ڪارونجهر جو قيدي (ڪھاڻي)

علي بابا

ڪارونجهر مٿان لڳاتار مانسون ھوائن جا گهيرا ھئا. مِينهن ڪاريون واريون ڪيو پئي وٺو. رکي رکي اتر کان ٻڪرال چھبڪ جيان وٽ کائي چمڪاٽ ٿي ڪيا ۽ ڪارونجهر جي اتاھين چوٽين مٿان اوچتو مڇريل ڪوراڙ بلا جيان ڇارپ ڪري جهٽ ھڻي، ھانءُ ڏاريندڙ ڪڙڪي سان، ڪارونجهر جي ڦاڙن ۾ لھي ٿَي وئي. ڪارونجهر ۾ زلزلي جھڙو پڙاڏو پئدا ٿيو ٿي ويو، ڄڻ انگريزن جون توفون ڇڙي ٿَي ويون. ننگر پارڪر، سورا چند، اڌيگام، ڀوڏيسر، راڻپور ۽ اينچلاشور جي وسندين ۾ پري پري تائين خوف جي لھر ڊوڙي ٿي وئي. سمين، سوڍين، سومرين، ٺڪراڻين، رٻاڻين ۽ ڪولھياڻين جا ھانو ڄڻ ڦسي ٻه اڌ ٿي پيا ھئا. توفن جي ڏھڪايل ٻارڙن کان خوف جا ڊيھا ۽ سياٽا ڇڏائي ٿي ويا. نينگرين جا نيڻ ڏس تہ نيسارا ڪريو پيا وھن، رت نہ ٺھي ڪنهن مک ۾.. ساري ڪارونجهر جي جهروڪي جهروڪي جهانءِ ھئي، چؤنري چؤنري روڄ ھو. مڙساڻي پھر ڪانہ بتي ھئي، جو کڻي ڏڍ ڏئين. ڪارونجهر جو ذات رڻو، ٺڪر، کوسو، راٺوڙ، سمون، سومرو، پرمار ۽ ڪولھي انگريزن جي توفن سان سينو سھائيندي، ڪارونجهر مٿان ڪسجي ويو ھو. ڪارونجهر جا ڦاڙ، ڀٽياڻي ۾ گوڏڌرو وارا گهارا سندن لاشن سان سٿجي ويا ھئا. وڏي ويڙھاند کان پوءِ انگريزن جي گوجي اڳواڻن ڪولھياڻين تي رڳو ايترو رحم کاڌو جو کين ڪارونجهر جي ڦاڙن مان، پنهنجن وارثن جا لاشا کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني ھئائون. ڪيترن کي پُورَي ڪيترن کي پورجي؟ ڪنهن لاءِ شمشان ٻاري ڪنهن لاءِ ٻارجَي؟ ساڙڌرو جي پاڪ پوتر جهرڻي ۾ ڪنهن جي رک لوڙھي، ڪنهن ڪنهن جي لوڙھجي؟ ھانوَ تي ھٿ ھڻي ڪنهن لاءِ پٽڪارو ڪري ڪنهن لاءِ پِٽجَي؟ سارو ڪارونجهر لاش ئي لاش ھو، رت ئي رت ھو. پر الله سائين کي ڄڻ ٻاجهہ پئجي وئي. ڪارونجهر مٿان ڪارا ڪڪر ڪڙڪاٽ ڪندا آيا ۽ مينهن ڪاريون ڪري ڇڏيون. گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻيءَ جا آواز ڪارونجهر جي چوٽين کان مٿي، آسمان تائين ٿَي ويا. ڪولھياڻين وڏي مڙسي ڪئي. ھڪ ھڪ ساٿيءَ جو لاش چمي چمي، گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻيءَ ڦاڙ ۾ لوڙهي ڇڏيائون ۽ مينهن رت جا درڳ ڌوئي ڇڏيا.

