪمرانن جي تعمير تسليم ئي نه ٿا ڪن. جڏهن ته ڪجهه مذهبي محبت يا جنون ۾ بغير ڪنهن مضبوط ثبوت ، دليل ۽ حقيقت جي ان قلعي کي عرب حملا آورن سان ڳنڍن ٿا. ڪجهه وري ان جي قدامت کي تاريخ کان اڳ ۽ گهڻا تڻا ان کي قبل مسيح کان به پراڻو ڳڻائڻ واري چڪر ۾ پنهنجو ذوق ۽ شوق کپائيندي نظر اچن ٿا. اهڙي طرح اڪثر محقق ان قلعي جي تعمير کي اليگزينڊر مقدوني کان وٺي مختلف حڪمرانن تائين ڀٽڪائيندا رهن ٿا. اهڙي قسم جون ڳالهيون انهن لکندڙن جي پنهنجي ذاتي راءِ ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته سنڌ مٿان حڪومت ڪندڙ گهراڻن ۾ ٽالپرن کان سواءِ ڪنهن به ٻئي حڪمران گهراڻي متعلق تاريخ ۾ ان قلعي جو ذڪر نه ٿو ملي.

مثال طور تي مان هتي انهن ڪجهه خاندانن جو ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو، جن ۾ مغل نواب، ارغون ۽ ترخان شامل آهن جن جو رڳو سنڌ جي وڏن شهرن تي قبضو هوندو هو، انهن کي سنڌو ماٿري جي ڳوٺن تي رڳو ايترو اختيار هوندو هو ته اتان کين چڱو خاصو ڏنُ ملندو هيو. خود انهن جي تاريخي حوالن ۾ ڪٿي به اسان کي اهڙن قلعن جي تعمير جو ڪوبه اشارو نه ٿو ملي. سمي حڪمرانن جي تاريخ به ان قلعي جي تعمير کان انڪاري آهي. سومرا حڪمرانن جي ڊگهي دور حڪومت دوران به انهن جي سرگرمين جو مرڪز لاڙ يا لاڙ وارو علائقو رهيو. انهن جي تاريخ به اهڙي ڪنهن قلعي بندي واري تعمير جي ڪابه شاهدي ڏيڻ کان لاچار بڻيل آهي.

اهڙي طرح سان موريا، يوناني، برهمڻ، اخمينين، ايراني، راءِ، ڪشن، هباري، عباسي ۽ اميه خاندانن جا تاريخي ڪتاب، مسودا توڙي سفرناما به اهڙي قلعي جي تعمير جي ذڪر کان وانجهيل آهن. ساسانين رڳو سنڌ تي 73 سال حڪومت ڪئي ان عرصي دوران سندن لاڙو اولهه بلوچستان کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ ۾ رڌل رهيو، ان لاءِ اوڀر بلوچستان جي سرحد تي اهڙي ڪنهن قلعي جي تعمير انهن لاءِ ڪنهن ڪم جي نه هئي. هونءَ به رني ڪوٽ جي معاملي ۾ انهن جوادب توڙِي تاريخ ان ذڪر کان خالي آهي. سنڌ جي قديم ۽ جديد تاريخ سان گڏ عربن جي سنڌ تي ڪيل حملي جو ادب ۽ لکڻيون به ان سلسلي ۾ کوکليون آهن. ان کان سواءِ ڪنهن به ويد، پراڻ، رامائڻ يا اتهاسڪ داستانن توڙي قصن وغيره ۾ رني ڪوٽ جو ذڪر به موجود ناهي.

توڙي جو تاريخدانن ۽ محققن جو هڪ وڏو انگ ان ڳالھ کي مڃڻ جي لاءِ تيار نه آهي ته ايترو شاندار قلعو ٽالپرن تعمير ڪرايو هوندو پر وٽن پنهنجي ان ڳالھ کي ثابت ڪرڻ لاءِ به کين تاريخ جا حوالا يا مضبوط دليل موجود ڪونه آهن . ان جي ابتڙ رني ڪوٽ کي ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ تعمير ٿيڻ کي تسليم ڪرڻ وارن وٽ ان حوالي سان ڪيترائي دليل، تاريخي حوالا ۽ ثابتيون موجود آهن.

