ٻليون جو تعلق گوشت خور جانورن جي نسلن منجهان آهي، جيڪي آهن ته جهنگلي پر کين گهرن ۾ پاليو ويندو آهي. ٻلين ۾ رات ۾ ڏسڻ جي صلاحيت تمام گهڻي تيز هئڻ سان گڏ ان جو مضبوط، لچڪدار، ڦڙتيلو جسم، تيز نوڪيلا ڏند ۽ چنبا پنهنجي شڪار کي پهچڻ، پڪڙڻ ۽ چيري ڦاڙي کائڻ شاندار طريقي سان جڙيل آهي.
گهريلو ٻلين جي سراسري جسماني ڊيگهہ لڳ ڀڳ ارڙهن انچ ۽ قد نو ڏھ انچن جي ويجهو ٿئي ٿو، جڏهن ته ڏھ ٻارنهن انچ ڊگهو پڇ به ٿيندو اٿن ۽ چار کان پنج ڇھ ڪلو وزن ٿئي ٿو. نر ٻلا البته مادين کان ڪجهہ سگهارا ٿين ٿا. ٻلي جون اڳيون ڄنگهون ڪلهن سان سلهاڙيل هئڻ ۽ لچڪدار هڏين سبب ٻليون پنهنجي جسم جي حساب سان ننڍن سوراخن مان به آساني سان نڪري وينديون آهن. پالتو ٻليون پنهنجي گهر محلن جي ويجهڙائين ۾ گهمنديون رهنديون آهن، جيڪي پنهنجي گهرن، پاڙن يا علائقي ۾ انسانن ۽ ٻين جانورن سان پيار جو رشتو پڻ رکنديون آهن.
ٻلي جي ٻڌڻ جي سگهہ انسانن جي سماعت کان تمام گهڻي ٿئي ٿي، جو ڪافي فاصلي تي ڪوئن يا اهڙين ٻين جيون جا تمام جهيڻا آواز پڻ ٻڌي سگهندي آهي. شڪار جي معاملي ۾ ٻلي پنهنجو پاڻ تي ڀاڙيندي آهي ۽ جهٽ ۾ شڪار ڪونه ڪندي آهي. صبح سج اڀرڻ ۽ شام جي وقت ڌاري تيز ڀانئي ويندي آهي.
ٻلين منجهہ مختلف آواز ڪڍي هڪ ٻئي سان مواصلات جو بهترين نظام ٿئي ٿو، جنهن کي اسان سندن زبان يا ٻولي چئي سگهون ٿا، جنهن جو اطلاق پالتو ٻليون پنهنجي مالڪن سان پڻ ڪنديون آهن، جنهن ۾ ميائون ميائون ڪرڻ سان گڏ پَيرن جي چوڌاري ڦرڻ، پيرن کي چٽڻ، هٿن پيرن يا ڪپڙن سان منهن گسائڻ شامل آهي.
ٻلين جي کوپڙيءَ ۾ ٻين کير پياريندڙ جانورن جي ڀيٽ ۾ اکين جو خانو (ساڪيٽ) ويڪرو ٿئي ٿو، جنهن ڪري رات جو ڏسڻ جي معاملي ۾ ٻلين جي سگهہ انسانن کان ڇھ دفعا وڌيڪ طاقتور ٿئي ٿي. ٻلين جي ڄاڙيءَ ۾ ڏندن وغيره جو نظام طاقتور ٿئي ٿو ته سُنگهڻ ۽ ٻُڌڻ جي قوت به شاندار ٿئي ٿي. ٻلين کي آرام ڪرڻ سان گهڻي توانائي ملندي آهي ان لاءِ جانورن ۾ گهڻي کان گهڻو ٻليون سمهنديون آهن، جيڪي عام طور تي ٻارنهن کان سورنهن ڪلاڪن تائين سمهنديون آهن، جڏهن ڪجهہ سياڻيون ٻليون ته وِيھ ويھ ڪلاء بہ سمهنديون آهن.
ماهر ٻڌائن ٿا ته ڪجهہ عرصي کان ڪجهہ سببن ڪري ٻلين جي سراسري عمر ۾ وقت سان گڏ واڌ اچي رهي آھي، جيڪا 1980 ڌاري ست سال ليکي ويندي هئي جيڪا 2005ع ۾ نو سال ٻڌائي وئي ۽ 2020ع ۾ پندرنهن سورنهن سال ٻڌائي وڃي ٿي. ڪجهہ خاص ڪيسن ۾ ٻلين ٽيھ سالن جي زندگي گذاري، جڏهن ته ڪريمي پف نالي هڪ ٻلي 38 سالن جي عمر ۾ مئي هئي.
ٻلين جا جوڙا اڪثر ڪري فيبروري ۽ آگسٽ ۾ لڳ ڪندا آهن، جڏهن ته اڪثر نر مادين سان گرمين جي موسم ۾ ملڻ کي اهميت ڏيندا آهن. هڪ کان وڌيڪ نر هجن ته انهن وچ ۾ ماديءَ جي ملڪيت تي لڙايون پڻ ٿينديون رهنديون آهن، جنهن ۾ سوڀارو ماديءَ جي مالڪي ڪندو آهي ، پر مادي به ان سان جلدي راضي ڪونه ٿيندي آهي، جنهن کي بالآخر رام ٿيڻو پوندو آهي. پاليل ٻليون بھار جي شروعات کان خزان جي خاتمي تائين ٻہ کان پنج ٻچڙا ڄڻينديون آهن. ٻلين جي آباديءَ ۾ حد کان وڌيڪ افزائش سبب پکين جي بيشمار قسمن، ننڍڙن جانور ۽ رڙهڻ واري نسلن جي نسل ڪشي جو خطرناڪ رحجان پوري دنيا ۾ وڌي رهيو آهي.
