ڪوهستان جي ڪردارن تي لکڻ مهل لطيف سائين لفظ لفظ تي ساٿ ڏيندو آهي.
هاڻي به جڏهن محترم ڇٽو خان بڪڪ تي لکڻ لاءِ قلم کنيم ته مون کان اڳ لطيف پاڪ فرمائڻ لڳو،
ماڻڪ مِٽُ سندم، اونداهيءَ ۾ سوجهرو.
رحم، انصاف ۽ سچ جو اهڙو علم بردار، جنهن جي لفظ لفظ تي اکيون ٻوٽي اعتبار ۽ يقين ڪيو ويندو هو. جنهن وٽ فيصلو آڻيندي هرهڪ ماڻهو مطمئن هوندو هو. اندر مان اهو پڪو پختو ويساھ اڀرندو هو ته، ’مون سان ناانصافي نه ٿيندي‘. سندس فيصلا اهڙائي سچا، ديانت ڀريا ۽ انوکا هوندا هئا.
اهو دور اهڙو هو، جڏهن عورت جو درجو ٽيون، چوٿون يا اڃا به گهٽ هو. تڏهن به آئون ڀانيان ٿي ته جبل جي عورت خوشنصيب آهي جو اهڙي دور ۾ به سندس اهميت هئي، ۽ عزت هئي. سندس ڳالھ جو وزن ۽ رتبو هوندو هو، ۽ جنهن جي راءِ وڏن وڏن فيصلن تي به اثرانداز ٿيندي هئي. آئون ته ايترو به چونديس ته، يورپ جي عورت جڏهن سماج جي هٿن ۾ رانديڪو هئي، تڏهن جبل جي عورت راڄ ڌڃاڻي (ڌياڻي) هئي.
نه رڳو وڏ گهراڻن جي عورتن لاءِ احترام هوندو هو، پر جبل ۾ عام پورهيت عورت جو به وڏو قدر هو، ڇو ته عورت پنهنجي عزت جو وڏو خيال رکندي هئي/ آهي. ڪٿي به ڪنهن به ڳالھ ۾ هوءَ پاڻ کي نه ڪيرائيندي هئي/آهي.
بک ڏک هزار هجن پر زبان سان سلڻ معنيٰ سڄي وڳر (خاندان) کي ٽِڪو (بي عزتيءَ جو نشان) سمجهندي هئي. اهڙي صورت ۾ هوءَ پنهنجي ذات جو فيصلو گهڻو ڪري پاڻ ئي ڪرڻ چاهيندي هئي. وڻند اڻوڻند (پسند/ ناپسند) جي ڳالھ بنا هٻڪ جي ڪري ويندي هئي.
ادلي بدلي ۾ سڱ ڏيڻ جي ريت اڳ به هئي، هاڻي به آهي. ڀاءُ، سؤٽ ۽ چاچي جي بدلي ۾ ڌيءَ جو سڱ ڏبو آهي. جي مائٽ سڱ نهاري ڏين يعني برابريءَ وارو ڏين ته چڱو. انڌو، منڊو، چريو، کريو، ڪوجهو، سٺي سڱ جي بدلي ۾ نه وٺجي ته سٺو. جڏهن ته ادلي بدلي مهل انهيءَ ڳالھ کي گهٽ اهميت ڏني ويندي آهي. بس، سڱ جي بدلي ۾ سڱ مليو….
ائين ئي جبل ۾ هڪ سوهڻي ڇوڪري بدلي ۾ هڪ ڪوجهي ۽ بي عقل ڇوڪري کي ڏني وئي. ڇوڪري وڏي ٿي، سمجهو ٿي ته، شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. آسي پاسي جي ماڻهن به ڇوڪريءَ جي انڪار جو ٻڌو. انهن ڇوڪريءَ جي مائٽن کي سمجهايو، جن جواب ڏنو ته، ”ڇوڪري مس سامائي آهي. شادي ٿينديس، پرڻجي جڏهن گهر جو مڏالو (زميداري) مٿي تي ايندس، ٻار ٿيندس ته خوش ٿي ويندي.“
شاديءَ جون تياريون هيون، ڇوڪريءَ جو يڪو اهو ئي چوڻ، ”آئون نڪاح مهل انڪار ڪنديس.“ نيٺ نڪاح جو وقت به آيو، شاهد پڇڻ آيا ته، ”فلاڻو پٽ فلاڻي جو توکي قبول آهي؟“ ڇوڪريءَ جواب ۾ انڪار ڪيو. ماءُ، پڦي ۽ ماسيءَ زوريءَ سندس مٿو، ’هاڪار‘، ۾ لوڏيو ۽ ’ها‘ چيو. شاهدن وڃي، ’قبول آهي‘ چيو. ائين نڪاح ٿي ويو.
اڃا مس رات ٿيڻ واري هئي ته ڇوڪريءَ ’ٻاهر وڃڻ‘ جو عذر ڪيو. جبل ۾ ڪهڙا واش روم ڪهڙا ٽوائليٽ ۽ باٿ روم! هوءَ ٻاهر نڪتي پيءُ جي بيٺل اُٺن مان هڪ مهري اُٺ تي ٽپ ڏئي چڙهي. اٺ کي ڊوڙائيندي ويڙهي کان ٻاهر نڪتي. هُلُ مچي ويو، ”ابير، رحمي اٺ تي چڙهي هلي وئي“. مرد ڊوڙي ٻاهر نڪري اٺن تي چڙهيا، ۽ تڪڙائي پويان نڪتا.
