جڏهن سائنس پنهنجي ٻالڪپڻ مان گذري رهي هئي، تڏهن هن تي ويساھ گهٽ هوندو هو يا بس ڄڻ نه هئڻ جي برابر هوندو هو، تڏهن ڪو ڏاهو ڏاهپ جي دعوا ڪرڻ خودڪشي سمجهندو هو. ان زماني ۾ ڪجهہ سرڪش جوڌا پنهنجي جان جي بازي هارائي گهاڻي ۾ پيڙهيا ويا، باھ ۾ ساڙيا ويا ۽ ڪي زهر سان ماريا ويا، ان زماني ۾ ڪن پراڻين چوڻين تي يقين رکيو ويندو هو.
اڄ اسان انھن چوڻين جي پٺيان لڪل سائنسي رازن کي بيان ڪنداسين. قدرت انسان جو پهرين استاد هوندي آهي، جيڪڏهن انسان ان تي غور ڪري ته ان ۾ وڏي حڪمت رکيل آهي.
اڄ اسان پراڻي زماني ۾ مينهن وسڻ جون قدرتي نشانيون ۽ ان جي پٺيان سلهاڙيل سائنسي حقيقتن کي واضح ڪنداسين.
موسمي تبديلي تقريبن جاندار توڙي بي جان ايڪو سسٽم جي شين ۾ غير معمولي تبديلي آڻي ٿي. اهڙيءَ طرح سانوڻي جي مند به جاندارن جي معمول کي الاهي حد تائين تبديل ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته ٻين موسمن ۾ انهن کي ڪنهن به فزيڪل تبديلي کي مهاڏو اٽڪائڻو نه پوندو آهي، پر سانوڻ جي مند ۾ جاندار شين کي جنھن وڏي ۾ وڏي تبديلي کي منھن ڏيڻو پوندو آھي، سا گِهم جي آهي، جيڪا سڀني شين کي بي چين ڪري ٿي ۽ هڪ قسم جو ٿريٽ ڏئي ٿي، جنهن کي اپنائڻ سندن مجبوري چئي سگهون ٿا. سانوڻ جي مند ۾ آڪسيجن پاڻي جي بخارات سان ملي ڪري ان جو بيلنس وڃائي ويهندو آهي، تنهن ڪري ماحول ۾ سڀني جانورن توڙي انسان کي دٻاءُ کي منھن ڏيڻو پوندو آھي. هونئن نارمل جولائي جون خطرناڪ گرميون به گُهٽ وارو ماحول پيدا ناهن ڪنديون پر هن موسم ۾ پورب جون گِهميل هوائون، جنهن کي مون سون Monsoon هوائون چئبو آهي، اهي بخارات Water Vapor آڻين ٿيون، جيڪي ملي ڪري ماحول جي نائيٽروجن ۽ آڪسيجن جي ريشو کي ڊسٽرب ڪنديون آهن، جنهن ڪري اسٽريس پيدا ٿيندو آهي، اهو سڀني جاندارن کي بيچين ڪندو آهي ۽ اهي پنهنجي روزاني زندگي کان هٽي ڪري حرڪتون ڪندا آهن. انهن کي ڏاها نوٽ ڪندي سانوڻ جي برسات جي اچڻ جي امڪانن سان ڳنڍين ٿا. سائنسي بنياد تي اهي تبديليون پڻ ماحول تي اثر انداز ٿين ٿيون جنهن ڪري مينهن جي پوڻ جا امڪان ظاهر ٿيندا آهن.
انهن تبديلين جو سڌو سنئون اثر جاندارن تي پوي ٿو، جيڪي مختلف نشانيون ظاهر ڪندا آهن. پراڻي زماني ۾ مينهن پوڻ کان اڳ مختلف جانورن پکين جيتن ۽ وڻن مان اندازو لڳايو ويندو هو ته مينهن ڪڏهن ڪيترو ۽ ڪيڏي مهل پوندو. تڏهن جي لوڪ ڏاهپ جو فن به ڏاڍو دلچسپ ۽ حيران ڪندڙ هوندو هو. اڄ اسان ان جي پٺيان سائنسي حقيقت کي بيان ڪنداسين.
⦿ سانوڻ کان گهڻو اڳ مينهن جي زياده ۽ گهٽ پوڻ جون اڳڪٿيون:
ٻه ٽي مهينا اڳ، ايندڙ سانوڻيءَ جي موسم ۾ ڪيترو مينهن پوندو، ان حساب سان ماڻهو پنهنجي ٻني ٻاري توڙي ڪم ڪار جو اندازو لڳائيندا هئا.
