زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-5)

ليکڪ: اودياترانائر

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

7-پونا کان بمبئي واپسي

جنگ جي صورت حال خراب ٿيندي پئي وئي، مختلف ادارن ۾ انتظامي تبديليون ڪيون ويون، مينيجر بہ ڪم نہ پيو ڪرڻ چاھي، ھن مون کي مشورو ڏنو تہ تون بہ ھاڻي ھليو وڃ. ان وقت تائين آئون پنج هزار رپيا ڪمائي چڪو ھئس، ان زماني ۾ پنج هزار رپيا تمام وڏي رقم ھئي. رمضان جو مهينو شروع ٿي چڪو هو. منھنجي دل ۾ خيال آيو تہ بمبئي واپس ھليو وڃان. ڪم ڪرڻ، پنھنجي محنت سان پئسو ڪمائڻ ۽ عملي تجربي جي ڪري مون ۾ وڏي خود اعتمادي اچي چڪي هئي. ھاڻي آئون پنھنجي پاڻ کي ھڪ آزاد خيال نوجوان تصور ڪري رھيو ھئس. عيدالفطر ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ اچڻ واري ھئي، آئون بمبئي ھليو ويس. منھنجي ڀاءُ ايوب کي منھنجي اچڻ جي خبر ھئي، پر ھن امان کي نہ ٻڌايو ھو، منھنجي گهر اچڻ جي باري ۾ ايوب، ناصر ۽ ھڪ ٻن ڀينرن کي ٻڌايو ھو. آئون جڏھن گهر جي ويجهو پھچي ڏاڪڻيون چڙھڻ لڳس تہ ڀينرن مون کي ڏسي ورتو ۽ امان کي وڃي ٻڌايائون. آئون امان کي ڀاڪر پائي مليس تہ سچ پچ اھو فلمي سين ھو، جيئن ڪو وڇڙيل خاندان ملي رھيو ھجي، امان مون کان پھريون سوال روزي جو ڪيو. فوجي ڪينٽين جي نظم ۽ ضبط جي ڪري روزو رکڻ مشڪل ھوندو ھو. ان وقت آئون تمام گهڻو جذباتي ٿي رھيو ھئس، يقين نہ اچي رھيو تہ امان سان گڏ ويٺل آھيان. امان جو رنگ ھيڊو ٿي چڪو هو ۽ ھو مرجهايل لڳي رھي ھئي، آئون امان جي ويجهو ويٺو ھئس ۽ ان وقت خيال آيو ڪمايل پئسا امان جي حوالي ڪيان. ٿيلھو کولي پئسن جون ٿڦيون امان جي ھٿن تي رکيم، امان ايترا پئسا ڏٺا تہ مون کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسڻ لڳي ۽ چيائين تہ ايترا پئسا ڪٿان آندا اٿئي، امان جي اھڙي ردعمل لاءِ بلڪل بہ تيار نہ ھئس، امان کي چيم تہ ھي پئسا مون سخت محنت ڪري ڪمايا آهن، امان اٿي ۽ قرآن مجيد کڻي آئي ۽ چيائين تہ قسم کڻ تہ تو پئسا جائز طريقي سان ڪمايا آهن، مون قسم کنيو تہ امان مطئمن ٿي وئي. آغا جي شام جو روزي کولڻ وقت گهر آيو، امان ٻڌايس تہ يوسف آيو آهي، چيائين مون کي خبر آھي. اھو آغا جيءَ جي طبيعت جو خاص انداز ھوندو ھو، ھو ھميشہ سنجيده رھندو ھو. مون زندگيءَ ۾ صرف ھڪ دفعي آغا جيءَ کي جذباتي ۽ فڪرمند ڏٺو ھو، ان ڏينھن امان کي ساھ کڻڻ ۾ سخت تڪليف ٿي ھئي. آغا جي امان کي پنھنجن ٻانھن ۾ ورتو هو ۽ وڏي رڙ ڪندي چيو ھئائين، آھي ڪو.. ڊاڪٽر کي وٺي اچي. آئون فلم "مشعل” ۾ رات