ڇوڪري ’رحمي‘ اٺ کي مينهن واءُ ڪندي ڪراچيءَ ڏانهن راهي ٿي. ۽ اچي ٺڪاءُ ڪيائين (اچي هڪدم پهتي) ڇُٽَي خان بڪڪ جي گهر.
اڃا هوءَ مس پهتي ته پويان مرد به اٺن کي ڊوڙائيندا اچي ڇٽي خان بڪڪ جي گهر سهڙيا. وڏا هُل هنگاما ٿي ويا.
ڇٽو خان بڪڪ نهايت ماٺيڻو، گهٽ ڳالهائو ۽ نهٺو هو. هو کين اطمينان سان ٻڌندو رهيو. وري اندر گهر ۾ وڃي ڇوڪريءَ کان پڇيائين. خبرون ورتائين جنهن کيس سهڪندي سڀ ڪجهہ ٻڌايو ته، ”منهنجو نڪاح زوريءَ ڪيو ويو آهي مون نڪاح مهل انڪار ڪيو هو.“
ڇٽو خان بڪڪ گهر کان ٻاهر نڪتو، مردن کي ويهاري پاڻي ماني کارائي چيائين، ”بابا، ناحق نه ڪريو، ڇوڪري به اوهان جي، ڇوڪرو به اوهان جو. پوءِ برابري ڇو نه ٿا ڪريو؟ اهڙا نمونا ڪريوئي ڇوٿا جنهن جو نتيجو اهڙو نڪري.“
اهي سڀيئي ماڻهو سندس عزت ۽ احترام ڪندڙ هئا. کيس چڱيءَ طرح سان سڃاڻندا هئا، کين اها به خبر هئي ته وٽس سام وٺندڙ کي ڪوبه سندس مرضيءَ خلاف نه ٿو وٺي وڃي سگهي. اهي سڀ سندس ڳالهيون ڌيان ۽ توجهہ سان ٻڌندا رهيا. سندس هٿ ۾ اهو فيصلو ڏنائون، جنهن فيصلو ڪندي چيو، ”ڇوڪري منهنجي به نياڻي آهي. هي گهر اوهان جو به پنهنجو گهر آهي. ويهو ٿا ٽِڪو ته ويهو. ڇوڪري اوهان کي نه ڏيندس. بلڪه آئون کيس پاڻ ئي هتي پرڻائي ڏيندس. ڇو ته ڇوڪريءَ جو ڪوبه نڪاح نه ٿيو آهي.“
سڀني هڪ ٻئي ۾ نهاريو. پاڻ ۾ سس پس ڪيائون. ٻانهن سندس حوالي ڪري، ۽ سندس مرضيءَ تي ڇڏي پاڻ وري جبل ڏانهن روانا ٿي ويا.
ڇٽي خان بڪڪ کي پاڻ به پنج نياڻيون ۽ ٻه پٽ هئا. کيس نياڻيون ڏاڍيون پياريون هيون، جن جا سڀ ئي لاڏ، ڪوڏ ۽ چاڳ هو پٽن کان به مٿي کڻندو هو.
ڇوڪري رحميءَ جي همٿ ۽ جرئت کيس ڏاڍي وڻي. ڪڏهن ته مشڪي کيس چوندو هو ته، ”اٺ کي ايڏو تيز ۽ تکو ڊوڙائڻ ڪيئن آيئي؟“ رحميءَ کلي کيس ٻڌايو ته، ”جبل ۾ اهو ئي ته ڪم هوندو هو. گاھ ۽ ڪاٺيون اٺن تي لڏيندا هئاسين. جي ڏڪار ۾ وانڍا ٿيندا هئاسين، ته به لڏو اٺن تي ئي لڏيندا هئاسين. اٺن کي تيز ڊوڙائڻ ۾ آئون سڀني کان زور هوندي هيس. ته مشڪي چوندو هئس، ”تڏهن ته مردن کان به اڳ مون وٽ پهتي آهين، نه ته ڪٿي جبل ۽ ڪٿي ڪراچي؟ وڏا پنڌ، وڏا ڪشالا آهن. سٺو ٿيو مون وٽ پهتي آهين نه ته الائي ڇا ٿئي ها. جس آهي توکي ان همٿ تي.“
رحميءَ معصوميت مان چيو، ”اُتي ڪيئن رهان.. اُهي ته مون کي گناھ جي زندگي گذارڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا هئا.“ ڇٽي خان بڪڪ سندس مٿي تي چمي ڏئي، ”هاڪار“ ڪئي.
ڇوڪري رحميءَ جو سڄو خاندان هونئن ته مذهب کان واقف هو. پر الائي ڪهڙيءَ مائٽيءَ جي مصلحت انهن کان اهو سڀ ڪرايو. رحمي قرآن شريف پڙهيل هئي، ۽ نماز جي پڻ پائبند هئي. اهو سڀ کيس سندس مائٽن سيکاريو هو.
