سڄي دنيا ۽ ملڪ وانگر سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ جهنگلي ميوو کٽونبڙا/کاٽونبا، جتي هڪ پاسي جهنگلي ميوي طور اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي، اتي ڪن علائقن ۾ ان جي باقائدي فصل وانگر پوکي به ٿي رهي آهي. وارياسين زمينن، ٿر، ڪَس ۽ ڪچي(ٻوڏ جي پاڻي لهڻ کان پوءِ قدرتي طور ٿيندڙ) وغيره جي علائقن ۾ ٿيندڙ کٽونبڙي کي جتي سِم، فصل ۾ گاھ مار اسپري ۽ ناڙي بجاءِ کيرين تي ٿيندڙ ووئڻن جي گُڏ پاڙون پٽي نقصان پھچايو آهي، اتي سنڌ جي ڪن علائقن خاص ڪري ملير ۽ گڏاپ ڪراچيءَ ۾ گذريل ٽيهارو کن سالن کان هي باقائدي فصل وانگر پوکجَي، ڪراچي کان سنڌ جي ڪجهہ ٻين علائقن جي مارڪيٽن ۽ ريڙهين تي، توڙي پنجاب ۽ خاص ڪري اسلام آباد جي مارڪيٽن ۾ ڏاڍي خوبصورت پيڪنگ ۾ وڪامجي به رهيو آهي. پر عام طور تي ڀٽائي کان ويندي احمد ملاح تائين ڪيترن ئي شاعرن جو ڳايل، حڪمت جي حوالي سان هي تمام اهم ۽ پنجاھ کان مٿي جي پيڙهي جو، ڪافي حد تائين پسنديده جهنگلي ميوو، انهيءَ پيڙهيءَ وانگر ڏاڍو تيزيءَ سان وجود وڃائي، ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي! پر گڏوگڏ اها ڳالھ به اهم ۽ اميد افزا آهي ته فصل وانگر ڪاهجڻ ، جتي هن جي اهميت اجاگر ڪري ٿو، اتي هن جي ناپيد ٿيڻ جي خدشن کي به گهڻي حد تائين گهٽائي ۽ ختم ڪري ٿو.
قدرتي طور ٿيندڙ کٽونڀڙو جتي سنئون سڌو ميوي وانگر کائجي ٿو، اتي هن مان ڀاڄي (خاص ڪري ٺڪر جي ڪُني ۾ رڌيل) چٽڻي، سلاد، جوس، پڊنگ، جيلي، ڪيڪ، آچار، جيم ۽ اسنيڪ بار طور به استعمال ڪيو وڃي ٿو.
کٽونبڙو، مختلف هنڌن ۽ ٻولين ۾ مختلف نالن سان سڃاتو ۽ سڏيو وڃي ٿو، مثال طور سنڌيءَ ۾ منڍ جمڙائو ۽ مکيءَ واري پاسي کانول، کٽمٺڙا، ماروي جا کٽمٺڙا، ڦنٽا، ولائتي ٻير وغيره (گڏاپ واري پاسي ھن کي ’مَڪُو‘ بہ چون ٿا. سنگت) اردو ۾ رس ڀري، کٽي مٺي، خشڪ رس ڀري ۽ پچوسري وغيره. انگلش ۾ گرائونڊ چيري، ڪيپ گوس بيري، گولڊن بيري ۽ واءِ سليس. جڏهن ته حڪمت ۾ هن کي اسگند ناگوري جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
ويندڙ سياري جو هي جهنگلي ۽ قدرتي ميوو، ٻارهين مهيني ۾ ڄمندو آهي ۽ فيبروري ۾ پچي راس ٿيندو آهي. ڪَتيءَ جي هن جهنگلي ٻُوٽَي/ ميوَي جو هاڻ چيٽ ۾ به ٿيڻ ڪجهہ عجيب هجڻ سان گڏ موسمن جي مَٽجڻ ۽ انھن جي فصلن تي پوندڙ اثرن ڏانهن به اشارو آهي.