اڪثر محقق دوستن وٽ اهو ڪمزور اعتراض موجود هوندو آهي ته ٽالپر ايتري وڏي اقتصادي قوت ۽ وسيلن جا مالڪ نه هئا جو اهي ايڏي وڏي قلعي کي تعمير ڪرائي سگهن ها. منهنجي خيال ۾ اهي ماڻهو پنهنجي دليلن ۾ خواهه مخواهه بحث کي ڊيگهه ڏيڻ لاءَ اهڙا خيال پيش ڪندا رهيا آهن. جڏهن راجستان جو هڪڙو راجا 5 سئو سال پهريائين رني ڪوٽ کان به 6 ميل وڏو ڪوٽ ٻين 32 ڪوٽن سميت تعمير ڪرائي سگهي ٿو . جڏهن ساڍا چار سئو سال پهريان شير شاهه سوري سياسي ابتري واري ماحول ۾ به روهتاس جهڙي عظيم الشان قلعه بندي جوڙائي سگهي ٿو، جڏهن ڪلهوڙا حڪمران حيدر آباد جي پڪي قلعي جهڙو شاندار قلعو سنڌي سنگتراشن ۽ عمارتي ڪاريگرن کان ڪجهه مهينن اندر تيار ڪرائي سگهن ٿا، جڏهن اُهي ئي ٽالپر حڪمران خيرپور ۾ ڪوٽ ڏيجي ۽ ميرپورخاص ۾ نئون ڪوٽ جهڙا عظيم قلعا رني ڪوٽ جهڙي تعمير تحت ٺهرائي سگهن ٿا ته انهن جي لاءِ رني ڪوٽ جي اڏاوت ڪرائڻ ڪهڙو مسئلو هيو؟

فتح نامه سنڌ جي مصنف مير حسن علي ٽالپر (جنهن جي وفات 1909ع ۾ ٿي) ان قلعي جي تعمير کي مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي ٽالپر جي دور حڪومت جو هڪ شاندر ڪارنامو قرار ڏيندي لکي ٿو ته “رني ڪوٽ اسان جي ابن ۽ ڏاڏن جو تعمير ڪيل يادگار مثال آهي. جڏهن ان جي تعمير شروع ٿي هئي ته ٽڪرين وچ ۾ ۽ ٻاهران چوڌاري جيڪي کڏون هيون انهن کي ڀريو ويو هيو ۽ بنياد کان وٺي چوٽين تائين انهن کي قدرتي طور تي هموار زمين وانگر تيار ڪيو ويو هيو جنهن کان پوءِ انهن مٿانهين واري سطح کي به هموار ڪري ان تي پٿر جي هڪ ڀت ٺهرائي جنهن جي ڊيگهه ميلن تائين پکڙيل هئي”.

◼️سنڌ جا ٽالپر حڪمران

پراڻي وقتن ۾ جنگيون تلوارن، نيزن ۽ ڀالن سان وڙهيون ۽ کٽيون وينديون هيون ان ڪري مضبوط قلعي گاهن جي اهميت حفاظتي اعتبار کان تمام گهڻي هوندي هئي. اهو ئي سبب آهي ته ماضي ۾ حڪمران پنهنجي سلطنت جي حفاظت لاءِ حساس هنڌن تي پائيدار قلعا اڏرائيندا هئا ته جيئن اهي پنهنجي رياست جي توسيع ۽ اقتدار کي وڌائي سگهن ۽ دفائي حڪمت عملي تحت تحفظ ڏيندي پنهنجي اقتدار کي دائمي يا ڊگهي مدي تائين قائم رکي سگهن.

1782ع ۾ ٽالپرن هالاڻي واري جنگ کٽي ڪلهوڙن کان حڪومت حاصل ڪئي ته انهن به نفسياتي طور تي اهڙي قلع بندي جي ضرورت کي محسوس ڪري ورتو تنهنڪري حڪومت جو واڳون سنڀاليندي خارجي حملا آورن جي بچاءَ لاءِ اهم علائقن ۽ رستن تي ڪوٽ تعمير ڪرائڻ طرف گهڻو ڌيان ڏنو. 1790ع واري ڏهاڪي ۾ انهن وڪر ۽ ڪوٽڙي جي ويجھو (ڪڇ واري پاسي سامونڊي رستي جي تحفظ لاءِ) نئون ڪوٽ ۽ اسلام ڪوٽ جي نالي سان ٻه قلعا تعمير ڪرايا. انهي خاندان سان تعلق رکندڙ مختلف حڪمرانن مٺي، رتوڪوٽ، ڏيپلوڪوٽ، علي ڳڙهه، سنگاريوڪوٽ، ننگرپارڪر جو قلعو، سوتيارڪوٽ (ميرپور ماٿيلو)، لياروڪوٽ (اوٻاوڙو)، تانوٽ ڪوٽ (اوٻاوڙو)، گڏڙي جو ڪوٽ ۽ دين ڳڙهه وارن قلعن کان علاوه پنهنجي حڪومت جي سرحدن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ ٻيا به ننڍا وڏا قلعا تعمير ڪرايا هيا.