حالانڪه جبل ۾ مذهب بابت ڪا جذباتي يا گهڻي ڄاڻ ڪانهي. پر رحميءَ جو نانو جبل کان ٻاهر اڪثر واپار خاطر ويندو هو، جنهن دوران سندس واسطو تبليغي جماعت وارن سان ٿي ويو هو. جنهن پنهنجي نياڻي کي ۽ ڏوهٽين، پوٽين کي قرآن شريف پڙهايو ۽ مذهب جي باري ۾ معلومات ڏني. جنهن جي ڪري اهي گناھ، ثواب ۽ پنهنجي حقن کان واقف هئا.
ڇٽي خان بڪڪ ڇوڪري رحميءَ جي شادي ڪراچيءَ ۾ رهيل سندس مائٽن مان هڪ سٺو ڇوڪرو ڏسي، پوءِ رحميءَ جي مرضي پڇي ۽ هن جي ’هاڪار‘ کان پوءِ ڪرائي هئي.
اڄ ڪراچيءَ ۾ سندس اولاد جو به اولاد رهي ٿو، جيڪي سڀ تعليم يافته ۽ مذهب ڏانهن لاڙو رکندو آهن. سندس پٽ يوسي ناظم ٿيو، ۽ پوٽا / پوٽيون پڙهيل ۽ قرآن مجيد جا حافظ آهن. سندس هڪ ڏوهٽي گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ مذهبي تعليم وڏن عالمن کان ورتي. هاڻي درس، تدريس جي شعبي سان وابسته آهي. نعت خواني ۽ واعظ به ڪندي آهي. ڏاڍي سٺي، مهذب ۽ ماٺيڻي ڇوڪري آهي.
ڇٽو خان بڪڪ نهايت رحم دل ۽ ٻاجهارو هو. ڪنهن کي به ڏک ۽ بک ۾ ڏسي نه سگهندو هو. پاڻ جيئن ته سڪيلڌو هو. پر سندس ڀينرون (سمي، ڪمي، صاحب ڏني ۽ آسودي) هيون جيڪي پاڻ ته سڀ نهايت ذهين، قابل ۽ بهادر هيون. پر سندن اولاد به بيحد قابل ۽ نامور ساماڻو، جيڪي پڻ هن ئي ڪتاب ۾ ڌار ڌار ڪردارن جي صورت ۾ موجود آهن.
يادگيريءَ لاءِ وري به ٻڌايان ته سميءَ جا پٽ، لونگ ۽ پنهون، ڪَميءَ جو پٽ حاجي مريد بڪڪ، صاحب ڏنيءَ جو پٽ سيٺ غلام محمد بڪڪ.
ڇٽي خان بڪڪ جي ڳوٺ ۾ جڏهن ڪي جبل مان ڏڪار ڪري لڏي اچي رهندا هئا ته هو انهن جي پر گهور لهڻ پنهنجو فرض سمجهندو هو. انهن کي کارائڻ جي شروعات پنهنجي گهر مان ڪندو هو، ۽ پنهنجي خوبصورت ۽ سلڇڻي گهر واري حاجاڻي الله رکي کي چوندو ته، ’گهر ۾ جيڪو به هجي انهيءَ مان حصو ڪڍي ڏي.‘ هوءَ اٽو، چانور ۽ گھہ وغيره ڪڍي ڏيندي هيس ته هو وري پنهنجي ڀيڻن ۽ ڀاڻيجن ڏانهن ويندو هو ۽ انهن کان به حصو وٺي انهن غريب لڏي آيلن تائين پهچائيندو هو. ايستائين، جيستائين اهي پاڻ ڀرا (پنهنجي حيثيت وارا) نه ٿا ٿين.
ڇٽو خان بڪڪ ڇهن فٽن جو نهايت خوبصورت سرخ سفيد رنگت جو ٻاجهارو ماڻهو هو. جنهن کي رڳو ٻه شوق هئا. هڪ گهوڙي سواري جو ۽ ٻيو شاعري ڪرڻ جو، گهوڙن جا وٽس سٺا نسل هئا، ۽ پاڻ وڏو شهسوار هو. شاعريءَ جي ڏات کيس ورثي ۾ مليل هئي. سندس والد مُنگهو خان بڪڪ پڻ شاعر هو.
ڇٽو خان بڪڪ ننڍپڻ ۾ ئي ٻين کان مختلف ۽ ذهين هو. اڃا صفا ننڍو هو. مائٽن جو سڪيلڌو ۽ دادلو هو ته کيس پنهنجي مال مان هڪ ننڍو ٻڪر ڏاڍو وڻندو هو. جيڪو هو به تمام گهڻو سوهڻو هرڻيءَ جھڙو هو، جنهن کي کارائيندو پياريندو به پاڻ ئي هو. هڪ ڏينهن هڪ مهتي نالي واڻيو وٽن آيو، جيڪو اڳوڻي زماني موجب مال جي بدلي مال ڏيندو وٺندو هو. تڏهن هو جبل ۾ رهيل هئا. هنن سامان ورتو ته بدلي ۾ واڻئي چيو ته،’مون کي اهو ٻڪر ڏيو‘. ان وقت نه رڳو هو پاڻ پر ڪوبه مرد گهر ۾ موجود نه هو. سندس ماءُ ۽ ڀينرن واڻئي کي چيو ته، ”اسان جو ڇوڪرو دادلڙو آهي. هي ٻڪر ان جو آهي، تون ٻيو ٻڪر کڻ“. واڻيو نه مڙيو، چوي ته، ”ٻڪر اهو ئي ڏيو.“ مجبورن سامان جي بدلي ۾ کيس ٻڪر ڏنائون جيڪو کڻي هو هليو ويو.
