”وَڍَ“ ڏانهن ويندي- چوٿون ۽ آخري حصو

گل حسن ڪلمتي

لوهيءَ جي رڻ ۾ ستل عطاءُ الله مينگل کان موڪلاڻي

 

جهالاوان، سراوان، وڍ ۽ نال

ضلعي خضدار، جنهن جو پراڻو نالو ”جهالاوان“ آهي، اهو پنهنجن ٻن علائقن: ”وڍ“ ۽ ”نال“ جي ڪري دنيا ۾ مشهور آهي. ”وڍ“ عطاءُ الله مينگل جو ڳوٺ آهي ۽ ”نال“ مير غوث بخش بزنجو جو ڳوٺ آهي. قلات ۽ مٿيون پاسو ”سراوان“ آهي ۽ هيٺ خضدار وارو علائقو ”جهالاوان“ آهي. ”سر“ معنيٰ مٿو يا مٿيون، ”جهال“ معنيٰ هيٺيون.

برسات شروع ٿي چڪي هئي. اسان سردار عطاءَ الله مينگل جي قبر کي الوداع چئي ”وڍَ“ شهر ڏانهن روانا ٿياسين. عطاءَ الله مينگل ”وڍ“ ۾، سردار رسول بخش مينگل جي گهر ۾ ڄائو هئو. هن جو تعلق شاهزئي مينگل قبيلي سان آهي. هو اڃا سيڪنڊري اسڪول ۾ پڙهندو هو ته سندس والد جي وفات کانپوءِ کيس سردار چونڊيو ويو. ”وڍ“ جي مينگل سردارن جون خان آف قلات، ڄام آف لسٻيلا، ملير جي جوکين جي ڄامن، ڌريجي جي ڀوتاڻين ۽ ڪوٽڙيءَ جي برفتن ملڪن سان مائٽيون آهن. ملير مان ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو، عطاءُ الله مينگل جو ڏوهٽو آهي. هن ۽ سندس ڀاءُ ڄام اويس جي گهر ۾ عطاءُ الله مينگل جون پوٽيون آهن.
عطاءَ الله مينگل قومپرست سياست ۽ کاٻي ڌر جي سياست ڪرڻ سبب مشهور هئو. عطاءُ الله مينگل هڪ وڏو سياسي اڳواڻ هو. بهترين مقرر ۽ ماڻهن کي پنهنجي ڳالهه تي قائل ڪرڻ جي صلاحِت وارو هي ماڻهو اڄ هڪ ويراني ۾ ابدي ننڊ ستل آهي. عطاءَ الله مينگل جي وڃڻ سان بلوچستان هڪ رهبر، رهنما ۽ تاريخ ساز شخصيت کان محروم ٿي ويو. جدوجهد جي هڪ باب جي پڄاڻي ”لوهي“ جي علائقي ۾ ٿي. اڳتي هلي هي علائقو تاريخ جو حصو بڻجي ويندو، بس سردار اختر مينگل کي هڪ ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته، هو هڪ ترقي پسند ۽ قومپرست سياسي اڳواڻ کي ’ولي‘ ۽ ’پير‘ ٿيڻ کان بچائي.