تاريخ ٻڌائي ٿي مسيح جي پيدائش کان اڳ ۾ قديم انساني معاشرن (خاص طور تي مصري ۽ يوناني) ۾ ٻلين کي نہ رڳو پالڻ جو رواج هوندو هيو پر انهن کي تعظيم ڏيڻ سان گڏ پوڄيو پڻ ويندو هيو. يوناني مورخ هيروڊوٽس پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”هتي ٻلين کي مارڻ ممنوع آهي ۽ جڏهن ڪا گهريلو ٻلي مري ويندي آهي ته گهر جا سمورا فرد سوڳ ملهائيندي پنهنجون ڀروون ڪوڙائي ڇڏيندا آهن.“
هلندڙ سال ۾ ٿيل هڪ سروي مطابق دنيا ۾ اڍائي سو ملين پالتو ۽ پنج سو ملين جي ويجهو جهنگلي ٻلين جي آبادي موجود آهي، جيڪا هاڻي مجموعي طور تي دنيا ڀر ۾ 8 سو ملين کان به وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي. امريڪن جو پسنديده پالتو جانور هئڻ ڪري صرف ان ملڪ ۾ 90 ملين ٻليون ماڻهن جي گهرن ۾ ڀاتين جيان رهن ٿيون، جڏهن ته برطانيا ۾ هڪ سو مان ڇويھ فيصد بالغ مردن جي گهرن ۾ هڪ پالتو بلي موجود آهي، جن جو تعداد قريبن ڏھ ملين کان به مٿي آهي.
هڪ طرف ته ٻلين سان محبت، انسيت ۽ عقيدت جو اهو عالم آهي جو ٻلين کي پالڻ قابلِ فخر سمجهيو ويندو آهي ۽ انهن جي مالڪن سان انسيت سبب جانورن تي لکڻ وارن لکارين جي پنهنجي ڪتابن ۾ اڳ ڪٿيون ٿيل آهن ته ’سڀئي پالتو ٻليون جنت ۾ وينديون‘ جڏهن ته ان جي برعڪس ’دنيا جي بيشمار معاشرن ۾ نہ رڳو ڪارين ٻلين جي رستو ڪٽڻ کي برو سنوڻ سمجهيو ويندو آهي، بلڪ ٻلين کي خون آشام هئڻ سبب شيطان جو روح پڻ سڏيو ويو آهي۔‘
ٻڌايو وڃي ٿو ته ٻلين ۾ اڍائي سو کان وڌيڪ جينياتي بيماريون ڏٺيون ويون آهن جن ۾ بيڪٽريا، فنگس، پروٽوزوئن يا ڪيڙن ماڪوڙن مان حاصل ڪيل وائرس پڻ شامل آهن، جيڪي انسان کي به متاثر ڪري سگهن ٿا. انهن بيمارين سبب مرندڙ ٻلين کان علاوه ٻلين جي کَل مان خوبصورت ڪوٽ، ٽوپيون، ڪمبل، جوتا، دستانا، رانديڪا، موسيقيءَ جو سامان ٺاھيو وڃي ٿو. چمڙي جي صنعت ۾ استعمال لاءِ ٻلين جو شڪار پڻ ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان هن خوبصورت جيو جي نسل ڪشي ٿيندي رهي ٿي. اسان کي گهرجي ته نه رڳو ٻلين پر دنيا ڀر ۾ ڪنھن به جانور ۽ پکي پکڻ جي جسم جي ڪنهن به حصي مان ٺهندڙ مصنوعات جي سختي سان روڪٿام ڪندي مخلوق دوست، رحمدل ۽ سٺي انسانن ۾ شامل ٿيون.
منهنجي فارم هائوس ۾ معصوم پکين جو بيشمار جاتيون نه رڳو اينديون رهن ٿيون پر انهن مان کوڙ منهنجي گهر ۾ موجود وڻن ۾ باقائدگي سان رهن ۽ نسل وڌائينديون رهن ٿيون، جيڪي فطري طوري تي ٻلين جو رزق پڻ آهن، ان لاءِ مان نه چاهيندو آهيان ته ٻليون منهنجي گهر ۾ اچن پر ان جي باوجود هر موسم ۾ ٻليون نه رڳو اينديون رهنديون آهن پر منهنجي گهر جي ڪنڊن ڪڙڇ ۾ ٻچا ڏينديون آهن. هڪ ڀيري ته انهن حد ڪري ڇڏي جو منهنجي لائيبريري جي هڪ خاني ۾ هڪ ڪاري ٻلي ٽي ٻڄڙا ڪيا جن جي جوان ٿي نڪرڻ تائين مان سندن خدمت ڪندو رهندو هيم.
ٻه اڍائي ڀيرا منهنجي ٻارڙن جي سوئمنگ پول جي پٺئين ڏرڙ ۾ به ٻچا ڪيائون، هڪ ڀيري پارڪ جي موٽرن لاءِ ٺهيل ڪاٺ جي هٽ، هڪ ڀيري منهنجي ڪاٺڪي اوطاق جي مٿئين حصي ۾ به. بھرحال پنهنجي جِبلي فطرت ۽ کاڌ خوراڪ سان سلهاڙيل ضرورتن کان هٽي ڪري هي هڪ معصوم جانور آهي، جنهن کي پالڻ ۾ ڪوبه هرج ڪونه آهي.