شام جو جڏهن پيءُ سان گڏ هو گهر آيو، ۽ کيس سڄي ڳالھ جي خبر پئي ته، سڀني اهو سمجهيو ته ڏاڍو گوڙ ۽ غصو ڪندو. پر هو ماٺ ٿي ويو. ننڍڙي عمر ۾ به هو عقل جو اڪابر هو ، مائٽن جي مجبوري سمجهي نڪو ڪڇيائين نڪو پڇيائين. باقي واڻئي جي ضد تي کيس ڪاوڙ لڳي. هن انهيءَ ننڍڙي عمر ۾ به ڄڻ شعر چيو. بلڪه واڻئي کي پِٽيائين،
واءُ (بيماريءَ جو نالو) ڪڍندو وجود مان
ٽانڪي (چمڙيءَ جي بيماري) ڪڍندو ٽَنگن مان
نزلو ڪڍندو نڪ مان،
ڪوڙھ ڪڍندو ڪَڇن مان.
وري ٻيو شعر چيائين،
گاءِ جي گوشت لاءِ ٿو مهتو مري
ڪنو ڪندس ڪين ڪي کائيندس تري
ڏي ڪُرُڪَو (خوبصورت) ٻڪر ڀري، ته ڇوٽڪو ڇيئه (ٿيئي) ’ڇوڪري‘ مان“.
هو جيئن ته خاندان جو اڪيلو پٽ هو، ۽ عقلمند هئڻ جي ڪري هو ننڍپڻ ۾ ئي گهڻو معتبر ۽ عزت وارو هو. جنهن جي ڪري شعر ۾ پاڻ کي ”ڇوڪرو“ چوڻ تان سڀني کيس روڪيو ته، ”پاڻ کي شعر ۾ ڇوڪرو نه چئو“ ته وري بدلائي چيائين،
”ڏي ڪُرُڪَو ٻڪر ڀري، ته ڇوٽڪو ڇيئيه بڪڪ مان“
چون ٿا ته پوءِ واقعي به مهتي واڻئي کي اهي سڀيئي مٿيون شعر واريون بيماريون لاحق ٿيون ۽ هن ڳئون جو گوشت به کاڌو (جيڪو برهمڻ نه کائيندا آهن). يعني بيمارين کيس اهڙو چريو ڪيو جو برهمڻ ذات سان تعلق هئڻ جي باوجود هن ڳئون جو گوشت کاڌو. جڏهن کيس خبر پئي ته کيس اهي بيماريون ”پِٽڻ“ جي ڪري ٿيون آهن، ته هو پاڻ کي بيماريءَ واري حالت ۾ کڻائي جبل ۾ ڇٽي خان بڪڪ وٽ آيو . پَيرن پئي هٿ ٻڌِي معافي ورتائين، ۽ پنهنجي ”ضد“ ڪرڻ تي کيس ڏنڊ ڀري ڏنائين. اهو سندس والد مُنگهي خان بڪڪ موٽائي ڏنو ته، ”معافي وٺڻ وڏي ڳالھ آهي.“
هو وڏو ٿيو ته عمر سان گڏ سندس شاعري به پختي ٿيڻ لڳي ۽ هو جبل جي طاقتور ٻوليءَ جي آڌار طاقتور شعر چوڻ لڳو.
مون پنهنجي شعري مجموعي، ”رولاڪ خواب“ جي ارپنا کيس ڪندي سندس هڪ اهڙو ئي شعر ڏنو هو،
سڻ سسئي سمجهہ ڳالھ، آهي پنڌ پري
منزل مٿو ئي ڪين ڪو، ويا ڪيچي قهر ڪري
تون اَسُونهين (اڻواقف) اڃ نه مرين، کڻ پاڻي پوڄ (گهڻو) ڀري
اَمَيا (اڻ ماپيل) پنڌ اٺن جا، هلن هوت هَري (آهستي)
ڪوهيارو ڪري، نظر هن نماڻيءَ تي.
۽ لکيو هيم ته، ”مٿين سٽن جي خالق ڇل ڇل وهندڙ دريائن جھڙي اَجهل (اڻ جهل) شاعر پنهنجي مانائتي ڏاڏا سائين محترم ڇٽو خان بڪڪ ولد مُنگهو خان بڪڪ جي نانءُ.“
هُو جي هُئا هِتِ ته مٿن هوند حق ٿيو.
مڻيون مورت مَتِ، مَانَ وِسريون ڪي لهان.