ٽالپر حڪمران مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان پاڻ ۾ ڀائر به هئا جيڪي هڪ اهڙو شاندار قلعو تعمير ڪرائڻ گهرن پيا جيڪو هنگامي حالتن ۾ سندن لاءِ محفوظ پناهگاهه وارو ڪم ڏئي سگهي. اهڙي خواهش جي پورائي لاءِ انهن نواب ولي محمد خان لغاري کي مقرر ڪيو جيڪو هڪ تجربيڪار سپهه سالار هئڻ سان گڏ بهترين انجنيئر پڻ هيو جنهن سموري سنڌ گهمي ڏٺي هئي ان ڪري هن دفائي نقطي نظر کان رني ڪوٽ جي موجوده علائقي کي قلعي جي تعمير لاءِ مناسب سمجهيو.

نواب جڏهن اها صلاح حڪمرانن اڳيان رکي ته ان کي منظور ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته اهو علائقو ڪيترن ئي سالن کان انهن جي استعمال هيٺ هيو جتي جهنگلي جانورن ۽ پکين جي گهڻائي هئڻ ڪري هوشڪار ڪرڻ ايندا رهندا هئا. هتي موجود ڊگهي قدرتي جابلو سلسلي تي قلعي جي فصيل جو بڻياد سولائي سان رکي سگهجي پيو. ان کان سواءِ پاڻي جي لاءِ نه رڳو هڪ ندي هتان گذرندي هئي پر جر جو پاڻي به مٺو هئو.

حڪمرانن پاران اها تجويز گڏيل راءِ سان منظور ٿيندي ئي نواب ولي محمد قلعي جي تعمير جو ڪم شروع ڪرايو. اهڙي ريت قلعي جي بنيادي منصوبابندي ۽ تعمير جو 80 سيڪڙو ڪم جهڙوڪ نقشا، ڀتيون، ميري ڪوٽ جي عمارت، شير ڳڙهه جو قلعو ۽ خاص رهائش گاهون نواب جي نگراني ۾ تيار ڪيون ويون. پر قلعي جي پلين جي هيٺان لوهه جون مضبوط سيخون ۽ دروازا لڳرائڻ وارو ڪم اڌ ۾ هيو ته نواب ولي محمد کي قنڌار جي بادشاهه شجاع الملڪ جي مقابلي لاءِ موڪليو ويو جنهن شڪارپور تي قبضو ڪري ورتوهيو. اهڙي ريت قلعي جي رهيل تعمير نواب جي نگراني ۾ نه ٿي سگهي ان ڪري پائيدار ثابت نه ٿي. اڏاوتي ماهر ان راءِ جا حامي آهن ته اهڙي شاندار قلعي جي تڪميل تقريبن چئن کان پنجن سالن واري عرصي ۾ مڪمل ٿي سگهي هوندي. سنڌ گززيٽر ۾ لکيل آهي ته ”رني ڪوٽ جي قلعي جي تعمير تي اُن وقت لاڳت 1-2 ملين رپيا خرچ ٿي هئي.“

رني ڪوٽ جي تعمير اندازن 1812ع کان شروع ٿي جيڪا 1815ع جي وچ ڌاري پڄاڻي کي پهتي پر بدقسمتي سان ڪجهه سببن ڪري ٽالپر ان قلعي ۾ ڪڏهن به رهائش پذير نه ٿي سگهيا. ڇاڪاڻ ته سن ندي جيڪا ڪنهن وقت قلعي جي اتر واري ڀت جي چوڌاري وهندي هئي تنهن جو وهڪرو 1827ع ۾ تبديل ٿي ويو جنهن ڪري قلعي جي اتر اوڀر واري ڀت جو هڪ حصو پڻ ڪري پيو هيو.

مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان لاءِ قلعي اندر ٻه ننڍڙا قلعا تعمير ڪرايا ويا هئا. جن مان هڪ جو نالو ميري ڪوٽ ۽ ٻئي جو شير ڳڙهه هو. ٻنهي قلعن جي پکيڙ ٿورڙي فرق سان هڪ جيتري آهي. ميري ڪوٽ جي تعمير رني ڪوٽ جي وچ واري حصي ۾ زمين هيٺان ڪئي وئي آهي جيڪا سن دروازي کان تقريبن ٽن ميلن جي فاصلي تي موجود آهي. ميري ڪوٽ سطح سمنڊ کان 500 فوٽ مٿي موجود هڪ ننڍڙي ٽڪري تي ٺهيل آهي جنهن جي پکيڙ تقريبن 10 ايڪڙن تي مشتمل آهي. ان ڪوٽ جي ڪنهن به حصي ۾ بيهي هيٺ ڏٺو وڃي ته سموري ماٿري تمام خوبصورت ۽ دلفريب نظر ايندي آهي.

ميري قلعو ٽن رهائشي هجرن ۾ تقسيم ٿيل آهي جيڪي ڪنهن دور ۾ يقينن شاندار رهيا هوندا پر انهن جي موجود حالت نهايت بگڙيل آهي. انهن هجرن اندر تراشيل پٿرن تي خوبصورت نقش نگاري ڏسڻ وٽان آهي. قلعي ۾ سنڌي ڳوٺن وانگر جهوپڙيون ۽ لانڍيون ٺهيل آهن جن کي ڇتين جي ٻنهي پاسن کان سلامي آهي. ميري ڪوٽ رني ڪوٽ جي وچئين حصي ۾ صاف ۽ سٿري جڳهه تي اڏيل آهي جتي رهائشي آثار پڻ ملن ٿا جن ۾ پاڻي جا ذخيرا، ڪورٽ يا عدالت جا آثار، حرم خانو، مهمان خانا ۽ سپاهين جا ڪمرا وغيره پڻ شامل آهن.

ڪجهه محققن جو خيال آهي ته ميري ڪوٽ ۾ موجود ڪمرن جي تعمير رني ڪوٽ جي اڏاوت کان پوءِ ٿي هوندي ۽ ان ڪوٽ جو رني ڪوٽ جي چئني ڀتين سان ڪنهن به قسم جو تعلق ناهي. ان ڪوٽ جون ڀتيون 20 فوٽ ڊگهيون آهن جن جي اڏاوت ڏسڻ سان خالص فوجي حڪمت عملي کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته سموري قلعي ۾ اها اڪيلي جاءِ آهي جتان مٿي وارا سمورا حصا نظر اچن ٿا. ان لاءِ خيال رهيو آهي ته رني ڪوٽ تي حملي جي صورت ۾ انهن چئني ڪوٽن تان مخصوص اشارن يا روشني وسيلي انتظاميا سميت رعيت کي خبردار ڪيو ويندو هوندو.

رني ڪوٽ جي مٿئين حصي ۾ اڇي رنگ جي پٿرن سان تعمير ڪرايل شير ڳڙهه نالي ٻيو قلعو پڻ موجود آهي جيڪو ميري ڪوٽ جي اتر اوڀر ۾ سمنڊ جي مٿاڇري کان تقريبن 1480 فوٽ مٿاهين تي موجود آهي. اهو قلعو ميري ڪوٽ کان ڪجهه ننڍو آهي پر ان جون ڀتيون ٿورڙيون ٿلهيون آهن ۽ اتي ڪنهن به قسم جا رهائشي ڪمرا موجود ڪونه آهن. اهو قلعو اولهه طرف موئن دروازي ويجهو ٺهيل آهي جنهن جون ڀتيون پڻ ويڪريون آهن. ان قلعي جي ٽاورن کان سموري ماٿري کي چوڌاري سولائي سان ڏسي سگهجي ٿو. ان قلعي جي هيٺاهين ۾ هڪ قبرستان موجود آهي. قلعي جي ڪنهن به مٿاهين واري حصي وٽان پري کان وهندڙ سنڌو درياهه جي ڌنڌلي لڪير ۽ چمڪندڙ پاڻي پڻ ڏسي سگهجي ٿو. رني ڪوٽ اندر ڊيم جي مٿان پُليون ٺهيل آهن جن تي لڳل دروازن تي نالا آمري دروازو (اتر پاسي)، سن دورازو (اولهه پاسي) لکيل آهن. شاهه پير جو دروازو (ڏکڻ پاسي) موئن وارو دروازو (اوڀر پاسي) آهي.