ڪارونجهر ۾ ڪڪر ڄڻ ڦاسي پيا ھئا. ساندھ پنجن ڏينهن کان، آگم اوھيرا ڪندا رھيا. گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻي ڪڙڪاٽ ڪيو زوم سان وھنديون رھيون. راتين جو رَکِي رکِي ھڪ طرف کان ڪارونجهر ۾ ڪڪرن گجگوڙون ٿي ڪيون تہ ٻئي طرف کان انگريزن جي توفن جا منهن کلي ٿَي ويا. ڇو تہ راڻن اڃا ھار نہ مڃي ھئي. ڪارونجهر جي ڳُجهن ڦاڙن ۽ پورن ۾ اڃان ھزارين ڪولھي، ڀيل، راٺوڙ، سما ۽ کوسا تکيون تراريون ۽ اونچيون بندوقون کنيو پئي ڦريا. راتين جو رکي رکي، اوچتو ڪارونجهر جي ڳُجهن ڦاڙن مان انگريزن جي چوڪين مٿان نهار واري رومڙ ٿَي ڪيائون ۽ انگريزن جا سپاھي ماري، وري ڪارونجهر جي اونهن پورن ۾ گم ٿيو ٿَي ويا. ڪارونجهر ۾ ٺڪاون مٿان ٺڪاو ھئا. ڀانءِ تہ ڪڪرن گجگوڙ ڪئي آ، يا ڪي توفن جا منهن کليا آھن. ڪٿي وڄ ڪري آ، ڪي ڪنهن ڪولھيءَ بند ڇوڙي آ.. نہ ڀانءِ ته ڪارونجهر جي ڪَور مٿان مور رڙيو آ، ڪي چوٽين مٿان ڪو جهونجهار جوڌو ڪارونجهر جي چوٽين مٿان ريھ ڪري، ھيٺ گوڙڌرو جي ڦاڙ ۾ ڪريو آ. ائين ڪولھياڻين، رٻارڻين ۽ سوڍين جا من واساما کائيندا ڏرندا رھيا. راتاھا ھڻندڙ ڪولھين، انگريز فوج جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي ھئي. خبر ڪانہ ٿَي پئِي تہ اڄ ڪارونجهر جي ڪھڙي ڦاڙ مان حملو ڪندا؟ اڃا رات پئِي ناھي، ڪولھين جي ٻيگھي مچي ويندي ھئي. انگريزن جي چوڪين مٿان اوچتو اچي ڪڙڪندا ھئا ۽ وسندڙ برسات ۾ گولين جا مينهن وسائيندا، وري ڪارونجهر جي اونداھن پورن ۾ گم ٿي ويندا ھئا. رات ھجي ڪي ڏينهن، ڪارونجهر ۾ اندر ڪير گِهڙَي. انگريزن کي سڄي ھندستان ۾ اھڙي بغاوت ۾ ڪارونجهر پھاڙ جھڙي ڏکي جنگ ڪٿي به لڙڻي نه پئي ھئي. ڪيپٽن ٽروٽ تي جڏھن سر چارلس نيپئر جو دٻنامو آيو، تڏھن جواب ۾ رڳو ايترو لکي موڪليائين: ”مون کي افسوس آھي، اسين ھتي ماڻھن سان نه بلڪہ ھڪ خوفناڪ ٻرندڙ آتش فشان پھاڙ سان لڙي رھيا آھيون.“ ويچاري ڪيپٽن ٽروٽ کي سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ راڻن ۽ ڪولھين کي ڪھڙيءَ طرح قابو ڪجي؟

ھڪ رات جھڙو ئي ڪولھين اوچتو حملو ڪيو تہ جوابي حملي ۾ انگريز توفن جا منهن کلي ويا. ڪولھين جا اٺ ڏھ جوان ڦان ٿي ڪري پيا ۽ ھڪ ڪولھيءَ کي جيئرو جهلي وڌائون. ھُو ھڪ زخمي ساٿيءَ کي ڪلھي تي کڻي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو تہ مٿان ٽروٽ جا سپاھي رائفلن سان گهيرَي ويس. ان ڪولھيءَ پنهنجو نالو روپا ٻڌايو. ھن کي ھڪدم ننگر پارڪر جي فوجي ڪيمپ ۾ ڪيپٽن ٽروٽ اڳيان پيش ڪيو ويو. ڪيپٽن ٽروٽ نئون سگار دُکائَي، قيديءَ مٿان نهار وڌي. اھو ڪولھي، ھندن جي مقدس ڪتابن واري شري ڪرشن مھاراج وانگي قد جو ڊگهو ۽ ڳُوڙھو سانورو ھو ۽ ارجن مھاراج وانگي اتل ۽ اڏول ٿي نظر آيو.