(شاهه رح)
سندس شاعري جبل ۾ مشهور ٿيڻ لڳي ۽ سندس شعر جو هڪ ٽڪ (هڪدم) اثر ڪرڻ تي، هو جبل ۾ هڪ سچي ۽ الهامي شاعر طور مقبول ۽ معروف ٿيڻ لڳو. جبل جا ماڻهو پنهنجون مصيبتون ۽ ڏک لاهڻ لاءِ وٽس ايندا هئا. جڏهن هو ڪراچيءَ ۾ هوندو ته کيس جبل ڏانهن وٺي ويندا هئا ته، هي قدرتي مصيبتون ۽ آفتون اسان تي آيل آهن انهن کي ٽارڻ لاءِ ڪو شعر چئو ته اهي ٽري وڃن.
تڏهن سچي ۽ الهامي شاعر جي چيل لفظن تي وڏو ڀروسو، اعتقاد ۽ يقين ڪيو ويندو هو ته، هُو (شاعر) جيئن چوندو تيئن ئي ٿي ويندو.
هڪ ڀيري جبل جي علائقن ’ڪِيريءَ‘ ۽ ’اُوڪَي‘ ۾ ڀڳاڙن (ٻگهڙن) جي جُهڙي (گهڻا ڀڳاڙ، جبل ۾ ڀڳاڙن جي اهڙي ميڙ کي جيڪو گڏجي حملو ڪندو آهي انهن کي ’ست ڀڳاڙي‘ به چيو ويندو آهي)، نمودار ٿي. انهن مال کائي ناس ڪري ڇڏيا هئا. غريب ماڻهو ويچارا پريشان انهن درندن سان ڪيئن پڄي سگهن؟ اهي جبل مان هلي ملهي ڇٽي خان بڪڪ وٽ ڪراچي ۾ آيا ۽ اچي کيس ’ست ڀڳاڙيءَ‘ جي دانهن ڏنائون ۽ چيائون ته، اسان سان گڏجي جبل هل، ۽ هلي اتي سر زمين تي ڀڳاڙن کي ”سِٺِ.“ (’سِٺَڻ‘ معنيٰ شاعريءَ ۾ ڪنهن کي بد دعا ڏيڻ يا پٽڻ/ پٽ ڏيڻ.) هو کيس وٺي جبل ۾ آيا جتي هن هڪ بيت چيو:
امر ٿيو الله جو، ڀڄي ويا ڀڳاڙ
ڪونه ڏين ڪيريءَ تي نڪو اُوڪي تي اوناڙ
ڌڻ چارين ڌراڙ، بي ڊپا بڪڪ چوي.
چون ٿا ته پوءِ واقعي به انهن علائقن مان ڀڳاڙن جو وجود ختم ٿي ويو، ڇو ته پوءِ هونه ڪٿي نظر آيا نه ئي وري ڪنهن انهن جي اوناڙ ٻڌي.
ڀڳاڙن، هاتارن، گدڙن (جيڪي اڄ به جبل ۾ آهن) کان سواءِ اڳ جبل ۾ چِٽا (چيتا) به گهڻا هوندا هئا، جن جو ماڻهن ۾ وڏو خوف هوندو هو.
جبل جا ماڻهو وڏا بهادر ۽ مضبوط آهن. پر جي ڪٿان اوچتو اهڙو خطرناڪ درندو حملو ڪري وجهي ته وڏي مصيبت ٿي پوندي هئي. پر جبل جا مانجهي مرد اهڙن درندن سان به دهَدُور (مدمقابل) ٿيا ۽ سوڀارا ٿيا. جن ۾ پوپٽ بڪڪ سر فهرست آهي. ان جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب، ’واقعاتي بيت‘ ۾ ڪيو آهي. جنهن چيتي سان آمهون سامهون، دوبدو مقابلو ڪري کيس ماريو هو. سندس ان بهادريءَ تي کيس تڏهوڪي انگريز سرڪار بندوق، ترار (تلوار) ۽ سند ڏني هئي.