آمري شهر جا قديم آثار رني ڪوٽ جا ويجها پاڙيسري آهن ان لاءِ ڪوٽ جو هڪڙو دروازو آثارن طرف موجود آهي ان ڪري ئي ان جو نالو آمري دروازو رکيو ويو آهي. موئن دروازي ويجهو هڪ تلاءَ کي ماڻهو “پرين جوآستانو” چوندا آهن. جنهن متعلق ماڻهن جو خيال آهي ته “ڪنهن دور ۾ هتي چانڊوڪي رات ۾ پري پري کان پريون وهنجڻ اينديون هيون”. هتي هڪ تلاءَ “واڳونءَ جوتڙ” يعنيٰ مانگر مڇ جو آستانو متعلق مشهور آهي. ان جڳهه کي هي نالو ان لاءِ ڏنو ويو آهي ته هي ڪنهن دور ۾ مانگرمڇن جو ڊيرو هوندو هيو.

رني ڪوٽ جي وڏن دروازن يا ننڍن ڪوٽن جي چئني ڪنڊن تي بڻايل گول برجن جي تعمير ۾ وارياسي پٿرن جو استعمال به تمام گهڻو ٿيل آهي. ڀتين جي اوچائي ڪٿي ڪٿي 30 فٽ تائين بلند آهي جڏهن ته ويڪرائي ڪٿي گهٽ ته ڪٿي وڌ ٿيندڙ ملي ٿي جيڪا برجن ويجهو 6 فٽن تائين به ملي ٿي سا اڳتي هلي سنهڙي ٿيندي وڃي ٿي. فوجي نقطي نظر سان قلعي جي ڀت ۾ هر اڍائي فٽن جي فاصلي تي دشمنن مٿان حملو ڪرڻ لاءِ جهيريون ٺاهيون ويون آهن جن متعلق ماهرن جو خيال آهي ته اهي دراصل تيراندازن لاءِ تيار ڪيون ويون هونديون جيڪي بعد ۾ حمله آورن جي مٿان پٿر ڪيرائڻ لاءِ به ڪتب آڻبيون هونديون يا وري اهو به ٿي سگهي ٿو ته اريبي ڪمانن ۽ باهين لڳائڻ وارن هٿيارن جي استعمال لاءِ ڀتين جي تعمير ۾ انهن کي شامل رکيو ويو هجي.

◼️هي قلعو ٺهرائڻ وارن جو مقصد

قلعو ٺاهيو ئي ڪنهن دفاعي مقصد لاءِ ويندو آهي ڇو ته جڏهن ڪوبه شخص، قوم يا حڪومت پنهنجو پاڻ کي ڪنهن دشمن کان غير محفوظ سمجهندي هئي ته هو ان جي حملي جي پيش نظر قلعو، ڪوٽ ۽ قلعه گاهه وغيره جوڙائيندا هئا. تاريخ ۾ انسانن جي تحفظ ۽ جنگين جي اتهاس ۾اهڙين پناهه گاهن جو اهم ڪردار رهيو آهي ڇو ته هڪ دور ۾ شهرن ۽ آبادين جي تحفظ جو انحصار اهڙي قلعه بندين تي هوندو هيو. انساني تاريخ جي آڌار رياستن جي وجود ۾ اچڻ جو سبب انساني گروهن ۾ اقتصادي ناهمواري هئي. زمين تي قابض طبقن پنهنجو اقتدار مضبوط ڪرڻ ۽ دولت کي محفوظ رکڻ سان گڏ مزدور طبقن ۽ دشمنن کان پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ اهڙي قسم جون پناهگاهون جوڙايون جن کي قلعو چيو وڃي ٿو.

سنڌ ۾ ٿر ۽ ڪوهستان جي علائقي کي ڇڏي هڪ وڏو حصو ميداني آهي ان لاءِ هتان جي شهرن جي حفاظت لاءِ قلعن جي ضرورت ڪجهه وڌيڪ هئي. ڪلهوڙن جي دور ۾ پٺاڻن سنڌ تي بار بار حملا ڪيا جنهن ڪري ٽالپر نواب پنهنجي عورتن ۽ ٻارن کي ڪجهه محفوظ علائقن طرف موڪلي ڇڏيندا هيا. جڏهن هو پاڻ حڪمران ٿيا ته پنهنجي خاندان کي ڪنهن غير علائقي ۾ موڪلڻ مناسب نه سمجهندي انهن اهم شهرن ۾ قلعه گاهون تعمير ڪرايون جن مان رني ڪوٽ به هڪ آهي. اهڙن قلعن جي تعمير سان ئي ٽالپرن جي مرڪزي حڪومت جو نظم و ضبط به مضبوط بنيادن تي استوار رهندو آيو.