”تنهنجو نالو؟“ اھو ڪيپٽن ٽروٽ جو پھريون سوال ھو.

”روپا.“

”ٽون ڪنهن جي زور تي وڙھي رھيو ھئين؟“

”ھر ماڻھو پنهنجي طاقتور ٻانهن جي زور تي وڙھندو آھي.“

”مونجو مٽلب آ، تنهنجو پشت پناھ ۽ اگوان ڪير آ؟“

”ڪارونجهر جبل.“

”ٽون ڇا لا ورھي رھيو ھئين؟“

”آئون پنهنجي پھاڙ، پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ وڙھي رھيو آھيان.“

”ٽوکي خبر آ، ان جي سزا ڇاھي؟“ ڪيپٽن ڪڙڪ ٿيندي چيو.

”ھا – وڌ ۾ وڌ موت.“

کن لاءِ ڪيپٽن ٽروٽ ماٺ ۾ اچي ويو ۽ ٽيڏي نظرن سان روپي ڏانهن نهاريندو رھيو ۽ پوءِ ڪجهہ سوچي ھلڪو ڪنڌ ڌوڻيندي چيائين: ”روپا، اسين ٽوکي مارن نٿا چايون. تون اسان کي رڳو رانَي لاڌو سنگهہ ۽ ساٿين جو پٽو بُڌائي ڇڊ. ٽون جيٽري چوندين، اسين ٽوکي اوٽري جاگير ڊينداسين.“

ڪيپٽن ٽروٽ جي ڳالھ تي ڪولھي ڪروڌ ۾ اچي ويو. نڪ جون ناسون ڦنڊائيندي چيائين: ”ھيءَ سڄي ڌرتي منهنجي آھي. تون ڪير ٿيندو آھين مون کي جاگير ڏيڻ وارو؟“

ڪيپٽن ٽروٽ چئن سوالن ۾ قيديءَ کي سمجهي ويو. وڌيڪ سوال ڪرڻ بيڪار سمجهندي، سگار جو وڏو ڪش ھڻندي، سڄو سگار اتي ئي کڻي ايش ٽري ۾ اُجهائي موڙي ڇڏيائين ۽ سپاھين کي حڪم ڏنائين تہ ھن کي بنديخاني ۾ قابو رکو. سپاھي ھٿڪڙيون ۽ ٻيڙيون پھريل قيديءَ کي کنڀي کڻي ويا.

ان ڏينهن سپاھي قيديءَ کي سچي ڪرائڻ لاءِ سڄو ڏينهن طرحين طرحين جون سزائون ڏيندا رھيا، پر ھن اف بہ ڪانہ ڪئي. ھو ھر تڪليف ڏند ڀيڙھي سھِي ٿَي ويو. ان رات سپاھي ڪيپٽن جي حڪم سان ڀوڏيسر جي ڳوٺ مان قيديءَ جي زال کي بہ وٺي آيا. ھوءَ ننڍي نيٽي عورت ھئي، ڇھن ستن مھينن جي گرڀِ سان. ھن کي ميري ڪاون جڙيل پولڪ ۽ وڏو گهيردار پڙو پھريل ھو. شايد مڙس جو ٻڌندي ئي ھوءَ مٿي ۽ پيرين اگهاڙي ھلي آئي ھئي، يا تہ سپاھين کيس جُتي پھرڻ ۽ گندِي اوڍڻ جي مھلت ئي ڪانہ ڏني ھئي. ھن جو رنگ، قد بت ۽ مھانڊا مڙس سان ايترو تہ مليا ٿَي، ڄڻ جنم ئي ھڪ ٻئي لاءِ ورتو ھئائون. ھوءَ ذرو بہ ڊنل ڪانہ ھئي، البته پريشان ضرور ھئي.