نم جي وڻ سان پوندڙ برسات جو اندازو اپريل جي مهيني ۾ لڳايو ويندو آهي، جڏهن ماحول جو گرمي پد ۴۰ سينٽي گريڊ تائين مسلسل هڪ ٻه هفتي تائين رهي، تڏهن ماحول ۾ هوا جو دٻاءَ گهٽ ٿيڻ ۽ ڌرتي توڙي پاڻي جي وڏين تراين، ڍنڍن، دريائن ۽ سمنڊن مان وڏي مقدار ۾ پاڻي بخارات جي شڪل ۾ ماحول ۾ اڏامي ٿو. اھي بخارات ڌرتيءَ جي مخصوص مدار تي وڃي ڪڪرن کي ٺاهين ٿا ۽ مسلسل گرمي پد جي ڪري ان علائقي جي هوا گرم ٿي پنهنجي جاءِ خالي ڪري ڇڏيندي آهي ۽ اهي خال وري ٿڌيون ۽ گهميل هوائون ڀرين ٿيون. ان ڪري ايندڙ سانوڻيءَ ۾ ڪڪرن جو رخ انهي گهٽ دٻاءَ واري جاءِ ڏانهن هوندو آهي ۽ ان عمل سان خبر پوي ٿي ته هيل سانوڻي وڌيڪ وسندي، ٻي صورت ۾ گهٽ وسندي.
لوڪ ڏاهپ مطابق اپريل جي مهيني ۾ يعني بهار جي مند ۾ نم جا پن موج مان ڪارا ٿي وڃن ٿا، ان ڪري ٻور ۽ نموريون پڻ ججهيون جهلين ٿيون، ان حالت ۾ سانوڻي به ڏاڍي سٺي وسندي آهي. جڏهن ته ۴۰ کان گهٽ گرمي پد جي ڪري گهم گهٽ هئڻ جي سبب هي ماحول دوست نم جو وڻ ماحول جي گهم جي بجيٽ پوري ڪرڻ لاءِ پنن مان بخارات خارج ڪندو آهي، اهڙي عمل تي سندس پن پيلاڻ مائل لڳن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته ٻُور توڙي نموريون به ڪونه جهليندي آهي، ڇاڪاڻ ته اسان انسانن کان قدرت وڏي حڪمت رکندڙ آهي. اسان ذاتي مفادن کي اھميت ڏيندا آهيون، جڏهن ته قدرت اسان کي وجود کان وڌيڪ اجتماعي مفادن جو سبق ڏي ٿي.
جڏهن ته نم جي وڻ سان لوڪ ڏاهپ جو ٻيو فن بہ لاڳاپيل آهي. جڏهن نم جو وڻ سڀ نموريون ڪيرائي ڇڏي، تڏهن سمجهو سانوڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي. سائنسي حقيقت مطابق ان وقت وڻ پنهنجي نسل جي بقا خاطر پنهنجي ڦلن جو ٻج ايندڙ نسل لاءِ منتقل ڪن ٿا. قدرتي طور سانوڻيءَ جي موسم کان علاوه ٻي ڪابہ اهڙي موسم ناهي، جيڪا ٻجن کي سٺي نموني ڦُٽڻ ۾ مدد ڪري، ان جو سبب گهم آهي، جيڪا ايمبريو کي تيار ٿيڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
پکين ۾ پڻ لوڪ ڏاهپ جا مثال ملن ٿا، جيڪي سانوڻيءَ ۾ مينهن گهڻا يا ٿورا پوڻ جي اڳڪٿي ڪن ٿا. جنهن ۾ ابابيل پکي، جيڪو اڪثر کوهن پلن جي هيٺيان پنهنجو گهر مٽي سان ٺاهي ٿو، اهو پڻ گهم مان اندازو لڳائي سانوڻيءَ مطابق آکيرو پاڻي جي چاڙھ مطابق ٿو ٺاهي ته ايندڙ موسم ۾ برساتون ٿوريون پونديون، ان جو آکيرو تمام اونهون، ٻي صورت ۾ تمام مٿي ٺاهيندو آهي. ان ڪيٽيگيري ۾ ڪٻر جو پڻ هڪ قسم آهي، جيڪو کاهين ۽ کڏن جي وارياسي تهن ۾ آکيرا ڪندي آهي.
ڪجهہ جابلو جانور پڻ ان مٽيءَ جي گهم جي ڄاڻ رکندي، هيٺاهين کان مٿاهين ڏانهن منتقل ٿين ٿا. اهڙيءَ طرح ڪوريئڙو پڻ سانوڻيءَ جي مينهن جي مقدار جي مطابق پنهنجي گهر جي يعني ڄاري کي معمول کان وڌيڪ گهاٽو ننڍو ۽ مضبوط ٺاهيندو آهي، جيئن سانوڻيءَ جي وڌيڪ برسات به سندس گهر کي نقصان نه پهچائي سگهي. واضح رهي ته ڪوريئڙي جي عام معمول واري ڄاري الاهي وڏي، ڇڊي ۽ لچڪدار هوندي آهي، جتي ننڍي ۾ ننڍي جيت ڦاسڻ تي به ان کي اشارو ملي ويندو آهي، ڪوريئڙو اتي پهچي پنهنجي شڪار کي پڪڙي وٺندو آهي.