ائين اهڙن ئي مقابلي ۾ ٽن ڀائرن ڏِتو (جيڪو جسم ۾ ڪمزور هو پر دل جو وڏو مضبوط ۽ بهادر هو)، هاڙهو ۽ ٻاڙو (جيڪي ٻئي مضبوط جسم جا نهايت بهادر هئا)، انهن ٽنهي ڀائرن گڏجي چٽي کي سندس غار ۾ اندر گهڙي ماريو هو. جنهن جبل ۾ باهه ٻاري ڏني هئي. انهن کي پڻ ڇٽي خان بڪڪ پنهنجي هڪ طويل شعر ۾ خراج تحسين ڏنو آهي:
ساراهيان سچو ڏڻي، صاحب رب ستار
سوڀون آهين سائينءَ وس، ڏيندڙ آ ڏاتار
مِرون (درندو، سوئر نه) آهي ملڪ ۾، چِٽو چون چؤ ڌار
بڪڪ آهن بهادر، مانجهي مڻيا دار
ويٺا ڇوهه ڇپر ۾، جتي گهرو جبل گرنار
تنهن کاڌا ٿي مال ماڻهن جا، زوريءَ ۽ زبار
نه ڪنهنجي وَرُ چڙهيو، نه ڪَيُسِ ڪنهن پچار
امر ٿيس الله جو، ڏنس مَت ڏاتار
اَئي (ٻڪري – اَئي) ماريائين اوڏڙي، ٻَرِڪَرَ (دانهن) ڪئي ٻڪرار
سڏ سان ساڻي ٿيا، مانجهي مڻيادار
آيا ته ويٺو آهي، گهڙيو منجهہ (اندر) گرنار
هُلَ ڪري ٿو هيبت مان، ڪري ڏيل ڏڪار
اُتي ’ڏِتي‘ ڏنگي ڏيل مان، نرتون کوڙيو نار
سو سامهون ٿيو شير کي، جُهلَھَ ڪري جهونجهار
ورايائين وات ورهيام کي، قابو منجهہ ڪپار
اتي ’هاڙهو‘ هَمُتُ (بروقت) آيو، تونگر تنهين وار
پوءِ ’ٻاڙو‘ ڌار آيو، ڌنئير (بهادر) ڪري ڌڌڪار
اچي چهٽيا چٽي کي، کونسي منجهان خار
بازو ڀري ڀَر چڙهي، آيو هرسي (شوقين) هڻڻ هار
ته هي ماري هليا مانجهي، سو مَوکي مردار
هُن جو مرڻ هو مرتبو، هنن کي سوڀ ڏني ستار
کيرَ پُٽَ ڏنن رب، ڏنسن ڏات ڏاتار
سکي ساوا آهن سي، جن جو پاڙو منجهہ پاتار
بڪڪ بيت بنايو، تنهن سوڀاري وينجهار
ڪلمي جي قطار، ڇُٽي ويا ڇُٽو چوي.
ائين ٿوري ٿوري ڳالھ لاءِ جيئن ماڻهو وٽس فيصلا آڻيندا هئا، تيئن ئي هو وٽس شاعريءَ لاءِ به ايندا هئا. سندس ڪيئي شعر اڄ به ماڻهن کي ياد آهن.
شاعري سندس رت ۾ شامل هئي. سندس والد منگهو خان بڪڪ به شاعر هو. پر جيئن ته جبل ۾ اها ڳالھ مشهور آهي ته سچو شاعر لاولد هوندو آهي، يعني هن کي پٽ جو اولاد نه ٿيندو آهي. گهڻو ڪري ته هو بي اولاد هوندو آهي، اها پڻ حيرت جھڙي ڳالھ آهي ته لطيف سرڪار کي به ڪو اولاد نه هو، جنهن جي خبر جبل وارن کي هئي. رهائشي طور تي لطيف سرڪار جو واسطو جبل سان نه هو پر هو جبل وارن جي وجودن ۾ ٽڪيل هو، اها ڳالھ آئون هنڌ هنڌ چونديس ۽ هر هر چونديس.
واقعي به دنيا ۾ ايئن ئي هو. مرزا غالب پڻ هڪ سچو شاعر هو ۽ بي اولاد هو. اهو سڀ جبل وارن کي ڪيئن پتو پيو هو، جو هو ڇٽي خان بڪڪ کي شاعري ڪرڻ کان منع ڪرڻ لڳندا هئا. تڏهن، جڏهن کيس ٻن پٽن جو اولاد ٿيو هو. پاڻ جيئن ته اڪيلو پٽ هو. پر جڏهن کيس ٻه پٽ ٿيا ته سندس خاندان ۾ خوشيون جهمريون هڻڻ لڳيون. هو پاڻ ۽ سندس شاعري مسرور ۽ مطمئن ٿي ويا هئا، جيڪا جبل ۾ ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن ۾ ديرا دمائڻ لڳي هئي.
جبل وارن جو اهو خوف تڏهن سچ ٿيو، جڏهن سندس وڏو پٽ نوت بڪڪ جيڪو سندس جھڙو ئي ڏاهو ۽ سڌير هو. اهو شاديءَ جي پهرين ئي مهيني ۾ گذاري ويو!! پوءِ ته سندس مائٽ سندس شاعري جي خلاف بيهي رهيا، ۽ کيس شاعريءَ کان سخت طريقي سان منع ڪرڻ لڳا.
نوجوان پٽ جي وڇوڙي ڇٽي خان بڪڪ جهڙي عقل جي اڪابر کي به انهن ڳالهين تي ويساھ آڻڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو. پوءِ هن پنهنجي ٻئي لائق ۽ غير معمولي پٽ سيٺ علي محمد بڪڪ جيڪو ان وقت سرھن سترهن سالن جو هو ان ۾ نهاريو. پوءِ ڄڻ کيس به پنهنجي ٻئي پٽ جي وڃائڻ جو اڳواٽ خطرو محسوس ٿيڻ لڳو. ۽ هن ڇرڪي شاعري تان هٿ کنيو، ۽ پنهنجو پٽ کنيائين. جنهن سامائي کيس وڏا سک ۽ مانَ ڏنا. پاڻ سندس ڪابه خواهش اڌوري نه ڇڏيائين. 41- 1942ع ۾ جڏهن اڃا گاڏيون عام نه هيون تڏهن به وٽس گاڏي/ موٽر هئي، تڏهن هو شاعري ڇڏي پٽ کڻڻ واري پنهنجي فيصلي کي درست سمجهڻ لڳو، جيڪو ڄڻ ته پڇتاءُ بڻجي ساڻس وڙهڻ لڳو هو.