جو تيز برسات دوران گاڏين کان مدد وٺي رھيو ھوندو آھيان، جيڪا نہ ملندي آهي، اھو سين مون ھڪ خاص ڪيفيت ۾ ڪيو ھو، اھو منظر ماڻھن جي دلين ۾ نقش ٿي ويو ھو ۽ ان سين تي مون کي زبردست داد بہ مليو ھو، اھو سين دراصل امان ۽ آغا جي انھيءَ منظر جو حقيقي نقل ھو. آغا جي ۽ آئون ڀاڪر پائي ملياسين ڄڻ ڪجهہ ٿيو ئي نہ ھو، ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ اسان گهر ۾ ڀرپور خوشي سان عيد ملھائي. ان ڏينھن آغا جي مون کي چيو تہ نيني تال ۾ ھڪ صوفن جو باغ وڪري لاءِ موجود آهي، تون وڃ ۽ باغ جي خريداري لاءِ ڳالھاء. منھنجي لاءِ اھو خوشي جو لمحو ھو تہ آغا جي پھرئين دفعا مون سان ڪاروبار جي معاملن متعلق ڳالھائي رھيو ھو، حالانڪہ ھن مون کان پونا ۾ گذاريل وقت جي باري ۾ ڪجهہ بہ نہ پڇو ھو، پر ھاڻي سمجهي ويو هو تہ آئون ڪاروبار ۾ دلچسپي رکندو آھيان. ان دوران مون وھاڻن وڪڻڻ جو ڪاروبار بہ ڪيو پر ان ۾ نقصان ٿيو. سمجهي ويس تہ ھي ڪم منھنجي واري ۾ ناھي. آغا جي جي چوڻ تي آئون نيني تال ويس. باغ جو مالڪ زميندار ھڪ شريف النفس ماڻھو ھو، مون باغ جو جائزو ورتو، ڪيترن ئي وڻن تي ماڪڙ جي حملي جي ڪري نقصان ٿي چڪو هو، جيڪي بچيل ھئا، انھن جي حالت بہ ڪافي خراب ھئي. زميندار باغ زمين سميت وڪڻي رھيو ھو، مون ان کا رقم بابت پڇا ڪئي تہ چيائين مون کي زمين جي قيمت جو اندازو ناھي تہ ڪيتري جي آھي، آئون توکان ھڪ رپيو بيعانہ وٺندس ۽ سودو ڪندس، خان صاحب (آغا جي) جيڪا مناسب قيمت طئي ڪندو، اھا مون کي منظور ھوندي. بمبئي واپس آيس تہ آغا جي منھنجي زميندار سان ڳالھ ٻولھ تي بيحد خوش ھو، ھن کي لڳو ھو تہ آئون ھڪ سٺو بزنس مين ٿي سگهان ٿو. ڪاروبار ۾ دلچسپي ڏسي آغا جي مون کي چيو تہ منھنجا اڪائونٽ بڪ ۽ رجسٽر وغيره تون سنڀال. ھن کي ان ڳالھ تي خوشي ٿي ھئي تہ ھڪ پٽ خانداني ڪاروبار ۾ دلچسپي رکي ٿو. آغا جي جي خواھش ھئي تہ سندس ڪاروبار آئون سنڀاليان. خانداني ڪاروبار جي سلسلي جو اڳتي وڌڻ منھنجي لاءِ وڏي خوشي ھئي پر ٻي طرف منھنجي اندر مان ھڪ آواز اچي رهيو هو تہ ھي اھو ڪم ناھي جنھن لاءِ آئون پيدا ڪيو ويو آھيان.

هلندڙ


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)

  2. ”زندگي جا خوبصورت لمحا“ دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط 2)

  3. زندگي جا خوبصورت لمحا, دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -3)

  4. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -4)


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close