گلي جي ٽانسلز جي ڄاڻ ۽ سرجريءَ جا جديد طريقا Modern Methods of Tonsillectomy

جوکيو جسارت الياس سنڌي

انسان جي حياتيءَ ۾ قوتِ مدافعت جو نطام نه ھجي ھا ته جيئڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوي ھا. انڪري قدرت پاران بيمارين کان بچڻ لاءِ، جسم ۾ قوتِ مدافعت جو لِڪل ۽ طاقتور سرشتو رکيل آھي. جيڪو ھر وقت مختلف عضون جي مدد سان چوڪس رھي ٿو. ان عمل ۾ ڪيترائي عضوا گڏجي ڪري حصو وٺن ٿا. اھڙن ئي ڪجھ عضون ۾، گلي ۾ ڪاڪڙي جي اندران، ٻنھي پاسن کان موجود، ٻن ننڍڙن نرم ۽ نازڪ، بيضوي شڪل جي تاندورن يعني؛ ٽانسلز Tonsils جو به وڏو ڪردار آھي. اھي انساني جسم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جتن ڪندڙ، مختلف قِسمن جي اڪثر وائرس ۽ بئڪٽريا خلاف جنگ ڪن ٿا. ڪڏھن ڪڏھن اھا جنگ وڙھندي، اھي خود به وائرس ۽ بئڪٽريا جو شڪار ٿي پوندا آھن، جنھن جي نتيجي ۾ اھي سُڄي ڪري ڳاڙھي رنگ جا ٿي ويندا آھن. ٽانسلز جي سوڄ کي Tonsillitis چئجي ٿو، جنھن ۾ شديد تڪليف ۽ سُور جي ڪري، ماڻھوءَ کي ماڳھين پاڻي پيئڻ به اَولو لڳندو آھي. ايتريقدر جو ٺَلھي ڳيت ڏيڻ دوران به سُور محسوس ٿيندو آھي. اچو ته ٽانسلز جي سوڄ ۽ ان جي سرجريءَ جي جديد طريقن بابت پڙھون.

اڄڪلھ ڪوروناوائرس دوران سڀني کي ٽانسلز وسري ويا آھن، پر ڪورونا جي حملي جي ڪري، نه صرف ساھ کڻڻ جو نظام متاثر ٿئي ٿو، پر سڀ کان اڳ اھو وائرس ٽانسلز تي ئي حملو ڪري ٿو. انڪري ٽانسلز جي بيماريءَ جي ڪارڻ ۾ مختلف قسم جا وائرس، سڌيءَ ريت شامل آھن. اھڙن وائرس ۾ رائنووائرس، ڪوروناوائرس، انٽرووائرس، سائٽوميگالووائرس، ميزلس، ھرپيز سمپليڪس، ھيپاٽائيٽس اي کان علاوه ٻيا به ڪيترائي قسم جا وائرس شامل آھن، جڏھن ته اسٽيفائلوڪوڪس ايوريئس، ڪليماڊيا نمونيا، نيسيريا گونوريا وغيره جھڙا خطرناڪ بئڪٽريا به، ٽانسلز تي چڱيءَ ريت اثرانداز ٿي، بيماريون پئدا ڪن ٿا. جيڪڏھن توھانجا ٽانسلز سُڄن، نڪ وھي، کنگھ ٿئي، وات جي اندران مٿين پاسي کان داڻا نڪرن ۽ جسم ۾ مستقل ٿڪاوٽ ۽ بخار رھي ته انجو مطلب؛ توھانجا ٽانسلز وائرس جي ڪري سُڄي پيا آھن، پر جيڪڏھن توھانکي ڪنڌ ۾ شديد سُور سان گڏوگڏ ٽانسلز مٿان ھيڊي رنگ جو تھ نظر اچي يا وري سڄي گلي ۽ وات ۾، ڄِنڀ جي ڇِتُ مٿان، اڇي رنگ جا داڻا ظاھر ٿين، ته مطلب توھانجا ٽانسلز ڪنھن بئڪٽريا جي ڪري سُڄي پيا آھن. عام طور صرف 15 کان 30 سيڪڙو ٽانسلز جي سوڄ جا ڪيس، بئڪٽريا جي ڪري ٿيندا آھن. وائرس جي ڪري، عمر جي ڪھڙي به حصي ۾ ٽانسلز تي حملو ٿي سگھي ٿو، پر بئڪٽريا گھڻو ڪري پنج کان پندرنھن سالن جي عمر جي ٻارن جي ٽانسلز تي حملو ڪري ٿو. وائرس ۽ بئڪٽريا ٻنھي جي ڪري سُڄي ويل ٽانسلز جو علاج به، مختلف قسم جي دوائن سان ٿيندو آھي. ان لاءِ گلي جا ڊاڪٽر سڀ کان اڳ، ان جي سڃاڻپ ۽ جانچ ڪندا آھن. جنھن لاءِ مختلف ٽيسٽون، جھڙوڪ گلي جي ٽشو ڪلچر Throat culture جي طريقي سان گڏوگڏ ايڪسري وغيره ڪرائيندا آھن.