◼️رني ڪوٽ جا معمار

رني ڪوٽ جي اڏاوت ڏسڻ، جاچڻ ۽ پرکڻ سان خبر پوي ٿي ته ان کي ٺاهڻ يا اڏائڻ وارا ۽ ان جي تعمير ۾ حصو وٺندڙ عمارت ساز، ڪاريگر ۽ مزدور انتهائي اعليٰ درجي جو تعميري ذوق رکندڙ رهيا هوندا. قلعي جي تعمير ۾ استعمال ٿيندڙ شين کي غور سان پرکڻ تي هڪ حيرت جوڳو انڪشاف به ٿيندو ته ان قلعي جا معمار ان علائقي ۾ ملندڙ معدنيات، پٿرن ۽ ان جي خاصيتن يا استعمال جي باري ۾به ڪافي ڄاڻ رکندڙهئا. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو يقينن علاقائي معمار رهيا هوندا ڇاڪاڻ جو انهن پسگردائي ۾ موجود تمام وسيلن کي استعمال ڪندي رني ڪوٽ قلعو تعمير ڪرايو..

ان حقيقت سان گهٽ ۾ گهٽ هيءَ ڳالھ ضرور ثابت ٿي وڃي ٿي ته هي قلعو اڏرائڻ وارا ڪي غير سنڌي ۽ ڌاريا ڪونه هئا ڇو ته اهڙي زبردست پناه گاه صرف قومي جذبو رکندڙ مقامي حڪمران ۽ ڪاريگر ئي جوڙائي سگهن ٿا نه ڪي اهو ڪم ڪنهن لاڏو گروهه يا حملي آور جو ٿي سگهي ٿو. قلعي جا معمار پنهنجي ڪم ۾ انتهائي ماهر، ان علائقي جي مڪمل ڄاڻ رکندڙ ۽ هنرمندي ۾ بي مثال ڏسجن ٿا. نه رڳو ايترو پر انهن دفاعي معاملن سان گڏ زميني ۽ ماحولياتي پهلوئن کي سامهون رکندي ان قلعي جا بڻياد رکيا آهن. هنن جيوگرافيائي خاصيتن کي نظر ۾ رکيو ۽ پهاڙي درن، ٽڪرين تان ندين وسيلي ايندڙ پاڻي جي وهڪرن وغيره تي پليون ٻڌندي پاڻي جي وهڪرن کي ضابطي ۾ آندو ۽ ڪيترين ئي جڳهن تي پاڻي جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي هٽايو.

رني ڪوٽ جي اندروني ايراضي جي زمين ڪافي زرخيز آهي جنهن سان لڳي ٿو ته ڪنهن دور ۾ان اندر رهندڙ آبادي لاءِ قلعي جي پيٽ ۾ موجود زمين سئو سيڪڙو آباد ڪئي ويندي هوندي. ان لاءِ هتي نه صرف قدرتي نديون، نئيون ۽ آبشارون موجود آهن پر ڊيم ۽ پاڻي جي ننڍي وڏي ذخيرن جو اهڙو نظام موجود آهي جنهن سان ضرورت وقت هتان جا رهواسي لاڀ حاصل ڪندا هوندا.

رني ڪوٽ جي چوطرف ميلن تائين پکڙيل خوبصورت نظارا، وهندڙ جهرڻا ، ساوا ميدان، پهاڙي چوٽيون، نديون، آبشار وغيره اڄ به ڏسڻ وارن کي پنهنجي سحر ۾ پڪڙي وٺن ٿيون. شايد اهو سبب آهي جو هن خطي جي سحر انگيز خوبصورتي کان متاثر ٿي نه صرف معمارن قلعو تعمير ڪرڻ لاءِ هن ماڳ جي چونڊ ڪئي هوندي پر ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي فطري سونهن جي ڪري هي علائقو ان دور ۾ به حمله آورن لاءِ خاص اهميت يا ڪشش رکندو هجي.

(ليکڪ جي ٿورن سان)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close