ڪيپٽن کي سندس ڀريل پيٽ، غريباڻي عاج جي ٻانهين ۽ سروپا ڏاڍا وڻيا. ھن ڏاڍي نماڻائيءَ سان عورت سان ڳالھايو: ”ڊس، اسين ٽنهنجي مڙس کي مارن نٿا گهرون. ٽون کيس پيار سان سمجهاءِ تہ انگريز سرڪار سان وفاداري ڪري. اسين ٽوکي ۽ ٽنهنجي مڙس کي ويراوا جي زمين انعام ۾ ڊينداسين. اڄ جي رات ڀلي تون سانَس گڊ رھ. اوانجي ڪوٽريءَ ۾ ڪو ڪونہ اينڊو. ٽون ڀل انڊران ڪنڊو ھرين ڇڊجان.“

پوءِ ھو ڪولھڻ کي باندي خاني ۾ وٺي آيو، جتي سندس مڙس زنجيرن ۾ جڪڙيل ھو. بند اندر ايندي ئي ڪولھڻ رتو ڇاڻ مڙس اڳيان کن لاءِ ٻاڪو ڦاڙي بيھجي وئي. سندس اٻاڻڪا نيڻ مڙس ۾ کُپي ويا، سڄي اھمي ٿي وئِي. ڀانءِ تہ اجھا رِيھ ڪَري بيھوش ٿِي ڪِري پوندي. ڪيپٽن ٽروٽ سڀني سپاھين کي اک جي اشاري سان نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ بہ ڪولھڻ ۽ قيديءَ مٿان آخري نهار ڦيرائيندو ٻاھر نڪتو.

”روپا…… ھَي روپا…….“ ڪولھڻ جو ھانءِ ڦسي پيو. نڪو جيل ياد رھيس، نڪي کليل در، نہ ڪنڊا نہ ڳڙکيون. ڊوڙي دٻڪو ڪري وڃي مڙس کي ٻک وڌائين ۽ ٽاڙھون ڏئي روئڻ لڳي. ”ھي روپا….. ھي روڻيا…… ھي مھنڌرا…..“

”ڇو آئي آھين؟“ زنجيرن ۾ جڪڙيل رتو ڇاڻ رُوپَي ڏانهس ڪنڌ جهڪائي نهارڻ کان سواءِ چيو.

”روپا، توکي آخري ڀيرو ڏسڻ آئي آھيان. متان مون تان ڪارونجهر جون ڪولھياڻيون کِلائين، متان سچي ڪرين، نہ تہ پوءِ مان بہ ڦِري ويندي سانءِ. پيٽ تي ھٿ ھڻي چونديس تہ ھي ٻار روپلي جو نہ، ٻئي ڪنهن جو آھي. روپا، متان سچي ڪرين!“ ڪولھڻ مڙس جي ويڪري ڇاتيءَ ۾ منهن وجهيو، ڍڪون ڀريو روئيندي رھي.

روپي پھريون ڀيرو ڪنڌ کڻي زال ڏي نهاريو. سندس ڀنڀن وارن ڏانهن، عاج جي ٻانهينءَ ڏانهن، اڀريل ڇاتين ۽ پيٽ ڏانهن. سندس رت رتول مُک مُرڪي پيو. ڪولھڻ باندي مڙس کي ٻک وجهيو چمندي، چٽيندي، روئندي رھي.

ڪيپٽن ٽروٽ کن لاءِ بيٺو ڏانهن نهاريندو رھيو. پوءِ ھن پنهنجي ھٿن سان بندي خاني جو در ٻيڪڙيو ۽ وڏا وڏا قدم کڻندو پنهنجي آفيس ڏانهن ھليو ويو.

صبح جا پھريان ڪرڻا ڪارونجهر جي سؤ رنگ چوٽين سان ٽڪرائيندا، ساري ڀونءِ کي روشن ڪندا ويا. ڪارونجهر جي چوٽين ۾ ڪڪر، آتش فشان جي دونهين وانگر ڦاٿل ھئا. جيئن شينهن سانَ کي سٽَي، ٻنڌ ھڻي سڄو رت ست چوسڻ کان پوءِ وات ڪڍندو آھي، تيئن ڪارونجهر به ڪڪر جو پورو ست نچوڙي، کيس کوکلو ڪري پوءِ ڇڏيندو آھي. ان ويل بہ ڪارونجهر جي چوٽين ۾ ڪڪرن سان اھا ئي ڪار ھئي. ھر ڪڪر پنهنجو سمورو پاڻي ڀٽياڻيءَ ۽ گوڙڌرو جي ڀيٽا چاڙھيو ننگر پارڪر مٿان چئاڪا چئاڪا ٽمندو ڦٿڪندو ٿَي ويو.