جيڪڏھن ڪنھن به سبب جي ڪري، گلي جا ٽانسلز سُڄي پون ته احتياط ڪجن، جھڙوڪ؛  ڀرپور آرام ڪجي، کائڻ کان اڳ باقاعدگيءَ سان، صابڻ سان ھٿن کي گھٽ ۾ گھٽ 20 سيڪنڊن تائين ڌوئجي، ڏندن جو برش نه صرف ٽانسلز جي بيماري ٿيڻ شرط تبديل ڪجي پر بيماري مان ٺيڪ ٿيڻ بعد به جھٽ ۾، ان کي تبديل ڪري نئون بُرش وٺجي، تيزابي ميوا جھڙوڪ: ليما، نارنگي، موسمي، ناسپتي، ٽماٽا وغيره سميت کٽيون، مٺيون ۽ گيھ ۾ تَريل شيون جھڙوڪ؛ سموسا، پڪوڙا وغيره بلڪل نه کائجن، صاف ۽ نيم گرم پاڻيءَ ۾ ٿورو لوڻ وجھي، بار بار گرڙا ڪجن ۽ ٻاڦ وٺي، نڪ کان گلي تائين ڪوساڻ ڪجي. ان کان علاوه وائرس جي ڦھلجڻ يا وڌيڪ اگھائيءَ کان بچڻ لاءِ، گھر ۾ ئي رھجي ۽ ڪنھن ماھر ڊاڪٽر کي ڏيکارجي.

ٽانسلز جي علاج ۾ گھڻي ڀاڱي، اينٽي بايوٽڪ دوائون فائدو ڏينديون آھن، جيڪي صرف نڪ، ڪن ۽ گلي جو اسپيشل ڊاڪٽر (جنھن کي اوٽولينرگالاجسٽ Otolaryngologist چون ٿا)، مريض کي ڏسي، پوءِ لکي ڏئي سگھي ٿو. ياد رھي ته دوائن جو ڏنل وزن، ھر صورت ۾ مڪمل ڪجي. جيڪڏھن ھڪ يا ٻه ڏينھن دوا کائڻ سان ٽانسلز تان سوڄ لھي به وڃي، تڏھن به رھيل دوا جو وزن پورو کائجي، نه ته فائدو ڪونه ٿيندو. جسم مان پگھر جي صورت ۾ پاڻي نڪري وڃي يا ٻي ڪا الرجي ٿي پئي ته انجو علاج الڳ ٿيندو آھي. احتياط توڙي علاج ۾ سستي ڪرڻ سان ٽانسلز خراب ٿي پوندا ۽ انھن ۾ موجود جراثيم، سڄي گلي کانپوءِ ساھ کڻڻ جي نظام ۽ کاڌي کائڻ جي رستي کي به خراب ڪري سگھن ٿا. ڪجھ ملڪن ۾ گلي جي ڪينسر جو ھڪ سبب، ٽانسلز جي سوڄ جي ڪري، احتياط نه ڪرڻ به آھي. انجي علاج جو آخري حل، ٽانسلز جي آپريشن Tonsillectomy آھي. جيڪا ڪرائڻ اڄڪلھ ھڪ فيشن به بنجي پيو آھي. ھڪ دلچسپ ڳالھ ته کونگھرن جو ھڪ سبب سُڄيل ٽانسلز پڻ آھن. انڪري نوجوانن ۾ انھن کي آپريشن ذريعي ڪڍرائڻ جو رواج به ڏينھون ڏينھن وڌي رھيو آھي. ميڊيڪل جي اصول مطابق ان آپريشن ۾ مريض کي مڪمل بيھوش ڪري، (ڪجھ سال اڳ صرف) اليڪٽروڪاٽري Electrocautery طريقي سان گرمائش ذريعي ٽانسلز کي ڪڍيو ويندو ھو، پر ھاڻي ان ڏس ۾، جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي، گھٽ ايذاءُ ڏيندڙ طريقن سان ٽانسلز جي سرجري ڪئي وڃي ٿي. اسٽيل جي ٿڌي چاقوءَ Cold Knife (Steel) Dissection سان ٽانسلز کي ڪٽڻ جو طريقو به عام آھي. الٽراسانڪ يا ھارمونڪ ڊائيسيڪشن Ultrasonic or Harmonic Dissection ۾ جديد قسم جو بليڊ ھڪ منٽ ۾ 55 ھزار ڀيرا ٽانسلز جي تاندوري کي ڪٽي ٿو، جنھن سان تاندوري جو سرجريءَ جي ڪري، رت مان ڀريل مٿاڇرو جلد سُڪي، ٺيڪ ٿي ويندو آھي. مائڪروڊي برائڊر ٽانسيلڪٽوميءَ Microdebrider Tonsillectomy ۾ ٽانسلز جو معمولي حصو شيونگ بليڊ وانگر ڪٽيو ويندو آھي. بائپولر ريديوفريڪيوئنسي ايبليشن Bipolar Radiofrequency Ablation ۾ توانائيءَ کي ٽانسلز جي تاندورن ۾ منتقل ڪري، انھن مٿان ھڪ آئيونائزڊ ۽ سيلائن چارج ٿيل تھ چاڙھيو ويندو آھي، جنھن سان ٽانسلز، جسم جي باقي حصي کان آرام سان الڳ ٿي ويندا آھن. ان ڏس ۾ 2017ع ۾، آمريڪا ۽ انگلينڊ جي ماھرن جي ھڪ تحقيق ڇپي، جنھن ۾ انھن ڪوبالشن Cobaltion طريقي سان ٿيل ٽانسلز سرجريءَ کي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ محفوظ ۽ ڪامياب طريقو قرار ڏنو آھي. جنھن ۾ ريڊيوفريڪيوئنسي پلازما ٽيڪنالاجي جي مدد سان گھٽ سُور ڏيندي، ٽانسلز کي نڙيءَ کان ڪٽي جدا ڪيو ويندو آھي. ھن جديد ۽ سڀني کان وڌيڪ ڪامياب طريقي ۾ گھٽ سُور ۽ جلد صحتيابي ٿئي ٿي.

مضمون جو ليکڪ: جوکيو جسارت الياس سنڌي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close