هن سنجيده شاعري ڪرڻ ته ڇڏي ڏني هئي، پر پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن ڀوڳ ۾ کائونس ڪا سٽ نڪري ويندي هئي. سندس هڪ دوست هو لکمير فقير بڪڪ، جيڪو سندس ريس ۾ شاعري ڪندو هو. ڪنهن ڏڪار مهل ڇٽو خان بڪڪ پنهنجو مال وٺي ٺٽي ۾ آيو هو. لکمير فقير وري ڪنهن ٻئي هنڌ پنهنجو مال ڪاهي ويو هو. جڏهن ٻئي ڪراچيءَ ۾ اچي گڏ ٿيا ته لکمير فقير بڪڪ کيس چيو،
ڇٽا آئين ڇڏي، ڪيئن ننگر مان نڪري.
ته کيس انهيءَ مهل جواب ڏنائين،
لکو آئين لڏي
ڪيئن ڇپر کي ڇڏي.
اهڙيون ڪيئي سٽون اڄ به جبل وارن کي ياد آهن جيڪي اڳ ئي سندس شاعريءَ جا معترف هئا. ۽ سندس شاعري جهونگارڻ لڳندا هئا.
ڇٽي خان بڪڪ جي شخصيت جبل ۾ سچ جي علامت سمجهي ويندي هئي. ۽ جبل وارا پنهنجي هر ڳالهه ۾ کيس ”امين“ مقرر ڪندا هئا.
بڪڪ برادري پنهنجي برادريءَ کان ٻاهر ڌيءَ جو سڱ نه ڏيندي آهي. مرد ڀلي ٻاهران شاديون ڪري اچن، جيئن ڇٽي خان بڪڪ جي پنهنجي ماءُ به بروهڻ هئي ۽ بزنجو ذات سان تعلق هئس. هو نهايت بلند ڪردار جي اڪابر مائي هئي.
ڇٽو خان بڪڪ پاڻ ته مائٽن جو سڪيلڌو پٽ هو، پر کيس چار ڀينرون هيون، جيڪي پنهنجي ماءُ ۽ پي وانگر غير معمولي هيون. انهن جون شاديون پنهنجي ئي خاندان ۾ ٿيل هيون، جن مان هڪ ڀيڻ (سمي) جا پٽ لونگ ۽ پنهون، ٻيءَ ڀيڻ (ڪَمي) جو پٽ حاجي مريد بڪڪ، ٽي ڀيڻ صاحب ڏنيءَ جو پٽ سيٺ غلام محمد هو. جيڪي سڀ ئي پنهنجي مامي جي شخصيت مان گهڻو متاثر ۽ مرعوب هئا.
هڪ ڀيري هڪ بڪڪ (سکيو بڪڪ) شيخ برادريءَ مان شادي ڪئي ۽ بدلي ۾ انهن کي پنهنجي ڀائٽيءَ جو سڱ ڏنو، جنهن جو گواهه ڇٽو خان بڪڪ هو جيڪو انهن ريتن ۽ رواجن تي يقين نه رکندو هو.
سکيو بڪڪ شيخ برادريءَ مان پرڻجي آيو. ان وقت سندس ڀائٽيءَ جي عمر ننڍي هئي، اها جڏهن وڏي ٿي ته شيخ برادريءَ سڱ جو مطالبو ڪيو. شاديءَ جي تاريخ وٺڻ آيا ته، ڇوڪريءَ جا سؤٽ، ماسات (ڀاءُ نه هئس) اٿي بيٺا، ته، ’ڇوڪريءَ جو سڱ ٻاهر نه ڏينداسين!‘ جن جي حمايت ۾ ڇٽي خان بڪڪ جو پٽ سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ ڀاڻيجا لونگ بڪڪ، سيٺ غلام محمد بڪڪ ۽ حاجي مريد بڪڪ هئا. اهي نوجوان، باهمٿ، باحيثيت ۽ جذباتي هئا.سڀني جي انڪار ڪرڻ تي شيخ برادريءَ جي بزرگن چيو ته، ”سڱ ڏيڻ جو اسان سان واعدو ٿيل آهي، جنهن جو شاهد ڇٽو خان بڪڪ آهي.“ سندس نالو ٻڌي سڀ ماٺ ٿي ويا، اهو شرط رکيائون ته، ’جي ڇٽي خان بڪڪ سڱ ڏيڻ بابت ساکيءَ واري ڳالهه مڃي ته اسين سڱ ڏينداسين!‘ اهو ٻڌي شيخ برادري مطمئن ٿي وئي ۽ چيائون، ”بيشڪ جي ڇٽو خان بڪڪ چوي ته سڱ وٺڻ مهل سڱ ڏيڻ جي ڳالهه نه ٿي هئي ته، اسين پاڻ به سڱ تان هٿ کڻي وينداسين.‘
ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿيئي
تون تنين سين ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا.