مِينهن کان پوءِ ڪارونجهر جو ڳاڙھو، ھيڊو، سائو، نيرو، ڪارو، ڀورو، ناسي، سنگ مرمر، مور پک کان بہ سھڻو ۽ پرڪشش لڳندو آھي. ھر من کي موھي ڇڏيندو آھي. ان ويل، ڪيپٽن ٽروٽ جو من بہ پھاڙَ ڪجهہ ائين ئي موھي ڇڏيو ھو. ايڏو خوبصورت پھاڙ تہ ھن پوري يورپ ۾ ڪٿي نہ ڏٺو ھو. ھن کي الائي ڇا ياد پيو. ھن پنهنجي ڪوٽ جي کيسي مان چمڙي جي جلد وارو نوٽ بوڪ ڪڍي، ڪجهہ لکيو: ”جيڪڏھن ڌرتيءَ تي ڪا جنت آھي تہ اھو فقط ڪارونجهر پھاڙ آھي ۽ جي ڪٿي ڪا دوزخ آھي تہ اھو بہ فقط ڪارونجهر پھاڙ ئي آھي ۽ مون کي سندس ٻنهين روپن سان پيار آھي. مون کي جي انهيءَ پھاڙ کان جدا ڪيو ويو تہ يقينن آئون خوش نہ رھندس.“

ڪيپٽن ٽروٽ اڃان ريزيڊنسي ھائوس جي خوبصورت آڳنڌ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو ڪارونجهر جو من موھيندڙ نظارو ڏسي رھيو ھو، جو سپاھي ڪولھڻ کي وٺي آيا. ٽروٽ گھريءَ گُهور سان ڪولھڻ ۾ نهاريندي، ھلڪو ڪنڌ ڌوڻي ڪولھڻ کي سلام ڪيو. ”ڍاٽن ٽنهنجي ۽ ٽنهنجي مڙس جي وچ ۾ ڪيري گال بول ھلي؟ ٽو کيس سمجھايو؟“

ڪولھڻ ٽروٽ ڏانهن اک کڻي نھاريو بہ ڪين، ڪنڌ پاسيرو ڪيو ڪروڌ مان بيٺَي چيائين: ”تو واريون ڳالھيون مون کي زاد ئي ڪونہ پيون. مون کي وسري ويون، ڪي الائي مون ٻڌيون ئي ڪين ھيون!“

ڪولھڻ ٽروٽ کي حيران پريشان ڪندي، لُوھ پائي، ھيٺ لاھيءَ ڏانهن تکِي وَڌِي، پر اَٺ ڏھ پير ڀري اوچتو بيھي وئِي ۽ ڏاڍي ڪروڌ مان نڪ جون ناسون ڦُنڊائَي، ٽروٽ ڏي نهارڻ لڳي: ”گورا، تون ڀل اسان جا مڙس مارائي ڇڏ! آئون بہ ڏسنديس تہ ڪارونجهر ۾ گهڻا ڏينهن ٿو جڃ ڪرين؟ ڪولھياڻين جا پيٽ اڃا سُڪا ڪونهن. ڪٿي حلال ڪين حرامي ڦر ڄڻي اوانکي مارائي نہ وجهون. اھي ڀاڙيا لاڌو سنگهہ ۽ روپا ھئا، جن کان منگهواڻن جي ڇوڙن ۾ لڪي پاڻ کي بچائي ويو ھئين. اسان جا ٻار توکي نرڳ ۾ بہ ڪونہ ڇڏيندا. شاھ بيگڙي وانگي ڀڄي وڃ گورا، ڀڄي وڃ، مري ويندين.“

ٽروٽ دنگ رھجي ويو. ڪولھڻ ڇوھ ڇنڊيندِي، ڀريل پيٽ سان پڙو لمڪائيندِي، ھيٺ لھِي، ڀوڏيسر ڏانهن سٽيندِي ٿَي وئِي.