⦿ وچولي حد ۽ مقدار
اڏوهي پڻ قدرتي رازن کان خوب واقف آهي. اها اڪثر جبلن توڙي اسان جي گهرن جي ڪاٺ توڙي ڪچين ڀتين جي مختلف جاين تي پنهنجا گهر مٿاهين ۽ هيٺاهين تي ٺاهيندي آهي. اهي پڻ گهم ۽ گُهٽ واري ماحول مان اندازو لڳائي پنهنجن ٻِرن مان ٻچن توڙي بيضن کي مٿاهين محفوظ جاين تي گهم ۽ امڪاني مينهن مطابق پنهنجا گهر هيٺاهين توڙي مٿاهين جاين تي آباد ڪنديون آھن. اهڙيءَ طرح جابلو علائقن ۾ پڻ ريڙهيون پائيندڙ جاندار توڙي جيت ۽ پکي پڻ هيٺاهين کان مٿاهين ڏانهن منتقل ٿين ٿا.
⦿ سانوڻيءَ جي شروعات ۽ ٿوري وقت ۾ مينهن اچڻ جي اڳڪٿي:
سانوڻيءَ جي مند اچڻ جي اڳ ڪٿيءَ ۾ ماڪوڙين جي لڏپلاڻ تمام عام آهي. ان جو سائنسي سبب انهن ماڪوڙين ۾ گهم جي ڪري سندن جسم تي وار انٽينائين ۾ لڳ ڀڳ ٿورو اضافو ٿيندو آهي، ان جو فائدو وٺندي سندن بيضا کڻي محفوظ جاءِ تي منتقل ڪن ٿا.
لوڪ ڏاهپ جي فن موجب تاڙي پکيءَ جي حوالي سان چيو وڃي ٿو تہ تاڙي ٻوليو، سمجهو مينهن آيو. هي پکي وري هوا جي رخ کي نظر ۾ رکندي ٻوليندو آهي، جنهن جي ڪوڪ الاهي پري تائين ٻڌي وڃي ٿي. ان وقت سائنس مطابق لو پريشر ٺهي رهيو هوندو آهي، جيڪو مينهن کي آڻي ٿو.
اهڙيءَ طرح ڪجهہ گهڙين ۾ ايندڙ مينهن جي اڳڪٿي ڀنڀورين جي تمام هيٺ زمين جي ويجهو اڏرڻ آهي. ان جو سبب مسلسل ٻه ٽي ڪلاڪ گهم جي هڪ مقدار جي ڪري ننڍڙا جيو ٻاهر اچن ٿا ۽ ڀنڀوري ان جو شڪار ڪندي نظر ايندي آهي ۽ اهڙو ماحول مخصوص جاءِ تي ٺهڻ ڪري ان جاءِ تي لو پريشر جنم وٺي ٿو، اهڙي طرح مينهن اچڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا.
سانوڻ ۾ جيڪڏهن ٻڪريون بي چين ٿي ڪري ڪن لوڏين، تڏهن به مينهن اچڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. ان جو سبب ماحول ۾ گُهٽ ۽ گرمي پد وڌڻ ڪري ٻڪرين کي پگهر اچي ٿو، ان ڪري ڪن لوڏين ٿيون. ان گُهٽ يا گهم جو ٺهڻ پڻ مينهن جي اچڻ جا امڪان ظاھر ڪري ٿو.
سانوڻيءَ جي مند ۾ جڏهن چوپايو مال اوچتو ٽپا ڏيڻ شروع ڪري، تڏهن به مينهن جي اچڻ جا امڪان ٿي ويندا آهن. مال ان وقت ٽپا ڏئي ٿو، جڏهن ان کي ٿڌڙي هير لڳي ٿي. اهي لطف اندوز ٿيندي اهڙو عمل ڪن ٿا. سائنس مطابق لو پريشر ٺهڻ ڪري مختلف پاسن جون هوائون ان جاءِ ڏانهن ڊوڙن ٿيون ۽ امڪاني مينهن جو ماحول ٺهي ٿو هوا لڳڻ سان مينهن وسي ويندو آهي.
ڪتن گدڙن ۽ ساڳي فيملي سان تعلق رکندڙ جهنگلي جانورن جو مسلسل بي چين رهڻ ۽ تمام تيز ڀونڪڻ بہ مينهن اچڻ جي نشاني آهي. سائنس مطابق پاڻيءَ جا ننڍڙا بخارات جيڪي گرمي خارج ڪن ٿا ۽ جيڪي مٿي وڃي ڪڪر ٺاهن ٿا، جيڪا گُهٽ ۽ دٻاء پيدا ڪري ٿي، اها جانورن کي الاهي بي چين ڪندي آهي ان لاءِ اهي مسلسل ڀونڪندا ۽ رڙيون ڪندا رهن ٿا.
ڪڪڙ جو مٽي ۾ ليٿڙيون پائڻ به مينهن جي اچڻ جي نشاني آهي. سائنس مطابق ڪڪرن مان نڪرندڙ گرميءَ جي ڪري پکين جي بدن ۾ پگهر وانگر بي چيني پيدا ٿيندي آهي، ان کي گهٽائڻ لاءِ اهي زمين جي ٿڌي مٽي ۾ ليٿڙيون پائيندا آهن. اهڙيون کوڙ ساريون نشانيون آهن جيڪي ايندڙ امڪاني مينهن جي اڳڪٿيءَ توڙي طوفان ٻوڏن ۽ خشڪسالي جون نشانيون ڏينديون آهن.