(شاهه رح)
ڇوڪريءَ جا سڀ سؤٽ، ماسات ۽ سندس پٽ ۽ ڀاڻيجن سان گڏجي وٽس ميڙ آيا ته، ”توهان انڪار ڪريو پوءِ اسين ڄاڻو اسان جو ڪم ڄاڻي.“
انهن سڀني سندس آڏو گهڻائي مٿا مونا هنيا. پر سندس هڪ ئي ڳالھ هئي ته، ”سڱ وٺڻ مهل سکئي خان بڪڪ منهنجي اڳيان سڱ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.“ هو سڀني سان گڏجي اتي آيو ۽ شيخ برادريءَ جي اڳيان اچي سڱ ڏيڻ بابت ’هاڪار‘ ڪئي ته، سڀئي نوجوان بڪڪ ڇَههُ (ٿڪجي، هارائي) ٿي ويا. سندس بهادر، زوراور ۽ چيڙاڪ ڀاڻيجو سيٺ غلام محمد بڪڪ اتان ائين چئي اٿي ويو ته، ”هن گامو سچار اسان جا هٿ وڍائي ڇڏيا نه ته شيخ برادري جيڪو اسان کان سڱ وٺي اهو جڳ ڏسي ها!!“
ڇٽو خان بڪڪ ماڻهپي جو اهڙو مثال هو، جنهن تي جبل کي بجا طور تي فخر آهي. هُو اهڙو ماڻهو هو، جيڪو ذات پات، مذهب فرقي جي وَرَ وڪڙ کان آجو هو. سندس لاءِ ٻين برادرين جي پڻ اها راءِ هئي ته هو سچو ۽ اصول پرست ماڻهو آهي. ائين هرهڪ جي اڳيان هُو ساک ۽ انصاف جو ماپو هو ۽ هرڪو کيس عقيدت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسندو هو، کيس ڀائيندو هو ۽ پنهنجا فيصلا سندس حوالي ڪندو هو.
ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ رهيل پنجابين، پٺاڻن ۽ ڇاڇين جا سڀيئي فيصلا وٽس ايندا هئا. ورهاڱي کان پوءِ وٽس مهاجر به پنهنجا فيصلا آڻيندا هئا. جيڪي پوءِ سندس لائق ڀاڻيجو حاجي مريد خان بڪڪ ڪندو هو جنهن کان بعد ۾ سندس ئي بيمثال پوٽو قادر بخش سيٺ علي محمد بڪڪ اهي ذميداريون نڀائڻ لڳو هو (جيڪو جوانيءَ ۾ ئي سنڌ جي ٻين ڀاڳن جيان هليو ويو).
ڇٽو خان بڪڪ ڏور نظر رکندڙ هڪ حساس انسان هو. ورهاڱي واري هلچل کان به اڳ ڄڻ ته کيس خبر پئجي وئي هئي ۽ هن جبل وارن کي آگاهه ڪيو هو ته، هاڻي حالتون تبديل ٿيڻ واريون آهن جيڪي شايد اسان جي حق ۾ نه هجن!!
اهو احساس جبل جي هڪ لاجواب پٽ سناسي خان بڪڪ وٽ به هو، جيڪو ڇٽي خان بڪڪ جو سؤٽ ۽ ڀيڻويو هو جيڪو پڻ هڪ ڪردار جي حيثيت ۾ هتي شامل آهي. ان مان اها خبر پڻ پئجي سگهي ٿي ته جبل جا ماڻهو ڪيڏا سچيت ۽ سجاڳ آهن.
عقل، هوشياريءَ ۽ چالاڪيءَ بابت جڏهن هن کان پڇبو هو ته اهو ماڻهن، جانورن ۽ پکين ۾ ڪنهن ڪنهن کي آهي؟ ته پاڻ چوندو هو ته، ’ماڻهن ۾ لنگهو، جانورن ۾ گدڙ ۽ پکين ۾ ڪانگ وٽ اهي وصفون آهن. ۽ اهي وڌيڪ عقلمند، هوشيار ۽ چالاڪ آهن.‘
ڇٽي خان بڪڪ تي لکندي ۽ سندس وڏي شخصيت جي باري ۾ ٻين کان ڳالهيون ٻڌي، ائين لڳو ته يوناني فلاسافر ڊايرجنيز جيڪو ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ ڏينهن ۾ به بتي کڻي گهمندو هو، اهو پڻ اهڙي ئي ماڻهو جي تلاش ۾ هو يا جيئن مولاناروم رح فرمايو آهي ته.
ڪر ديو ملو لم
انسانم آرزو ست.
(ديون جهڙا منهن ڏسي ڪڪ ۽ بيزار ٿي پيو آهيان، ماڻهو ڏسڻ چاهيان ٿو). ڇٽو خان بڪڪ اهڙو ئي ماڻهو هو جنهن تي ماڻهپو به فخر ڪري ڇو ته هو ماڻهپي جو شانُ هو/ مانُ هو.
ڪَلاَ لَنئُون ڪَاءِ، مَتِ نَه سِکين مُون هِنيان
روئندي رَاتِ وِهاء، چِڪَائيندي بَٺِيُون.
(شاھ رح)
(سانئڻ ج.ع منگهاڻيءَ جي خاڪن تي ٻَڌل ڪتاب ’مانجو ڪوھستان‘ تان ورتل)