قيديءَ کي اونڌو ڪري چيلھ ۾ ڇھا وھايا ويا. آڪيڙا چاڙھيا ويا، پر ھن ڪجهہ ڪونہ ٻُڌايو. رات جو کيس بند جي لوھي دروازي سان شِيخ ڪري ٻڌو ويو. سندس ڳچيءَ ۾ تکن سوئن وارو ڦندو شِيخن سان ڪَشي ٻڌو ويو، جيئن ھو ھڪ سُوت بہ چُري پُري نه سگَهي ۽ سندس تارونءَ تان وارن جي چَتي لاھَي، سندس تارونءَ تي ميڻ بتي کوڙِي وئِي ۽ جيئن جيئن ميڻ بتيءَ جي وٽ ميڻ ڳاريندِي ھيٺ لھندِي ٿَي وئِي، ڪولھيءَ جو ٽامي جھڙو بُت پگهرجندو ٿَي ويو، پر اھڙو ڪُڇي جھڙي ڀِت!

پر ڪيپٽن ٽروٽ شايد کيس وڌيڪ ايذاءُ ڏيڻ نه پئي گھريو: ”منهنجي خيال ۾ ٽنهنجي زال جي پيٽ ۾ ٽنهنجو اھو پھريون ٻار آھي؟ ڇا توکي پنهنجي ننڊي ٻار ڊِسن جي تمنا ڪاني؟“

”غلام ٻار کي ڏسي ڇا ڪندس، ڪھڙي خوشي ٿيندي؟ ھان – “ قيديءَ ٻڏل آواز سان وراڻيو.

”ڇا ٽون راني لادو سنگهہ جو غلام نه ھئين؟“

”نہ، جي مان محسوس ڪريان ھا ته لاڌو سنگهہ جو غلام آھيان تہ مان ان کي بہ گوليءَ مان ڪڍان ھا.“

ڪيپٽن ٽروٽ ته ٺھيو، پر سپاھي بہ وائڙا بيٺا قيديءَ ۾ نهاريندا رھيا. پل پل ميڻ جي وٽ ڳرندِي قيديءَ جي تارونءَ سان اچي لڳي ھئي. قيديءَ جي مُک ۽ سڄي بُت مان پگهر نيسارا ڪريو پئي نڪتو.

اوچتو ڪيپٽن کان رڙ نڪري وئي: ”ٽون مانهون آھين يا جن! ڇا ٽون تڪليف نه پيو محسوس ڪرين؟“

قيديءَ جو منهن ڳاڙھو ٿي ويو. ڏند ڏندن سان، چپ چپن سان ۽ اکين جا ڇپر اکين سان ڀچي ويا. شِيخ ٿي ويو. دل ڏاريندڙ رڙ ڪري چيائين:
”تڪليف…… تڪليف……. الائي ڇا ٿيندي آھي تڪليف…..؟“

الاھي قيديءَ جي سھڻ جي طاقت ڇڏائي وئي ھئي يا جيئڻ جي، ھن جي ٽامي جھڙي وگهرندر طاقتور ڌڙ، زور سان ڌڌڙي ڀري ڦٿڪو کاڌو، ڳاٽ چُرڻ سان سُوئا ڳچيءَ ۾ ويھي ويس. سندس ھٿن پيرن جون زنجيرون زور سان کڙڪيون ۽ قيديءَ جو پگهر ۽ رت ھڪ ٿي ويا.

ڪيپٽن ٽروٽ وٺي ڊوڙ وڌي. ميڻ جي وٽ، قيديءَ جو تارون وٺي ڇڏيو ھو. ھو شِيخ ٿي ٿڌو ٿي ويو ھو. ٽروٽ جي ھانوَ ۾ ڄڻ بڻڇي کُپي وئي. وات مان رڳو ايترو اڪليس: ”مون کي….. مون کي……. ڪھڙي خبر تہ ھي ڪو ايترو جهٽ…….“

جڏھن ٽروٽ بندي خاني مان ٻاھر نڪتو تہ سڄو ڪارونجهر پڙاڏا پڙاڏا ھو. خبر نٿي پئِي تہ ڪڪرن گجگوڙ ڪئي آ يا توبن جا منهن کُليا آھن؟ وڄ چمڪي آ يا ڪولھين جي بندوقن جا ڇيرا اڏاڻا آھن؟ سڄو ڪارونجهر دونهان دونهان، آڳ آڳ لڳو پيو ھو. زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ٽروٽ کي احساس ٿيو تہ ڪابہ ڌاري قوم پرائي ڌرتيءَ تي وڌ ۾ وڌ پنجويھ سال قبضو ڪري سگهي ٿِي، پر ڪارونجهر شايد کين ٻارھن سالن کان بہ اڳي خالي ڪرڻو پوَي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close