سردار عطاءُ الله مينگل پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته، ”هن 1952ع ۾ مينگل قبيلي جي سرداري ڇڏي پنهنجي وڏي پٽ منير مينگل کي سردار ڪيو هئو. هُن جي وفات کانپوءِ قبيلي منير جي پٽ اسد الله مينگل کي سردار چونڊيو هو، جيڪو هن وقت قبيلي جو سردار آهي.“ هن تي اهو نالو سندس وڏي پٽ اسد الله مينگل جو رکيو ويو آهي، جنهن کي 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ مان مير شير بازار مزاري جي بنگلي تان سندس دوست احمد شاهه ڪرد سميت کڻي غائب ڪيو ويو هئو. اغوا بعد انهن ٻنهي کي جاتيءَ ۾ لاڏيون ٿاڻي تي رکيو ويو هئو. ان کانپوءِ انهن ٻنهي کي جيڪڏهن ماريو ويو ته، ڪٿي کين دفن ڪيو ويو؟ ان جي اڄ ڏينهن تائين ڪا خبر پئجي ناهي سگهي. اُن وقت سردار عطاءءُ الله مينگل قيد ۾ هو، ۽ بلوچستان جون حالتون خراب هيون.
ان وقت غلام مصطفيٰ جتوئي سنڌ جو وڏو وزير هئو. وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي سان بلوچستان جي اڳواڻن جا اختلاف ان وقت پيدا ٿيا هئا، جڏهن 1970ع دوران چونڊن ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) بلوچستان ۽ سرحد ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ سردار عطاءُ الله مينگل بلوچستان جو پهريون چونڊيل وڏو وزير، مير غوث بخش بزنجو گورنر ۽ نواب خيربخش مري اسيمبليءَ ۾ نعپ جو پارلياماني اڳواڻ چونڊيا ويا هئا. مرڪز، پنجاب ۽ سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي. هنن جا سياسي، انتظامي ۽ اختيارن واري معاملي تي اختلاف پيدا ٿيا. سردار عطاءُ الله مينگل صوبي مان 5 هزارن کان مٿي غيرمقامي ماڻهن کي نيڪالي ڏني ۽ انهن جي جاءِ تي مقامي ماڻهو ڀرتي ڪيا، ڪوسٽ گارڊ جو ساحلي علائقن تان عمل دخل ختم ڪيو ۽ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن جو بنياد رکيو. اهي ڳالهيون وفاق کي پسند نه آيون. نون مهينن جي ٿوري عرصي ۾ عراقي سفارتخاني مان هٿ آيل هٿيارن کي بهانو بڻائي، بلوچستان جي چونڊيل حڪومت ختم ڪئي ويئي. مٿن الزام مڙهيو ويو ته، ”بلوچ اڳواڻ عراق مان هٿيار آڻي ملڪ ۾ بغاوت ڪرڻ چاهين ٿا.“
عطاءُ الله مينگل سميت نعپ جا سمورا اڳواڻ ”حيدرآباد سازش ڪيس“ ۾ گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪيا ويا. صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪري اڪبر بگٽيءَ کي گورنر بڻايو ويو، پر جلد ئي بگٽي صاحب به حڪومت کان ڌار ٿي ويو. بلوچستان جون حالتون خراب ٿيون ته بلوچستان ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو، جيڪو 1977ع تائين تيستائين جاري رهيو، جڏهن ضياءَ الحق اقتدار تي قبضو ڪيو. ان بعد ضياءُ الحق ”حيدرآباد سازش ڪيس“ جي سڀني بلوچ اڳواڻن کي آزاد ڪيو. آزاديءَ کانپوءِ عطاءُ الله مينگل، خيربخش مري ۽ شير محمد مري جلاوطن ٿي ويا. نعپ تي جڏهن پابندي لڳائي ويئي ته، آزاديءَ کانپوءِ ميرغوث بخش بزنجو پاڪستان نيشنل پارٽي (پي اين پي) جو بنياد وڌو. عطاءُ الله مينگل ڊگهي عرصي کانپوءِ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ جوڙيو. جڏهن سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ جي ٻين اڳواڻن: ممتاز علي ڀٽي ۽ حفيظ پيرزادي سان سندس اختلاف ٿيا ته 1996ع ۾ واپس اچي هن بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جو بنياد رکيو. ڪجهه وقت اندر اندروني اختلافن جي ڪري بي اين پي ٻن دڙن ۾ ورهائجي ويئي. ڊاڪٽر حئي بلوچ الڳ پارٽي ٺاهي، ۽ اختر مينگل بي اين بي (مينگل) جو صدر ٿيو، جڏهن ته خير بخش مري جلاوطني ختم ڪري واپس بلوچستان آيو ته ”حق توار“ نالي تنظيم ٺاهيائين.
1997ع وارين عام چونڊن ۾ عطاءُ الله مينگل جو پٽ سردار اختر مينگل مسلم ليگ (ن) سان گڏيل حڪومت ٺاهي بلوچستان جو وڏو وزير ٿيو، پر اڍائي سالن کانپوءِ سندس حڪومت ختم ڪئي وئي. عطاءُ الله مينگل جو هڪ پٽ جاويد مينگل ”لشڪر بلوچستان“ نالي ويڙهاڪ تنظيم ٺاهي. هو هن وقت دبئي ۾ رهي ٿو.