کٽونبڙا ڪڻڪن کان علاوه ووئڻن، ڪمند ۽ لوسڻ وغيره ۾ به ٿيندا آهن. کاٽونبا، ڪڻڪن جي لاباري کان اڳ، آنڀوتي اچڻ وقت تيار ٿي، جھڙوڪر هارين نارين کي لاباري لاءِ تياري وٺڻ جو قدرتي پيغام هوندو آهي. مرچن جي ٻوٽي جيتري ۽ جھڙي کٽونبڙي جي ٻوٽي ۾ لڳندڙ دل جي شڪل جھڙا کٽونبڙا، شروع ۾ سائي رنگ جا هوندا آهن، جن جي اندر وچولي ٻير جيترو ميوو به سائي رنگ سان هوندو آهي. جنهن جي پچڻ بعد کل خاڪي رنگ جي ٿي ويندي آهي ۽ اندر ميوو نارنگي ۽ پيلي رنگ جو ٿي پوندو آهي. جنهن جي اندر ٽماٽَي جي ٻج جھڙو، ٻج هوندو آهي، ۽ اها ئي هن جي پچڻ ۽ تيار ٿيڻ جي نشاني هوندي آهي. هي ڪچي هئڻ تي کائڻ ۾ ڪڙو هوندو آهي، پر پچڻ تي ڏاڍو لذيذ ٿي پوندو آهي. جنهن کي هارين نارين سان گڏ خاص ڪري ٻار ڏاڍو شوق سان کائيندا آهن. هي ٻوٽو ۽ ميوو ٻڪرين جو به پسنديده چارو آهي. هن جو اصل وطن ته لاطيني امريڪا جو ملڪ پيرو چيو وڃي ٿو، پر هاڻ هي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجا پير پختا ڪري، اهميت مڃائي چڪو آهي.
کٽونبڙو يا کٽونبو نه صرف عام جهنگلي ميوي يا فصل طور اهميت رکي ٿو، پر حڪمت ۾ هن جو شان صفا ئي نرالو ۽ اعلٰي آهي، جنهن طرف بدقسمتيءَ سان اسان جي عام ماڻهن توڙي ادارن جو ڌيان نه برابر ئي آهي! افسوس جو اسان انهيءَ حوالي سان اهڙين ٻين به ڪافي قيمتي شين جو ڪوبه قدر ناهيون ڪندا. جڏهن ته دنيا ۾ جتي جتي کٽونبڙي تي تحقيق ٿي آهي، اتي هن جا بيشمار فائدا بيان ڪيا وڃن ٿا. مثال طور مليل ڄاڻ موجب کٽونبڙن ۾ ڪاربو هائڊريٽس، فيٽ، وٽامن سي، فولاد ۽ ڪيلشيم وغيره ڪافي مقدار ۾ هوندو آهي. مليل ڄاڻ موجب هن جي سو گرام ۾ ڪلوريز جو تعداد 53 کن هوندو آهي، جنهن سان نظر وڌي ٿي. هن ۾ موجود وٽامن اي جسماني ضرورت جو 14 سيڪڙو پورو ڪري ٿو، جيڪو هڏين کي مضبوط ڪري ٿو. هي سَنڌن جي سور ۽ سوزش ۾ به فائدي مند آهي. هن ۾ موجود وٽامن سي، روزاني جسماني ضرورتن جو 18 سيڪڙو پورو ڪري ٿو، جيڪو ڪلوريز جو ڪوليسٽرول کي وڌڻ نه ٿو ڏئي. هي ذیابیطس جي خطري کي به گهٽائي ٿو. آنڊن جي نظام کي بھتر بڻائي ٿو. مليريا ۾ به فائدي مند آهي. هن ۾ پوٽاشيم به موجود آهي، جيڪو بلڊ پريشر کي گهٽائي ٿو، ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي فائدا هن بظاهر غير اهم ۽ نظرانداز ٿيل قدرتي ميوي ۾ موجود آهن، جن تي اسان جي نظر ئي نٿي ٻڏي. البته اهو به چيو وڃي ٿو ته هن جي وڌيڪ کائڻ سان الٽيون به ٿي سگهن ٿيون ته پيٽ جي خرابي به.