هاڻي وري اچون ٿا پنهنجي واپسيءَ واري سفر تي: اسان فضل الله کي ”وڍ“ شهر ۾ ڇڏي واپس ٿياسين.
ضلعي خضدار، جنهن جو پراڻو نالو ”جهالاوان“ آهي، اهو پنهنجن ٻن علائقن: ”وڍ“ ۽ ”نال“ جي ڪري دنيا ۾ مشهور آهي. ”وڍ“ عطاءُ الله مينگل جو ڳوٺ آهي ۽ ”نال“ مير غوث بخش بزنجو جو ڳوٺ آهي. قلات ۽ مٿيون پاسو ”سراوان“ آهي ۽ هيٺ خضدار وارو علائقو ”جهالاوان“ آهي. ”سه“ معنيٰ مٿو يا مٿيون، ”جهال“ معنيٰ هيٺيون.
”وڍ“ کان پوءِ اسان کي ول پٽ (ويل پٽ) پهچڻو هو، جتي حيات بنديجو اسان جي اوسيئڙي ۾ هو. اسان ساڻس وعدو ڪيو هئو ته، واپسيءَ تي وٽس، سندس ڳوٺ چانهه پيئڻ اينداسين. ول پٽ تي عارف والا پيٽرول پمپ تي هو اسان جي انتظار ۾ هو. اسان هڪ لنڪ روڊ تان سرسبز کيٽن مان هڪ ڳوٺ پهتاسين. ڳوٺ جي اسڪول تي ”عارف والا“ نالو لکيل هو. ڳوٺ کي به هو عارف والا چئي رهيا هئا. معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته هي ڳوٺ ”عاري وارو“ هو. 1970ع کان اڳ هتي جيڪي پنجابي ملازم روينيو کاتي ۾ هئا، انهن هن چڪ ”عاري وارو“ کي ”عارف والا“لکيو ته، اهو مشهور ٿي ويو.
ڪچهريءَ ۾ انهن ٻڌايو ويو ته، ”جڏهن عطاءُ الله مينگل وڏو وزير ٿيو هئو ته هن اهي سڀ ماڻهو واپس پنهنجي صوبي ڏانهن موڪليا هئا ۽ هاڻي سڀ مقامي ماڻهو روينيو کاتي ۾ آهن.“ مينگل جي حڪومت ختم ڪرڻ جي جيڪا ڳالهه مشهور آهي، ول پٽ جي ڳوٺاڻن ڳالهين ڳالهين ۾ ان جي تصديق ڪئي.
هتي ساريال فصل ڏسي اسان کي حيرت ٿي. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته، ”ول پٽ ۾ پورالي نئين ڪري ’ساري ‘ ۽ ’ڪمند‘ جو فصل به ٿئي ٿو. هي علائقو ڦُٽي، تِر، ٻاجهر ۽ سبزي جي ڪري مشهور آهي. اڳين ڪسين ۽ کيٽن وسيلي زراعت ٿيندي هئي، جيڪو نظام اڄ به آهي. هاڻي بورنگ ۽ سولر سسٽم جي ڪري وڌيڪ آساني ٿي آهي. اسان عاري وارن ڳوٺاڻن کي الله واهي چئي ڪراچي لاءِ روانا ٿياسين. بارش ٻيهر شروع ٿي چڪي هئي.

(گل حسن ڪلمتي ۽ ڪاوش دنيا ميگزين جي ٿورن سان)

  1. ”وڍَ “ ڏانهن ويندَي-1

  2. ”وڍَ “ ڏانهن ويندي-2

  3. ”وڍَ“ ڏانهن ويندَي-3


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close