اڄ ڀلي کڻي ٿر ۾ کٽونبن جو وجود نه برابر ئي ڇو نه هجي، پر ڀٽائي صاحب پاران سُر مارئي ۾ کٽونبن جي ذڪر مان ظاهر آهي ته هي ٻوٽو ٿر ۾ به جهجهي مقدار ۾ ٿيندو رهيو آهي. ڀٽائي صاحب کٽونبن جو ذڪر ڪجهہ هن ريت ڪري ٿو:
هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ڍَنگَرَ ڍارَ رَهَنِّ؛
پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکي پاندِ پِيَنِّ؛
هِنَ کي لوهَ لَطِيفُ چئي، هُوءِ کائُرَ مَنجِهہ کِلَنِّ؛
کاٽُونبا کاڄَنِّ، مِينهَن وَسَندا موٽُ تُون.
(سرمارئي. داستان نائون. بيت ڇهون. ڪلياڻ آڏواڻي)
اهڙي طرح مولوي احمد ملاح کٽونبن جو ذڪر ڪندي چئي ٿو ته:
هِت کٽونڀا، هُت کٽونڀا، کير ٻيريون کيريون،
ڄام ڄارين ڄم اٿس، ڄايس نه تنهنجي ڄاڪر.
ٿر جي پسمنظر ۾ کاٽونبن يا کاٽونبڻن جي ذڪر مان ظاهر آهي ته ھي جهنگلي ۽ قدرتي ٻوٽو، جيڪو ميوي کان علاوه ڀاڄي ۽ چٽڻي طور به استعمال ٿيندو رهيو آهي، سو ڏٿ ھجڻ جون سڀئي وصفون ۽ ضرورتون پوريون ڪري ٿو. پر ان جي باوجود ڏٿ جي مختلف قسمن ۾ ھن جو ذڪر نه برابر ئي ملي ٿو! ان ڪري ڀٽائي سائين جي بيت کي ثبوت ۽ دليل طور پيش ڪندي، اسان کٽونبڙن جا چاهيندڙ وس وارن ۽ ڏاھن کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته، مھرباني ڪري جلد کان جلد کاٽونبڻن کي ڏٿ ۾ شامل ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪن يا پوء اھڙي درخواست رد ڪرڻ جا مضبوط ڪارڻ ٻڌايا وڃن.
اسان بس، انھن ماڻهن تي افسوس ئي ڪري سگهون ٿا، جن کٽونبن کي ڪڏهن کاڌو ته ڇا، پر ڏٺو به ناهي ۽ نه ئي هن جي باري ۾ ٻڌو ئي آهي! ساڳي نموني انهن سان به همدردي جو اظهار ئي ڪري سگهجي ٿو، جن ننڍپڻ ۽ جوانيءَ ۾ هن کي کاڌو هو ۽ هاڻ سالن کان ڏٺو ته ڇا، پر زماني جي مصروفيتن سبب، کٽونبن جي ياد به کائن پراڻي پيار وانگر کسي ڇڏي آهي! ۽ انهن ماڻهن کي به بس التجا ئي ڪري سگهون ٿا جن کٽونبن کي فصلن لاءِ نقصان ڪار، فضول ۽ ناڪاره سمجهي، هن اهم ۽ ڪارائتي ٻوٽي کي، فصلن مان ختم ڪرڻ لاءِ وسان ناهي گهٽايو. ڪاش! اسان پنهنجن اهڙين بيحد قيمتي ۽ ڪارائتين قدرتي شين جي قدر ڪرڻ جي قابل ٿي پئون ۽ کٽونبن سان گڏ ٻين به ڪيتيرن ئي شين جو وجود وڃائڻ کان بچائي سگهون!!
(روزاني ڪاوش جي ٿورن سان)